روشنيءَ جا عڪس
________________
مون هڪ هنڌ پڙهيو ته
"رات جي تاريڪي به
هڪ بهترين ڪينواس وانگر آهي."
رات ۽ بهترين ڪينواس
مون پنهنجي اندر جي آرٽسٽ سان ڳالهايو،
هو چوڻ لڳو ها ڇونه،
رات جي ڪاري چادر تي
مصور پنهنجي بُرش سان
ڪيترائي رنگ ڀري سگهي ٿو،
رنگ به عجيب ٿين ٿا
ماڻهوءَ جي طبيعت تي،مزاج تي
۽ ڪيفيتن تي طاري ٿين ٿا،
رات جي سناٽي جي گهرائي،
خاموشي ۽ پُراسراريت ۾
جيترا آرٽ جا عڪس مون ڏٺا آهن
اوترا شايد ڏينهن جو
منهنجي اکين کان اوجهل ۽ اوپرا رهيا هوندا!
مونکي دل سان ڳالھه لڳي
۽ اچانڪ اها رات ياد اچي وئي
جڏهن
هرڻيءَ جي اکڙين جهڙي عورت کي
هو مون وٽ کڻي آيا هئا،
هُن جي هر وڏي ساھ ۾
هڪ پُڪار هئي، رڙ هئي، رومانس هو،
کيس زوري پرڻايو پئي ويو،
لوڙهو ٽپي گهر کان ٻاهر نڪتي
چنڊ جي روشنيءَ ۾
سندس ڪاري پوتي ماتم ڪري رهي هئي.
گهر ڀاتي جاڳي پيا!
هوءَ پڪڙجي پئي،
زخمي هوندي به رات جي ڪاري چادر تي
پنهنجي اندر جي ڪروڌ ۽
خواهش کي نئين نموني سان
چِٽڻ جو وچن ڪندي
چئي رهي هئي مري وينديس
پر اُن نِڪمي ۽ جاهل سان
شادي ڪانه ڪنديس!
مون سوچيو
اڄوڪي رات ڀَلي اونداهي هجي
پر هن جو بچي پوڻ
ڄڻ روشنيءَ جو سفر آهي.
هن جو اندر جي آزاديءَ واري
پنڌ سان پيچ آرٽ جي دنيا ۾
هڪ نئين تصوير عيان ڪري ڇڏيندو!
مان رات جي اونداهيءَ ۾
سندس اندروني توڙي ٻاهرين
ڪيفيتن جي تصويرن جا پورٽريٽ جوڙي
هڪ گئلري ترتيب ڏئي رهيو آهيان
جنهن جو نالو آهي،
’روشنيءَ جا عڪس.‘