پيئڻ ڇو نه ٿا ڏين؟
_هو مونکي پيئڻ ڇونه ٿا ڏين؟
ڪنوارا چپ منهنجي ڪمزوري آهن!
مان رات جي پيٽ ۾
ڪِل هڻي سنگتياڻي سان سمهندو آهيان!
هر وڳي سان گڏ
نئين بدن جي رنگيني
منهنجي روح جي خوراڪ آهي!
روشني مونکي وڻندي ناهي!
تڏهن ته
رات جو جاڳندو ۽ ڏينهن جو سُمهندو آهيان
مان شاعر آهيان ته ڇا ٿيو؟
چنڊ تي ڪيتري شاعري ڪندس
هر نظم ۾ ڪنهن
نئين عورت جو عڪس نه هوندو ته
منهنجي شاعريءَ ۾
رومانس جا رنگ ڪير ڀريندو؟
هو مونکي پيئڻ ۽ پيار کان روڪي
چون ٿا
اسٽيج تي چڙهي شاعري پڙھ
مان کين ڪيئن ٻڌايان ته
جوئر جي ماني ۽ لسي مونکي پسند ناهي،
مان ته وسڪيءَ سان وهنجندڙ
اهو شاعر آهيان
جيڪو ڳالھه ماڻهن جي ڪندو هجي
پر گهڻو ڪري ميرا ۽ گدلا ماڻهو
کيس وڻندا نه هجن!
هونئن به
مٽي، ماڻهو، ميرا ڪپڙا،
خالي گلاس، منجهند جو پهر،
اگهاڙا پير، ننگا ٻار،
پينو فقير، ڦُٽيون چونڊيندڙ
ڪراڙي عورت جو پگهر
ڪانبي جو بار، معذور ماڻهو،
ڍير تي پيل تازي ڄاول ٻار جو ڪچڙو جسم،
بيمار اُستاد، پگهار گهرندڙ نوڪر،
پراڻي گاڏي، ڪچي سڙڪ،
جڏڙي گهر ۽ پنهنجي زال جي ڀاڪر ۾ به
ڪو رومانس هوندو آ ڇا؟
هنن کي چئو ته
مونکي آرام سان پيئڻ ڏين!
مان پُرباش ٿي خيالن ئي خيالن ۾
نئين نياپي جهڙو ديس اڏي
درد کي ڀَڄائيندس!
سوچيان ٿو
هو مونکي پيئڻ ڇونه ٿا ڏين؟