قيدياڻيءَ جو خط
__________________
منهنجي ڇاتي ۽ اکين کي غور سان ڏسندڙ ڇوڪرا
مون توکي سونهن پسڻ،
گل سنگهڻ، خوشبو هڻڻ
۽ مُرڪي ملڻ کان ڪڏهن به ناهي روڪيو!
تون رات جي پوئين پهر ۾
جيل جي ڊگهي ديوار ٽپي هڪڙو ڀيرو ئي پر
منهنجي بيرڪ ۾ ضرور اچجان !
مان توکي سنهڙي چولي اندر روئندڙ
زخمي دل کولي ڏيکارڻ ٿي چاهيان !
جيل ۾ هوا جي داخلا
۽ بادلن جي وسڻ تي
ڪيڏي نه ڊگهي پابندي لڳائي وئي آهي!
هتي گلن کي پاڻي ڏيڻ بدران
درد جو ٻج، اوجاڳن جا وڻ ۽ خوف جو فصل
پوکيو ويندو آهي!
قيدين جي سمورن خوابن کي رات جو لڻي
صبح جو بنان ڪفن جي دفنايو ويندو آهي،
منهنجو مڙس، منهنجو پٽ،
مان ۽منهنجو پيءُ
جدا جدا ڪمرن ۾ واڙيل آهيون!
مونسان پيار ڪندڙ ڇوڪرا
هوا ملئي ته کيس چئجان
مونکي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آ!
رات جيل جي سلاخن پويان
ڊگهين ديوارن کان
تازي هوا، بادل ۽ بارش بابت پڇيم ئي مس ته
ديوارن روئڻ شروع ڪري ڏنو!
هڪ پراڻي سزايافته قيدياڻي منهنجي ڀرسان آئي ۽ چوڻ لڳي
چري ڇوڪري
ايئرپورٽ تان آن ايئر ٿيل
تنهنجي پهرين ۽ آخري مسڪراهٽ،
هوا ۾ اُڏامندڙ هٿ لڪيرون ۽ هوائي اڏي کان ٻاهر
بي قابو عاشق ڇوڪرن جي رقص کي
تنهنجي حوصلي ۽ جرئت جي ضرورت آ!
مون قيدياڻيء کان اڌارو قلم وٺي
دل جي ڊائريءَ ۾
جيل جي پهرين رات جي خوف
۽ وسوسي کي
نئين رومانس ۽ شاعريءَ جو
رنگين ويس ويڙهي،
خوف کي ختم ڪندي
پيار ۽ ڀروسي جو
گيت لکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي !