تخليقڪار
_________________
هيءَ تخيل ناهي!
هي رقص جو نمونو،لفظن جو ماتم
۽پکين جا لُڙڪ آهن!
درد نچي ٿو،شاعر سرگوشيءَ ۾
زخمي پيرن جو رت ۽ بدن جي خوشبو
ڪاغذ تي اوتي
ڪمري جي ڪنڊ ۾روئي پوي ٿو!
۽ روئي روئي
وري لکڻ شروع ٿو ڪري!
زندگيءَ جي زخمي نوحي جهڙو رنگ
لفظن ۾ اُوتي
درد کي دل جي تار تي ٽنگڻ کان اڳ
هو سوچي ٿو ته
عورت جي ڇاتيءَ جا اُڀار،
وارن ۾ سڳيءَ جو لُڏڻ،
مرد جي ڀاڪر جو اسرار،
حسين ناريءَ جي بدن جي خوشبو،
ٻار جي ڄمڻ جو انتظار،
هي سڀ حُسن آهي
يا منهنجي چهري جا گُهنج؟
هو امڙ جي ڏنل چمي
۽ اُستاد جي ڏنل پهرين مار کي
ياد ڪندي لکي ٿو
زندگي جماليات جي جهلڪ
۽ پيڙا جو وهندڙ سمنڊ آهي!
مونکي عورت جي حسن ، مرد جي ڀوڳنا
۽ زندگيءَ جي هڪ هڪ گُهنج تي
وري وري لکڻ گهرجي!
هو سوچي ٿو
رقاصه نچندي آ
گهنگهرن جو آواز،ڇير جو وڄڻ
۽ ناچڻيءَ جي مُرڪ ضرور روئندي هوندي!
هو انهن زخمي پيرن جي
آخري ڳوڙهن کي ڳولي
ان جي راز تي لکڻ ٿو چاهي!