خواب به مرندا آهن ڇا؟
__________________
منهنجي دل مڃي ئي نٿي ته ڪو
پاڻ وڇڙي ويا آهيون!
هو چون ٿا تنهنجا خواب
مري ويا آهن!
مان نٿو سمجهان ته
منهنجا خواب ٽائرن هيٺان ڏئي
ڪنهن روڊ تي چيٿاڙياهوندا!
پر هو ٻارُ جيڪو
مانيءَ جي ڳولا ۾ نڪتو هو
اهو ٽاڪ منجهند جو
مون واري اسپتال ۾
کليل وارن ۽ ميرن ڪپڙن واري
ضعيف عورت جي هنج مان
منهنجي چيمبر۾ سندس
هٿن مان ڪري پيو هو!
ٻار جنهن جي نڪ ۽ ڪنن مان
رت وهي رهيو هو!
اهو به ته منهنجوئي خواب هو
پوءِ مان ڇو نه ٿو مڃان ته
خواب مري به سگهن ٿا!
هوءَ پوڙهي عورت جنهن جي پوتيءَ پاند ۾
صرف پنجهٺ رپيا ئي ٻڌل هئا
هن کي اسٽور وارو پوري دوا ڪٿان ڏيندو؟
ٽانگي واري ڪراڙي همراھ جي
بيواه زال مري ويندي ته
هن جي ڌيءُ جا خواب ڪير ميڙيندو؟
پوءِ مان ڇو نه ٿو مڃان ته
خواب ماريا به ويندا آهن!
مان سوچيان ٿو خواب رڳو
بستري جي ننڊ جو عڪس ناهن!
خواب اُتساھ، اعتماد، ڀروسي ۽ جاڳرتا جو خوبصورت رنگ به آهن ته
خواب زندگي گذارڻ جو ڍنگ به آهن.
هاڻي وڃي ڳالھه سمجھه ۾ آئي آ!
تون جلدي موٽي آ او منهنجي محبوبه
پاڻ دير تائين جاڳنداسين!
مون واري نئين گهر جي ٽيرس۾
’باربي ڪيو‘ پچائيندي
ٽانڊن تي هٿ به سيڪينداسين
۽پوء پنڪ ڪلر واري ڪمبل ۾
هڪ گڏيل خواب لهنداسين!
خواب اهڙو جنهن ۾
ٻار پاڻ ٻنهين جي ڇاتين تي ڊوڙن پائيندا هُجن!
روڊ تي ڪو به لاش نه ڏسجي
۽ دوا، دارونءَ لاءِ
ڪنهن به رَئي جي ڪُنڊ
ڳوڙهن هاڻيون ڳالهيون نه ڪري!
۽ ها منهنجي محبوبه
پڪ سمجھه پاڻ گڏجي پياسين ته
ڪو به خواب مري نه سگهندو!