جيوَن مُسافتن ۾ ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟
انسانُ آفتنُ ۾ ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟
آهي وشالُ رستو مَنَ! محبتن جو ليڪن،
ڪو جيءُ چاهتن ۾، ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟
چوندو رهيو جو زاهد آهيان جهان ۾ سو،
هلندي عبادتن ۾ ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟
ويڇو ڇَڏي ٿَڪائي پرواهه ڪائي ناهي،
احبابُ قربتن ۾، ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟
نفرت ڪري شبانه! ٿڪجي پوي ٿو سڀ ڪو،
مُشتاقُ محبتن ۾ ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟