سڀ کڻي احساسَ پنهنجا باهَه ۾ ساڙي ڇڏيان،
زندگي ناڪام جي ڪا يادگيري ڇو هجي!؟
قرب ۾ آهي ڪنجوسي دل ڪئي هر گام تي،
ظاهري زردار واري پو اميري ڇو هجي!؟
محبتن جي آڙ ۾ ڀل قيد ڪاٽيان مان کڻي،
جيءَ جي جذبن اڳيان ڪائي اسيري ڇو هجي!؟
ديسَ کي کائي ويا آهن عقيدت ريت سان،
آجپو وَٺُ آجپو هي ميري پيري ڇو هجي!؟
ديسَ جي هر دردَ کي ويهين وساري جي اگر،
پو شبانه، اهڙي ڪُوڙي ڇڏ فقيري ڇو هجي!؟