عيد جي رات تڙپيا بُکيا ٻارَ وو،
ڪير تن جا اُگهي نيرَ نيسارَ وو!؟
اي خدا! ڪيئن تو سُور تن جو ڏٺو!؟
جن جي ناهي خدائيءَ لڌي سارَ وو!
لاڙُ، ڪاڇو، اُتر، ٿَر سڄي سنڌ تي،
ڪَرِ، سُکن جي تون ڏاتار، وسڪارَ وو!
ڪا نماڻي حياتي، رَڙي وئي هتان،
ڪينَ توکي لَکا پئي ڇو سنسارَ، وو!؟
پَرُ ٽِيون وَرُ پٽيندي ويو پاڻ جو،
آسَ آهي کُٽن هيل آزارَ وو!
واعدا تو اچڻ جا شبانه! ڪَيا،
آهي تو وٽ رهي ڪيئن ويسارَ وو!؟