ديدَ، درشن جي ٿيندو پرين!
چينُ تَنَ مَنَ کي ايندو پرين!
پيرَ بي نُورُ پنهنجا اڳي،
وقت ڪيڏانهُن نيندو پرين!؟
حوصلو هانوَ سان هَلُ کَڻي،
دردَ جو دئورُ ويندو پرين!
جي وِڇوڙي وَتو جيءَ کي،
پوءِ ماري ڇڏيندو پرين!
تو سِوا دل ۾ جُهوپو اَچي،
ڪين ڪوئي اَڏيندو پرين!
سُورَ ويلي عمر هيکلي،
حوصلو ڪيرُ ڏيندو پرين!؟
رات ساري شبانه! رهيو،
ساهُه توکي سڏيندو پرين!