زندگيءَ رکيو پير اوکيءَ ۾،
دردَ بِن هو نه ڪير اوکيءَ ۾!
دشمنيءَ دڳ ڏنو چٽو هن کي،
ٿي ڏسي سسئي ڏيرُ اوکيءَ ۾!
آءُ، تون منهنجو حال ڄاڻين ٿو،
ڪونه ايندو ڪو غير اوکيءَ ۾!
ڏيهه ڪونهي گهٽايو گهاوَن سان،
دوست، وٺ تون به وير اوکيءَ ۾!
ٻوجهه تن جو نه دل کڻي سگهندي،
آهي اُلڪن جو ڍير اوکيءَ ۾!
پارِ سِڪَ ساڻ ٿي پئون پيارا،
ڇڏ ڪڍي دل مان مير اوکيءَ ۾!
مان شبانه، ڏکن سان جهيڙيان ٿي،
چاهيان تولاءِ خير اوکيءَ ۾!