اوهان نه سوڙهه ۾ رهو اُٿي اسان وڃون پيا،
پريت جي سنگيت هئي ٻُڌي اسان وڃون پيا!
پُڪارَ هئي پَرارَ کان تِکي هئي ترارَ کان،
نچي ڪُڏي مٺا، ڏٺي ڊڪي اسان وڃون پيا!
حيات ۾ حيات کي حيات ٿا ڏئي وڃون،
قصا سڄي جهانَ جا لکي اسان وڃون پيا!
نه بات ساڻ ڪا رهي نه ڏات آ نه ڏانءُ آ،
ڪَلا اسان کان راهَه ۾ رُٺي اسان وڃون پيا!
خدا ۽ سُور ساهَه جو گواهه آهي هر گهڙي،
اوهان جي تات ۾ ڏکي لُڇي اسان وڃون پيا!
اوهان جي ڏيهَه کان پَري اُڏام روحُ ٿو ڪري،
چُڳي نصيب جا ڪَڻا پکي اسان وڃون پيا!
وري نه کولبيون اکيون حيات جي جهانَ ۾،
اوهان جا پيارَ ساهَه ۾ رکي اسان وڃون پيا!
شبانه شور ڪونه آ اڪيلڙي گهٽيءَ اندر،
رکي چپن تي ماٺڙي مُٺي اسان وڃون پيا!