رُڳو بحر و وزن آهي،
فڪر بِن فنُ به فنُ آهي!؟
نه ٿَس جو ويس خيالن جو،
ننگو شعري بدن آهي!
ڪيو جو ڪالهه ڌرتيءَ سان -
ڪِٿي پاڙيو وچنُ آهي!؟
وِڪيو ويڄن به پيشي کي،
رُڳو ايمانُ ڌَنُ آهي!
چوي ڇا لوڪ ٿو مون لئه،
اُنهيءَ پاسي نه ڪَنُ آهي!
ٻچا بُکيا، رکيو پو ڀي -
ته مرشد لاءِ ڏَنُ آهي!
سُڃاڻي سُورُ ڪيئن ڪنهن جو؟
هِتي هرڪو مگنُ آهي!
سجايو خوبُ ڏس قدرت،
ستارن سان گگنُ آهي!
شبانه! پيارُ ئي پاليو،
ٿِيو ميرو نه مَنُ آهي!