عُمر هڪڙي آ پيارَ ۾ گهاريون،
نفرتن کي هميشه ويساريون!
ڪو پَٽيل نَنهُن نه ٿا سگهون جوڙي،
پوءِ رب جي بَندي کي ڇو ماريون!؟
ساڙَ کي ساهَه ۾ رکي ڇا لئه،
پاڻ لئه ٿا وڌايون بيزاريون!؟
قُربَ جي ناوَ ٿي ٻُڏي سامهون،
اُٿ، اِنهيءَ کي هلي اسان تاريون!
آسَ انوارُ ٿي رهي جڳَ ۾،
نيڻ پنهنجا پِيا ٻَري ٻاريون!
ياد جيڪي اَچن نه ٿا دل کي،
ڪيئن تِن کي وري وري ساريون!؟
ڪا شبانه! خوشي نه ٿي وِڪجي،
کوڙ هِن ڏيهَه منجهه بازاريون!