هٿن ۾ هئو وقت نڪري ويو،
پکيئڙو جوانيءَ جو اُڏري ويو!
اَچي آسرن ۾ اَڇا وارَ ٿيا،
سچي نينهن جو دئور گذري ويو!
پنا ڪونه آهن جو ميڙي وَٺان،
قصو درد جيوَن جو وِکري ويو!
نِهاري سَڏي قرب مان چار پل،
گڏي کيرَ ۾ ڄڻ ته مصري ويو!
شبانه بچو ساهَه جو سلسلو،
ٻيو سڀ ڪِٿي آهي وسري ويو!؟