جهٽ پلُ ته ساهُه ساهجُ ٿڪجي نه تون پيو آن!؟
هَن پيچرن تي راهي! وٺجي نه تون پيو آن!؟
ويساهَه ۾ لِڪائي سڀ وارَ ڪَن پَيا ٿا،
ويساهَه وارا پيارا! ڌڪجي نه تون پيو آن!؟
ڇو سوچَ کان پٿر ٿو سَهندو وَتين سياڻا!؟
احساسُ ميڙُ توکي سَٽجي نه تون پيو آن!؟
اچ وڃ ڇڏي ڏني تو، دل ۾ پَيون دراڙون،
مونڏانهُن منهنجا سائين! گهٽجي نه تون پيو آن!؟
ڇا لاءِ چئه شبانه! هر ويل ماٺِ آهين!؟
پنهنجن هَٿان نماڻا! ڦَٽجي نه تون پيو آن!؟