ساڳيو سُور سُرور شبانه!
پيارُ تنهنجو پُور شبانه!
دردن سان ڀر جهولي پنهنجي،
دنيا جو منشورُ شبانه!
سُوريءَ تي ڀي مُرڪي اهڙو -
آهي اڄ منصورُ شبانه!؟
گهاوَ نه ئي ايذاوَ ڏنائين،
نينهُن نه ٿيو ناسور شبانه!
چاهت چاهت چاهت جيئي،
پنهنجو هي دستور شبانه!
سُورَ ڏئي کڻ خوشيون مون کان،
سودو آ منظورُ شبانه!
ڇِڄي مون کان ته گهارين ٿو،
گهڙي ڪا خوش گذارين ٿو!؟
تڏهن هِڏڪي ورائي ٿي،
جڏهن دل سان پُڪارين ٿو!
کڻي اکڙيون اڪيلو تون،
ستارن کي نهارين ٿو!؟
ڪرين ٿو ياد ماضيءَ کي،
ٻِيو سڀ ڪجهه وسارين ٿو!
اڀاڳو تون پيو سڏبين،
محبت جي ڌڪارين ٿو!
وري ڪنهن لاءِ تون دل ۾،
هي ٻيهر ديپُ ٻارين ٿو!؟
مڃان فرهاد مان توکي،
پٿر کي جي پگهارين ٿو!
شبانه کي سنڀاريندي،
اڃان ڀي لُڙڪ هارين ٿو!؟