ڪِينَ ڪنهن کي مِليون هِن وفائون هِتي،
درد ماري نه دل، ڏي صدائون هِتي!
ڪيئن ڪوئي کَڻي ساهَه سُکَ جو ڪڏهن،
مينهن وانگي وَسن ٿيون جفائون هتي!
سُورَ توکان وَٺي ساءُ توکي ڏيئي،
ڪونه اهڙيون ڪندو آ سخائون هتي!
روز جهوليون اُجاڙيون وڃن ٿيون لَکين،
نِيرَ رَتُ جا وهائن ٿيون مائون هِتي!
دردَ پنهنجا کڻي جيئڙا ٿا هَلن،
ڪيئن تنهنجون پڙهي ڪو ڪَٿائون هتي!
ويرُ ڪنهن سان رَکان ساڙ ڪنهن کان سِکان؟
چار ڏينهڙا شبانه! هان آئون هتي!