وڃين ٿو پر ٻُڌايون وَڃُ،
وَٿاڻن تي وَري وَرندين!؟
تَپايلُ ٿو لڳين گهر جو،
مٺا ماڻهو! ڪِٿي ٺرندين!؟
سَراپا عشق ٿي ويو آن،
زماني کان نه تون ڏرندين!
گهڙو دل جو پڪو رکجان،
سدائين تارَ ۾ ترندين!
اُماوَس ٿي وئي چؤڏس،
ڪڏهن مهتابَ! تون ٻَرندين!؟
پرائو دردُ پاتو تو،
پيو هر جاءِ تي ڳرندين!
شبانه پيارُ وٺُ پائي،
نه تون هِن دل منجهان مرندين!