سورُ آيو نصيب سڏجي ٿو،
جيءُ تنها غريب سڏجي ٿو!
نيڻ جنهن کي ڏسي سگهيا ناهِن،
سوئي دل جي قريب سڏجي ٿو!
مشڪلاتن ۾ ساٿ ڏي جيڪو،
حالِ محرم حبيب سڏجي ٿو!
تو سوا هوش ئي رهيو ناهي،
حالُ پنهنجو عجيب سڏجي ٿو!
درد ۾ ٿو ڪري دوا جيڪو،
ڏيهَه ۾ سو طبيب سڏجي ٿو!
سنڌ جا سورَ جو نه ٿو ڄاڻي،
نامور پر اديب سڏجي ٿو!
سرت سڪ جي رکي شبانه جو،
قلب جي سو قريب سڏجي ٿو!