جڏهن سارَ لهندي تڏهن ڪير هوندو!؟
اسان سان مٽيءَ جو مٺا! ڍير هوندو!
انهيءَ پار هوندو الائي ته ڇا ڇا؟
اهو ڀروسو آ نه ڪو وير هوندو!
مٽيءَ منجهه هرڪو مري پاءُ ٿيندو،
حياتيءَ ۾ جيڪو سوا سير هوندو!
اڪيلو ته هوندو اتي سر جڏيءَ جو،
نه ئي ڪانڌ هوندو نه ڪو ڏير هوندو!
نئون پارُ هوندو نئون پنڌ پنهنجو،
اڄاتو اڄاتو گهٽي گهير هوندو!
اسان ويلَ سان ويلَ گهاري وڃون ٿا،
شبانه اوهان ڏي سدا خير هوندو!