اهي ڳوٺ ڳالهيون سنڀاري ته ڏس،
شهر، خواب، بنگلا وساري ته ڏس!
ڪروڙين تو انسان ماريا ته ڇا؟
مگر جيءُ هڪڙو جياري ته ڏس!
حياتي سموري ڪندين ياد تون،
گهڙي قرب وارن سان گهاري ته ڏس!
نِمي سڀ انائن جا پتلا پوَن،
نماڻي نظر سان نهاري ته ڏس!
اداسي نه ويجهو ڪا ايندي وري،
اميدن جو تون ديپ ٻاري ته ڏس!
چميون سارا احساس ڏيندئي اچي،
پٿر جيءُ پنهنجو پگهاري ته ڏس!
شبانه هوا ٿي پڄان مان سگهي،
وڏي واڪ جڳ ۾ پڪاري ته ڏس!