بهارون چار ڏينهن آهن، خزائون چار ڏينهن آهن
نماڻا، نيڻ پنهنجن ۾ اِڇائون چار ڏينهن آهن!
پُڪارون جيءَ پنهنجي جون ٻُرن سنسارَ ساري ۾،
ميان، ماٺار ٿي وينديون صدائون چار ڏينهن آهن!
ڏُکن توڙي سُکن واريون پچارون جي ڪيون تن من،
مگر پنهنجون زماني ۾ ڪَٿائون چار ڏينهن آهن!
وَسي وينديون وري ڪاڏي لکا سا پاڻ کي ناهي!؟
حياتيءَ جي مٿان سِڪَ جون گهٽائون چار ڏينهن آهن!
سدا رهنديون ڪٿي جاني! ٿڪي پونديون ڏنگي دل کي،
پُکي پنهنجي وڇوڙن جون بلائون چار ڏينهن آهن!
شبانه! رنج جون ڳالهيون ڪجن ڪهڙيون کڻي ڪنهن سان!؟
جفائون چار ڏينهن آهن وفائون چار ڏينهن آهن!