ڪُٺا لال بڻيون او مائون اڪيليون،
لُڇن ڀُونءِ اُڀَ تي دعائون اڪيليون!
وڃي ڪونه ويٺو تنين جي ڇپرَ ۾،
تَڪِن جيءَ جڳَ ڏي هي ڇائون اڪيليون!
ٿِيا سُور ناسُور ويڄن وَسان ڀي،
زخم زندگاني، دوائون اڪيليون!
وَڌي بُوءِ آهي دلين جي دڳَن تي،
پيون ساهَه سارن هڳائون اڪيليون!
وڃن ٿيون اگهاڙيون ڪيون سنڌ ڄايون،
رُنيون روز هتڙي ردائون اڪيليون!
ويا گهوٽ ڪُسجي دڳن منجهه آهن،
رڙن ٿيون شبانه هئه لائون اڪيليون!