بدگماني ٿئي دوستي ٿي وڃي،
ساٿ سِڪَ جي صدي پئي گهڙي ٿي وڃي!
ويجهڙي ٿي وڃان دل ڏکي ٿي پوي،
ڌارَ ٿي جي ٿيان زندگي ٿي وڃي!
وقت وارن جو ورتاءُ ماري پيو،
ماٺ ٿيندي مٺا! شاعري ٿي وڃي!
موت ڏي زندگي ٿي وڃي ڊوڙندي،
سمنڊ ڏي تيز جيئن هر نَدي ٿي وڃي!
ياد توکي نه جي ساهَه وانگر ڪيان،
ڄڻ ته مون کان قضا بندگي ٿي وڃي!
تون اچين ٿو شبانه ڏي جنهن ڀي گهڙي،
او پرين! دور ٿيندي غَمي ٿي وڃي!