الائي ته ڇا ڇا وساري ٿو سڀ ڪو!؟
مِڙئي ڏينهن پنهنجا گذاري ٿو سڀ ڪو!
هي سنسار تنهنجو نه منهنجو هميشه،
پهر چار آهن ته گهاري ٿو سڀ ڪو!
وڌي حال اڀرن کان پڇندو نه ڪوئي،
پري کان اجايو نهاري ٿو سڀ ڪو!
رکي سامهون شهرت هتي شاعريءَ ۾،
مٺي سنڌ، توکي سنڀاري ٿو سڀ ڪو!
خوشيءَ منجهه وسري وڃي پاڻ پنهنجو،
ڏکن ۾ ٻين کي پڪاري ٿو سڀ ڪو!
شبانه، شمع پيارَ جي پنهنجي دل ۾،
ڪِٿي ديپُ الفت جو ٻاري ٿو سڀ ڪو!