مِٽي ٿي ڳالهائي مِٽي ٿي ڪنائي،
مٽي، سُورُ تنهنجو مِٽي ٿي ٻُڌائي!
سڄو ڏيهُه سرهاڻ ڀاسي پيو ٿو،
گلابن کي خود سان مِٽي ٿي گڏائي!
نه ٻي ڪا به جيوَتَ بشر وانگي آهي،
ازل کان ئي افضل مِٽي ٿي سڏائي!
ڪَجي موت کان خوف ڪهڙو خدارا؟
مٽيءَ کي مٽيءَ سان مٽي ٿي ملائي!
اڇي پائي پوشاڪَ اُڏري ٿو ماڻهو!
الئه ڇو مٽيءَ کان مِٽي ٿي لنوائي؟
شبانه! اِهو درد ماري پيو ٿو،
مٽيءَ کي ازل کان مٽي ٿي ڏکائي!