ڪتاب جو نالو: آڪاسُ آ اکين ۾
مصنف: شبانه عالماڻي
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 27 جون 2020 ع
پڙهيو ويو: 704 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 162 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب شبانه عالماڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آھي. شبانه جي غزل ۾ پوڄا جي حد تائين پيار، عاشقي جو امتحان، محبوبيت جو ماڻو، ماڻهپي جو معيار، عاجزي، سچائي، سنجيدگي، ارڏائي، سميت ٻيا ڪيترائي انوکا اهڃاڻ ملن ٿا. جن سان نه رڳو اهو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو ته شاعره ڪيترين ۽ ڪهڙين ڪيفيتن مان گذري لکيو هوندو، پر اها به پرک پوي ٿي ته هوءَ موجوده سماجي اڻ برابري ۽ منافقي جي ڀر مان گذري تخليقي پورهيو ڪيو آهي. عورت ناتي سندس اهڙي کري مزاج رکڻ تي دلي داد ڏجي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پبشلر نوٽ
  • منهنجي پاران: اسان قربن ڀريا ماڻهو!
  • غزل

  • ڪنهن لاءِ رڙيو آهين احساسَ! ڀَري سُڏڪا!؟
  • جُڳتُ جيءُ سارو، نگاهون شبانه!
  • ڀُونءِ ۽ آسمانُ ڳالهائي
  • جيوَن مُسافتن ۾ ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟
  • نيڻَ نماڻا، ڄاڻي وٺجان،
  • دُورين سان هِن پيارَ وڌي ويا،
  • ڪاوڙ، ڪاتي ڏيندا توکي!
  • جهٽ پلُ ته ساهُه ساهجُ ٿڪجي نه تون پيو آن!؟
  • جيوَنُ جڳ ۾ سَهنجو ناهي،
  • دمُ نه مايوس ٿي گهارجان واٽَ ۾،
  • نيرَ ناهن نُور ٿو وهندو رهي،
  • پارُ ڪوئي نه آهي پَتو موتَ جو،
  • موت ڀي مامُ آهي مَري ٿا ڏِسون،
  • رِڻن ۾ سڏيندي زمانا لڳي ويا،
  • مون سَٺو ڇا ٿيو سُور آيو ته هو!؟
  • بهارون چار ڏينهن آهن، خزائون چار ڏينهن آهن
  • وڃين ٿو پر ٻُڌايون وَڃُ،
  • ٺَري پئه ٺري پئه زمانا! وڃون ٿا،
  • هئا چار لمحا گذاري ڇڏياسي،
  • سڀ کڻي احساسَ پنهنجا باهَه ۾ ساڙي ڇڏيان،
  • اکين جي ڳوٺَ ۾ هاڻي،
  • ڏنو وقت! توکي سڄو رتُ ولوڙي،
  • دوستن جا ساٿَ ساري ڪيرُ ٿو!؟
  • قربَ ۾ آ قسم ڀٽائيءَ جو،
  • جنڊُ ڪري تون پنهنجي مَنَ کي،
  • آنءُ پنهنجو گُهران ٿي حصو دردَ جو،
  • ساڳيو سُور سُرور شبانه!
  • مان سَڙي آهِيان او گهٽائون! وَسو،
  • سڄو چينُ پنهنجو وڃائي وَران ٿي!
  • مون سان نه ڪنهن جو ناتو ارمان جي دنيا ۾،
  • زندگيءَ جون گهڙيون تيز تر ٿيون ڊُڪن،
  • ڪِٿي بيقراري سُتي رات ڀر،
  • تو بِن اهڙي عيد گذاري،
  • عجب الفت نڀائين ٿو،
  • ڪجهه تو نڀايو آهي ڪجهه مون نڀايو آهي،
  • ٻُڌي ڀي پَيا ڄڻ پڪارون نه سمجهن!
  • عيدَ جي چنڊَ جو ڪهڙو اوسيئڙو!؟
  • عيد جي رات تڙپيا بُکيا ٻارَ وو،
  • عُمر هڪڙي آ پيارَ ۾ گهاريون،
  • ريءَ تنهنجي اَلا، عيدَ گُذري وئي،
  • سُورَ ٽاڪي ڪَري مَنُ سجائي ڇڏيو،
  • اسان جي لئه متان ڏسو زمينَ آسمانَ کي،
  • نيڻن ۾ ٿا تاتِين ڪيڏا وک وک تي ارمانَ،
  • پنڌُ ڇو ٿا ڇڏيو ڌرتتيءَ کان ڊِڄي!؟
  • نه ساڙ سرخرو ڪيو نه پيار چار پر ڏنا،
  • راتَ جي پيٽَ ۾ اويلي آ،
  • مصيبت هي ناهي نه گهٻراءِ جاني!
  • هٿن ۾ هئو وقت نڪري ويو،
  • ديدَ، درشن جي ٿيندو پرين!
  • قلم ۽ قدم جي سفر ساڻ آهيون،
  • انسانَ جو عمل ۽ ڪردارُ دَرسُ آهي،
  • ماءُ ارپي آهي لولي پيارَ جي،
  • آءُ هِڪوار روز ساريندين،
  • نيڻَ تنهنجا حوصلا ڏيندا رهيا،
  • الائي ته ڪاٿي کُٽي هي سفر؟
  • تاتِ تنهنجيءَ ۾ هانءُ هُرندو آ،
  • ڇا جا رِشتا ڪُوڙا سارا ساهُه اڪيلو آ،
  • ناهي ٿيندي ٿورڙي ڪا زندگاني پيارَ جي،
  • پريت ڀريو بيانُ آهيون،
  • مِٽي ٿي ڳالهائي مِٽي ٿي ڪنائي،
  • ڪِينَ ڪنهن کي مِليون هِن وفائون هِتي،
  • ڏُکڻ جي کِلڻ جي اِها ويل آهي،
  • حوصلن سان گذاري حياتي! ڏِسون،
  • اڃان تون نه آئين نِهارون پُڇن ٿيون،
  • ڌرتتي او ڌرتتي - ڌرتتي او ڌرتتي!
  • عشق اگني نه چئه هي ٿڌو آبُ آ،
  • پِيا! تون پري کان پُڪارون نه ڏي،
  • وَڏي ٿي وئي آ ملڻ ۾ وِٿي!
  • وقتَ ويڇا وڇائي ڇڏيا واٽَ ۾
  • زندگي! توکان شڪايت ٿئي نه ٿي،
  • حياتيءَ جي هوندي گذاريو پري،
  • زندگي، موت جو ڪونه احساسُ آ،
  • رکون عشق تي پاڻ ايمانُ اُجرو!
  • ٻاٽَ آهي ته ڇا لاٽَ ٻاري وِڌو،
  • حوصلن جي اک هئس انوارُ جو -
  • گهيڙَ گهٽ پاڻَ جا ڊاهي گذريو هِتان -
  • وقت کان تيزُ پيارَ جا ويلا،
  • مٿان ڌرتتي ۽ ڏکن جو وِڇاڻو!
  • هارَ کان اڳُ تون مڃين ٿو هارَ ڇو!؟
  • پرين! پياريون درازا ۾!
  • آنءُ توکان سِوا چنڊ ڪهڙو ڏسان!؟
  • رُڳو بحر و وزن آهي،
  • ٿي رهي زندگي وقتَ جي واتَ ۾!
  • بند ڪريو ذاتِ جو هاڻي قصو،
  • اِجهو ديپَ دَمَ جا پَلن ۾ اُجهاڻا،
  • ريتن اڳيان نه جُهڪندو هالارُ عشق پنهنجو،
  • شورَ دٻجي وڃن، هيکلايون اَچو،
  • رنجُ ڪوئي رنجائي انهيءَ کان اڳي،
  • ساري ڪيرُ وساري پيارا!
  • پيارَ ۾ پرکڻ نه ايندو،
  • تحريرَ سان شبانا،
  • ويلَ اوکي ٻِيو ملهائيندو نه آ،
  • بات جو هر ويل آئي سنڌ جي،
  • پيارَ تنهنجا روشني اونداهِه ۾!
  • ڪيئن بي چين توکي ڏسان!؟
  • ڏاڍَ کان ڏَرندي گذاريون زندگي -
  • هُو ازل کان رهيو مسافر آ،
  • ڳڻتيون ڏئي هي ڳارا وئين پار ڪهڙي پيارا؟
  • مون ڪيو آهي اُجالو پيارَ جو،
  • ڪمائڻ کان اڳ ۾ وڃائڻ لڳاسين!
  • ڪئي ڳالهه دل جي اسان بي زباني،
  • ٿي گهڻي وئي دير هِت موٽي هلُون،
  • الائي ته ڪاٿي ٺِڪاڻو مِلي،
  • هي جيءُ ڏُکائين ٿو تون سُورُ لڪائين ٿو!
  • آڪاسُ آ اکين ۾ هر سُورُ ڄڻ ستارو!
  • هڙئي ناز پيارا! نماڻا اکين جا،
  • وِٿيون دل ۾ ناهن نه ٿينديون ڪڏهن،
  • پيارَ سان دل ڀَري ٿو اچين،
  • اِهو قيدَ پڃري مان نڪري سگهي ٿو،
  • دل تڙپي ٿي آءُ پيارا،
  • زندگي ۽ زمانُ گذري ٿو،
  • گلشن هوندو ڳيرا هوندا،
  • جا ويلَ درد ڏيندي سا ويل ويجهڙي آ،
  • جند وئي پر چاهه بچو آ،
  • اهي ڳوٺ ڳالهيون سنڀاري ته ڏس،
  • هِن دل جي غمي ڏس شاهد آ،
  • پئي ڪالهه “موري” مان جيجل سڏي،
  • تو سِوا هيکلا پيچرا پيارَ جا،
  • زماني ۾ چريا ماڻهو!
  • نگاهون نماڻيون نهارون هتي،
  • پل گهڙي زندگي پچارون سدا،
  • ڏورُ توکان ڪٿي ساءُ آهي پرين!؟
  • ڇانوَ ڇا ڌرتتي ولولو زندگي!
  • گگهه گهٽائون انبر پاسي،
  • نه سو چَس ساءُ شعرن ۾،
  • نِگهَه نفرت ڀري هن جي،
  • ڀونءِ ۽ آسمان لڙڪن جو،
  • سورُ آيو نصيب سڏجي ٿو،
  • قلب جو آڪاس تارا عشق جا،
  • گهڙيون فاصلا ٿي ويون!
  • الائي ته ڇا ڇا وساري ٿو سڀ ڪو!؟
  • زندگيءَ رکيو پير اوکيءَ ۾،
  • سانڍي رکجانءِ پيارَ جا ويلا،
  • اکين منجهه سپنا ڀريون جو ڀري ٿو،
  • تهمتن جو جهان ماري ٿو،
  • اِجهو دم اُجهاڻا هلي آءُ راڻا!
  • زندگي ماتم سوا ڪهڙي مٺا!؟
  • ساهَن وانگي ساريان توکي،
  • عمر ڏکندي رهي آهي ڀڃ ڊاهَه ۾،
  • آءُ، تولاءِ دل جون صدائون پرين،
  • وڃي پوءِ ڪاٿي ورن ٿا پرين؟
  • آزمائي پئي دوست! تنهنجي ڪَمي،
  • نه ٻيو ڪو پاڻَ کي سُجهي اسان ته هيڪڙو ڏٺو،
  • وري اڄ اوهان جون ميارون پڳيون،
  • وقت وانگر وِٿيون ٿا وِجهو،
  • بندوق شاعريءَ جي هر لفظ ڄڻ ته ٺا ٺا،
  • رڳو انتظاري وڻي ئي نه ٿي،
  • جَليا مون سان ستارا دير تائين،
  • هي پيرن جو ناهي سفر ساهَه جو آ،
  • جڏهن سارَ لهندي تڏهن ڪير هوندو!؟
  • تو سوا او پرين! ساهَه سُڏڪا ٿيا،
  • هر اوکَ به سوکي آ جو ڏات اڃان آهي،
  • ڪرڻو پيو ڪيوسين اظهار قيدَ ۾،
  • بدگماني ٿئي دوستي ٿي وڃي،
  • دردَ جي ڌرتتي تيکَ تايون وَيون،
  • ڪُٺا لال بڻيون او مائون اڪيليون،
  • ڪُلفت ڪِروڌ کڻ کڻ، قربن ڪَڻي اسانجي!
  • اڃان ويهه، پيارا اڃان رات آهي،
  • زمينَ چُپ، آسمان چپ ڇو!؟
  • بي قياس گذاريون ٿا احساس ڪٿي آهي؟
  • اوهان نه سوڙهه ۾ رهو اُٿي اسان وڃون پيا،
  • ڏٺا پل پل پٿون هت مون، اگهاڙا پيرَ پنهنجن جا!
  • اي دوست! درد سُورَ جي وري وري صدا نه ڏي،
  • وقت سان ٿو وَهي زندگيءَ جو قدم!
  • ڪرودُ ٿو نَچي ڪُڏي قدم قدم سماجَ ۾،
  • بزم مستانَ ۾، هوش جون ڳالهيون!

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب: آڪاسُ آ اکين ۾
    (شاعري)

    شبانه عالماڻي

    ڇاپو: پھريون مارچ 2017ع
    ڪمپوزنگ: زبير سومرو
    0333-7594302

    ڇپيندڙ:
    مُرڪَ پبليڪيشن

    ڊجيٽل ايڊيشن:

    سنڌ سلامت 2020ع
    www.sindhsalamat.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آڪاس آ اکين ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب شبانه عالماڻي جي غزلن جو مجموعو آھي مرتضيٰ لغاري لکي ٿو:
    ”شبانه جي غزل ۾ پوڄا جي حد تائين پيار، عاشقي جو امتحان، محبوبيت جو ماڻو، ماڻهپي جو معيار، عاجزي، سچائي، سنجيدگي، ارڏائي، سميت ٻيا ڪيترائي انوکا اهڃاڻ ملن ٿا. جن سان نه رڳو اهو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو ته شاعره ڪيترين ۽ ڪهڙين ڪيفيتن مان گذري لکيو هوندو، پر اها به پرک پوي ٿي ته هوءَ موجوده سماجي اڻ برابري ۽ منافقي جي ڀر مان گذري تخليقي پورهيو ڪيو آهي. عورت ناتي سندس اهڙي کري مزاج رکڻ تي دلي داد ڏجي ٿو..“
    هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاريءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    درد هوش محمد ابڙي جي نانءِ
    جنهن سندم تخليقي سفر کي
    پنهنجي استادي صلاحيتن سان اُتساهيو ۽
    شاعريءَ جي پيچيده پيچرن کان آگاه ڪيو.

    ******
    ڀائرن
    گلزار علي عالماڻي ۽ خادم حسين عالماڻيءَ
    جي نانءِ
    جن جي سُرهي ساٿ سبب سُتيءَ مان سُجاڳ ٿيس.
    *****

    شبانه عالماڻي


    پبشلر نوٽ

    ڪنهن به شاعر وٽ سندس ڪتابن جو تعداد ئي سگهاري تخليقڪار هجڻ جو ثبوت نه ٿو ٿي سگهي، ڇو ته: ’ٿورا ڪڻا ٿالهي ۾ ڀلا ‘واري چوڻي اڄ به معنيٰ خيز آهي، ته شاعر وٽ سڃاڻپ ڪتابن جي ڳاڻيٽي تائين محدود نه هجي، تخليق ئي سندس سگهاري سڃاڻپ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. شبانه عالماڻي جو نانءُ ان تارازي ۾ تورجي ته به سندس پلڙو ڀاري ٿيندو. ڇو ته شبانه جي شاعري پڙهندڙن آڏو پهريون ڀيرو نه ٿي پهچي، پر هوءَ شاعريءَ جا ٻه ڪتاب اڳ به ڏئي چڪي آهي، ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هوءَ شاعري جي دنيا ۾ نئون نالو نه رهي آهي. ٻي اها به اهم ڳالهه آهي ته سندس ٽيون ڪتاب ” آڪاس آ اکين ۾“ نه رڳو سندس ٽيون ڳاڻيٽو آهي پر سندس شاعري ۾فني توڙي فڪري حوالي سان اهم اڳڀرائي آهي.
    ”آڪاس آ اکين ۾“ ڪتاب جو مطالعو شاعره کي غزل گوئي جي سيڀتي سڃاڻپ ارپي ٿو، هن ڪتاب جي ٻي اهم خوبي اها آهي ته مهاڳ، توڙي تاثراتي مضمونن کان آجو هي مجموعو شبانه جي سنجيدگي جو ثبوت آهي، هوءَ پنهنجي احساسن کي هڪڙو نانءُ ڏئي پڙهندڙن آڏو پيش ڪندي اهو به پيغام ڏئي ٿي ته پاڻ وڻائڻ واري فهم جي قائل نه آهي، هونئن به شبانه جو شعري اظهار ايترو اوکو، اڻ گهڙيو، اڻ تُريو، اڻ ڏٺو يا اوپرو نه آهي. جو سندس شاعري سان گڏ ڪو حوالو به هجي، پر شبانه عالماڻي جو اظهار ايترو ته سادڙو ۽ سگهارو آهي جو پڙهندڙ لاءِ ڪٿي به سواليا نه نشان نه ٿو بڻجي.
    شبانه جي غزل ۾ پوڄا جي حد تائين پيار، عاشقي جو امتحان، محبوبيت جو ماڻو، ماڻهپي جو معيار، عاجزي، سچائي، سنجيدگي، ارڏائي، سميت ٻيا ڪيترائي انوکا اهڃاڻ ملن ٿا. جن سان نه رڳو اهو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو ته شاعره ڪيترين ۽ ڪهڙين ڪيفيتن مان گذري لکيو هوندو، پر اها به پرک پوي ٿي ته هوءَ موجوده سماجي اڻ برابري ۽ منافقي جي ڀر مان گذري تخليقي پورهيو ڪيو آهي. عورت ناتي سندس اهڙي کري مزاج رکڻ تي دلي داد ڏجي ٿو.
    مرڪ پبليڪيشن شبانه عالماڻي جو هي اهم مجموعو پڙهندڙ هٿ ۾ ڏيندي انفراديت جو مثال پيش ڪري ٿي پر شاعره جي مسلسل پريت جي پورهيي کي جوڳو مان ڏيڻ جي ڪوشش به ڪري ٿي.


    مرتضيٰ لغاري
    03005182494


    منهنجي پاران: اسان قربن ڀريا ماڻهو!

    زندگيءَ جون ادائون سمجهڻ لاءِ سوچون ڊوڙائجن ته معلوم ٿي پوندو آهي ته محبوب جي مرڪ جو مام ڀي زندگيءَ جي ڳجهه منجهان ئي آهي، زندگيءَ جون تلخيون ۽ ميٺاڄُ اکين تي رکي جيئڻو پوي ٿو. شعوري واٽن جو سفر بلڪل به سوکو ڪونه آهي.
    ڪڏهن مَنُ ماڪوڙي ڪڏهن ڪيهر شينهن
    يا وري:
    ڪڏهن ڪڏهن هينئڙا! نه ٿو وڻين مون (شاهه)
    اهو حال ئي هر انسان جو رهيو آهي ليڪن ان درد کي پچارڻ ڏات بنا بي ڍنگو جملو ٿي سگهي ٿو. شاعري منهنجي نظر ۾ آڪاش تان وسندڙ ڪو ڪڪر ڪونه آهي يا وحيءَ وسان ڪنهن به شاعر تي لکڻ جو حڪم ڪونه ٿو پهچي، بلڪه شاعري پنهنجي اندر جي پيڙائن، ايذاوَن يا حُسن تي هرکي پوڻ دوران ئي سِٽون ڪنهن صنف جو ويس پهري ڪاغذ تي پختي شاعريءَ جي روپ ۾ نروار ٿي بيهن ٿيون. شاعريءَ جو حسن عمل ساڻ انوارُ ٿئي ٿو، نه ڄاڻان ته روز ڪيترا شعر لکيا وڃن ٿا!؟ حقيقت اها ئي آهي ته انهن مڙني شعرن اڃان تائين ڪوبه ٻارڻ ڪونه ٻاريو آهي!
    سوشل ميڊيا تي اڪثر سنجيدگيءَ جو قتلِ عام ٿيندو رهيو آهي، فيس بُڪَ تي اڪثريت به تضادي سوچن جي ئي آهي، فيس بُڪَ چڱن ڀلن کي ڪتابي دوستيءَ کان به پري رکيو آهي. هوريان هوريان سوشل ميڊيا جو وڌڻ ڪتابي دنيا لاءِ هاڃيڪار ٿيندو پيو وڃي، موجوده سنڌي ادب ۾ غير سنجيده ماحول سنجيده سرجڻهارن جي ادبي پورهئي لاءِ به بهتر ڪونه آهي. اهڙو اڻوڻندڙ ورتاءُ اکين ۽ جذبن کي بيقرار ڪري ڇڏيندو آهي ۽ سنجيده زندگي به ماٺ جي ڀاڪر منجهه ايندي محسوس ٿيندي آهي ۽ پرائو عمل به ڄڻ مون کي منهنجي ئي وجود سان وچڙندي محسوس ٿيندو آهي تڏهن ڄڻ ههڙا شعر پاڻ ئي مون ڏي سُري ايندا آهن.
    ڪِٿي بيقراري سُتي رات ڀر،
    غمن جي نه ماري سُتي رات ڀر!
    ..........
    جنڊ ڪري تون پنهنجي مَنَ کي،
    داڻو داڻو پيهُن ڏکن جو!
    ..........
    زماني ۾ چريا ماڻهو!
    اسان قربن ڀريا ماڻهو!
    ..........
    پٿر جهڙي حياتي ۽،
    رکيئي ڪهڪاءُ شعرن ۾!
    ..........
    اوهان نه سوڙهه ۾ رهو اسان اُٿي وڃون پيا،
    سنگيت هئي پريت جي ٻُڌي اسان وڃون پيا!
    ..........
    سڀ کڻي احساس پنهنجا باهه ۾ ساڙي ڇڏيان،
    زندگي ناڪام جي ڪا يادگيري ڇو هجي!؟
    ..........
    اهي سڀئي ڀلايون ادب جي موجوده شعور وندن کان نصيب ٿينديون رهن ٿيون، مگر ٻي پاسي انهن پورهيتن کي ڏسندي هانءُ ڏکندي ۽ ڊڪندي حوصلو ووڙي وٺندو آهي ته:
    پنڌ ڇو ٿا ڇڏيو ڌرتتيءَ کان ڊڄي!؟
    ڇو مرڻ ٿا گهرو زندگيءَ کان ڊڄي!؟
    ..........
    نيڻ تنهنجا حوصلا ڏيندا رهيا،
    درد کي ڄڻ فاصلا ڏيندا رهيا!
    ..........
    حوصلن سان گذاري حياتي! ڏسون،
    آس جو ديپ ٻاري حياتي! ڏسون!
    جڏهن اهي سڀ مشاهدا ڪجن ٿا تڏهن زندگيءَ جي جنگ جو مقصد سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو ۽ سفر جو هر اوکو پل به اداسيءَ جي اک کان اوجهل ٿي ڪَٽي سگهجي ٿو، ساهَن جو سُرڻ وقت جو وهڻ ڪائي سُڌ ئي نه ٿي پوي ته گهڙيون ڪلاڪ ۽ ڪلاڪ ڏينهن، ڏينهن هفتا ۽ سال به نبري وڃن ٿا مگر انساني سهپ آهي ڪڏهن ماتم ته ڪڏهن مرڪڻ اهي سڀ زندگيءَ جا لمحا آهن جيئندي لکندي ڏسندي ڪٿي سُڌ پئي!؟
    منهنجو هي ٽيون شعري مجموعو “آڪاس آ اکين ۾” اڄ اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي ساڳيا سُور نوَن لفظن جي پوشاڪَ پَهري پڙهندڙن جي اکين اڳيان ڳالهائي رهيا آهن. اِهو منهنجي لکيل شعر تي آهي ته هو ڪيتري سگهه رکي ٿو!؟ ۽ روحَ سان ڪيترو ناتو جوڙي سگهي ٿو. اهو آئون ڇا چوان!؟ مون کي يقين آهي ته وقت ڪنهن سان به نا انصافي ناهي ڪندو!
    آئون بيحد ٿورائتي آهيان مُرڪَ پبليڪيشن ڪراچيءَ جي جنهن منهنجو ڪتاب ڇپي پڙهندڙن جي هٿن تائين رسايو تهه دل سان زبير سومري جي ٿورائتي آهيان جنهن هِنَ ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪئي ۽ احمد سولنگي، بيدل مسرور، پنهل، زبير سومري ۽ درد هوش محمد جي پڻ شڪرگذار آهيان جن منهنجي خيالن کي سامهون رکي مون کي ۽ پڙهندڙن کي پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪيو.

    شبانه عالماڻي - مورو
    12-2-2017


    غزل

    ڪنهن لاءِ رڙيو آهين احساسَ! ڀَري سُڏڪا!؟

    ڪنهن لاءِ رڙيو آهين احساسَ! ڀَري سُڏڪا!؟
    تڙپي ۽ لُڇي، پَڄري، هر آس ڀري سُڏڪا!

    هر ساهُه دغائن جو انسانُ کڻي ويٺو،
    بي موت مَري ويندين، وشواسَ! ڀري سُڏڪا.

    قسمت جو ڏِنو مون کي مُون چار پهرَ ڪاٽيا،
    مون ساڻُ رُنين پل پل بنواسَ! ڀري سُڏڪا.

    هر بُوند برهَه واري هئه عُمر سڄي زاري،
    وَسُ وَسُ ته روئان تڙپان، آڪاسَ! ڀري سُڏڪا.

    توکي به شبانه! جي آ دردَ وِڌي چُهنڊي،
    اڄ ڪيئن رُنو آهين، بي قياسَ! ڀري سُڏڪا؟


    جُڳتُ جيءُ سارو، نگاهون شبانه!

    جُڳتُ جيءُ سارو، نگاهون شبانه!
    پَهرُ ڏيکُ پيارو، نگاهون شبانه!

    زبان ساڻ ڳالهيون ته سڀ ڪو ڪري ٿو،
    عجبَ جو اشارو، نگاهون شبانه!

    الائي ته پلَ ۾ ٿيون ڪيئن پاڻي!؟
    ڏِسي چاهُه چارو، نگاهون شبانه!

    پَلي ڀي ته آخر کَڻي پيرَ پلجن،
    نه ٿيون ڪَن ڪنارو، نگاهون شبانه!

    وِڇوڙا وڏي واڪ ماتم پَيا ڪَن،
    ڏسن چُپ نظارو، نگاهون شبانه!


    ڀُونءِ ۽ آسمانُ ڳالهائي

    ڀُونءِ ۽ آسمانُ ڳالهائي،
    ڪاش گُونگو جهانُ ڳالهائي!

    شورُ آهي خيال جو مون سان،
    قلب جو پِيو مڪانُ ڳالهائي!

    ڪو اَجهي مان پَيو سَڏي هُن کي،
    ڪونه ٿو لامڪانُ ڳالهائي!

    ڌيانُ داناءُ لوڪ جو ناهي،
    نينهن پنهنجو نادان ڳالهائي!

    شعر ڏسُ تون پڙهي شبانه جا،
    سورُ پيو ٿو جوانُ ڳالهائي!


    جيوَن مُسافتن ۾ ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟

    جيوَن مُسافتن ۾ ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟
    انسانُ آفتنُ ۾ ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟

    آهي وشالُ رستو مَنَ! محبتن جو ليڪن،
    ڪو جيءُ چاهتن ۾، ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟

    چوندو رهيو جو زاهد آهيان جهان ۾ سو،
    هلندي عبادتن ۾ ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟

    ويڇو ڇَڏي ٿَڪائي پرواهه ڪائي ناهي،
    احبابُ قربتن ۾، ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟

    نفرت ڪري شبانه! ٿڪجي پوي ٿو سڀ ڪو،
    مُشتاقُ محبتن ۾ ٿَڪجي پيو ڪَجي ڇا!؟


    نيڻَ نماڻا، ڄاڻي وٺجان،

    نيڻَ نماڻا، ڄاڻي وٺجان،
    پنهنجا ساٿَ سُڃاڻي وٺجان.

    ساهَه، صبح جي سُرت نه ڪائي،
    پيارَ وِرهائي هاڻي وٺجان.

    جيوَن! چارَ وِکون مس آهن،
    خوبُ محبت ماڻي وٺجان.

    مون ڀي سچ جو ساٿ ڏنو آ،
    ڪُوڙ ڪِرودي اگهائي وٺجان.

    دل جي ڳالهه هلي ٿي راڻا!
    مورُ نه محبت ناڻي وٺجان.

    ويلَ شبانه! الفت جي آ،
    بيشڪ ويرُ سُڀاڻي وٺجان.


    دُورين سان هِن پيارَ وڌي ويا،

    دُورين سان هِن پيارَ وڌي ويا،
    اُلڪا دل جا ڌارَ وڌي ويا!

    جيءُ جڏيءَ جو جهورين جهوريو،
    ڀاري آهِن بارَ وڌي ويا!

    نانءُ وَتو مون تنهنجو ڇا ٿيو!؟
    پنهنجن جا تڪرارَ وڌي ويا!

    نيٺ ته ڪِرندو جُهوپو مَنَ جو،
    ويساهن ۾ ڏارَ وڌي ويا!

    تنهنجون سارون سڏڪن مون سان،
    نيڻن جا هِن نارَ وڌي ويا!

    سُورَ شبانه! اوريان ڪنهن سان؟
    توريءَ جو آزارَ وڌي ويا!


    ڪاوڙ، ڪاتي ڏيندا توکي!

    ڪاوڙ، ڪاتي ڏيندا توکي!
    دل جا ڀاتي ڏيندا توکي!

    منهنجا جيڪي ڀائر هوندا،
    دشمن، ڇاتي ڏيندا توکي!

    سُندر پنهنجا خيال کڻي هَلُ،
    ويلَ نه آتي ڏيندا توکي!

    سانڍجُ سپنا ڌرتيءَ جا سَوَ،
    سُورُ نه ذاتي ڏيندا توکي!

    وهمَ وڪوڙي ويندئي وئرٿ،
    سُورَ مماتي ڏيندا توکي!

    ننڍڙا جذبا پڙهه ڏس منهنجا،
    ٻولي ٻاتي ڏيندا توکي!

    ريت شبانه! چاهت چاهت،
    پيارَ حياتي ڏيندا توکي!


    جهٽ پلُ ته ساهُه ساهجُ ٿڪجي نه تون پيو آن!؟

    جهٽ پلُ ته ساهُه ساهجُ ٿڪجي نه تون پيو آن!؟
    هَن پيچرن تي راهي! وٺجي نه تون پيو آن!؟

    ويساهَه ۾ لِڪائي سڀ وارَ ڪَن پَيا ٿا،
    ويساهَه وارا پيارا! ڌڪجي نه تون پيو آن!؟

    ڇو سوچَ کان پٿر ٿو سَهندو وَتين سياڻا!؟
    احساسُ ميڙُ توکي سَٽجي نه تون پيو آن!؟

    اچ وڃ ڇڏي ڏني تو، دل ۾ پَيون دراڙون،
    مونڏانهُن منهنجا سائين! گهٽجي نه تون پيو آن!؟

    ڇا لاءِ چئه شبانه! هر ويل ماٺِ آهين!؟
    پنهنجن هَٿان نماڻا! ڦَٽجي نه تون پيو آن!؟


    جيوَنُ جڳ ۾ سَهنجو ناهي،

    جيوَنُ جڳ ۾ سَهنجو ناهي،
    سُورن ۾ دمُ ڪنهن جو ناهي!؟

    عمر هٿن ۾ آهي ظاهر،
    سُور مگر سو پنهنجو ناهي!

    نانءُ وٺي ڏس مون کي راڻا،
    دردُ دنيا ۾ ڪنهن جو ناهي!؟

    آسُن کان رکُ آجو مَنَ کي،
    ساهُه کڻڻ پو اهنجو ناهي.

    ساهَن اهڙو سازُ وڄايو،
    باجو، ڪيسيو، بينجو ناهي!

    ويرُ شبانه! جنهن جو سچ سان،
    قُربَ ۾ نالو تِنهن جو ناهي!

    * باجو، ڪيسيو، بينجو: سازن جا نالا


    دمُ نه مايوس ٿي گهارجان واٽَ ۾،

    دمُ نه مايوس ٿي گهارجان واٽَ ۾،
    ڏات ڏيئا ڪري ٻارجان واٽَ ۾!

    آنءُ توکان پري ڪين آهيان ڪڏهن،
    سُورَ اوڏا ڏسين سارجان واٽَ ۾!

    امتحانن مان گذري ته ويندا سڀئي،
    هانءُ هيکل نه تون، هارجان واٽَ ۾!

    لوءِ لڳندي پئي لوءِ رُڪڻي نه آ،
    ياد سان هينئڙو ٺارجان واٽَ ۾!

    لُڙڪَ تنهنجا شبانه! سڀئي بي بَها،
    پاڻُ روئي نه تون ڳارجان واٽَ ۾!


    نيرَ ناهن نُور ٿو وهندو رهي،

    نيرَ ناهن نُور ٿو وهندو رهي،
    ساهَه مان ڄڻ سُورُ ٿو وهندو رهي.

    نيڻَ پياسا پاڻَ جا ڪيسين ڏسن!؟
    واهُه ڪوئي دُورُ ٿو وهندو رهي!

    پيرَ، هَٿَ خالي ڏٺا سنسارَ جا،
    واتَ مان منشورُ ٿو وهندو رهي.

    پيارَ جو وڻ زندگي ان مان ڏسو،
    مُندَ سان پَلُ پُورُ ٿو وهندو رهي؟

    نيڻَ تنهنجن ۾ شبانه! مون ڏٺو،
    سُورُ ٿي ناسورُ ٿو وهندو رهي!


    پارُ ڪوئي نه آهي پَتو موتَ جو،

    پارُ ڪوئي نه آهي پَتو موتَ جو،
    عمر، ڪهڙو ڪَجي ڀرسو موتَ جو!؟

    زندگيءَ جي ڏکن ۽ سُکن کي ڇڏيو،
    ڄڻ وَڌي آ ويو هي خفو موتَ جو!

    قرب جي ڀُونءِ تي چار ڳالهيون ڪيون،
    وقت مقرر نه ڪو دوستو، موتَ جو!

    آسرا هارجي ٿا حياتي! وڃن،
    اوچتو ٿو اچي جي ڌِڪو موتَ جو!

    جيسيتائين جيئڻ جو جُڳت آ پرين!
    ڪين ٿيندو ختم ڪو قصو موتَ جو!

    سُورَ سامهون شبانه! ڏسي تون نه ڊِڄُ،
    سُورَ ڀي ٿي پوَن ٿا حِصو موتَ جو!


    موت ڀي مامُ آهي مَري ٿا ڏِسون،

    موت ڀي مامُ آهي مَري ٿا ڏِسون،
    نيٺ هِڪوار ڇاهي مَري ٿا ڏِسون!؟

    عمر هر دئورَ ۾ وَلوِلو ٿي رَهي،
    هاڻ اُلڪن کي لاهي مَري ٿا ڏِسون!

    ڪِينَ ساهِيو ڪڏهن پاڻ دَمُ ڏيهَه ۾،
    هيلَ ساهَنِ کي ساهي مَري ٿا ڏِسون!

    زندگيءَ ۾ گهڻو ئي سِکيو آ مگر،
    موتُ ڏِسجي ته ڇاهي مَري ٿا ڏِسون!؟

    بي رُخي ڪينَ ڏيندي جيئڻ ڪا گَهڙي،
    دل، پٿر کي او چاهي مَري ٿا ڏِسون!

    نيٺ مرڻو ته آهي سياڻا! ڪڏهن،
    موتُ مِهڻو به ناهي مَري ٿا ڏِسون!

    حوصلا هي شبانه، نه ٿڪبا ڪِٿي،
    ٻاٽَ ۾ جيءَ! ڪاهي مَري ٿا ڏِسون!


    رِڻن ۾ سڏيندي زمانا لڳي ويا،

    رِڻن ۾ سڏيندي زمانا لڳي ويا،
    اوهان ڏانهُن ايندي زمانا لڳي ويا!

    لَٽن منجهه ناهِن رهن ساهَه ۾ ٿيون،
    سنڀارون ڇنڊيندي زمانا لڳي ويا!

    وڃي لوڪُ پهتو ڪِٿان کان ڪِٿي دل -
    اوهان کان پليندي زمانا لڳي ويا!

    بَسيرو اسان جو ٿيو ڪونه هِتڙي،
    پَڪو گهرُ اڏيندي زمانا لڳي ويا!

    رهون ٿا پيا انتظارن ۾ توڙي،
    اَجلَ، توکي نيندي زمانا لڳي ويا!

    شبانه! نهاري کڻي نيڻ راهون،
    پَڪو مَنَ کي ٿيندي زمانا لڳي ويا!


    مون سَٺو ڇا ٿيو سُور آيو ته هو!؟

    مون سَٺو ڇا ٿيو سُور آيو ته هو!؟
    آڙ تنهنجيءَ ۾ مَنُ ڪنهن رنجايو ته هو!؟

    تِيرَ لفظن ڀريا پو به وسندا رهيا،
    گهاءُ هر ساهَه ۾ پر لڪايو ته هو!؟

    راضپو پو به تنهنجو رهيو مون مٿان،
    ڏات، توکي مٺي مون لڄايو ته هو!؟

    تو پري ئي رکيو هر گهڙي پاڻ کان،
    پاڻ ۾ پو به توکي سمايو ته هو!؟

    حوصلو جا بجا ساهَه سانڍي رکيو،
    دل، دکي دردَ توکي ٿَڪايو ته هو!؟

    هاڻي پڇتاءُ ڪهڙو شبانه! ڪجي!؟
    پنڌ پنهنجو سمورو اجايو ته هو!؟


    بهارون چار ڏينهن آهن، خزائون چار ڏينهن آهن

    بهارون چار ڏينهن آهن، خزائون چار ڏينهن آهن،
    نماڻا، نيڻ پنهنجن ۾ اِڇائون چار ڏينهن آهن!

    پُڪارون جيءَ پنهنجي جون ٻُرن سنسارَ ساري ۾،
    ميان، ماٺار ٿي وينديون صدائون چار ڏينهن آهن!

    ڏُکن توڙي سُکن واريون پچارون جي ڪيون تن من،
    مگر پنهنجون زماني ۾ ڪَٿائون چار ڏينهن آهن!

    وَسي وينديون وري ڪاڏي لکا سا پاڻ کي ناهي!؟
    حياتيءَ جي مٿان سِڪَ جون گهٽائون چار ڏينهن آهن!

    سدا رهنديون ڪٿي جاني! ٿڪي پونديون ڏنگي دل کي،
    پُکي پنهنجي وڇوڙن جون بلائون چار ڏينهن آهن!

    شبانه! رنج جون ڳالهيون ڪجن ڪهڙيون کڻي ڪنهن سان!؟
    جفائون چار ڏينهن آهن وفائون چار ڏينهن آهن!


    وڃين ٿو پر ٻُڌايون وَڃُ،

    وڃين ٿو پر ٻُڌايون وَڃُ،
    وَٿاڻن تي وَري وَرندين!؟

    تَپايلُ ٿو لڳين گهر جو،
    مٺا ماڻهو! ڪِٿي ٺرندين!؟

    سَراپا عشق ٿي ويو آن،
    زماني کان نه تون ڏرندين!

    گهڙو دل جو پڪو رکجان،
    سدائين تارَ ۾ ترندين!

    اُماوَس ٿي وئي چؤڏس،
    ڪڏهن مهتابَ! تون ٻَرندين!؟

    پرائو دردُ پاتو تو،
    پيو هر جاءِ تي ڳرندين!

    شبانه پيارُ وٺُ پائي،
    نه تون هِن دل منجهان مرندين!


    ٺَري پئه ٺري پئه زمانا! وڃون ٿا،

    ٺَري پئه ٺري پئه زمانا! وڃون ٿا،
    اکين جا ڇڏي آشيانا وڃون ٿا!

    مٽي جيءَ ۾ جاءِ ڏيندي اسان کي،
    ڇڏي ڏيهَه ۾ ڪُلُ فسانا وڃون ٿا!

    انهن منجهه يادون اسان جون اسان جون،
    لکي پيارُ وارا فسانا وڃون ٿا!

    اڪيلا اڪيلا اسان راهي رِڻ جا،
    ڇڏي ساٿ سڀ هر بهانا وڃون ٿا!

    اوهان جون نگاهون ڪنديون ڪنهن کي گهايل!؟
    اسان ٿي اوهان جا نشانا وڃون ٿا!

    اسان سُورَ، تنهنجي وفا کي مڃوسين،
    چڱو موڪلاڻي شبانا! وڃون ٿا!


    هئا چار لمحا گذاري ڇڏياسي،

    هئا چار لمحا گذاري ڇڏياسي،
    اسان پنڌ سارا وساري ڇڏياسي!

    اکين وارا جارا ٿيا هاڻ خالي،
    پکين جيئن سپنا اُڏاري ڇڏياسي!

    خواهش رهي پاڻ سان ڪا نه هاڻي،
    سڀئي آسرا جو سُمهاري ڇڏياسي!

    نه ٿو موتَ جو خوف ماري ڊڄاري،
    نوان نيهَن پنهنجا نِکاري ڇڏياسي!

    ڏئي حوصلا ۽ دلاسا سدائين،
    جَڏا جيءَ جڳ ۾ جيئاري ڇڏياسي!

    شبانه! انهن جي اوهان کي آ پارت،
    اوهان جي اسان شعر لاري ڇڏياسي!


    سڀ کڻي احساسَ پنهنجا باهَه ۾ ساڙي ڇڏيان،

    سڀ کڻي احساسَ پنهنجا باهَه ۾ ساڙي ڇڏيان،
    زندگي ناڪام جي ڪا يادگيري ڇو هجي!؟

    قرب ۾ آهي ڪنجوسي دل ڪئي هر گام تي،
    ظاهري زردار واري پو اميري ڇو هجي!؟

    محبتن جي آڙ ۾ ڀل قيد ڪاٽيان مان کڻي،
    جيءَ جي جذبن اڳيان ڪائي اسيري ڇو هجي!؟

    ديسَ کي کائي ويا آهن عقيدت ريت سان،
    آجپو وَٺُ آجپو هي ميري پيري ڇو هجي!؟

    ديسَ جي هر دردَ کي ويهين وساري جي اگر،
    پو شبانه، اهڙي ڪُوڙي ڇڏ فقيري ڇو هجي!؟


    اکين جي ڳوٺَ ۾ هاڻي،

    اکين جي ڳوٺَ ۾ هاڻي،
    اڏيا پنهنجا پَکا آهن!

    مسافر دُور هِن وڃڻا،
    نه ٿا جو پيرڙا ساهِن!

    اُهي ڪردار کاهوڙي،
    پَيا هر ويلَ جو ڪاهِن!

    وري ڀي آسَ ڇو تِن ۾؟
    اسان جو ڀاڳ جي ناهِن!

    بنا ڪهڪاءَ جي ماڻهو!
    پَيا هِت دل جو گهر ڊاهِن!؟

    وڃن ٿا واءُ واريءَ جان،
    حياتي، ڏينهڙا ڇاهِن!؟

    پَڪا هِن حوصلي وارا،
    نه ٿا جي آسرا لاهِن!

    کڻي سِرَ سان ڪفن سڀ ڪو،
    ته ڪنهن لئه ٺاهَه ٿا ٺاهِن!؟

    شبانه! نيڻَ اوسيئڙا،
    الائي ڇا پَيا چاهِن!؟


    ڏنو وقت! توکي سڄو رتُ ولوڙي،

    ڏنو وقت! توکي سڄو رتُ ولوڙي،
    گذاري حياتي سَڄي لوڙي لوڙي!

    پَيو دليون ٽوڙين زمانا! سدائين،
    نه ٿو ڪيرُ ڪنهن جو پيو جيءُ جوڙي!

    اوهان ٿي پَڪا وِيا اوهان جي آ مرضي،
    اوهان ڏانهُن مَنڙو نه ٿو مُنهن موڙي!

    وِرهَه وَڻَ جي هيٺان ٿِيا جُهور جذبا،
    سموري جواني وَيو دردُ چوڙي!

    رُنو رُوح ڪنهن جو رڙيو روح ڪنهن جو!؟
    هلي حال دل ڪنهن دکيءَ کان پُڇو ڙي!

    ڪنارا پَري نا خُدا، ڪيترو هِن!؟
    شبانه! ڏکن جي ندي ويندي ٻوڙي!


    دوستن جا ساٿَ ساري ڪيرُ ٿو!؟

    دوستن جا ساٿَ ساري ڪيرُ ٿو!؟
    هيکلو جڳَ ۾ گذاري ڪيرُ ٿو!؟

    ميڻَ جهڙو مَنُ نرمُ ڳرندو پيو،
    پر پٿرُ دل کي پِگهاري ڪيرُ ٿو!؟

    ماٺِ ۾ ٿو سُور مَنُ پنهنجو سَهي،
    پاڻَ کي ايئن پاڻ ماري ڪيرُ ٿو!؟

    ياد آهن ساهَه کي ڳالهيون سڀئي،
    پيارَ جو پل پل وساري ڪيرُ ٿو!؟

    رات جي اونداهَه ۾ سُڏڪا ڀري،
    پاڻَ کي دَرَ تي پُڪاري ڪيرُ ٿو!؟

    انتظاريون آسرا سارا وَٺي،
    هئه مٽيءَ وانگر سُمهاري ڪيرُ ٿو!؟

    ڌيانُ اِن پاسي شبانه! ڇو ڏِجي!؟
    پاڻ کي جڳَ ۾ نِهاري ڪيرُ ٿو!؟


    قربَ ۾ آ قسم ڀٽائيءَ جو،

    قربَ ۾ آ قسم ڀٽائيءَ جو،
    خوفُ آهي رهيو جدائيءَ جو!

    پاڻ مٽجانءِ ڪينَ تون باقي،
    ڪوبه اُلڪو نه آ خدائيءَ جو!

    آهي خاموش ٿي سَٺو ڏاڍو،
    تو سِوا دردُ هيکلائيءَ جو!

    پيرَ سڙندا، پيا ڏکيو آهي،
    پو به رستو ڀَلو ڀلائيءَ جو!

    بي گناهي پئي اڃان سُڏڪي،
    ڪِينَ موقعو ڏنئي صفائيءَ جو!

    ڇڏ شبانه حِجابَ تون سارا،
    وقتُ آيو هي آشنائيءَ جو!


    جنڊُ ڪري تون پنهنجي مَنَ کي،

    جنڊُ ڪري تون پنهنجي مَنَ کي،
    داڻو داڻو پيهُن ڏُکن جو!

    سپنا ساري رات سُکن جا،
    ساڀيان، ساڳيو ڏينهن ڏکن جو!

    رم جهم رم جهم نيڻَ گهٽائون،
    روز وَسي ٿو مينهن ڏکن جو!

    ڪينَ خِزان ڀي ساڙيو هِنَ کي،
    سائو آهِه سريهُن ڏکن جو!

    پو به شبانه! تو لئه خوشيون،
    توڙي مون وٽ نينهن ڏکن جو!


    آنءُ پنهنجو گُهران ٿي حصو دردَ جو،

    آنءُ پنهنجو گُهران ٿي حصو دردَ جو،
    ڏيهَه ۾ ٿي پوان شل قصو دردَ جو!

    هر اکر کي حياتي ملي ٿي ملي،
    نانءُ تحريرَ ۾ جي لکو دردَ جو!

    سُونهن سِڪَ کي سڃاڻڻ گُهرو ٿا ته پو،
    هر قدم تي سبقُ پيا سکو دردَ جو!

    لوڪَ ۾ ناهي اهڙو وفا جو جگرُ،
    جيءَ سان واسطو مون ڏٺو درد جو!

    قلب جو جُهوپڙو هو ڀِنو رات ڀر،
    مينهڙو جو وِرهَه ۾ وُٺو دردَ جو!

    بيوفا سان شبانه، وفا ٿو ڪري،
    واسطي کي نڀائڻ ڏِسو دردَ جو!


    ساڳيو سُور سُرور شبانه!

    ساڳيو سُور سُرور شبانه!
    پيارُ تنهنجو پُور شبانه!

    دردن سان ڀر جهولي پنهنجي،
    دنيا جو منشورُ شبانه!

    سُوريءَ تي ڀي مُرڪي اهڙو -
    آهي اڄ منصورُ شبانه!؟

    گهاوَ نه ئي ايذاوَ ڏنائين،
    نينهُن نه ٿيو ناسور شبانه!

    چاهت چاهت چاهت جيئي،
    پنهنجو هي دستور شبانه!

    سُورَ ڏئي کڻ خوشيون مون کان،
    سودو آ منظورُ شبانه!

    ڇِڄي مون کان ته گهارين ٿو،
    گهڙي ڪا خوش گذارين ٿو!؟

    تڏهن هِڏڪي ورائي ٿي،
    جڏهن دل سان پُڪارين ٿو!

    کڻي اکڙيون اڪيلو تون،
    ستارن کي نهارين ٿو!؟

    ڪرين ٿو ياد ماضيءَ کي،
    ٻِيو سڀ ڪجهه وسارين ٿو!

    اڀاڳو تون پيو سڏبين،
    محبت جي ڌڪارين ٿو!

    وري ڪنهن لاءِ تون دل ۾،
    هي ٻيهر ديپُ ٻارين ٿو!؟

    مڃان فرهاد مان توکي،
    پٿر کي جي پگهارين ٿو!

    شبانه کي سنڀاريندي،
    اڃان ڀي لُڙڪ هارين ٿو!؟


    مان سَڙي آهِيان او گهٽائون! وَسو،

    مان سَڙي آهِيان او گهٽائون! وَسو،
    آنءُ ٿي چاهِيان او گهٽائون! وَسو!

    ڌرتتي پيرَ ڇا ساهُه ساڙي پئي،
    ماڳ ڏي ڪاهِيان او گهٽائون! وَسو!

    رُوح روئي ٿيو آهي ساڻو صفا،
    ساٿَ ۾ ناهِيان او گهٽائون! وَسو!

    سَڏُ سُڻي ڪونه ٿو هِنَ بيابان ۾،
    درد ۾ دانهِيان او گهٽائون! وَسو!

    ويلَ اوکي به نبري ته ويندي ڪڏهن،
    هانءُ ڇو لاهِيان او گهٽائون! وَسو!؟

    پيرَ آهن شبانه، پِٿون پنڌَ ڪيا،
    ساهَه جهٽ ساهِيان او گهٽائون! وَسو!


    سڄو چينُ پنهنجو وڃائي وَران ٿي!

    سڄو چينُ پنهنجو وڃائي وَران ٿي!
    اکيون، آتما، دل، سِڪائي وَران ٿي!

    اڃان ڀي مَياري پرين! آنءُ تنهنجي،
    سچو نينهن توڙي نڀائي وَران ٿي!

    نه ڪنهن غيرَ جو ساٿُ سايو رهيو آ،
    زماني ۾ تنهنجي سڏائي وَران ٿي!

    ويو سڀ هٿن مان وهي وقت وانگي،
    مگر پيارُ پيارا! بچائي وَران ٿي!

    شبانه! وري سُورَ اوڏا نه ايندا،
    خواهش کان دامن ڇڏائي وَران ٿي!


    مون سان نه ڪنهن جو ناتو ارمان جي دنيا ۾،

    مون سان نه ڪنهن جو ناتو ارمان جي دنيا ۾،
    مونکي نه تو به ڄاتو ارمان جي دنيا ۾!

    مُرڪڻ وڃي ٿو وسري سُڏڪڻ به بزدلي پر،
    هر ويل روح آتو ارمان جي دنيا ۾!

    توکي قدرُ به ڪهڙو ڪنهن جي ٿئي ڏکن جو؟
    تو پيرُ جو نه پاتو ارمان جي دنيا ۾!

    مون ساڻ من! وڇوڙو آهي رهيو هميشه،
    سُر چينَ جو نه ڳاتو ارمان جي دنيا ۾!

    پل پل نراسُ گذريو پنهنجو شبانه! ليڪن،
    سنسارَ کي سُڃاتو ارمان جي دنيا ۾!


    زندگيءَ جون گهڙيون تيز تر ٿيون ڊُڪن،

    زندگيءَ جون گهڙيون تيز تر ٿيون ڊُڪن،
    وقت سان ڪينَ پو ڀي پيون ٿيون پُڄن!

    ڪينَ سوچي پيو ڪو انهن تي الا،
    سانوڻيءَ وانگيان ڇو ٿيون اکڙيون وَسن!؟

    زندگي بي بقا بيوفا آ ته پو -
    دائمي ساٿَ جا قولَ ڪهڙا ڪجن!؟

    ڀِينگَ ساڳي بيابان ۾ ٿي وَسي،
    ڪا نه وسڪارَ ڪئي هيل ڀي بادلن!

    آسرا انتظاريون اکين کي اڃان،
    سُورَ ڪيڏا نماڻيون ٿيون سانڍيو وتن!؟

    نفرتن جو شبانه نه نالو رهي،
    ديسَ ۾ چاهتون شالَ وڌيو وڌن!


    ڪِٿي بيقراري سُتي رات ڀر،

    ڪِٿي بيقراري سُتي رات ڀر،
    غمن جي نه ماري سُتي رات ڀر!

    رواجن جا نِشتر سٺائين سَوين،
    ڏُکي ناهي ناري سُتي رات ڀر!

    رَڙي نيٺ بُکيا ته ٻچڙا سُتا،
    نه جيجل بُکاري سُتي رات ڀر!

    رُڳو دردَ ڌمچر مچايو پئي،
    نه پَلُ دل ڏُکاري سُتي رات ڀر!

    پيا پيرَ تنهنجا ڦَٽي رتَ ڳڙا،
    نه سا ويلَ، واري سُتي رات ڀر!

    اوهان چينَ جي گهر جا ڀاتي سدا،
    اوهان سان بَهاري سُتي رات ڀر!

    شبانه ڇِڄي توکان پيارا پرين!
    نه تنهنجي هي پياري سُتي رات ڀر!


    تو بِن اهڙي عيد گذاري،

    تو بِن اهڙي عيد گذاري،
    ماتم جهڙي عيد گذاري!

    حال پڇين ٿو مون کان ڪهڙو؟
    جهڙي تهڙي عيد گذاري!

    سپنا سانڍيا نيڻن جهڙا،
    ڪاٿي اهڙي عيد گذاري!؟

    سُڏڪا، اُلڪا، اوسيئڙا، ڏُکَ،
    هئه هئه ههڙي عيد گذاري!

    ڄاڻَ شبانه! ناهي تنهنجي،
    هوندئي ڪهڙي عيد گذاري!؟


    عجب الفت نڀائين ٿو،

    عجب الفت نڀائين ٿو،
    سِڪايل کي سِڪائين ٿو!

    انهن ۾ آ خدا وَسندو،
    دليون ڇا لئه ڏکائين ٿو!؟

    ڀرين ٿو پيٽُ تون پنهنجو،
    چلهيون جڳ جون اُجهائين ٿو!

    هلان ٿي درد! مان توسان،
    ڏِسان ڪاٿي ٿڪائين ٿو!؟

    وڃي ٿو سُور ٿي سُکُ جي،
    اکيون مُرڪي ملائين ٿو!

    اچين ٿو خواب ٿي مون ڏي،
    حقيقت ۾ ستائين ٿو!

    ڏئي احساسُ جيئڻ جو،
    وڇوڙا ڇو وڌائين ٿو!؟

    پرين! تون پيارَ جي ٻولي،
    شبانه منجهه ڳائين ٿو!


    ڪجهه تو نڀايو آهي ڪجهه مون نڀايو آهي،

    ڪجهه تو نڀايو آهي ڪجهه مون نڀايو آهي،
    سِڪَ جو سفر سمورو سرتا! سجايو آهي.

    شامل رضا نه دل جي جنهن واٽَ تي رهي ٿي،
    سا وِکَ اجائي آهي سو دڳ اجايو آهي!

    دم دم گڏي گذاريو دڳ دوستيءَ ۾ جيڪو،
    پل پل حيات جهڙو ڪاٿي ڀلايو آهي!؟

    هڪ سارَ سُونهن تنهنجي ساهَن جيان رهي ٿي،
    ڇا ڇا نه زندگيءَ ۾ باقي وڃايو آهي!؟

    تارن جي ڇت هيٺان ميلاپ ٿيو اکين جو،
    مس مس دکي دلين کي اڄ چينُ آيو آهي!

    تن کان ئي سُورَ آيا، سوغات ٿي شبانه،
    جن لاءِ روز جهومي دل گيتُ ڳايو آهي!


    ٻُڌي ڀي پَيا ڄڻ پڪارون نه سمجهن!

    ٻُڌي ڀي پَيا ڄڻ پڪارون نه سمجهن!
    اُهي قربَ ۾ جي ميارون نه سمجهن!

    ٿيا جيءَ نفرت خزائن جا عادي،
    صفا پيارَ، سِڪَ جون بهارون نه سمجهن!

    ڀلا پيارَ جون ٻوليون ڪيئن ڄاڻن؟
    پکين جون مٺيون جي تنوارون نه سمجهن!

    پُکي منجهه مايوس ماتام آيو،
    طبيبا دُکي دل جو دارون نه سمجهن!

    کڻان. ساهَه ڪهڙا سبب ريءَ ساڻا،
    سڄڻ جون اگر ٿا سنڀارون نه سمجهن!

    شبانه! جُڳتَ جو رهيو دردُ تن ۾،
    اکين جون اياڻا، نهارون نه سمجهن!


    عيدَ جي چنڊَ جو ڪهڙو اوسيئڙو!؟

    عيدَ جي چنڊَ جو ڪهڙو اوسيئڙو!؟
    ڪونه آيو پرين آهي پانڌيئڙو!

    نيڻ راهون تَڪيندي وَهي هِن پَيا،
    رات ٻاري رکيو آس جو ڏيئڙو!

    ذات ڪهڙي اسان جي نه ڪنهن سان مِٽي،
    هيکلو ٿو جيئي جيءُ جوڳيئڙو!

    ڪو سُڃاڻي نه ڄاڻي کَڻي ڏيهَه ۾،
    چار ويلا ڪَٽي ويندو هر جيئڙو!

    درد ڪوئي دلاسو نه ٿو ڏي پرين!
    آءُ، مايوس آهي ٿيو هينئڙو!

    ويلَ ڪائي اڪيلي نه ٿي دل ٿئي،
    خيال تنهنجو شبانه آ ساٿيئڙو!


    عيد جي رات تڙپيا بُکيا ٻارَ وو،

    عيد جي رات تڙپيا بُکيا ٻارَ وو،
    ڪير تن جا اُگهي نيرَ نيسارَ وو!؟

    اي خدا! ڪيئن تو سُور تن جو ڏٺو!؟
    جن جي ناهي خدائيءَ لڌي سارَ وو!

    لاڙُ، ڪاڇو، اُتر، ٿَر سڄي سنڌ تي،
    ڪَرِ، سُکن جي تون ڏاتار، وسڪارَ وو!

    ڪا نماڻي حياتي، رَڙي وئي هتان،
    ڪينَ توکي لَکا پئي ڇو سنسارَ، وو!؟

    پَرُ ٽِيون وَرُ پٽيندي ويو پاڻ جو،
    آسَ آهي کُٽن هيل آزارَ وو!

    واعدا تو اچڻ جا شبانه! ڪَيا،
    آهي تو وٽ رهي ڪيئن ويسارَ وو!؟


    عُمر هڪڙي آ پيارَ ۾ گهاريون،

    عُمر هڪڙي آ پيارَ ۾ گهاريون،
    نفرتن کي هميشه ويساريون!

    ڪو پَٽيل نَنهُن نه ٿا سگهون جوڙي،
    پوءِ رب جي بَندي کي ڇو ماريون!؟

    ساڙَ کي ساهَه ۾ رکي ڇا لئه،
    پاڻ لئه ٿا وڌايون بيزاريون!؟

    قُربَ جي ناوَ ٿي ٻُڏي سامهون،
    اُٿ، اِنهيءَ کي هلي اسان تاريون!

    آسَ انوارُ ٿي رهي جڳَ ۾،
    نيڻ پنهنجا پِيا ٻَري ٻاريون!

    ياد جيڪي اَچن نه ٿا دل کي،
    ڪيئن تِن کي وري وري ساريون!؟

    ڪا شبانه! خوشي نه ٿي وِڪجي،
    کوڙ هِن ڏيهَه منجهه بازاريون!


    ريءَ تنهنجي اَلا، عيدَ گُذري وئي،

    ريءَ تنهنجي اَلا، عيدَ گُذري وئي،
    سُورَ ڏيئي ٿَها، عيد گذري وئي!

    وقتَ جا پيرَ ڪنهن لاءِ رُڪندا نه هِن،
    مَنَ گُهريا، تو سِوا عيد گذري وئي!

    نيڻَ اُلڪن ڀريا راهَه ڏسندا رهيا،
    آسَ ۾ دلربا، عيد گذري وئي!

    تون نه آئين نه آئين نه آئين پرين!
    رندَ رُويو ڏِٺا، عيد گذري وئي!

    چينَ جو ڪوئي چارو نه آيو نظر،
    دردَ سان پُرُ مِٺا، عيد گذري وئي!

    دل شبانه! لڳي ماتمي پِڙُ پيو،
    ٿِيا وڇوڙا ڪَٺا، عيد گذري وئي!


    سُورَ ٽاڪي ڪَري مَنُ سجائي ڇڏيو،

    سُورَ ٽاڪي ڪَري مَنُ سجائي ڇڏيو،
    چينَ مون ڏي اَچڻ جو گهٽائي ڇڏيو!

    مون ته توکي نگاهُن سان ڏاڍو سَڏيو،
    ڇو الائي ڏِسي تو لنوائي ڇڏيو!؟

    عمر جي جهولَ ٿي نيٺِ خالي وئي،
    وقتَ جي واٽَ تي سَڀُ وڃائي ڇڏيو!

    ساڀِيان ڪونه اوڏو اچي ٿي اڃان،
    آسرن جو اسان کي ٿَڪائي ڇڏيو!

    قربَ محفل اندر نانءُ تنهنجو اُٿيو،
    نيڻَ، دل، سِرُ ادبَ سين جُهڪائي ڇڏيو!

    حالُ دل جو شبانه! ونڊيو ڏات سان،
    سُورُ جيڪو هئو سڀ ٻُڌائي ڇڏيو!


    اسان جي لئه متان ڏسو زمينَ آسمانَ کي،

    اسان جي لئه متان ڏسو زمينَ آسمانَ کي،
    اسان ڇڏي ڏنو پرين! هِتان هُتان جهانَ کي.

    اسان جا سُورَ ٿو سُڻي مگر خموش حال سان،
    نه ٿو پُڇي نه ٿو ڪُڇي ڪجي ڇا بي زبانَ کي!؟

    حيات چُپ ڏکي پئي لُڇي پئي لکي پئي،
    آ درد هر زمان جو سَنڀالجو بيانَ کي!

    اسان رهون نه يا رهون جهانَ جي اکين اڳيان،
    اسان جو پنڌ، پيارَ جي نه ڊاهجو نشانَ کي!

    شبانه خواب ۾ ڀلي اڏار ڪر تون هر پهر،
    وسارجان نه پر ڪڏهن مٽيءَ جي شانَ مانَ کي!


    نيڻن ۾ ٿا تاتِين ڪيڏا وک وک تي ارمانَ،

    نيڻن ۾ ٿا تاتِين ڪيڏا وک وک تي ارمانَ،
    هوڏ ڇڏين پر ڪينَ ڪڏهن ٿا ويچارا انسانَ!

    بيڏوهي ويا ماريا آهن واٽن ويندا رات،
    سڙندي ارتين ساڻُ رڙن ٿا دلين ۾ شمشان!

    عشقُ اڙانگو ظاهر آهي عشق ۾ جيوَن! جوتِ،
    جوتِ ازل جي مُور نه سمجهن ماڻهو! سي نادانَ!

    ڪيئن بچائي دل ڪو پنهنجي تنهنجي نيڻن کان؟
    نيڻ نظر ۾ قهري آهن، ڪانَ نسورا ڪانَ!

    مونکي ڏي تون سُور شبانه، تنهنجو سُور سُرور،
    ڀانئيان ويٺي تنهنجا سارا، گوندرَ مان احسانَ!


    پنڌُ ڇو ٿا ڇڏيو ڌرتتيءَ کان ڊِڄي!؟

    پنڌُ ڇو ٿا ڇڏيو ڌرتتيءَ کان ڊِڄي!؟
    ڇو مرڻ ٿا گُهرو زندگيءَ کان ڊِڄي!؟

    عشق ميهارَ، سهڻيءَ جو ترندو رهيو،
    سِڪَ نه پٺتي هَٽي جو نديءَ کان ڊِڄي!؟

    سُورَ ايندا گهڙيءَ لاءِ ڇا ٿي پيو؟
    روئبو ناهي اوکي گهڙيءَ کان ڊِڄي!؟

    مون ته شعرن ۾ آهي رکيو پيارَ کي،
    ساڙَ جون ويون اکيون شاعريءَ کان ڊِڄي!؟

    سنڌ واسي! ٿِيون قربَ ۾ جي ڪَٺا،
    دشمني پاڻَ ويندي ٻڌيءَ کان ڊِڄي!؟

    ڇو شبانه ڇڏي خيال اُجرا سڀئي،
    لوڪَ جي ذهنَ ۾ گندگيءَ کان ڊِڄي!


    نه ساڙ سرخرو ڪيو نه پيار چار پر ڏنا،

    نه ساڙ سرخرو ڪيو نه پيار چار پر ڏنا،
    نه خيال ديپَ ٿي سگهيا نه ماٺ لُڙڪ جر ڏنا!

    نه چينُ چاشني چَکي، نه ٽوهَه کان لطف مليو،
    عجيب جا بَجا هي تو حيات! ڇا پَهرَ ڏنا!

    تنين ته ٺوڪرون ڏنيون اسان کي ديس ۾ اچي،
    جنين کي ڪالهه قرب جا اسان بنائي گهرَ ڏنا!

    اسان پڪار جا ڪئي اها وڃي فلڪ رَسي،
    زمين پر الائي ڇو دريون ڏنيون ۽ درَ ڏنا!

    ڏِجي ميار لوڪ کي چڱو شبانه ڪونه آ،
    برهه اسان کي هر قدم عذاب آڳ بَر ڏنا!


    راتَ جي پيٽَ ۾ اويلي آ،

    راتَ جي پيٽَ ۾ اويلي آ،
    هيکلائي سچي سهيلي آ!

    ڀونئر مايوس ٿي پيا آهن،
    نِردئي تو پَٽي چنبيلي آ!

    روحَ جي راهَه تي پئي نڪري،
    سُور جي بي گناهه ريلي آ!

    حالُ دل جو ڏيان پئي هِنَ کي،
    ڏات مون لاءِ ٻانهَن ٻيلي آ!

    ڪو سهارو ڪڏهن رهيو ناهي،
    زندگي ڏيهه ۾ اڪيلي آ!

    روز ڪوئي ٿئي پيو گهايل،
    گُهورَ تنهنجي به ڄڻ گليلي آ!

    ڪو شبانه! ٻُڌي نه ٿو دل جي،
    پرکَ سکڙن جي ڏنجهه ڀيلي آ!


    مصيبت هي ناهي نه گهٻراءِ جاني!

    مصيبت هي ناهي نه گهٻراءِ جاني!
    محبت ڪيون ٿا جيئڻ لاءِ جاني!

    ڏکن ۽ سکن جي پئي مند رهندي،
    اداسي اکين ۾ نه ترساءِ جاني!

    اها ماٺ تنهنجي ڪِٿي چين ڏيندي؟
    ڪري ڳالهيون چار ڳالهاءِ جاني!

    گهڻا ڏينهن ٿيئڙا ڏٺو اَکِ نه ڳوڙهو،
    وڃي ساهُه ڀرجي تون ايذاءِ جاني!

    جِتي ساهَه پنهنجا اُتي تات تنهنجي،
    ڪَٺو آهين مون ساڻ هر جاءِ جاني!

    ڪَري بسم الاهيون شبانه مڃيندي،
    کِلي ڪجهه چپن ساڻ فرماءِ جاني!


    هٿن ۾ هئو وقت نڪري ويو،

    هٿن ۾ هئو وقت نڪري ويو،
    پکيئڙو جوانيءَ جو اُڏري ويو!

    اَچي آسرن ۾ اَڇا وارَ ٿيا،
    سچي نينهن جو دئور گذري ويو!

    پنا ڪونه آهن جو ميڙي وَٺان،
    قصو درد جيوَن جو وِکري ويو!

    نِهاري سَڏي قرب مان چار پل،
    گڏي کيرَ ۾ ڄڻ ته مصري ويو!

    شبانه بچو ساهَه جو سلسلو،
    ٻيو سڀ ڪِٿي آهي وسري ويو!؟


    ديدَ، درشن جي ٿيندو پرين!

    ديدَ، درشن جي ٿيندو پرين!
    چينُ تَنَ مَنَ کي ايندو پرين!

    پيرَ بي نُورُ پنهنجا اڳي،
    وقت ڪيڏانهُن نيندو پرين!؟

    حوصلو هانوَ سان هَلُ کَڻي،
    دردَ جو دئورُ ويندو پرين!

    جي وِڇوڙي وَتو جيءَ کي،
    پوءِ ماري ڇڏيندو پرين!

    تو سِوا دل ۾ جُهوپو اَچي،
    ڪين ڪوئي اَڏيندو پرين!

    سُورَ ويلي عمر هيکلي،
    حوصلو ڪيرُ ڏيندو پرين!؟

    رات ساري شبانه! رهيو،
    ساهُه توکي سڏيندو پرين!


    قلم ۽ قدم جي سفر ساڻ آهيون،

    قلم ۽ قدم جي سفر ساڻ آهيون،
    ازل کان وفا جي اکرَ ساڻ آهيون!

    ڏسون ٿا لِکون ٿا لُڇون ٿا زمانا!
    سدائين وزن ۽ بحرَ ساڻ آهيون!

    وِڃايون نه ٿا ساعتون سونَ جهڙيون،
    سچي زندگيءَ جي پَهَرَ ساڻ آهيون!

    رکي سنڌ سامهون سِٽيون شاعري ٿا،
    اُتر، لاڙ، ڪاڇي ۽ ٿرَ ساڻ آهيون!

    ٻيائيءَ جي ٻولي ڪريون ڪينَ ڪو دم،
    محبت جي مٺڙي ثمرَ ساڻ آهيون!

    پَسون ٿا شبانه! نه ئي عيب ڪِنهن جا،
    رهيا نيڪُ پنهنجي نظرَ ساڻ آهيون!


    انسانَ جو عمل ۽ ڪردارُ دَرسُ آهي،

    انسانَ جو عمل ۽ ڪردارُ دَرسُ آهي،
    هِڪُ اَڌُ نه پر سمورو سنسارُ دَرسُ آهي!

    منزل اڃا پري آ واٽون وڏيون وڏيون هِن،
    ويساهَه جي رندن تي انڪار دَرسُ آهي!

    کيڏي پيو مٽيءَ سان نفرت رکي نه دل ۾،
    ٻُڍڙا، جوانَ سمجهو هي ٻارُ دَرسُ آهي!

    “موهن” هجي يا “مَڪلي” قلعو هي “ڪوٽڏيجي”،
    تاريخ جي مِٽيءَ جو آثارُ دَرسُ آهي!

    تن من پيو جو ٺاري سنسارَ کي جيئاري،
    سڀ لئه شبانه! سُندر هي پيار دَرسُ آهي!

    * موهن، مڪلي، ڪوٽڏيجي: تاريخي جايون


    ماءُ ارپي آهي لولي پيارَ جي،

    ماءُ ارپي آهي لولي پيارَ جي،
    ٿي اَچي هِڪڙي ئي ٻولي پيارَ جي!

    ڪيَن اوڏو باهِه نفرت جي اچي،
    شل رهي هر سائي جهولي پيارَ جي!

    نيڻَ تنهنجا سمنڊ گِهرو نينهَن جو،
    مُرڪ تُنهنجي آهي ڇولي پيارَ جي!

    رنگَ نِکرن پيارَ جا هر جيءَ ۾،
    سَڀُ ملهايون خُوب هولي پيارَ جي!

    ڇو پيو بارودُ اُلفت ۾ گَڏين؟
    ناهي ٿيندي ڪا به گولي پيارَ جي!

    تون شبانه! خوف ۾ ڇو ٿي رهين؟
    ڪر سفر، هر واٽ سولي پيارَ جي!


    آءُ هِڪوار روز ساريندين،

    آءُ هِڪوار روز ساريندين،
    ڪينَ “مورو” ڪڏهن وساريندين!

    ميلَ محبت جا زندگيءَ وانگي،
    تون وڃي ڏُورُ نيٺِ ماريندين!

    ويل وڇڙي نه اَڄ گذارين ٿو،
    عمر ڀر ڌارَ ڪيئن گهاريندين!؟

    وقتَ سيلاب ۾ ٻُڏي پيئي،
    نا خُدا! زندگاني تاريندين!؟

    آنءُ تنهنجي ٿي ويجهڙي ويهان،
    هڪ نظر پيارَ سان نهاريندين!؟

    ديسُ اونداهه ۾ پيو گُهٽجي،
    خيالَ روشن عمل سان ٻاريندين!؟

    مان شبانه! پري وڃان پيئي،
    سارَ سان چارِ نِيرَ هاريندين!؟

    * مورو: منهنجي جنم جاءِ


    نيڻَ تنهنجا حوصلا ڏيندا رهيا،

    نيڻَ تنهنجا حوصلا ڏيندا رهيا،
    دردَ کي هِن فاصلا ڏيندا رهيا!

    مان شڪايت ڪيئن ۽ ڪنهن سان ڪيان؟
    سُورَ دل جا دادلا ڏيندا رهيا!

    ساهَه ۾ سنجيدگي چنبڙي پئي،
    خيالَ دل کي زلزلا ڏيندا رهيا!

    وقتَ جون واٽون وَڄي آهِن ويون،
    لکَ صدائون قافلا ڏيندا رهيا!

    ڪا گهڙي مايوس ناهي گهارڻي،
    شعرَ پنهنجا فيصلا ڏيندا رهيا!

    روحَ جا رِشتا شبانه! جيءَ کي،
    ڌرتتيءَ ۾ ڇانوِرا ڏيندا رهيا!


    الائي ته ڪاٿي کُٽي هي سفر؟

    الائي ته ڪاٿي کُٽي هي سفر؟
    نه ڄاڻان ڏکن جو اديون، مان بَحر!

    اکين ۾ اڃارو بيابان آ،
    اميدن ۾ ساڳيو سکن جو شهر!

    وري ڀي ته جيئڻو پوي ٿو پرين،
    وڇوڙن بڻائي حياتي زهر!

    خبر ڪانه آهي گهڙي ٻي مِلي،
    اڃان ويهُه، گهاريون پريتم پهر!

    ڏِسان ٿي ڏُکارا اندر ۾ سڀئي،
    سَهَن ڪيئن ماڻهو! پيا هي قهر!؟

    مٿان ڌرتتيءَ جو تِکو تاءُ آ،
    ڏِنو قسمتن هي ڏکن جو ڏهر!

    شبانه! سياهه رات کان ڏر نه تون،
    اِجهو هُو اچي ٿو صبح جو سحر!

    * ڏهر: جبل جي وچ ۾ خالي ميدانُ


    تاتِ تنهنجيءَ ۾ هانءُ هُرندو آ،

    تاتِ تنهنجيءَ ۾ هانءُ هُرندو آ،
    روز تو ڏانهُن ساهُه سُرندو آ!

    ڏُور توکان حياتِ بي معنيٰ،
    ساٿُ تنهنجو هي جيءُ گهرندو آ!

    آ ازل کان ئي وقت تارازي،
    آدميءَ جو عمل به ترندو آ!

    دردُ تِنهن ويل ٿو لُڇائي دل،
    جنهن گهڙيءَ چنگ چاهُه چُرندو آ!

    سُورَ جي سَٽَ سَهي نه ٿو ماڻهو!
    هينئڙو ڀورِ ڀورِ ڀُرندو آ!

    آس جو گهر شبانه! قائم پَرَ،
    جيئڙو فرقتن ۾ جُهرندو آ!


    ڇا جا رِشتا ڪُوڙا سارا ساهُه اڪيلو آ،

    ڇا جا رِشتا ڪُوڙا سارا ساهُه اڪيلو آ،
    قائم دائم دل ۾ هِڪُ الله اڪيلو آ!

    ساهُه گُهري ٿو پيارَ پچارون ساڙولي جڳ ۾،
    ساٿي سُورن ۾ ٿيو ڪهڙو چاهُه اڪيلو آ!

    واٽن تي ويچاريون وکڙيون واريءَ تي ڏورن،
    مون سان منهنجو پاڇو ئي همراهُه اڪيلو آ!

    شعرن جي فهرست بڻايو ساري عالم جي،
    عينُ اڪابر مڙني ۾ ڀٽ شاهُه اڪيلو آ!

    ٺاهَه ٺڳيءَ ۾ لوڪ شبانه! ساٿين سان آهي،
    سُورَ سچائيءَ ساڻ رهيو ويساهُه اڪيلو آ!


    ناهي ٿيندي ٿورڙي ڪا زندگاني پيارَ جي،

    ناهي ٿيندي ٿورڙي ڪا زندگاني پيارَ جي،
    سنڌ جي درياهَه وانگي رُخ، رواني پيارَ جي!

    پيارَ مون کان هر پهر نغمو لکايو پيارَ جو،
    ڏات منهنجي ٿو وڌائي مهرباني پيارَ جي!

    سُورَ، سُڏڪا، آهَه، اُلڪا جيءَ منهنجي سان رهن،
    ساهَه ۾ سانڍي رکي مون هر نِشاني پيارَ جي!

    وقت سان ويندي هلي اچ قرب جا ڪلما پڙهون،
    چارِ ويلا زندگاني جهٽَ، جواني پيارَ جي!

    ڪينَ ڪجهه ڀي ٻيو شبانه، دل سڄڻ طلبي پئي،
    جا بَجا آهي نماڻي دل ديواني پيارَ جي!


    پريت ڀريو بيانُ آهيون،

    پريت ڀريو بيانُ آهيون،
    صداقتن جو جهانُ آهيون!

    جِتي ڪِٿي هِن اسان جون وايون،
    زمين ۽ آسمانُ آهيون!

    اچي ٿيا دردَ دل جا ڀاتي،
    اسان ڏُکن جو مڪانُ آهيون!

    وَڃي به وسري سگهون ڪٿي ٿا؟
    اسان زمانا! زمانُ آهيون!

    عمل نه جنهن جو پُڄي اسان کان،
    ڪندا نه اهڙو گيانُ آهيون!

    رهي شبانه! پچارَ سَچَ جي،
    ڪندا نه جڳ جو زيان آهيون.


    مِٽي ٿي ڳالهائي مِٽي ٿي ڪنائي،

    مِٽي ٿي ڳالهائي مِٽي ٿي ڪنائي،
    مٽي، سُورُ تنهنجو مِٽي ٿي ٻُڌائي!

    سڄو ڏيهُه سرهاڻ ڀاسي پيو ٿو،
    گلابن کي خود سان مِٽي ٿي گڏائي!

    نه ٻي ڪا به جيوَتَ بشر وانگي آهي،
    ازل کان ئي افضل مِٽي ٿي سڏائي!

    ڪَجي موت کان خوف ڪهڙو خدارا؟
    مٽيءَ کي مٽيءَ سان مٽي ٿي ملائي!

    اڇي پائي پوشاڪَ اُڏري ٿو ماڻهو!
    الئه ڇو مٽيءَ کان مِٽي ٿي لنوائي؟

    شبانه! اِهو درد ماري پيو ٿو،
    مٽيءَ کي ازل کان مٽي ٿي ڏکائي!


    ڪِينَ ڪنهن کي مِليون هِن وفائون هِتي،

    ڪِينَ ڪنهن کي مِليون هِن وفائون هِتي،
    درد ماري نه دل، ڏي صدائون هِتي!

    ڪيئن ڪوئي کَڻي ساهَه سُکَ جو ڪڏهن،
    مينهن وانگي وَسن ٿيون جفائون هتي!

    سُورَ توکان وَٺي ساءُ توکي ڏيئي،
    ڪونه اهڙيون ڪندو آ سخائون هتي!

    روز جهوليون اُجاڙيون وڃن ٿيون لَکين،
    نِيرَ رَتُ جا وهائن ٿيون مائون هِتي!

    دردَ پنهنجا کڻي جيئڙا ٿا هَلن،
    ڪيئن تنهنجون پڙهي ڪو ڪَٿائون هتي!

    ويرُ ڪنهن سان رَکان ساڙ ڪنهن کان سِکان؟
    چار ڏينهڙا شبانه! هان آئون هتي!


    ڏُکڻ جي کِلڻ جي اِها ويل آهي،

    ڏُکڻ جي کِلڻ جي اِها ويل آهي،
    ڇڄڻ جي مِلڻ جي اِها ويل آهي!

    اڃان ساهُه سُر پُر ڪري ٿو لِڱن ۾،
    اڳي ڪجهه وڌڻ جي اِها ويلَ آهي!

    اوهان جون نگاهون ڏِسي قلب سوچي،
    اکين کان ڪُسڻ جي اِها ويلَ آهي!

    سڀاڻي هُجي ڪيرُ ڪنهن کي پَتو آ؟
    اچو جي اَچڻ جي اِها ويلَ آهي!

    شبانه! سڄو ساهَه جو آهي چرخو،
    ٺهڻ ۽ رُسڻ جي اِها ويلَ آهي!


    حوصلن سان گذاري حياتي! ڏِسون،

    حوصلن سان گذاري حياتي! ڏِسون،
    آسَ جا ديپَ ٻاري حياتي! ڏسون.

    نيٺ ڪهڙو مزو ٿو ملي پاڻ کي؟
    جيءَ جڳ ۾ جِياري حياتي! ڏسون.

    پيارَ جي ڏيهَه مان سڏ سُڻي ڪو مَتان،
    پيارَ سان ٿا پُڪاري حياتي! ڏسون.

    هر قدم تي سُکيو وقتُ گهاريو گهڻو،
    درد مندن سان گهاري حياتي! ڏسون.

    وري پيارَ جون ٿا پَچارون ڪيون،
    پٿر دل پِگهاري حياتي! ڏسون.

    لوڪُ اونداهِه ۾ ٿو شبانه! مَري،
    قربَ جي لاٽَ ٻاري حياتي! ڏسون.


    اڃان تون نه آئين نِهارون پُڇن ٿيون،

    اڃان تون نه آئين نِهارون پُڇن ٿيون،
    وڇوڙن جون قاتل ترارون پڇن ٿيون!

    اِهي توکي هِڏڪيون ڏنيون هيتريون ڪنهن!؟
    سڀئي ساهَه جون ڄڻ سَنڀارون پڇن ٿيون!

    وسارڻ وطن کي وڏو ڏوهه آهي،
    مٽيءَ جون به آخر مَيارو پڇن ٿيون!

    نه ٿو ڪو سُڻي ڇو ڪنن جي به هوندي؟
    دُکي دل جون پَڄري پُڪارون پڇن ٿيون!

    شبانه! اُداسي اڃان ڇو اکين ۾!؟
    سوا تنهنجي جاني، بهارون پڇن ٿيون!


    ڌرتتي او ڌرتتي - ڌرتتي او ڌرتتي!

    ڌرتتي او ڌرتتي - ڌرتتي او ڌرتتي!
    پيرَ پنڌن ڪيا پِٿون تون نه ايڏو تاءُ ڏي!

    ساڙ جي ٻولي لڳي هانوَ ۾ گولي پئي،
    هنجَ پنهنجيءَ ۾ رَکي مون کي لولي ماءُ! ڏي.

    تو گُهرڻ کان ئي سِوا سڀ ڏنو آ ڏيهَه کي،
    بي قياسن کي خدا! ٿورڙو ڪهڪاءُ ڏي.

    فرقتن جي آڳ ۾ زندگي سڙندي رهي،
    وِصل جي هِنَ واٽَ تي ڪجهه گهڙين جو ساءُ ڏي!

    جِيتَ سکڙن جي دڳن تي رهي تنهنجي پرين،
    اڄ شبانه! دردَ جو مون کي جيتڻ داءُ ڏي!


    عشق اگني نه چئه هي ٿڌو آبُ آ،

    عشق اگني نه چئه هي ٿڌو آبُ آ،
    عشق انسانيت جو سچو باب آ!

    عاجزي، نياز ۽ قرب بهتر ڀلو،
    چار ڏينهن لئه ڇو رعب ۽ تاب آ!؟

    سُورَ وارن کان پُڇ عمر جي ساڀيان،
    چينَ وارن جي لئه زندگي خواب آ!

    عمر جنهن پل پچي ٿي وڃي تنهن گهڙي،
    موت جيوَن جو لاهي ويندو لاب آ!

    پوءِ ڪهڙي حياتي اُها ڏيهَه ۾؟
    جنهن ۾ شامل سچو ڪونه احباب آ!

    ڇو شبانه! اُفق ڏي ڏسان مان جڏهن،
    منهنجو محبوب ڌرتيءَ تي مهتاب آ!


    پِيا! تون پري کان پُڪارون نه ڏي،

    پِيا! تون پري کان پُڪارون نه ڏي،
    اندر کي وڍيندڙ سنڀارون نه ڏي!

    اڃان پيارَ جا پيچرا ساڻ هِن،
    ٿَڪيو ساهُه ناهي مَيارون نه ڏي!

    اڙي سوچ انسان! هڪ ڀُونءِ آ،
    فسادن جون وچ تي هي تارون نه ڏي!

    ڏکن ساهه ساڻو ڪَيو ٿَس اڳي،
    وڇوڙا! جڏيءَ کي تون مارون نه ڏي!

    ڀلي ڪر نه ويساهُه تون قرب ۾،
    گمانن سان دل منجهه ڏارون نه ڏي!

    شبانه! اِهي گهاوَ گهرجن نه ٿا،
    دکيءَ کي کڻي ويڄ، دارون نه ڏي!


    وَڏي ٿي وئي آ ملڻ ۾ وِٿي!

    وَڏي ٿي وئي آ ملڻ ۾ وِٿي!
    ڪئي وقت ڪاٿي ڇِنڻ ۾ وِٿي!

    ڏُکن جي پٺيان ٿا اچن روز ڏکَ،
    اچي ئي نه ٿي ڪا ڏکڻ ۾ وِٿي!

    نراسا نراسا ڪٽيان ڏينهڙا،
    وڇوڙن وڌائي کلڻ ۾ وِٿي!

    نه ڪو پل سُکن جو مان سنڀران ڪڏهن،
    سڄڻ! آءُ ٿيندي لُڇڻ ۾ وِٿي!

    گهڙيون ريءَ تنهنجي زهر وانگيان،
    شبانه! مِلي ڪر مرڻ ۾ وِٿي.


    وقتَ ويڇا وڇائي ڇڏيا واٽَ ۾

    وقتَ ويڇا وڇائي ڇڏيا واٽَ ۾،
    خيالَ سارا مُنجهائي ڇڏيا واٽَ ۾!

    ساٿَ پلَ ۾ ٽٽي يادگيريون ٿيا،
    دردَ جهوپا اڏائي ڇڏيا واٽَ ۾!

    زندگي ڀر وچن جنهن وفا جا ڪَيا،
    تنهن ئي جذبا ڏُکائي ڇڏيا واٽَ ۾!

    لوڙ، لالچ نه ٿي پاڻ کان ٻي پُڄي،
    سُورَ صدما ڪمائي ڇڏيا واٽَ ۾!

    ڀُونءِ تي بارُ ٿو جيءُ پنهنجو لڳي،
    رُوحَ، راڻا! رنجائي ڇڏيا واٽَ ۾!

    پنڌ نبري شبانه! نه ٿو پاڻَ کان،
    حوصلا جو وڃائي ڇڏيا واٽَ ۾!


    زندگي! توکان شڪايت ٿئي نه ٿي،

    زندگي! توکان شڪايت ٿئي نه ٿي،
    پاڻ کان ڪنهن لئه اَداوت ٿئي نه ٿي!

    ويهَه واٽون ڀي ٿين ظاهر مگر،
    پيارَ کان پو ڀي بغاوت ٿئي نه ٿي!

    ڏيهَه ساري جي ڪئي سُون رهبري،
    پاڻ لئه پيارا! امامت ٿئي نه ٿي!

    دؤر ڪهڙو ڀي هُجي ناهي ڊِنو -
    عشق وانگي ڪنهن ۾ طاقت ٿئي نه ٿي!

    پيارُ هرڪو پيو ڪري آزاد ٿي،
    عام جڳ ۾ ڇو روايت ٿئي نه ٿي!

    مان شبانه! ورد ڇڏيان قربَ جو،
    دل ۾ پيدا اهڙي عادت ٿئي نه ٿي!


    حياتيءَ جي هوندي گذاريو پري،

    حياتيءَ جي هوندي گذاريو پري،
    اسان کان رهي ڇو ٿا ماريو پري!؟

    اچو هاڻ سُکڙا وَريا هِن وَري،
    ڏُکن ۾ گهڻو جيءَ گهاريو پَري!

    وساريون اوهان کي گهڙي هڪَ نه ڪا،
    سدائين اوهان کي سنڀاريو پَري!

    وڏي وقتَ کان ٿي نه هِڏڪي اچي،
    اسان جا نه ٿا ساٿَ ساريو پَري!

    شبانه! ڪِٿي روشني ٿي پُڄي،
    اوهان ڀي وڃي ديپُ ٻاريو پَري!


    زندگي، موت جو ڪونه احساسُ آ،

    زندگي، موت جو ڪونه احساسُ آ،
    پاڻ تي ڀي رهيو ڄڻ نه وشواس آ!

    رُوحَ سان روز ماري ٿو انسانَ کي،
    ڪيترو ٿي پيو لوڪ بي قياس آ!

    نيڻَ تنهنجا سکيا! ڪيئن سگهندا پڙهي؟
    درد جو دل لکيو روز اتهاس آ!

    هيکلايون ڏکائن نه ٿيون جيءَ کي،
    دائمي منهنجو ڀاڱو ٿيو بنواس آ!

    چار بوندون وِڄون هِن وُٺيون ڀُونءِ تي،
    چنڊ تارن بِنا ڪهڙو آڪاس آ!؟

    آهي نَس نَس شبانه، وئي واسجي،
    پيارُ اهڙو ڏنو هر گهڙي واس آ!


    رکون عشق تي پاڻ ايمانُ اُجرو!

    رکون عشق تي پاڻ ايمانُ اُجرو!
    لڳي ٿو انهيءَ لاءِ انسان اُجرو!

    گمانن جي ڪاراڻ کان ڏي ته آجو،
    وڻي ٿو ملي ڪاش ارمانُ اُجرو!

    ٿئي باقي ميرو گهڻو ٿو دنيا ۾،
    ازل کان رهيو آهي عرفانُ اُجرو!

    سونهين سلطنتت ڀي انهيءَ کي هميشه،
    رهيو جيڪو دل جو آ سلطان اُجرو!

    شبانه! مندي ڪين ڪنهن ڪاڻ سانڍي،
    رهي روحُ پنهنجو ٿو رحمانُ اُجرو!


    ٻاٽَ آهي ته ڇا لاٽَ ٻاري وِڌو،

    ٻاٽَ آهي ته ڇا لاٽَ ٻاري وِڌو،
    ڪُوڙ سچ جي هٿن ساڻ ماري وِڌو!

    ڪوئي پنهنجو ته وِسري نه ٿو جاچيو؟
    ساٿ، ساٿيئڙا! پاڻ ساري وڌو.

    ڏاڍَ کان ناهي ڏرڻو ۽ مرڻو ته پوءِ -
    مشڪلاتون همت ساڻ ٽاري وڌو!

    نيٺ ماحولُ گونجار ٿيندو سڄو،
    شاعرو! شعر سارا اُڏاري وَڌو.

    وقت جي واٽَ مِهڻا ٿي ايندي اڳيان،
    ڇو پراڻا سنگي ٿا وساري وڌو!؟

    پو شبانه! پري ماڳ ڪونهي سڀئي،
    سنڌ جي لاءِ گڏجي پُڪاري وَڌو!


    حوصلن جي اک هئس انوارُ جو -

    حوصلن جي اک هئس انوارُ جو -
    ماڳ ائين ڳولهي لَڌو آ اڻ لکي!

    رات ڀر برسات ۾ ڀِڄندو رهيو،
    وڌ نڀايو ساٿ محلن کان پَکي!

    نانگ جو ناهي زهر دارون ٿئي،
    آدمي ٿو آدميءَ کي جو ڪَکي!

    ڇو پرايون تون پچارون ٿو ڪرين؟
    تون به رک ڪنهن جي ته ڪو تنهنجي رکي!

    ذائقو ڄاڻي اُهو ڪوڙاڻ جو،
    ٽوهُه چپڙن سان پيو جيڪو چَکي!

    ڇا شبانه! حالتون توکي ڏسيان؟
    ڏيلَ کي ٿو دردُ جنهن ويلي ٻَکي!


    گهيڙَ گهٽ پاڻَ جا ڊاهي گذريو هِتان -

    گهيڙَ گهٽ پاڻَ جا ڊاهي گذريو هِتان -
    هر ڏِسا خوف آ ڇاهي گذريو هتان!؟

    پيرَ ڪنهنجن مٿان وقتُ جاڳي پيو؟
    رات ڪهڙو مسافر آ گذريو هتان!؟

    ماٺِ ماتامُ سُڃَ ۾ ڪري ٿي پئي -
    ڄڻ لڳي ٿو ته ڪو ناهي گذريو هتان!

    چينَ جون ڳالهيون آنءُ ڪهڙيون ڪيان؟
    ڳاهَه جيئن وقتُ ڀي ڳاهي گذريو هتان!

    ڪوته جوڳي شبانه! هئو ڏيهَه ۾،
    ساهَه ۽ پيرڙا ساهي گذريو هتان!


    وقت کان تيزُ پيارَ جا ويلا،

    وقت کان تيزُ پيارَ جا ويلا،
    ساڻ توسان قرارَ جا ويلا!

    آسَ هر ڪا گلاب ٿي آهي،
    ڏي برهه ٿي بهارَ جا ويلا!

    نيڻ نيڻن کي جام ٿا آڇِين،
    پر لطف هِن خُمارَ جا ويلا!

    ڍالَ ناهي ڪا دل بچايان مان،
    نيڻَ نشتر نهارَ جا ويلا!

    بهشت ڀاسِن پيا پرين! توسان،
    پيا وڌن شالَ پيارَ جا ويلا!

    ويڙهه ويساهَه سان حياتيءَ کي،
    جيتَ ڏيندي، نه هارَ جا ويلا!

    ياد آهين شبانه! دَم وانگي،
    ڪونه ايندا وِسارَ جا ويلا!


    مٿان ڌرتتي ۽ ڏکن جو وِڇاڻو!

    مٿان ڌرتتي ۽ ڏکن جو وِڇاڻو!
    وِرَهه جي گهڙي ۽ ڏکن جو وِڇاڻو!

    اِها ويل ڪيڏا ڪري ويل پيئي،
    سڄڻ جي ڪَمي ۽ ڏکن جو وِڇاڻو!

    عجبُ واٽَ تي موت مون کي گڏيو آ،
    هي دم آخري ۽ ڏکن جو وِڇاڻو!

    الئه ڪيئن ڪٽبي نه ٿي آنءُ ڄاڻان،
    حياتي صدي ۽ ڏکن جو وِڇاڻو!

    سدا انتظارن سان ٻاري رکي مون،
    اِڇا جي بتي ۽ ڏکن جو وِڇاڻو!

    شبانه! خدا ڄاڻي جذبا ڏُکي پيا،
    رُني شاعري ۽ ڏکن جو وِڇاڻو!


    هارَ کان اڳُ تون مڃين ٿو هارَ ڇو!؟

    هارَ کان اڳُ تون مڃين ٿو هارَ ڇو!؟
    حوصلا دَم کان رکين ٿو ڌار ڇو!؟

    تون اچين ٿو ڪينَ ٿي ساڀيان ڪڏهن،
    موڪليئي پو ساهَه جي لئه سارَ ڇو!؟

    وقت آهي مسرتن ۽ ساٿَ جو -
    نيڻَ تنهنجن مان وَهن ٿا نارَ ڇو!؟

    پاڻ هڪڙي روحَ ۾ گڏجي رهون،
    قربَ جي ديوارِ ۾ هِن ڏارَ ڇو!؟

    هُو شبانه! حال ڀي ڄاڻي پيو،
    وارُ “ڏمَ” تي پو ڪيو ميهارَ ڇو!؟

    * ڏَمُ: سُهڻيءَ جي مڙس جو نالو


    پرين! پياريون درازا ۾!

    پرين! پياريون درازا ۾!
    گهڙيون گهاريون درازا ۾!

    اسان ويساهَه اُلفت جون -
    بتيون ٻاريون درازا ۾!

    تڳينديون ڪين هِن ڪو پل،
    دليون ڪاريون درازا ۾!

    انا ۽ هوڏ، هستيءَ کي،
    مٺا! ماريون درازا ۾!

    کڻي باسون اَچن ڪيئي،
    پيون ناريون درازا ۾!

    سڙي دل ساڙ سان ڏاڍو،
    هلي ٺاريون درازا ۾!

    نه ٿا هِردو ڊڄي ڪنهن کان،
    اسان هاريون درازا ۾!

    شبانه! درس منصوري،
    سچو ساريون درازا ۾!


    آنءُ توکان سِوا چنڊ ڪهڙو ڏسان!؟

    آنءُ توکان سِوا چنڊ ڪهڙو ڏسان!؟
    ڏُور تون دلربا! چنڊ ڪهڙو ڏسان!؟

    نيڻَ توسان کڻي چنڊ ڏسندي هيس،
    هيکلي اڄ مِٺا! چنڊ ڪهڙو ڏسان!؟

    پاڻ کان پاڻ ٿي آنءُ آهيان پئي،
    دوست! ڏاڍو خفا، چنڊ ڪهڙو ڏسان!؟

    ساٿَ تنهنجا نه ٿي دل وساري سَگهي،
    نيڻ، دَمُ، دل وُٺا، چنڊ ڪهڙو ڏسان!؟

    بيوفا بيوفا قمستون بيوفا،
    ڪين تون بيوفا، چنڊ ڪهڙو ڏسان!؟

    ڇو شبانه! اکيون ٿيون نه انبر تَڪن؟
    ناهي مون کي لَکا، چنڊ ڪهڙو ڏسان!؟


    رُڳو بحر و وزن آهي،

    رُڳو بحر و وزن آهي،
    فڪر بِن فنُ به فنُ آهي!؟

    نه ٿَس جو ويس خيالن جو،
    ننگو شعري بدن آهي!

    ڪيو جو ڪالهه ڌرتيءَ سان -
    ڪِٿي پاڙيو وچنُ آهي!؟

    وِڪيو ويڄن به پيشي کي،
    رُڳو ايمانُ ڌَنُ آهي!

    چوي ڇا لوڪ ٿو مون لئه،
    اُنهيءَ پاسي نه ڪَنُ آهي!

    ٻچا بُکيا، رکيو پو ڀي -
    ته مرشد لاءِ ڏَنُ آهي!

    سُڃاڻي سُورُ ڪيئن ڪنهن جو؟
    هِتي هرڪو مگنُ آهي!

    سجايو خوبُ ڏس قدرت،
    ستارن سان گگنُ آهي!

    شبانه! پيارُ ئي پاليو،
    ٿِيو ميرو نه مَنُ آهي!


    ٿي رهي زندگي وقتَ جي واتَ ۾!

    ٿي رهي زندگي وقتَ جي واتَ ۾!
    روز گذري گهڙي وقتَ جي واتَ ۾!

    ڇانوِرا ڀي ڪَري وقتُ ٿو جيءَ ٿي،
    ڪو پهر ڌرتتي وقتَ جي واتَ ۾!

    جان پنهنجي ڇڏائڻ ڏکي وقت کان -
    ڪا نه ملندي وِٿي وقتَ جي واتَ ۾!

    وارتا زندگيءَ جي سمائي سَڄي،
    مون لِکي شاعري وقتَ جي واتَ ۾!

    هر گهڙيءَ جو حوالو گهري وقت ٿو،
    عمر پيئي مُنجهي وقتَ جي واتَ ۾!

    دردَ سارا شبانه! عمل ئي ڏِنا،
    ڪِٿِ هُئي ڪا خوشي وقتَ جي واتَ ۾!


    بند ڪريو ذاتِ جو هاڻي قصو،

    بند ڪريو ذاتِ جو هاڻي قصو،
    سنڌ جي ڀي ڳالهه ڪا ڇيڙي ڏِسو!

    هيءُ ههڙو حال ڇو آ قوم جو؟
    مير، پيرن، سامراجن کان پُڇو!

    شعر آهن ظاهري واهوا اندر،
    ديسَ جو ناهي ذڪر ڇا ٿا لکو!؟

    ظلم ڇو چپ چاپ ۾ ويٺا سَهو؟
    ڪِلڪَ ڀي آهي زبان ڀُڻڪو ڪُڇو!

    ديس ساڳيو ويس ۽ ٻولي به هِڪَ،
    سوچيو پيارا! پيا ڪنهن کان رُسو؟

    چسُ شبانه! ڪين ٻِيو اهڙو ڪِٿي،
    سنڌ سان آ نينهن ۾ جهڙو نَشو!


    اِجهو ديپَ دَمَ جا پَلن ۾ اُجهاڻا،

    اِجهو ديپَ دَمَ جا پَلن ۾ اُجهاڻا،
    اِها ئي گهڙي آ هلي آءُ راڻا!

    وري نينهَن ساڳيا نوان ٿي پوَن جي -
    اَچن ڏينهن موٽي پرين، سي پراڻا!

    اڃان روشني آهي، ويساهُه دل ۾،
    بَلبَ آسَ جا ڪينَ آهن وساڻا!

    اسان کي پناهون ڪِٿي ڪيئن ملنديون؟
    هُئا جو اوهان جي اکين ۾ ٺِڪاڻا!

    وئي ڪاڪِ قربن جي اُجڙي اچانڪ،
    سُڃا ٿي ويا محبتن جا وِڇاڻا!

    شبانه! وري ميلَ ميلا مچايون،
    اچن شال موٽي ڀلا ڀاڳَ ٽاڻا!


    ريتن اڳيان نه جُهڪندو هالارُ عشق پنهنجو،

    ريتن اڳيان نه جُهڪندو هالارُ عشق پنهنجو،
    وڌيو اڳتي پيو وڌندو هالارُ عشق پنهنجو!

    لاوا نه سُورَ بڻيا هِن حوصلا اسان سان،
    هر حال ڪونه ٽٽندو هالارُ عشق پنهنجو!

    ڇيڻيءَ جي سازشن سان ڪجهه ڀي ٿيو نه ٿيندو،
    سنسارُ اوچو ڏسندو هالارُ عشق پنهنجو!

    مشڪل اڳيان اچي ڀل ٿي ڀور ڀور ويندي،
    مشڪل ڏِسي نه ڌڏندو هالارُ عشق پنهنجو!

    خود وقت ڀي شبانه! ويڇا وجهي نه سگهندو،
    ڪنهن ويلَ ڪونه کُٽندو هالارُ عشق پنهنجو!


    شورَ دٻجي وڃن، هيکلايون اَچو،

    شورَ دٻجي وڃن، هيکلايون اَچو،
    دردَ دل جا دُکن، هيکلايون اچو!

    ماٺِ سڪرات ڏي ڏاتِ فڪرات ڏي،
    نيڻ ڀرجي وسن، هيکلايون اچو!

    سوڳ اکڙيون ٿيون سُورُ نس نس پَٽي،
    جيءَ جذبا ڏُکن، هيکلايون اچو!

    لوڪَ جي ٽوڪَ کان سانت سچ جي ڀلي،
    ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن، هيکلايون اچو!

    ساهُه چاهي پيو شعرَ گونجار ڪَن،
    خيالَ سندر ٻَرن، هيکلايون اچو!

    دل شبانه! ٿئي گهرُ مصائبَ سندو،
    سُورَ ماتامُ ڪن، هيکلايون اچو!


    رنجُ ڪوئي رنجائي انهيءَ کان اڳي،

    رنجُ ڪوئي رنجائي انهيءَ کان اڳي،
    ٿا ڇڏيون موڪلائي اِنهيءَ کان اڳي!

    چار مُرڪون وکيري وَٺون وقت سان -
    ڏک اچي دل ڏکائي اِنهيءَ کان اڳي!

    نفرتن جو وڌي دونهون سنسارَ ۾،
    قرب وٺجي ڪمائي اِنهيءَ کان اڳي!

    قرب جي قول جو ٿي عمل ٿا پئون،
    وقتُ ويڇا بڻائي اِنهيءَ کان اڳي!

    پاڻَ گيتن سان مَنَ کي نچايون پرين،
    دوري ماتم ڪرائي اِنهيءَ کان اڳي!

    اُٿُ شبانه! سُکن جا کَڻون ساهَه ٿا،
    دردُ ماري ٿَڪائي اِنهيءَ کان اڳي!


    ساري ڪيرُ وساري پيارا!

    ساري ڪيرُ وساري پيارا!
    ڏينهَن وڃون ٿا گهاري پيارا!

    سُورن ساڻو ساهُه ڪيو آ،
    ڳڻتي دل کي ڳاري پيارا!

    اکيون پُوري ويٺا آهيون،
    پنهنجا پيرَ پَساري پيارا!

    ساهَن پنڌ کُٽايو آخر،
    تنهنجا ساٿَ سنڀاري پيارا!

    سامهون ڏانئڻ بيٺي آهي،
    اوکيءَ کي ڪو ٽاري پيارا!

    چينُ ڇڏيون ٿا ڏيهَه ۾ پنهنجا،
    سُورَ کڻون پيا ساري پيارا!

    آيا اوندهه ڀاڪر ۾ هُون،
    هاڻي ڪير نِهاري پيارا!

    تنهنجي دُوريءَ نيٺ شبانه!
    هانءُ وِڌو آ ڏاري پيارا!


    پيارَ ۾ پرکڻ نه ايندو،

    پيارَ ۾ پرکڻ نه ايندو،
    پوءِ ڏسبو جيڪو ٿيندو!

    جاءِ جيئڙو وسوسن کي،
    ڪونه ڏيندو ڪونه ڏيندو!

    پاڻ هُون هسوارُ جيوَن!
    نيٺ ڪاڏي وقت نيندو!؟

    چارِ پَلَ ترسي مُسافر،
    ڏيهَه پنهنجي ماڳ ويندو!

    هيکلايون ڏي نه جاني!
    درد دل ۾ گهر اَڏيندو!

    آءُ، تون اُلڪا چوَن ٿا،
    موتُ جهٽَ ۾ دم جهٽيندو!

    ٿو سَٽي جيئن ڌوٻي ڪپڙا!
    سُور توبن آ سَٽيندو!

    پو شبانه! ڪينَ مِلبو،
    فاصلو هڪوارِ ٿيندو.


    تحريرَ سان شبانا،

    تحريرَ سان شبانا،
    جيئندي هَڙئي زمانا!

    اعليٰ عظيم آهن،
    هر دؤر جا ديوانا!

    لکندا پِيا هزارين،
    هَٿَ پيارَ جا فسانا!

    خوشيون ڏين ٿيون دل کي -
    تنهنجون اکيون خزانا!

    جوڙي وَڃون پيا ٿا،
    قربن جا آشيانا!

    ٻُرندا پريت! پنهنجا،
    هر جاءِ تي ترانا!

    پلَ چار ترسي ماڻهو!
    ڪاڏي ٿِيا روانا!؟


    ويلَ اوکي ٻِيو ملهائيندو نه آ،

    ويلَ اوکي ٻِيو ملهائيندو نه آ،
    دردَ وانگي ڪو نڀائيندو نه آ!

    خواب تنهنجو ننڊ ٿو مون کان کَسي،
    خواب ڇا اُلڪا وڌائيندو نه آ!؟

    روحَ ٿي رمتا رڙن ٿا ڏيهَه ۾،
    عشق ڇا جهنگ جهر رُلائيندو آ؟

    سُورَ جي چڪ ۾ حياتي جي اچي،
    پيارُ ڇا ان کان ڇڏائيندو نه آ!؟

    ڪيسيتائين دل پٽيندي هيکلي؟
    ڇا وڇوڙو دم ٿڪائيندو نه آ!؟

    نيڻَ ٻوٽي هل شبانه! راهَه ۾،
    قرب ڪنڊن کي وِڇائيندو نه آ!


    بات جو هر ويل آئي سنڌ جي،

    بات جو هر ويل آئي سنڌ جي،
    شعر پنهنجن ۾ سُهائي سنڌ جي!

    ڏيهَه ڇا پرڏيهَه وارن آ مَڃي،
    جيءَ ڄاڻن ٿا ڀلائي سنڌ جي!

    ڌارين جي پيٽَ ۾ پيئي وَڃي،
    روز ٿي ساري ڪمائي سنڌ جي!

    معتبر تهذيبَ واري قوم آ،
    شاهدي ڏي ٿو “ڀٽائي” سنڌ جي!

    مانگرن جي واتَ ۾ آهي رَهي،
    ويڙهِه سان ٿيندي رهائي سنڌ جي!

    نظرياتي ذهن ڦاٿا گُگهه ۾،
    ڪيئن ٿيندي پو سڻائي سنڌ جي!؟

    رُوحُ ٻاگهيءَ جو رهي ٿو هر قدم،
    آنءُ ڀي آهيان جو ڄائي سنڌ جي!

    هي “شبانه” کي مليو اعزاز آ،
    ٿي ڪِري دم دم ثنائي سنڌ جي!


    پيارَ تنهنجا روشني اونداهِه ۾!

    پيارَ تنهنجا روشني اونداهِه ۾!
    پيارَ بن ڄڻ زندگي اونداهِه ۾!

    سُونهن جو ۽ سنڌ جو ناهي ذڪر،
    ليکبي سا شاعري اونداهِه ۾!

    هاڻي جيوَن سوجهرو پِيو ٿو گهُري،
    آهي گهاري هر گهڙي اونداهِه ۾!

    رُوحَ وارا پيچرا ڀُلجي وئي،
    نيٺِ آئي عاشقي اونداهِه ۾!

    جستجو آهي شبانه! جيءَ سان،
    مون نه ماڻي بيوَسي اونداهِه ۾!


    ڪيئن بي چين توکي ڏسان!؟

    ڪيئن بي چين توکي ڏسان!؟
    آنءُ ڀي ڇونه تڙپان لُڇان!؟

    هيکلاين کي ڀاڪر ڀَري،
    پاڻ پنهنجا ٿي ڳوڙها اُگهان!

    نيٺ منزل به ملندي مِٺا!
    چارِ گڏجي کڻون ٿا وِکان!

    سُورَ تنهنجا سبقَ ڀائيان -
    وقتَ! توکان سدائين سِکان.

    نيرَ تنهنجا اُگهان مان سڀئي،
    تنهنجي هٿَ جو ٽِشو ٿي پوان!

    ڏونگرن سان رهان ٿي ته ڇا؟
    ڇو جبل جي اڳيان مان جُهڪان!؟

    پيرَ ناهِن ٿڪيا راهَه ۾،
    ساهُه آهي بدن ۾ اڃان!

    جي شبانه! ڪڪرُ وس هجي،
    روز ٿر تي وسان مان وسان!


    ڏاڍَ کان ڏَرندي گذاريون زندگي -

    ڏاڍَ کان ڏَرندي گذاريون زندگي -
    ڇو ڀَلا مَرندي گذاريون زندگي!؟

    پاڻ ڇولين کي ڇنڻ ڄاڻون پيا،
    روز ٿا تَرندي گذاريون زندگي!

    مشڪلاتن کي ڏسي ڳڻتي ڪري،
    ڪونه ٿا ڳَرندي گذاريون زندگي!

    روشني سنسارَ ساري ۾ ڪجي،
    سوچ سان ٻَرندي گذاريون زندگي!

    پيارَ جو احساسُ ٿڌڙو جا بَجا،
    پيارَ سان ٺَرندي گذاريون زندگي!

    چؤطرف چَرکو شبانه! وقتَ جو،
    وقت سان وَرندي گذاريون زندگي!


    هُو ازل کان رهيو مسافر آ،

    هُو ازل کان رهيو مسافر آ،
    ساهَه ڪيئن ساهي سمنڊ سُورن جو!؟

    شورَ دهشت ڀريا ڪري ويٺو،
    ماٺِ ٿيو ناهي سمنڊ سُورن جو!

    ياد تنهنجي آ چنڊ چوڏهينءَ جو،
    مست من آهي سمنڊ سُورن جو!

    ساهَه ڇولين جيان تِکا تڙپن،
    ڇا پيو چاهي سمنڊ سُورن جو!؟

    دل ۾ واريءَ جو گهر مون جوڙيو آ،
    سو پيو ڊاهي سمنڊ سُورن جو!؟

    سُرتِ ان جي شبانه! ڪونهي ڪا،
    ڪنهن طرف ڪاهي سمنڊ سُورن جو!؟


    ڳڻتيون ڏئي هي ڳارا وئين پار ڪهڙي پيارا؟

    ڳڻتيون ڏئي هي ڳارا وئين پار ڪهڙي پيارا؟
    ڏڻ ريءَ تنهنجي گهاريان ڪيسين اڃان ڏکارا؟

    ساهَن رواني پنهنجي ماٺار وس ڪئي آ،
    سامهون اچن ٿا جهٽ ۾ هو موت جا اشارا.

    نفرت فنا ڪيو آ انسان کي ازل کان،
    محبت ۾ گهاريو دم هر جاءِ تي خدارا!

    دل سُور ساڻ جاڳي رڳ رڳ رڙي ڏکي آ،
    ناهِن سُتا فلڪ جا بي چين مون سان تارا.

    ٻچڙا شبانه ڪنهن جا هي وِلَهَه تي سُتا هِن،
    آڪاش مان وسن ٿا افسوس پوهَه پارا.


    مون ڪيو آهي اُجالو پيارَ جو،

    مون ڪيو آهي اُجالو پيارَ جو،
    روحَ ۾ سانڍيو رسالو پيارَ جو.

    سُونهن تنهنجي رهنمائي ٿي ڪري،
    مان لِکان ويٺي مقالو پيارَ جو!

    ڪا وِڇوڙن جو نه ماتم دل ڪري،
    هر گهڙي ٿِئي هوجمالو پيارَ جو!

    ساههَ ڀي پنهنجي رَواني وِيا مَٽي،
    ياد تنهنجي ڄڻ اَٽالو پيارَ جو!

    رُوحُ تاسارو رهيو آهي رهيو،
    پِيارِ نيڻن ساڻ پيالو پيارَ جو!

    مخلصي پنهنجي شبانه! آ گواهه،
    نيٺ ٿينديس هر حوالو پيارَ جو!


    ڪمائڻ کان اڳ ۾ وڃائڻ لڳاسين!

    ڪمائڻ کان اڳ ۾ وڃائڻ لڳاسين!
    اسان سُورَ دل ۾ نپائڻ لڳاسين!

    اوهان جي اچي ذات ويئي اندر ۾،
    اسان پاڻ پنهنجو ڀلائڻ لڳاسين!

    جڏهن قسمتن موت بڻجي ورايو،
    تڏهن جيءُ پنهنجو بچائڻ لڳاسين!

    مٺا! ساهُه ست ويو کسي وقت سارو،
    مگر نينهَن ناتو نڀائڻ لڳاسين!

    رکي وقت ٿو روشنيءَ کان الئه ڇو،
    بتيون آسرن جون وسائڻ لڳاسين!

    شبانه! اوهان کي ڏٺو روبرو جو،
    اسان دل اکين کي جهڪائڻ لڳاسين!


    ڪئي ڳالهه دل جي اسان بي زباني،

    ڪئي ڳالهه دل جي اسان بي زباني،
    سياڻا ئي سمجهن اکين جي بياني!

    مٽيءَ ساڻ ناتو ازل کان رهيو آ،
    نه ٿا راهَه ڄاڻون اسان آسماني!

    عمل کان اڳي تو ڪئي راءِ قائم،
    اِها ڀي ته آهي سِڌي بدگماني!؟

    نه ٿا طعامَ طلبن ٻچا پيٽَ بکيا،
    گهرن ٿا رُکي ڏي مٺي ماءُ! ماني.

    پيو هيءُ سنسار رهندو هميشه،
    مگر ڏيهه ۾ آهي هر جيءُ فاني!

    هڙئي پُورَ پيڙا کڻي مان وڃان ٿي،
    نه رهندي شبانه! هِتي ڪا نشاني.


    ٿي گهڻي وئي دير هِت موٽي هلُون،

    ٿي گهڻي وئي دير هِت موٽي هلُون،
    دل! نه ايندو ڪير هِت موٽي هلُون!

    شهر ڪونهي رِڻ خطر آهي هِتي،
    ناهي ماڻهوءَ پير هِت موٽي هلُون!

    پيارَ جو ڪو ڳيچُ ڳائي ڪونه ٿو،
    ساڙ آ چؤڦير هِت موٽي هلُون!

    چاهَه سان ڇو ساڙُ ٿا چاهِن سڀئي،
    ماڻهو! ماڻهوءَ مير هِت موٽي هلُون!

    ٻيو نه ڪجهه آهي هٿن ۾ ڇا ڏجي؟
    من، ورهائي خير هِت موٽي هلُون!

    تون شبانه! خير ٿي چاهين پئي،
    عام آهي ويرُ هِت موٽي هلُون!


    الائي ته ڪاٿي ٺِڪاڻو مِلي،

    الائي ته ڪاٿي ٺِڪاڻو مِلي،
    اڃان دم مسافر هلي ٿو هلي!

    اڙي چنڊ! تون ڏُور کان ٿو ڏسين،
    هلي آءُ، روئون لڳي اڄ ڳَلي!

    وڃي ڏُور ٿي هر اداسي سَڄي،
    اگر روحَ سان رُوحُ پنهنجو رَلي!

    اِجهو رات ڪاري پئي واٽَ ۾،
    اِجهو پنڌَ ۾ ٿو پيو سِجُ لَهي!

    وڌائن ٿا ويڇا هِتي آدمي،
    نه ٿو ساڙ کان جيءُ ڪوئي پَلي!

    شبانه! ڏسي ڏاڍَ ڏاڍن سَندا،
    اندر جو ٿو انسان تڙپي جَلي.


    هي جيءُ ڏُکائين ٿو تون سُورُ لڪائين ٿو!

    هي جيءُ ڏُکائين ٿو تون سُورُ لڪائين ٿو!
    ڪنهن نيرَ ڏنا توکي ڇو ڪونه ٻڌائين ٿو!؟

    هر ويل هُئين پڇندو تون حال ڪري ڪاليون،
    ڇالاءِ ڀَلا پيارا! تون ربطَ گهٽائين ٿو!

    تو ٽهڪ ڪيا ڪاڏي تو مُرڪ ڪئي ڪاڏي؟
    ٿي پرک وئي ساري ڇا ڇا نه هنڊائين ٿو!؟

    قربت به ڪئي توئي محبت به ڪئي توئي،
    اڄ ڌارَ رهي دوريون ڇاڪاڻ وڌائين ٿو!؟

    تو قول ڪَيا جيڪي هِن راهِه محبت ۾،
    سي قول ڪري پيارا! ڇو ڪونه نڀائين ٿو!؟

    مَڃُ منٿَ شبانه جي ڪر ڳالهه پرين! دل جي،
    ماٺارَ رکي چپ جي ڄڻ رُوحُ رنجائين ٿو!


    آڪاسُ آ اکين ۾ هر سُورُ ڄڻ ستارو!

    آڪاسُ آ اکين ۾ هر سُورُ ڄڻ ستارو!
    ٿي لڙڪ ديد ويئي ڌنڌلو ٿيو نظارو!

    هر حال ۾ اڪيلي گذري پئي حياتي،
    هليو پري ويو سو جنهن جو هئو سهارو!

    سڏڪا رهي پيا هِن دل جي اَلا اڱڻ تي،
    ويو موڪلائي مون کان هر ٽهڪ هو اڌارو!

    سر ساهه توتان گهوري تنهنجي رکان قدم ۾،
    محبوب! ديدَ تنهنجي مون کي ڪري اشارو؟

    ڏکڙن پٺيان به سکڙا ايندا يقين آهي،
    اي جيءَ! ايترو تون ڇو ٿو رهين ڏکارو!

    فطرت شبانه پنهنجي اهڙي رهي ڪٿي آ؟
    ايندو نه محبتن ۾ ڪو دم ڪرڻ ڪنارو!


    هڙئي ناز پيارا! نماڻا اکين جا،

    هڙئي ناز پيارا! نماڻا اکين جا،
    ٿِيا پيارَ ناهِن پراڻا اکين جا!

    اُٿن ۽ سمهن آسرا ٿا اکين ۾،
    عجب جهڙا آهن وِڇاڻا اکين جا!

    پيا پُورَ پيڙن سڄو چين دل جو،
    ڏين روز ايذاوَ گهاڻا اکين جا!

    اڃان نينهن ڏيندو رهيو نورُ آهي،
    بلب ڪونه آهن، وساڻا اکين جا!

    خبر ڪنهن ڏکيءَ کي ڏني ڪونه جڳ ۾،
    ڪيا کوڙ دل هِن پڇاڻا اکين جا!

    شبانه! اياڻا ڀلا ڪيئن ڄاڻن؟
    اشارا سڃاڻن سياڻا اکين جا!


    وِٿيون دل ۾ ناهن نه ٿينديون ڪڏهن،

    وِٿيون دل ۾ ناهن نه ٿينديون ڪڏهن،
    جدايون رواجي نه اينديون ڪڏهن!

    اڙي ايئن آڪاش! ڇو ٿو تَڪين؟
    ملاقاتيون نيٺ ٿينديون ڪڏهن!

    ڦِڪا روپَ ڇو ٿا رهن لوڪ جا،
    نراسائيون دُور وينديون ڪڏهن!؟

    ڏِيَن آسرا ٿيون سَڄي ڏيهَه کي،
    هي وايون مون کي ساءُ ڏينديون ڪڏهن!؟

    اچي گهر اَڏي جو رهيون روحَ ۾،
    پريشانيون پر لڏينديون ڪڏهن!؟

    شبانه نهاري پئي آسَ ٿي،
    اوهان جون نگاهون سڏينديون ڪڏهن!؟


    پيارَ سان دل ڀَري ٿو اچين،

    پيارَ سان دل ڀَري ٿو اچين،
    پنڌ ڪيڏو ڪري ٿو اچين!

    قربُ قاتِلُ متان ٿي پوي،
    ڌيان جڳ ڏي ڌري ٿو اچين!

    چاهه چانڊوڪيون تون کَڻي،
    چنڊ اُڀَ ۾ ٻري ٿو اچين!

    قول تنهنجو مٺو آ مٺا!
    ڪير جيئي مَري ٿو اچين!؟

    تون سدائين چوين ٿو اِهو،
    ٿي نه توبن سَري ٿو اچين!

    دشمنن جي دلين تي پرين،
    روز مُڱَ تون ڏَري ٿو اچين!

    دردَ منهنجا شبانه سڀئي،
    تون ڪرڻ مَنَ، پَري ٿو اچين!


    اِهو قيدَ پڃري مان نڪري سگهي ٿو،

    اِهو قيدَ پڃري مان نڪري سگهي ٿو،
    پکيءَ وانگي دم ڀي ته اُڏري سگهي ٿو!

    رُڳو ڇو موهن جي دڙي جون پچارون،
    نئون سج عمل ساڻ اُڀري سگهي ٿو!

    رکيو لوڪ لهجو تلخ آهي ڇا ٿيو؟
    پريتم سان مٺڙو ٿي مصري سگهي ٿو!

    مِلايون وري هيلَ جي پاڻ هٿڙا،
    ته هر هڪ وڇوڙو به وکري سگهي ٿو!

    رڳو هانءُ هارڻ به ناهي حياتي،
    همت سان ڏکيو دؤر گذري سگهي ٿو!

    شبانه، ڪڏهن قرب تنهنجو نه وسري،
    گهڻو ڪجهه دنيا منجهه وسري سگهي ٿو!!


    دل تڙپي ٿي آءُ پيارا،

    دل تڙپي ٿي آءُ پيارا،
    سُورن ۾ ڏي ساءُ پيارا!

    موت نه ماري آءُ اڳي تون،
    کائي ويو سوداءُ پيارا!

    رنج، رُساما جهٽ لئه ڪهڙا؟
    آءُ ڪيون پرچاءُ پيارا!

    سُورَ به لڙڪن سان گڏ وهندا،
    منهنجو مَن درياءُ پيارا!

    فطرت ساهن منجهه سمايو،
    قرب ڀريو ڪهڪاءُ پيارا!

    مون سان هيءُ وڇوڙن ڪيو آ،
    پل پل جو انياءُ پيارا!

    ساهه بدن کان آجو ٿي پئي،
    اهڙو ڏي ايذاءُ پيارا!

    ڪونه شبانه، خيري ڪنهن جو،
    گُهليو ڪهڙو واءُ پيارا!؟


    زندگي ۽ زمانُ گذري ٿو،

    زندگي ۽ زمانُ گذري ٿو،
    هوريان هوريان جهانُ گذري ٿو!

    ذهن، دل ضبط ۾ ڪٿي آهي،
    دردَ جو آسمان گذري ٿو!

    ڪونه پرواهه ٿو ڪري پنهنجي،
    ٻاٽ مان نوجوان گذري ٿو!

    عشق جا ڇو کڻو نه ٿا پيرا؟
    هُو ڪري دل جو زيانُ گذري ٿو!

    نيڻ تنهنجا کڄن ٿا محفل ۾،
    هر نظر دل مان ڪانُ گذري ٿو!

    سور بڻجي سرور ويو منَ مان،
    قرب جو ڪاروان گذري ٿو!

    دمَ شبانه، وڌي ويا آهن،
    خيال تنهنجي مان ڌيان گذري ٿو!


    گلشن هوندو ڳيرا هوندا،

    گلشن هوندو ڳيرا هوندا،
    پيارا، پيارَ، سويرا هوندا!

    تاتي محبت ڪاٿي هوندي،
    جاتي مَنَ جا ميرا هوندا!

    چارا هوندا چاهتَ هوندي،
    پانڌيئڙن جا پيرا هوندا!

    جاڳَ پکين جيئن هوندي تَن سين،
    اکڙين جا آکيرا هوندا!

    ڀيٽي ڪوئي سُورَ اسان سان،
    پنهنجا سُورَ گهڻيرا هوندا!

    نيڻن جا نيسارا وَهندا،
    دل ۾ دردن ديرا هوندا!

    سيئي ٿيندا ساهَه سَڦلتا،
    جذبا جِن جيرا هوندا!

    دائم ڏيهُه شبانه، هوندو،
    پنهنجا ڪاٿي پيرا هوندا!؟


    جا ويلَ درد ڏيندي سا ويل ويجهڙي آ،

    جا ويلَ درد ڏيندي سا ويل ويجهڙي آ،
    وِچَ تي وِٿي به ٿيندي سا ويل ويجهڙي آ!

    هَرسُو حراس هوندو ٿيندو اداس هر من،
    سُڃَ مان اُٿي سڏيندي سا ويل ويجهڙي آ!

    اکيون وري نه کلنديون اظهار ماٺ هوندو،
    چُپِ گهر اچي اڏيندي سا ويل ويجهڙي آ!

    اُلڪا ۽ ساڻ سُڏڪا رهندا پيا سدائين،
    قسمت به دڳ مٽيندي سا ويل ويجهڙي آ!

    هِردي ۾ حوصلو رَک مايوس ٿي نه مٺڙا!
    مشڪل ٽري به ويندي سا ويل ويجهڙي آ!

    سک سان ڪڏهن شبانه ويٺي نه زندگيءَ ۾،
    دنيا سڄي مڃيندي سا ويل ويجهڙي آ!


    جند وئي پر چاهه بچو آ،

    جند وئي پر چاهه بچو آ،
    ڌرتيءَ تي ويساهه بچو آ!

    آسون ساريون سورن ساڙيون،
    دل ۾ هڪ الله بچو آ!

    خيال، فڪر سڀ وڪڻي ويٺا،
    اُجرو ڀِٽَ جو شاهه بچو آ!

    ڀاڻُ ملاوٽ وارو آيو،
    ان سڙيو بس گاهه بچو آ!

    تنهنجون يادون هانءُ ڦٽي ويون،
    ڪاٿي بُتَ ۾ ساهُه بچو آ!

    سنڌ شبانه، غيرن گهيري،
    باقي هڪ درياهُه بچو آ!


    اهي ڳوٺ ڳالهيون سنڀاري ته ڏس،

    اهي ڳوٺ ڳالهيون سنڀاري ته ڏس،
    شهر، خواب، بنگلا وساري ته ڏس!

    ڪروڙين تو انسان ماريا ته ڇا؟
    مگر جيءُ هڪڙو جياري ته ڏس!

    حياتي سموري ڪندين ياد تون،
    گهڙي قرب وارن سان گهاري ته ڏس!

    نِمي سڀ انائن جا پتلا پوَن،
    نماڻي نظر سان نهاري ته ڏس!

    اداسي نه ويجهو ڪا ايندي وري،
    اميدن جو تون ديپ ٻاري ته ڏس!

    چميون سارا احساس ڏيندئي اچي،
    پٿر جيءُ پنهنجو پگهاري ته ڏس!

    شبانه هوا ٿي پڄان مان سگهي،
    وڏي واڪ جڳ ۾ پڪاري ته ڏس!


    هِن دل جي غمي ڏس شاهد آ،

    هِن دل جي غمي ڏس شاهد آ،
    نيڻ جي نمي ڏس شاهد آ!

    تون ياد پئين انگ انگ ٺريو،
    وئي برف ڄمي ڏس شاهد آ!

    پيا نيرَ، وَهي مون سورَ سندي،
    جا ديڳ دَمي ڏس شاهد آ!

    هر جاءِ سَڙي بي ڏوهه سَدا،
    هِن جڳ ۾ “فهمي” ڏس شاهد آ!

    بي لوڀ نڀائي ٿي رشتا،
    سنسارَ! اَمي ڏس شاهد آ!

    تون ڏورُ شبانه کان آهين،
    ساهَن ۾ ڪَمي ڏس شاهد آ!

    * فهمي: عورت جو نالو بگاڙيل


    پئي ڪالهه “موري” مان جيجل سڏي،

    پئي ڪالهه “موري” مان جيجل سڏي،
    چيو مون ته اينديس “ڪراچي” ڇڏي!

    نهارون، ترارون عجب ڏاڍ آ،
    اکيون ڪو اکين ۾ وڃي ٿو اَڏي!

    اچو هان، ڪڏهن پيرَ پنهنجا ڀَري،
    ازل کان محبت اسان جي تَڏي!

    سمورو زمانو جيئي پيارَ سان،
    کڻي ساڙ اڇلايو جيڪر کَڏي!

    ٻڌائي ٿو ميزان پنهنجو اِهو،
    ڀلي پاڻ پنهنجو پڏايو پڏي!

    چمن ڀي اڪيلو پيو ٿي پوي،
    پکي امن وارا وڃن ٿا لَڏي!

    شبانه، اِهي دردَ ڏي دانَ ۾،
    ڀلي تون اسان کي خوشيون ڪينَ ڏي!


    تو سِوا هيکلا پيچرا پيارَ جا،

    تو سِوا هيکلا پيچرا پيارَ جا،
    ٿيا شروع سلسلا پيارَ جا!

    وقتَ! پَهرا ڏنا تو سَدا جِن مَٿان،
    پيرَ آهن هي ڪهڙي گنهگار جا؟

    او مسافر، کڻي نيڻ نيرن ڀريا،
    ڪير آهين پڇين ٿو پتا يار جا!؟

    نيڻ نازن ڀريا ڪين وسرن پيا،
    ياد آهن اڃان وار، هر وارَ جا!

    چارِ ويلا اٿئي ماڻ تون محبتون،
    ساٿَ ڪهڙا سدا، سونهن، سنسارَ جا!؟

    پيارَ جون چار ڳالهيون ڪري ٿا هَلون،
    ڇو ڪَريون تذڪرا روز تڪرارَ جا!؟

    سانڍ سامان سارو شبانه، اُٿي،
    ڄاڻ پيغامَ آيا پرينءَ پارَ جا!


    زماني ۾ چريا ماڻهو!

    زماني ۾ چريا ماڻهو!
    اسان قربن ڀريا ماڻهو!

    تپائي جيءَ اڀرن جا،
    اڃان ناهن ٺريا ماڻهو!

    سمائي ساڙُ سينن ۾،
    مثل اگنيءَ ٻريا ماڻهو!

    ڇڏي گهرڙا ويا جيڪي،
    وري ناهِن وريا ماڻهو!

    ڀرن ٿا پيٽ پاپن سان،
    مگر ڪاٿي ڀريا ماڻهو!

    پرائي ڪنهن پچر ڪارڻ،
    ڪري ڳڻتيون ڳريا ماڻهو!

    وساري قرب کي ويٺا،
    عجب آهن کريا ماڻهو!

    شبانه، پيارَ جي لاري،
    لڳي آخر تريا ماڻهو!


    نگاهون نماڻيون نهارون هتي،

    نگاهون نماڻيون نهارون هتي،
    سڀئي جيئڙا، هِن بهارون هِتي!

    هتي چار مُرڪون ۽ ڳوڙها هِتي،
    هڙئي سورَ، سک جون پچارون هِتي!

    اسان قربَ جا هون مسافر مِٺا،
    ڪدورت جون آهن ترارون هِتي!

    ڪنائي نه ٿو لوڪ ٻوڙو ٿيو،
    نه ڪر دل، اجايون پڪارون هِتي!

    اٻوجهن سان انياءُ ڪيسين ڏسان؟
    دکيءَ دل جو ناهي ڪو دارون هِتي!

    جبر جابَجا ويو وڌي ڏيهَه ۾،
    ٿين هينئڙا روز ڦارون هِتي!

    شبانه، خوابن ۾ تارا نه گهم،
    حقيقت ۾ ناهِن اڏارون هِتي!


    پل گهڙي زندگي پچارون سدا،

    پل گهڙي زندگي پچارون سدا،
    ساٿ ويلا ٻه ٽي پر سنڀارون سدا!

    ماڻِ تون محبتون، سونهن، سرهاڻ جون،
    زندگي، ڪونه رهنديون بهارون سدا!

    تاءُ آهي اکين جو، پهر ڏيهَه ۾،
    رعب رهندو نه تن جون نهارون سدا!

    پيارَ جا ڇانوِرا زندگيءَ ۾ کَپن،
    سانڍجان مون پڄاڻان، تون سارون سدا!

    ڏاڍ، ڏهڪاءُ رهندو نه دائم هتي،
    قرب جي پر پکين جون اڏارون سدا!

    پل اپل آ شبانه، قصو جيءَ جو،
    ڇو کڻون پيار جون پوءِ ميارون سدا!؟


    ڏورُ توکان ڪٿي ساءُ آهي پرين!؟

    ڏورُ توکان ڪٿي ساءُ آهي پرين!؟
    هئه هجر ڀي وڏو گهاءُ آهي پرين!

    پيارَ جا ڇانوِرا وِيون خزائون کَسي،
    ڌرتتيءَ ۾ تِکو تاءُ آهي پرين!

    چينَ جا پَلَ سمورا لڙهي ويا پري،
    درد جو دل ۾ درياءُ آهي پرين!

    هانءُ جڳ جي ڏکن تي ڏکي ٿو پوي،
    قرب ۾ اهڙو ڪهڪاءُ آهي پرين!

    وقت جون ڇوليون تيز آهن تکيون،
    جيءَ جو جهونڙو ناءُ آهي پرين!

    نيرَ ناهن شبانه سُڪا ڪا گهڙي،
    سور ڀريو گهليو واءُ آهي پرين!


    ڇانوَ ڇا ڌرتتي ولولو زندگي!

    ڇانوَ ڇا ڌرتتي ولولو زندگي!
    مشڪلاتن اڳيان حوصلو زندگي!

    هانءُ هالارُ ڪر وڌ اڳي کان اڳي،
    ڀينڊَ کان ڀي ننڍو مسئلو زندگي!

    ڪو پهر سورَ هِن ڪا گهڙي چينَ جي،
    لڙڪَ ۽ مرڪَ جو سلسلو زندگي!

    آزمائي پيو پيارُ سهڻو سچو،
    ديس پنهنجو مٺو دادلو زندگي!

    موت ماري ڀلي پو وساري ڇڏيو،
    ٿي اوهان کي تَڪي دوستو! زندگي.

    خواب دائم شبانه، جيئاري نه ٿو،
    ڪر حقيقت ۾ ڪوئي بِلو زندگي!


    گگهه گهٽائون انبر پاسي،

    گگهه گهٽائون انبر پاسي،
    ظاهر ڪونه ستارا آهن!

    ڏاتر! تنهنجي ڏيهَه ڏهر ۾،
    ڪيڏا جيءَ ڏکارا آهن!

    تنهنجي سونهن سُهائي دل جي،
    جيون جا پل پيارا آهن!

    آئين ڪونه اڃان تون ساجن،
    گهيري ويا مونجهارا آهن!

    سيرَ ڏکن جي ٻوڙي ويندي،
    سک جا ڏور ڪنارا آهن!

    تنهنجو درشن سارنگ جهڙو،
    توبن نيڻ اڃارا آهن!

    ارڏائي ٿي آهي دل کي،
    ارپيا عشق اشارا آهن!

    ڪيئن شبانه، پاڻ سنڀاليان!؟
    وقت ڏنا لامارا آهن!


    نه سو چَس ساءُ شعرن ۾،

    نه سو چَس ساءُ شعرن ۾،
    رڳو ورجاءُ شعرن ۾!

    حقيقت آب جو قطرو،
    ڪوي درياءُ شعرن ۾!

    پٿر جهڙي حياتي ۽،
    رکيئي ڪهڪاءُ شعرن ۾!

    سچائي ڪونه ڊڄندي آ،
    نه ڪر سوداءُ شعرن ۾!

    کڻي جڳ کي ڏنئي توڙي،
    ڪڻا چند پاءُ شعرن ۾!

    رکيو آهي سدائين مون،
    پرين، سرچاءُ شعرن ۾!

    محبت! بسم الله چئبو،
    هميشه آءُ شعرن ۾!

    نه توريا لفظ ها شاعر،
    ٿيس پڇتاءُ شعرن ۾!

    شبانه تلخ لهجو ڇو؟
    نه ڏي ايذاءُ شعرن ۾!


    نِگهَه نفرت ڀري هن جي،

    نِگهَه نفرت ڀري هن جي،
    سراپا ساڙ وانگي آ!

    اسان سادا سڌا ليڪن،
    زمانو جاڙ وانگي آ!

    حياتي ٿي پئي ساڻي،
    پهر پڇياڙ وانگي آ!

    اوهان جو پيار ۽ محبت،
    اکين لئه ٻاڙ وانگي آ!

    ڪدورت بي سُري جڳ ۾،
    بگهڙ اوناڙ وانگي آ!

    اسان لئه ديد دلبر جي،
    دوا ۽ جهاڙ وانگي آ!

    حياتي! موت تنهنجي لئه،
    ازل کان تاڙ وانگي آ!

    شبانه، عشق اڄ ڀي ڄڻ،
    عمر اڳياڙ وانگي آ!


    ڀونءِ ۽ آسمان لڙڪن جو،

    ڀونءِ ۽ آسمان لڙڪن جو،
    مون ڏٺو آ جهان لڙڪن جو!

    مرڪ پرڏيهَه وانگ لڳندي آ،
    ديس دل ۾ مڪان لڙڪن جو!

    ڪيستائين ڪجي زماني ۾؟
    شاعريءَ سان بيان لڙڪن جو!

    مفت ۾ ٿا ملن حياتيءَ کي،
    هر قدم ڄڻ دڪان لڙڪن جو!

    دردَ پگهري وهي ويا آهن،
    نيڻ ڳلڙا نشان لڙڪن جو!

    مون گذاريو سدائين عالم ۾،
    آهي اوکو زمان لڙڪن جو!

    ٿيو شبانه زوال خوشين لئه،
    ڪونه ٿيندو زيان لڙڪن جو!


    سورُ آيو نصيب سڏجي ٿو،

    سورُ آيو نصيب سڏجي ٿو،
    جيءُ تنها غريب سڏجي ٿو!

    نيڻ جنهن کي ڏسي سگهيا ناهِن،
    سوئي دل جي قريب سڏجي ٿو!

    مشڪلاتن ۾ ساٿ ڏي جيڪو،
    حالِ محرم حبيب سڏجي ٿو!

    تو سوا هوش ئي رهيو ناهي،
    حالُ پنهنجو عجيب سڏجي ٿو!

    درد ۾ ٿو ڪري دوا جيڪو،
    ڏيهَه ۾ سو طبيب سڏجي ٿو!

    سنڌ جا سورَ جو نه ٿو ڄاڻي،
    نامور پر اديب سڏجي ٿو!

    سرت سڪ جي رکي شبانه جو،
    قلب جي سو قريب سڏجي ٿو!


    قلب جو آڪاس تارا عشق جا،

    قلب جو آڪاس تارا عشق جا،
    ٿا ڏين احساس تارا عشق جا!

    سورَ جون راهون وٺي وڌ سونهن ڏي،
    ٿا ٿين اتهاس تارا عشق جا!

    نيرَ ٿيندا نور من اونداهه ۾،
    قربُ ڏيندا قياس تارا عشق جا!

    ظلمتون جڳ ۾ ڏسي تڙپن پيا،
    ڪين ٿيا بي قياس تارا عشق جا!

    ريت رسمن هار ماڻي عشق کان،
    ڪونه بڻيا ناس تارا عشق جا!

    ساهَه ٿي سرهاڻ ويندا هر قدم،
    ڇوته ڏيندا واس تارا عشق جا!

    بدگمانيءَ کان شبانه هون پري،
    جيءَ سان وشواس تارا عشق جا!


    گهڙيون فاصلا ٿي ويون!

    گهڙيون فاصلا ٿي ويون!
    اکيون آسرا ٿي ويون!

    لکيون وائيون ڪالهه جي،
    سدا لئه صدا ٿي ويون!

    اميدون ڏنيون وقت جي،
    قلم سان ڪَٿا ٿي ويون!

    پريشانيون پيارَ ۾،
    سڀئي سلسلا ٿي ويون!

    دليون سُورَ ورنيون سڻن،
    امنگون ندا ٿي ويون!

    وبائون، وڇوڙا پرين،
    شبانه، سزا ٿي ويون!


    الائي ته ڇا ڇا وساري ٿو سڀ ڪو!؟

    الائي ته ڇا ڇا وساري ٿو سڀ ڪو!؟
    مِڙئي ڏينهن پنهنجا گذاري ٿو سڀ ڪو!

    هي سنسار تنهنجو نه منهنجو هميشه،
    پهر چار آهن ته گهاري ٿو سڀ ڪو!

    وڌي حال اڀرن کان پڇندو نه ڪوئي،
    پري کان اجايو نهاري ٿو سڀ ڪو!

    رکي سامهون شهرت هتي شاعريءَ ۾،
    مٺي سنڌ، توکي سنڀاري ٿو سڀ ڪو!

    خوشيءَ منجهه وسري وڃي پاڻ پنهنجو،
    ڏکن ۾ ٻين کي پڪاري ٿو سڀ ڪو!

    شبانه، شمع پيارَ جي پنهنجي دل ۾،
    ڪِٿي ديپُ الفت جو ٻاري ٿو سڀ ڪو!


    زندگيءَ رکيو پير اوکيءَ ۾،

    زندگيءَ رکيو پير اوکيءَ ۾،
    دردَ بِن هو نه ڪير اوکيءَ ۾!

    دشمنيءَ دڳ ڏنو چٽو هن کي،
    ٿي ڏسي سسئي ڏيرُ اوکيءَ ۾!

    آءُ، تون منهنجو حال ڄاڻين ٿو،
    ڪونه ايندو ڪو غير اوکيءَ ۾!

    ڏيهه ڪونهي گهٽايو گهاوَن سان،
    دوست، وٺ تون به وير اوکيءَ ۾!

    ٻوجهه تن جو نه دل کڻي سگهندي،
    آهي اُلڪن جو ڍير اوکيءَ ۾!

    پارِ سِڪَ ساڻ ٿي پئون پيارا،
    ڇڏ ڪڍي دل مان مير اوکيءَ ۾!

    مان شبانه، ڏکن سان جهيڙيان ٿي،
    چاهيان تولاءِ خير اوکيءَ ۾!


    سانڍي رکجانءِ پيارَ جا ويلا،

    سانڍي رکجانءِ پيارَ جا ويلا،
    ساڻ رهندا نه ساٿَ جا ويلا!

    ضبط کي جاءِ ڪانه ملندي آ،
    جي اچن جيءَ! وقت جا ٺيلا!

    ساڙ سارا ٻڏي وڃن جيڪر،
    جي اچن دل ۾ پيارَ جا ويلا!

    آنءُ توڏي وڌايان هٿ پنهنجا،
    ڏي سدا دردَ جا ڀَري ٿيلها!

    روڊ رستا هي خوف ٿا ڀاسِن،
    هاڻ ڌاڙيل سي نه ئي ٻيلا!

    رنجَ ڪهڙا رکيا شبانه تو؟
    قرب ۾ ڇا لئه مُنهَنڙا ڀيلا؟


    اکين منجهه سپنا ڀريون جو ڀري ٿو،

    اکين منجهه سپنا ڀريون جو ڀري ٿو،
    تڏهن روز انسان جيئي مَري ٿو!

    ڪڏهن ڏور پل ڀي نه جيڪو ٿيو هو،
    وڃي ڪيئن گهاري سڄڻ سو پري ٿو!؟

    اسان ٿا ڳنڍڻ ساٿ ساڳيا گهرون ۽،
    پرين، پر گذارين ڪنارا ڪري ٿو!

    اڃان دل به اونداهِه ۾ پيئي تڙپي،
    مگر آس جو ديپ پو ڀي ٻري ٿو!

    ٻيائي ڪري ڪونه جو قرب خاطر،
    اُهو جيءُ جاني، تَڳي ۽ تري ٿو!

    شبانه، اوهان جون سنڀارون وُٺي سان،
    اچن ٿيون ته تن من اسان جو ٺري ٿو!


    تهمتن جو جهان ماري ٿو،

    تهمتن جو جهان ماري ٿو،
    ڀونءِ ۽ آسمان ماري ٿو!

    ٿي لڳي سوچ ڄڻ سِرن وانگي،
    آفتن جو مڪان ماري ٿو!

    لفظ ناهِن ٽٽن پيا رشتا،
    قربتن جو زيان ماري ٿو!

    بند چپڙا، اکين ڪيون ڳالهيون،
    هي عجب جو بيان ماري ٿو!

    هر ستم دل سهي سگهي ٿي پر،
    دوست! تنهنجو گمان ماري ٿو!

    محبتن زندگي ڏني آهي،
    او ڪدورت جو ڪانُ ماري ٿو!

    ڏوهه ڪنهن کي نه ٿو ڏئي سگهجي،
    مون کي منهنجو ئي ڌيان ماري ٿو!

    سورُ آهي نه هڪ شبانه سان،
    دردَ جو ڪاروانُ ماري ٿو!


    اِجهو دم اُجهاڻا هلي آءُ راڻا!

    اِجهو دم اُجهاڻا هلي آءُ راڻا!
    ٿيا ساهَه ساڻا هلي آءُ راڻا!

    وڃن ٿا هٿن مان گهڙين جي گهٽيءَ سان،
    حياتيءَ جا ٽاڻا هلي آءُ راڻا!

    سڏن روز توکي هلي آ، هلي آ،
    محبت ٺڪاڻا هلي آءُ راڻا!

    هلي آءُ گڏجي چکون پاڻ پيارا،
    نصيبن جا داڻا هلي آءُ راڻا!

    نه سا آنءُ مومل نه سا ڪاڪ ساڳي،
    ڪري ڪير ماڻا هلي آءُ راڻا!

    قصا قرب وارا پچاريون سنڀاريون،
    پهر سڀ پراڻا هلي آءُ راڻا!

    شبانه، اڪيلا ڀِنا رات ساري،
    اکين سان وِڇاڻا هلي آءُ راڻا!


    زندگي ماتم سوا ڪهڙي مٺا!؟

    زندگي ماتم سوا ڪهڙي مٺا!؟
    دل پرائي غم سوا ڪهڙي مٺا!؟

    هت حوا حورن کان ڀي آهي اتم،
    ڀونءِ ڀي آدم سوا ڪهڙي مٺا!؟

    ساڙ ناهي جو انا اوچي هجي،
    قرب ۾ دل خم سوا ڪهڙي مٺا!؟

    هيکلائي موت جو هوندو سفر،
    عمر ڀي سنگم سوا ڪهڙي مٺا!؟

    پيارَ ساري نيرَ ٿا وهندا رَهن،
    اک ڀلا آگم سوا ڪهڙي مٺا!؟

    ساهَه ۾ ويساهه آهي زندگي،
    دوستي ان دم سوا ڪهڙي مٺا!؟

    پيارَ جي آهي شبانه هي ڪَٿا،
    سهڻي، ميهر ڏم سوا ڪهڙي مٺا!؟


    ساهَن وانگي ساريان توکي،

    ساهَن وانگي ساريان توکي،
    چئه ڪيئن آنءُ وساريان توکي!؟

    سمنڊ ڏکن جو اٿليو من ۾،
    ڪيئن دل! منهنجي تاريان توکي!؟

    سيج ڪري ٻئي نيڻ وڇايان،
    ساجن! آءُ ويهاريان توکي!

    چين جيان تون ايندو آهين،
    ياد سدا ڪيئن ٽاريان توکي!؟

    اونداهيءَ ۾ ڪهڙو جيون؟
    منهنجا جذبا! ٻاريان توکي؟

    هوتُ شبانه، همت مون لئه،
    ڏونگر! ويٺي ڏاريان توکي.


    عمر ڏکندي رهي آهي ڀڃ ڊاهَه ۾،

    عمر ڏکندي رهي آهي ڀڃ ڊاهَه ۾،
    چين ماڻيو ڪٿي دل دکيءَ چاهَه ۾!

    ڪجهه نه ٻيو ٿي گهران ڏي پريشانيون،
    ڪا ته سوغات تنهنجي رهي ساهَه ۾!

    آسرا آسرا ٿي ويا وقت سان،
    جيءَ اکيون رکيون پاڪ اللهَ ۾!

    تار پاڻي اُهو ئي وهي ٿو مگر،
    ڇو رهي ڪونه آ موج درياهَه ۾!؟

    ريت آئي ڪهاڙي اُڀي ٿي اڳيان،
    بي گناهه وئي ڪُسي ڪنوار ونواهَه ۾!

    ساهه آهي سريءَ ۾ شبانه اڃان،
    داغ ايندو پرين! ڪونه ويساهه ۾.


    آءُ، تولاءِ دل جون صدائون پرين،

    آءُ، تولاءِ دل جون صدائون پرين،
    ساهَه سانڍي رکيون هِن وفائون پرين!

    پاڻ ڄاڻون نه ٿا ڪوڙ، ڌوڪو، دغا،
    جيءَ جي جهول ۾ ڇو دغائون پرين!؟

    فاصلا ڇا ڪبا پيارَ جي پنڌَ ۾،
    وصل واريون ڪيو ڪي عطائون پرين!

    لڙڪ ڀي هاڻ مٺڙا! مزو ويا ڇڏي،
    ٽهڪ تنهنجا دکن ۾ دوائون پرين!

    يادگيريون اوهان جون وڻن ايتريون،
    ڄامشوري جون ڄڻ هن هوائون پرين!

    جيءُ آهي شبانه، جڳت هي سڄو،
    وقت ساريون لکايون ڪٿائون پرين!


    وڃي پوءِ ڪاٿي ورن ٿا پرين؟

    وڃي پوءِ ڪاٿي ورن ٿا پرين؟
    اکين ۾ ٿي يادون ٻَرن ٿا پرين!

    اچو هاڻ ڪاوڙ گهڻي ٿي وئي،
    اوهان جا سِڪايل مرن ٿا پرين!

    اَچو هان ڏِسو هان ڏُکيءَ ڏي کِلي،
    اکين منجهه ڳوڙها ترن ٿا پرين!

    اوهان جون ڪري ياد ڳالهيون سڀئي،
    بڪيون، هانوَ، جيرا ٺرن ٿا پرين!

    اوهان جا وڇوڙا سَهن ٿا ڪِٿي؟
    جگر شينهن جهڙا ڏرن ٿا پرين!

    شبانه اوهان ڏور ويندا رهيا،
    جَڏا جيءَ هتڙي ڳرن ٿا پرين!


    آزمائي پئي دوست! تنهنجي ڪَمي،

    آزمائي پئي دوست! تنهنجي ڪَمي،
    اَچ، ڏکائي پئي دوست! تنهنجي ڪَمي!

    ڏيهُه ڇا زندگي ڀي وڻي ئي نه ٿي،
    آءُ، کائي پئي دوست! تنهنجي ڪَمي!

    وصل وايون وساري نه ٿي دل صفا،
    غَمَ وڌائي پئي دوست! تنهنجي ڪَمي!

    ڄاڻ آيو اجل آسرن کان اِجهو،
    جند ڇڏائي پئي دوست! تنهنجي ڪَمي!

    ساهَه ساڻا ٿِيا هِن اچي تو سوا،
    سُکَ وڃائي پئي دوست! تنهنجي ڪَمي!

    نيڻَ جاڳن شبانه، پيا سورَ سان،
    سک ڦٽائي پئي دوست! تنهنجي ڪَمي!


    نه ٻيو ڪو پاڻَ کي سُجهي اسان ته هيڪڙو ڏٺو،

    نه ٻيو ڪو پاڻَ کي سُجهي اسان ته هيڪڙو ڏٺو،
    ڪڏهن قريب قلب کي ڪڏهن هو رنجَ ۾ ڏٺو!

    ڪڏهن شهيد شاهَه ۾ ڪڏهن بلالي ڀاسجي،
    ڪڏهن سبحان صبر سان اهو حسين ٿي ڪُٺو!

    ڪڏهن بهار بُوند ٿي وَسي نِهار نينهن سان،
    ڪڏهن قرار جيءَ جو اچي پرينءَ سڄو مُٺو!

    ڪڏهن امير ساهَه ۾ ڪڏهن هو غم غريب جو،
    ڪڏهن هو سيٺيو ڏٺو ڪڏهن مزدور جو پٺو!

    ڪڏهن شبانه چين جو رهيو ٿي وقت پاڻ سان،
    ڪڏهن سُرور سُور سان هو نينهن مينهن ٿي وُٺو!


    وري اڄ اوهان جون ميارون پڳيون،

    وري اڄ اوهان جون ميارون پڳيون،
    وري روحَ تائين جو سارون پڳيون!

    اوهان ڏور هٿڙن کان نڪري ويا،
    اوهان تائين پو ڀي نهارون پڳيون!

    خزائون اکين منجهه چونديون رهيون،
    اسان لاءِ ناهن بهارون پڳيون!

    وڇوڙن هَٿان موڪليون جو اوهان،
    اکين تي پرين! هيل هارون پڳيون.

    ڌڏي ڀونءِ ويئي فلڪ لرزيو،
    اوهان جي ڪنن تي پڪارون پڳيون!؟

    شبانه اچو ها! اوهان پڪ هئي،
    اوهان تائين شايد نه تارون پڳيون!


    وقت وانگر وِٿيون ٿا وِجهو،

    وقت وانگر وِٿيون ٿا وِجهو،
    جندُ جهرندي اِجهوڙي اِجهو!

    هجر جي آڳ آهي ڏکي،
    ميڻ وانگر رِجو ٿا رِجو!

    جي وڃو ٿا هتان ڀل وڃو،
    امن پاسي اُتي ڀي ٿِجو!

    جي رڙي دل اوهان کي سڏي،
    او پرين! سَڏُ سڃاڻي ڏِجو.

    ڇا ٿيو جي شبانه رُنو،
    عشق سک ڀي نه آهي نِجو!


    بندوق شاعريءَ جي هر لفظ ڄڻ ته ٺا ٺا،

    بندوق شاعريءَ جي هر لفظ ڄڻ ته ٺا ٺا،
    هِنَ جنگ ۾ او ڌرتي! آهي سَٺو تو ڇا ڇا؟

    ميدان من لڳي ٿو جذبن جي جنگ آهي،
    احساس جا پِيا هِن دل منجهه ڪيڏا لاشا!

    ڏاهو به ٿو چوائين ۽ روحَ ڀي رنجائين،
    توکي ڪٿي اچي ٿي الفت ڀري ڪا ڀاشا!

    تون پاڻ جو به ناهين سگهيو سڄڻ اڃان ٿي،
    تو ۾ اميد ڪائي رکندا نه جيءَ آتا!

    نفرت زهر شبانه، گهرجي نه زندگيءَ کي،
    محبت مٺي آ مٺڙا! کائون کنڊون، پتاشا!


    رڳو انتظاري وڻي ئي نه ٿي،

    رڳو انتظاري وڻي ئي نه ٿي،
    اچو، بيقراري وڻي ئي نه ٿي!

    حقيقت لڪائڻ نه آئي ڪڏهن،
    اسان کي مڪاري وڻي ئي نه ٿي!

    پهرَ، ڏينهن، هفتو، مهينا نه پر،
    مٺا! عمر ساري وڻي ئي نه ٿي!

    اوهان جي نگاهن نه جايون ڏنيون،
    حياتي ڏکاري وڻي ئي نه ٿي!

    اوهان ريءَ ڪهڙو جيئڻ ۾ مزو؟
    گهڙي هر ڪَساري وڻي ئي نه ٿي!

    اوهان جي لکڻ جو سفر جو پُنو،
    ڪويتا “بخاري”! وڻي ئي نه ٿي!

    شبانه ڏکن ساڻ رشتو پڪو،
    خوشي آ اڌاري وڻي ئي نه ٿي!

    * موهن، مڪلي، ڪوٽڏيجي: تاريخي جايون


    جَليا مون سان ستارا دير تائين،

    جَليا مون سان ستارا دير تائين،
    رهيا جذبا ڏکارا دير تائين!

    ڏنائون ساهَه آخر سُڃَ ۾ هئه،
    رهيا لڇندا اڃارا دير تائين!

    اوهان جي سار سانوڻ ٿي وئي هئي،
    وهيا نيڻن جا نارا دير تائين!

    ويو وئرٿ وڇوڙو جند جهوري،
    ڪيا پيارن ڪنارا دير تائين!

    اوهان ۾ سونهن جي ساري خدائي،
    ڏٺا نيڻن نظارا دير تائين!

    شبانه ماٺ سان ماتم ڪيو دل،
    پيا جو ياد پيارا دير تائين!


    هي پيرن جو ناهي سفر ساهَه جو آ،

    هي پيرن جو ناهي سفر ساهَه جو آ،
    نه ماپي تون سگهندين سحر ساهَه جو آ!

    هزارين اميدون اچن ٿيون وڃن ٿيون،
    سدا شاد رهڻو شهر ساهَه جو آ

    پتو هيءُ ڪنهن کي پيو ڪونه پوندو،
    ٿئي بند ڪاٿي هي در ساهَه جو آ!؟

    وسي ٿو بنا مند موسم جي مٺڙا،
    پسائي ٿو پنبڻيون ڪڪر ساهَه جو آ!

    ڇڏي رنج سارا کِلي ٿا گذاريون،
    وڃي ڪونه ورندو پهر ساهَه جو آ!

    شبانه ٺهي ۽ ڊهي ٿو گهڙيءَ ۾،
    عجب جهڙو جاني! هي گهر ساهَه جو آ!


    جڏهن سارَ لهندي تڏهن ڪير هوندو!؟

    جڏهن سارَ لهندي تڏهن ڪير هوندو!؟
    اسان سان مٽيءَ جو مٺا! ڍير هوندو!

    انهيءَ پار هوندو الائي ته ڇا ڇا؟
    اهو ڀروسو آ نه ڪو وير هوندو!

    مٽيءَ منجهه هرڪو مري پاءُ ٿيندو،
    حياتيءَ ۾ جيڪو سوا سير هوندو!

    اڪيلو ته هوندو اتي سر جڏيءَ جو،
    نه ئي ڪانڌ هوندو نه ڪو ڏير هوندو!

    نئون پارُ هوندو نئون پنڌ پنهنجو،
    اڄاتو اڄاتو گهٽي گهير هوندو!

    اسان ويلَ سان ويلَ گهاري وڃون ٿا،
    شبانه اوهان ڏي سدا خير هوندو!


    تو سوا او پرين! ساهَه سُڏڪا ٿيا،

    تو سوا او پرين! ساهَه سُڏڪا ٿيا،
    روحَ جي راهَه تي نيڻَ اُلڪا ٿيا!

    ڪونه سنديشُ تو موڪليو ڪالهه کان،
    جيءَ ۾ هِن ڪَٺا کوڙ کُٽڪا ٿيا!

    سالَ ها ساٿ جا پر پتو ئي نه پيو،
    وقت سان وِيا وَهي ياد لمحا ٿِيا!

    ماٺ ماتم بڻي پلَ گهڙيءَ ۾ وئي،
    شورَ دل ۾ اُٿيا پارَ پِٽڪا ٿِيا!

    وات پنهنجو ٻَڌي لوڪ جيئندو رهيو،
    ڪيسَ توڙي وڌيا ڪونه ڀڻڪا ٿيا!

    دل شبانه! ڪنائڻ لڳي اوچتو،
    تنهنجي پيرن جيان چار کُڙڪا ٿيا!


    هر اوکَ به سوکي آ جو ڏات اڃان آهي،

    هر اوکَ به سوکي آ جو ڏات اڃان آهي،
    بي حال بدن ڀڻڪيو جذبات اڃان آهي!

    چُپ چاپ چڱي ناهي هِن دؤر يزيديءَ ۾،
    انوار تون مَت رکجان اڌ رات اڃان آهي!

    تون ڏُور نه وڃ پيارا! جهٽَ ويهه اڃان گڏجي،
    هن قلب دکياري جي ٻڌ، بات اڃان آهي!

    جذبات سُتا ناهِن هِن جيءَ جياپي جا،
    ماٺارَ مُٺي ناهي ذڪرات اڃان آهي!

    آرام شبانه کي ٿو ڪونه اچي ڌرتي!
    دک دردَ پيا تڙپن فڪرات اڃان آهي!


    ڪرڻو پيو ڪيوسين اظهار قيدَ ۾،

    ڪرڻو پيو ڪيوسين اظهار قيدَ ۾،
    احساس پاڻ سان هو غمخوار قيدَ ۾!

    هر جيءُ آهي سوگهو سوچن جي ٻوجَهه ۾،
    ٻڍڙو، جوانُ آهي هر ٻارُ قيدَ ۾!

    رسمي رواج وارو هر ڪوٽ ٿو ڪُڏي،
    سارو لڳي پيو ٿو سنسار قيدَ ۾!

    تن کي سلام آهي خود وقت ڀي ڪيو،
    آجو ڪري ويا جي ڪردار قيدَ ۾!

    ڌرتي گواهه رهندي هر دئور ۾ پرين،
    ٿيو نينهن نيٺ نِکري نروار قيدَ ۾!

    جذبا غلام ناهِن ڪلفت ڪروڌَ جا،
    اُجرو ڪيو شبانه دل پيار قيدَ ۾!


    بدگماني ٿئي دوستي ٿي وڃي،

    بدگماني ٿئي دوستي ٿي وڃي،
    ساٿ سِڪَ جي صدي پئي گهڙي ٿي وڃي!

    ويجهڙي ٿي وڃان دل ڏکي ٿي پوي،
    ڌارَ ٿي جي ٿيان زندگي ٿي وڃي!

    وقت وارن جو ورتاءُ ماري پيو،
    ماٺ ٿيندي مٺا! شاعري ٿي وڃي!

    موت ڏي زندگي ٿي وڃي ڊوڙندي،
    سمنڊ ڏي تيز جيئن هر نَدي ٿي وڃي!

    ياد توکي نه جي ساهَه وانگر ڪيان،
    ڄڻ ته مون کان قضا بندگي ٿي وڃي!

    تون اچين ٿو شبانه ڏي جنهن ڀي گهڙي،
    او پرين! دور ٿيندي غَمي ٿي وڃي!


    دردَ جي ڌرتتي تيکَ تايون وَيون،

    دردَ جي ڌرتتي تيکَ تايون وَيون،
    جيءَ جوڀن سنديون چلولايون ويون!

    ڪالهه وايون لکيون ساهَه ۽ چاهَه سان،
    عمر جون ڳالهيون تن ۾ ڳايون ويون!

    پل ۾ سارو قِصو مختصر ٿي ويو،
    زندگيءَ جون گهڙيون چار آيون ويون!

    ماٺ ماتم ڪندي رات ڏکندي وئي،
    ڪيئن ڪُسجي امان! تنهنجون ڄايون ويون!؟

    گَندُ ساڙيئي مگر ڪونه ڄاتئي اِهو،
    مفت سڙنديون وَليون کوڙ سايون ويون!

    هاڻ اُلڪا شبانه! نه سُڏڪا رهيا،
    ڏُور ٿينديون سڀئي هيکلايون ويون!


    ڪُٺا لال بڻيون او مائون اڪيليون،

    ڪُٺا لال بڻيون او مائون اڪيليون،
    لُڇن ڀُونءِ اُڀَ تي دعائون اڪيليون!

    وڃي ڪونه ويٺو تنين جي ڇپرَ ۾،
    تَڪِن جيءَ جڳَ ڏي هي ڇائون اڪيليون!

    ٿِيا سُور ناسُور ويڄن وَسان ڀي،
    زخم زندگاني، دوائون اڪيليون!

    وَڌي بُوءِ آهي دلين جي دڳَن تي،
    پيون ساهَه سارن هڳائون اڪيليون!

    وڃن ٿيون اگهاڙيون ڪيون سنڌ ڄايون،
    رُنيون روز هتڙي ردائون اڪيليون!

    ويا گهوٽ ڪُسجي دڳن منجهه آهن،
    رڙن ٿيون شبانه هئه لائون اڪيليون!


    ڪُلفت ڪِروڌ کڻ کڻ، قربن ڪَڻي اسانجي!

    ڪُلفت ڪِروڌ کڻ کڻ، قربن ڪَڻي اسانجي!
    ڪوٺين متان ننڌڻڪو الفت ڌڻي اسانجي!

    سڀ ڪوڙ ڏي ڪُڏي هِن لوڀي وِکون کڻي ويا،
    ڪنهن ڀي نه پر سچائي ڳڻ ۾ ڳڻي اسان جي!

    هي وڻ حيات آهي آسون پنن جيان هِن،
    هڪ هڪ اميد تڙپي ڇم ڇم ڇڻي اسانجي!

    هيڏو جهان آهي قدرت قديم ان ۾،
    سندر سٻاجهڙي سنڌ هڪڙي ڄڻي اسانجي!

    ڇالاءِ رنج آهين مرڪي ملين نه ٿو ڇو؟
    سنسار ۾ حياتي ناهي گهڻي اسانجي!

    سارو سفر شبانه، شعرن جو ٿيو سڦلتا،
    هر سِٽَ سچي سڄڻ کي آهي وڻي اسانجي!


    اڃان ويهه، پيارا اڃان رات آهي،

    اڃان ويهه، پيارا اڃان رات آهي،
    چوَن ٿا ستارا، اڃان رات آهي!

    اڃان چنڊ جي روشني مست اُڀَ ۾،
    نچن ٿا نظارا، اڃان رات آهي!

    اڃان ڪونه آڪاش ٿو باک ڀاسي،
    اڃان رند ڪارا، اڃان رات آهي!

    اڃان ماٺ سان گفتگوءَ منجهه آهن،
    سڀئي کيتَ ٻارا، اڃان رات آهي!

    اڃان ڀي جلائي پئي جاڳ جاني،
    پَٽي تات تارا، اڃان رات آهي!

    اڃان چار ڳالهيون ڪيون ترس راڻا،
    وسن نيڻ نارا، اڃان رات آهي!

    شبانه مُٺي ماٺ ۾ ڪونه آهن،
    صبح جا اشارا، اڃان رات آهي!


    زمينَ چُپ، آسمان چپ ڇو!؟

    زمينَ چُپ، آسمان چپ ڇو!؟
    ڪُسن ٿا جذبا جهانُ چپ ڇو!؟

    ستم هي هيڏو حيات هِن سان،
    صداقتن جي آذان چپ ڇو!؟

    دکي اُٿي رات دل رڙي هئي،
    زبان جڳ جي زمانُ چپ ڇو!؟

    ستن قرآنن مثل ڪُٺي وئي،
    الله! تنهنجو قرآنُ چپ ڇو!؟

    ڊڄين نه ٿو ڏاڍ جي اڳيان پو،
    ڪيو ڪوي! تو بيانُ چپ ڇو!؟

    اميد سُڏڪا ڀري سُتي آ،
    ڪيو ٿي مَنَ جو زِيانُ چپ ڇو!؟

    هزار احساس دل ۾ پو ڀي،
    رهيو شبانه ڌيانُ چپ ڇو!؟


    بي قياس گذاريون ٿا احساس ڪٿي آهي؟

    بي قياس گذاريون ٿا احساس ڪٿي آهي؟
    رت، روح جي رشتن تي وشواس ڪٿي آهي؟

    هر جاءِ ٻري پيئي ڏس باهه انائن جي،
    اڄ پيار محبت جو من واس ڪٿي آهي؟

    سڀ خوف وَتا آهن انسان زماني ۾،
    وشواس کپي، باقي راڪاس ڪٿي آهي؟

    ڪلهه ڪير جلائي ويو اڄ ڪير بچائي ٿو؟
    تهذيب ۽ ٻوليءَ کي اتهاس ڪٿي آهي؟

    ٿي ڀُونءِ ڌِڪي مون کي، ست ڪونه پيا گهرجن،
    هڪ پاڻ ڪري پنهنجو آڪاس ڪٿي آهي؟

    تعذير سٺا آهن، چپ چاپ شبانه پر،
    او سنڌ! مٽي دشمن ٿيو ناس ڪٿي آهي؟


    اوهان نه سوڙهه ۾ رهو اُٿي اسان وڃون پيا،

    اوهان نه سوڙهه ۾ رهو اُٿي اسان وڃون پيا،
    پريت جي سنگيت هئي ٻُڌي اسان وڃون پيا!

    پُڪارَ هئي پَرارَ کان تِکي هئي ترارَ کان،
    نچي ڪُڏي مٺا، ڏٺي ڊڪي اسان وڃون پيا!

    حيات ۾ حيات کي حيات ٿا ڏئي وڃون،
    قصا سڄي جهانَ جا لکي اسان وڃون پيا!

    نه بات ساڻ ڪا رهي نه ڏات آ نه ڏانءُ آ،
    ڪَلا اسان کان راهَه ۾ رُٺي اسان وڃون پيا!

    خدا ۽ سُور ساهَه جو گواهه آهي هر گهڙي،
    اوهان جي تات ۾ ڏکي لُڇي اسان وڃون پيا!

    اوهان جي ڏيهَه کان پَري اُڏام روحُ ٿو ڪري،
    چُڳي نصيب جا ڪَڻا پکي اسان وڃون پيا!

    وري نه کولبيون اکيون حيات جي جهانَ ۾،
    اوهان جا پيارَ ساهَه ۾ رکي اسان وڃون پيا!

    شبانه شور ڪونه آ اڪيلڙي گهٽيءَ اندر،
    رکي چپن تي ماٺڙي مُٺي اسان وڃون پيا!


    ڏٺا پل پل پٿون هت مون، اگهاڙا پيرَ پنهنجن جا!

    ڏٺا پل پل پٿون هت مون، اگهاڙا پيرَ پنهنجن جا!
    رُنيون هِن آسَ جون راهون اگهاڙا پيرَ پنهنجن جا!

    نه ٿو جو قياس کيڪاري ڏکاري ڏيهَه ۾ ڪنهن کي،
    ڪري دل درد سان دانهون اگهاڙا پيرَ پنهنجن جا!

    اکين جا خوابَ ٿا سُڏڪن وڃائي ماڳ راهن ۾،
    وهن ڳوڙها بڻي آسون اگهاڙا پيرَ پنهنجن جا!

    اڄاتا رندَ روهن جا پِٽن ٿا ڀانَ ڀاڻن جا،
    نه سُورن سان کڻن ساهون اگهاڙا پيرَ پنهنجن جا!

    مسافت اهنج ارپيا هِن ڏکيا هر جيءَ جا رستا،
    ڀري ٿي زندگي آهون، اگهاڙا پيرَ پنهنجن جا!

    شبانه حال هيڻن جو ڏٺو ڪاٿي ٿيو هِنَ کان!
    چُمي پيئي ڏکاري ڀُون، اگهاڙا پيرَ پنهنجن جا!


    اي دوست! درد سُورَ جي وري وري صدا نه ڏي،

    اي دوست! درد سُورَ جي وري وري صدا نه ڏي،
    اکين ۾ عشق آڳ سان ٻري ٻري صدا نه ڏي!

    مَسين ته ماٺ دل ڪئي رڙي سُتي آ سانت سان،
    وري نه ڇيڙ تند ڪا ٺري ٺري صدا نه ڏي!

    خموش ٿي وئين ته ڄڻ جهانُ ئي سُتو سَڄو،
    سُڪون ڪَرَ ڀَڃي پيو مري مري صدا نه ڏي!

    نگاهه نينڍ سلسلو هلي ڀلي هلي مگر،
    زبان سُور سان اها ڀَري ڀَري صدا نه ڏي!

    شبانه ننڊ ٿي اچي حيات جاڳ آ ڪٽي،
    کُلي پوي نه قلبَ جي دري دري صدا نه ڏي!


    وقت سان ٿو وَهي زندگيءَ جو قدم!

    وقت سان ٿو وَهي زندگيءَ جو قدم!
    پيارَ سان ٿو ٺَهي زندگيءَ جو قدم!

    آسَ جو آهي رستو اڙانگو اَلا،
    سُور سختيون سَهي زندگيءَ جو قدم!

    حسرتن سان ڀري هانءُ هلندي رهان،
    ڪِٿ الائي ڊهي زندگيءَ جو قدم!

    وقت ويساهُه ٿو واءُ وانگر وڌي،
    ماڳ ڳولي لَهي زندگيءَ جو قدم!

    نيڻ هِن بي لکا ڪجهه سڃاڻن نه ٿا،
    پار ڪهڙي ڪَهي زندگيءَ جو قدم!

    قول سارا شبانه نڀائي سگهان،
    شال قائم رهي زندگيءَ جو قدم!


    ڪرودُ ٿو نَچي ڪُڏي قدم قدم سماجَ ۾،

    ڪرودُ ٿو نَچي ڪُڏي قدم قدم سماجَ ۾،
    اسان جي سوچَ ٿي رهي اڃان به احتجاجَ ۾!

    ڇَڏي نه مُفلسي پئي غريب جي ڳِچي هتي،
    وَڪوڙجي سَماج وِيو سَڄو وَبا وياجَ ۾!

    وفا حيات ڇا ڪندي؟ فنا فنا سڀئي فنا،
    رکون جفا نه جاڙَ ٿا مِٺا! سندي مزاجَ ۾!

    ڀلي ڏِسو خُمارجي خواب انقلابَ جا،
    اسان اٻوجھَ ٿا رهون اَڙيلَ اڃان اناجَ ۾!

    حقيقتن جو سَجُ نئون جهان آ ڏٺو مگر،
    اسان اڃان به رات سان رهون پيا رِواجَ ۾!

    سُڪونَ سان ٻُسي چڱي شبانه زندگي وَڻي!
    سمائي ڪُوڙ اَزيتون نه ڏي اسان کي تاجَ ۾!

    * برک شاعر پنهل جي غزل کان متاثر ٿي لکيل


    بزم مستانَ ۾، هوش جون ڳالهيون!

    بزم مستانَ ۾، هوش جون ڳالهيون!
    عشق انسان ۾، هوش جون ڳالهيون!

    ساهَه ساڻا هِتي نيڻ مڌ ۾ مگن،
    موهَه ميدان ۾ هوش جون ڳالهيون!

    ڪير سُڏڪو سُڻي ڪوهه خاموش آ،
    سانت سنسان ۾، هوش جون ڳالهيون!

    آس اُڪري پئي ساهُه نِڪري پيو،
    چُپِ بيابان ۾، هوش جون ڳالهيون!

    زندگيءَ کي ڌَڪي وقت آهي ويو،
    ويل نقصان ۾، هوش جون ڳالهيون!

    بُت سڙندي شبانه، عمر ٿي ڏِسي،
    پيار شمشان ۾، هوش جون ڳالهيون!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 971
    ڪتابن جو مشاهدو: 3159726
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 826240
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ