مرتب پاران
گذريل سال هنن ئي ڏينهن ۾ آءٌ هندستان ياترا تي هيس. واپس آيس ته سائين نور احمد ميمڻ، سنڌيڪا جي قيام متعلق ٻڌايو ته مون ساڻس پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو، هن به کڻي هائوڪار ڪئي ۽ آءٌ لڳي ويس شاعر حضرات جي ائڊريسن هٿ ڪرڻ ۾- پر منهنجي اڳيان جيڪو سڀ کان ڏکيو/منجهائيندڙ سوال هو، سو اهو ته آخر ڪهڙن شاعرن/شاعرائن کي ليٽر موڪلجن يا ڪهڙيون شاعرائون/شاعر نمائنده ٿي سگهن ٿا؟ بهرحال پروڙ سان وابستگي جي ڪري پڙهندڙن جي راءِ جو پتو هيم، سو ان کي اڳيان رکي لڳ ڀڳ پنجويهه خط روانا ڪيم. ٿورڙي ئي عرصي ۾ انهن خطن جي موٽ ملڻ شروع ٿي. پر هڪ خط اهڙو پڳو جنهن سڀ کان وڌيڪ حيران ته ڪيو، پر تمام گهڻو ڏک به رسايو. اهو خط بيحد سهڻي ۽ شرميلي شاعر مظهر لغاري جو هيو، جنهن صاحب نه رڳو ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ تي اعتراض ڪيو، پر اهو به لکيو ته ”اڳنان آءٌ ’پروڙ‘ ۾ به ڇپجڻ نٿو چاهيان ۽ مهرباني ڪري منهنجي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل شاعري مون کي واپس ڏياري موڪليو.“ ڪجهه عرصو اڳ جڏهن مظهر ’پروڙ‘ ۾ سڀ کان گهڻو ٿي ڇپيو ۽ سندس مختلف حلقن کان ڪافي تعريفون پئي ٿيون ته مظهر جي ڀيڻ، ادي گلشن لغاري، جيڪا پاڻ به شاعره آهي، تَنهنجو هڪ خط پڳو هيم، جنهن ۾ هن لکيو هيو ته ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي تخليقي سگهه وڃائڻي هجي ته ان جي گهڻي تعريف ڪريو، جيڪا هينئر منهنجي ڀاءُ جي ٿي رهي آهي، ۽ مون کي ڊپ آهي ته گهڻي تعريف منهنجي ڀاءُ کي ڇيهو رسائيندي.“ مون کي خبر ناهي ته ادي گلشن لغاري جي مٿين ڳالهه ڪيتري درست آهي، پر ايتري سڌ ضرور اٿم ته مظهر پاڻ کي هن ڪتاب کان الڳ ڪري هن ڪتاب کي ته اڻپورو ڪيو ئي آهي، پر خود مظهر لغاري، ’شاعر مظهر‘ کي هن ڪتاب کان پري ڪري، هڪ دؤر جي مڃتا کان انڪار ڪيو آهي!
جن دوستن اسان کي خطن/پيغامن جي موٽ نه ڏني تن ۾ حليم باغي، اعجاز منگي، احمد سولنگي، آسي زميني، مانجهي، تانيا ٿيٻو ۽ حسن درس اچي وڃن ٿا. حسن درس سان ته منهنجي ڪافي حجت آهي، سو ان جي انڪار جي باوجود مون، ’پروڙ‘ ۾ سندس ڇپيل شاعري ڪتاب ۾ شامل ڪئي آهي، جنهن لاءِ آءٌ هن کان معذرت ٿو ڪيان، پر جيڪڏهن باقي مٿي ڄاڻايل دوستن جي شاعري شامل ٿئي ها ته سچ پچ ڪتاب کي چار چنڊ لڳي وڃن ها. آءٌ ذاتي طرح سان انهن شاعرن کان به معذرت ٿو ڪيان جن کي اسان هن ڪتاب ۾ شامل نه ڪري سگهيا آهيون.
بهرحال ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي ۽ فيصلو پڙهندڙن تي آهي ته اسان پنهنجي ڪوشش ۾ سڦل ويا آهيون يا اسڦل.
[b]مظفر چانڊيو
[/b]سيپٽمبر 1992ع
ڪراچي