ٻُوساٽيل نقشو
ٽاڪ منجهند جي اُس
منهنجي تارونءَ سان ٽڪرائجي ٿي،
۽ مان
سنڌ جي ٻوساٽيل نقشي ۾
پنهنجا وڃائجي ويل ورهيه ڳولڻ لڳان ٿو،
’ڪٿي آهي منهنجي جندڙي!
ڪٿي آهن
منهنجيون جيئڻ واريون سرحدون!؟‘
نقشو
ڪنهن ڊنل ٻار جيان لڳي ٿو!
منهنجي ڪوڏر، نقشي کي
پنهنجي ٿڪ جو داستان ٻڌائي ٿي
ته، اُن منجهان
مئل گدڙن جي ڌپ اچڻ لڳي ٿي؛
منهنجا پوڙها هٿ
ڏڪندي،
نقشي کي چُمي ڏين ٿا ته،
اُن مان ڪنهن بيوهه جا ٽهڪ
ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا.
مون کي بک لڳي آهي،
ڇا، مان پنهنجي هٿ ۾ جَهليل
نقشي کي کائي ڇڏيان!؟
ڇا، پوءِ به منهنجي بک
لهي سگهندي!؟
هي، جو ٻين جي ڏندن ۾
سنڌ جا هڏا لڙڪي رهيا آهن
ڇا، هنن جي بک لٿي آهي!؟
اي ساٿيو!
تيز اُس، منهنجي چمڙيءَ کي
ساڙڻ لڳي آهي.
۽ مون کي پنهنجي ڳوٺن جو سلسلو
ڌنڌلو پيو نظر اچي؛
اي هم-نشينو!
مون کي بچايو،
منهنجي کيسي ۾
بچيل آخري رپيو
ڏڪي رهيو آهي.
***