ساري رات کڙيا، ساري رات کڙيا، مون در مٿان تارڙا. ٿڌڙي ٿڌڙي هير ۾، ڪيڏا ساز ڇڙيا. اڳ نه ايندي سانوري، ايڏا پير ٿڙيا. تنهنجي، منهنجي ڀَر ۾، ڪيئي گل ٽڙيا. ڪيڏا ڪوسا چپ ها، ڪيڏا ڳل سڙيا. ساري رات کڙيا. مون در مٿان تارڙا. **