مون وٽ ناهن ميتَ، مون وٽ ناهن ميتَ، ڪويل! هوريان ڪُوڪ تون. مس مس منهنجي سوچ جي، سرچي آهي سريت. سام نه جهلبي سومري، روپا جي آ ريت. تون ۽ وڍ وجود جا، مان ۽ ڳوڙهن ڳيت. مون ئي راتين ۾ رچيا، جي تو ڳايا گيت. ڪويل! هوريان ڪُوڪ تون. **