رسمن جي صليب تي لٽڪندڙ جيِوُ
مذهب کي تلوار بڻائي،
خواهش جي انڌي گهوڙي تي چڙهي
منهنجي مَنَ اڱڻ تي ڀَيلَ ڪئي!
منهنجي ويساهه کي ٽياس تي ٽنگي
تو ٻي شادي ڪئي
توسان گهاريل سمورين گهڙين کي،
مون کل وانگر ماَسَ تي چنبڙايو آهي
تو سان پلئه ٻڌي، ابي جو اڱڻ اورانگهي،
تنهنجي آندل سانچي ۾
مون پنهنجو پاڻ ماپايو هو.
پيار ڇاهي مان نٿي ڄاڻان
پر تنهنجي گهر، بڙ جي وڻ جيان
مون تي ڇانوَ ڪئي
زماني جي اکين مان وسندڙ تيرن کان بچايو
انهيءَ سانچي ۾ رهڻ ڪاڻ
پنهنجي وجود کي ڪپيندي، ڪوريندي،گهڙيندي رهيس
تنهنجي رت کي پنهنجي ماس مان جنم ڏنم
اولاد به تنهنجو منهنجو ٻنڌڻ نه بڻيو،
ٻنڌڻ ڇا هي مان نٿي ڄاڻان
مون کي فقط هڪ سبق پڙهايو ويو هو
ته تنهنجو گهر منهنجي آخري پناهه آهي
مون طلاق کاڌل عورت کي
زماني جي نظرن سان سنگسار ٿيندي
ڪئين ڀيرا ڏٺو آهي؛
سو مينهن کان ڊنل ٻليءَ وانگر
گهر جي هڪ ڪنڊ ۽ تنهنجي نالي استعمال ڪرڻ تي
قناعت ڪئي اٿم
جنت ڇاهي...؟ جهنم ڇا هي...؟
آئون نٿي ڄاڻان پر پڪ اٿم ته
جنت ويساهه کان وڌ ناهي
۽ جهنم پهاج جي ٽهڪن کان ڳرو ناهي
ماڻهن جي ٽوڪن ۽ رحم ڀريل نظرن کان سنگين
ڪا پلصراط ناهي!
ڪڏهن مون کي پهاج جو چهرو
پاڻ جهڙو نظر ايندو آهي،
بي اعتباريءَ جا گهنج
هن جي نرڙ تي به ڏٺا اٿم
مون ڏانهن نهاريندي، خوشي سندس سيني ۾
هٿن ۾ جهليل ڪبوتر وانگر ڦٿڪي پوندي آهي.
مان هن سان وڙهي نٿي سگهان
۽ ان سان گڏ تون آهين
توسان وڙهي نٿي سگهان
مذهب، قانون ۽ سماج تنهنجا ساٿي آهن
ريتون ۽ رسمون تنهنجا هٿيار آهن
دل چئي ٿي ته زندگيءَ جي ڪتاب مان
اهي سڀ باب ڦاڙي ڦٽا ڪريان
جيڪي پنهنجي مفاد ڪاڻ
منهنجي مقدر ۾ تو لکيا آهن.