پيار جون سرحدون
منهنجا محبوب، مون کي توسان محبت آهي
پر مان تنهنجي اڱڻ جو کوهه بڻجڻ نٿي چاهيان
جيڪو تنهنجي اُڃَ جو محتاج هجي
جيترو ان مان پاڻي ڪڍجي ته شفاف ٿئي
جي نه ڪڍجي ته ٻاڙو ٿي وڃي.
مان ڪڪر جيان وسڻ چاهيان ٿي
منهنجو اندر تو لاءِ آتو آهي
پر اهو ناتو جيڪو ڀولڙيءَ ۽
مداريءَ جي وچ ۾ هوندو آهي
سو مان نٿي چاهيان.
تنهنجي قرب جي ڪشش مون کي ڏاڍو موهي ٿي
پر تنهنجي خواهش جي گهاڻي ۾
چاڪيءَ جي ڏاند جيان ڦرڻ نٿي چاهيان،
تنهنجي اڱڻ تي ڀرم جي ڪلي سان ٻڌجي
وفائون ڀؤنڪڻ نٿي چاهيان
لولي لنگڙيءَ سوچ سان لانئون لهي
انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن ٻارن کي جنم ڏيڻ نٿي چاهيان
مان سڀ حواس رکندڙ آهيان
سو لوچيان به ٿي ۽ سوچيان به ٿي
بک، ڏک ۽ خوف، موت جا پاڇولا بڻجي
منهنجي رت سان راند پيا ڪن
۽ تون منهنجي اکين ۾ حيا ڏسڻ ٿو چاهين
ٻاهر جي درد جا ڀڀڙ پيا ٻرن
سا لمس ته مون کي به لڳي آهي
تون منهنجي چمڙي کي گلاب جيان ٽڙيل ڏسڻ ٿو چاهين
مان تنهنجي خيالن جي ڪينواز تي
ٺاهيل ڪا تصوير نه آهيان
جنهن ۾ پنهنجي مرضيءَ سان رنگ ڀرندو رهين
۽ مان تنهنجي ڪٿيل فريم مان ٻاهر نڪري نه سگهان.
ڄاڻان ٿي تو کان سواءِ مان ڪجهه به نه آهيان
مون کان سواءِ تون ڪجهه نه آهين
محبت جو ماڳ ماڻڻ لاءِ،
اچ ته هڪ ٻئي لاءِ آئينو بڻجي وڃون
منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي
مون سان چنڊ متعلق نه ڳالهاءِ
منهنجا محبوب مون سان اهي ڳالهيون ڪر
جيڪي دوستن سان ڪندو آهين.
**