شاعري

ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان

هي ڪتاب سنڌ جي ڏات ڌڻين حسن درس، حسن مجتبيٰ، سعيد ميمڻ، اياز جاني، ڪوي، وسيم سومرو، بخشڻ مھراڻوي، اثر، جان خاصخيلي، امتياز ابڙو، ارشاد ڪاظمي، زاھد دارا ابڙو، عطيہ دائود، پشپا ولڀ، امر سنڌو ۽ شبنم گُل جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آھي جنھن جو سھيڙيندڙ مظفر چانڊيو آھي. ھن ڪتاب جو مھاڳ/مقدمو عظيم ڪوي شيخ اياز لکيو آھي.
Title Cover of book ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان

اچ ته، ڪجهه مُرڪي وٺون! 

اي پرين، منهنجا پرين!
هنن ٿڌڙين هوائن ۾
پنهنجا نرم بازو ڦهلائي
مون سان ائين
ائٽم جون ڳالهيون نه ڪر!
مون کان نه پُڇ
ته، صرف هڪڙي گولي
ڪيترا جگر ڦاڙيندي آهي؛
پنهنجا هٿ هيڏانهن ڪر!
۽ اچ ته پنهنجين محبتن جو
هڪ ’ڊزني لينڊ‘ ٺاهي وٺون؛
اچ ته، ڪجهه دير لاءِ
جيتري ليوس، ليوسي بال
۽ ميڊانا تي ڳالهايون!
اچ ته، زندگيءَ جي
هن رهجي ويل شور ۾
ڪجهه ٿورو مُرڪي وٺون!
ها، نانگ جي ڦڻ سامهون
اسان جا خواب آهن،
مگر زندگي ڪنهن ٻئي ڪناري تي آهي،
نٿا مڃون!
چوڌاري برفَ ٿي وسي؛
۽ تون مون کان
ائٽم جو اثر ٿي پُڇين!
ڇا، تون نٿي ڄاڻين،
’هيروشيما جي
چانڊوڪين راتين جا لڙڪ
جن جن ڏٺا،
سي وري نه سُتا!‘
ڪيترائي شهر، انهيءَ خوف ۾
اڃان پنهنجا
ڪنڌ جُهڪايو بيٺا آهن؛
”اسانجا سڀ هٿيار کڻو،
۽ اسان کي
هڪ ٽهڪ ڏيڻ ڏيو!“
اي پرين!
ڪجهه گهڙي کن لاءِ
مان تنهنجيون
اکيون ٿيڻ چاهيان ٿو؛
۽ پوءِ مون کي
مزدوريءَ ۾ گهوڙو ٿيڻو آهي،
۽ پنهنجا ڪلها وڪڻڻا آهن؛
مان ڄاڻان ٿو ته،
پينٽاگون هتان ڪيترو پري آهي؛
۽ تون
منهنجي ڪيترو ويجهو!
مان ڄاڻان ٿو ته،
منهنجي شهر جي گورڪنن
پنهنجا هٿ
ڇو وڍي ڇڏيا آهن!
اي پرين!
نه منهنجا خواب نيوڪليئر آهن؛
۽ نه منهنجي زندگي اهڙي!
مون ته سدائين
اها آرزو ڪئي آهي ته،
’جيڪو به، جنگ لاءِ سوچي
ان کي
ناگاساڪيءَ ۾ سنگسار ڪيو وڃي!‘

***