آزاد نظم
ڪڏهن درد منهنجي نه ويجهو هُئو،
نه ئي وَهمَ
۽ ڪنهن وڇوڙي جي دنيا هُئي،
نه ئي سوچ آرهڙ سندا ڪي اُلا هئي،
اکين جي اڄاتِي دنيا ۾،
خوشين جا سوين گل گلابي ٽڙيل ها،
۽ آسن جا سُورج مُکي سَوَ کڙيل ها،
سڄي جسم ۾ هو سُڳنڌ سُونهن-واسو،
حياتي سکن ساڻ گذرِي پئي،
مگر اوچتو ڪا، سُندرتا جي سرتاج مَلِڪه
محبت جي ديوي مهانُ،
ستارن جي دنيا جي داسِي،
سَوَن سنگتراشن جي محنت جِي مورت،
پرهه جي رنگن جو ڍڪي ويَسُ ڪوئي،
اچي من جي بن ۾ پکي ٿِي لٿي،
مڌُر مُرڪ-کيڪار سان دل کسي وِئي،
ستن ڄڻ حياتين جي چاهت ڏيئي،
وٺي هٿُ هٿن ۾،
ٻه ٽي ڏينهن گهاري،
اندر ۾ امنگن جو درياءَ اُڀاري،
ڪوآڙاهه ٻاري،
اچانڪ وئي ڪُونج وانگر اُڏامي،
هُئي ڄڻ ستارو کِڙي وئي،
۽ خوابن جي خوشبو هئي ڄڻ ٽڙي وئي،
سڄي جسم ۾ درد جا سُرَ ڀري وئي،
۽ بي انت خوابن، خيالن جُون جهوليون ڀري،
ڀاڳ ڀرسان ڇڏي وئي،
چري! سوچ- چرخو ڪتڻ لئه، ڇڏي وئي.
***