تون ته سمجهين ٿي ته
تون ته سمجهين ٿي ته
منهنجا خواب سڀ نامرد ٿيا
۽ هجر جي شام هرڪا
ڄڻ ته کدڙن جي مڙهيءَ جي ماٺ آهي.
تون ته سمجهين ٿي ته
منهنجي موهه جون مرليون سڀيئي
بي سريون بيڪار ٿيون
۽ درد جو هو نانگ ڪارو
ڀٽ ۾ ڀٽڪي مئو
۽ سندئي احساس جيڪو
ڄڻ ته گيڙو ويس آ
مون وڃائي آ ڇڏيو.
تون ته سمجهين ٿي ته
منهنجي سمنڊ سان ياري پراڻي وئي ٽٽي
۽ ساحلن تي بي وفائي پيو بڪان
۽ هاڻ ڪائي يادگيري
ڪا ڪياماڙي نٿي مون کي ڇهي.
تون ته سمجهين ٿي ته
مون ڪيٽي بندر
تنهنجي سنيهي جيئن سجاول کي وساري آ ڇڏيو
۽ سڀئي تاڙيون کجيون
جهمپير جون
مون ۾ ويون آهن مري.
تون الائي ڇا به سمجهين
پر ائين آهي برابر
خودڪشيءَ جي خيال وانگي
سنڌ کي مون سؤ دفعا آ سوچيو
هر دفعي مون مات کاڌي تو هٿان
هر دفعي هن عاشقيءَ
مون کي بچائي آ وڌو.
هن ديس جو هڪ هڪ چپو
منهنجي چپن ۾ آ چمي
منهنجي هٿن ۾ جام جيئن
منهنجي اندر جي آسمانن ۾ اڏامن جي شڪل
هن ديس جي هر هڪ گهٽي
منهنجي رڳن ۾ ٿي لهي
هن ديس جي هر ڪا دري
منهنجي اندر ۾ ٿي کلي
ڇا ڇا نه مون آهي ڏٺو هن ديس ۾.
هوءَ سنڌو
ڄڻ ڪا فرينچ ڇوڪري آهي ستل
۽ انهيءَ تي چاندي.
ڄڻ سڻي پيئي لڙهي لهرن اندر
ڄڻ ته ڪا ساڙهي اچي
پئي اڏامي اُڀ ۾
۽ هو سمورا ڳوٺ جيڪي
ڄڻ ته آهن ٽئگور جي شاعري
۽ تنهنجي اکين مان اس جي وسڪار جيڪا
۽ وڻن تي
اُن اکين جي اُس جو ادراڪ جيڪو مون ڪيو
۽ سمندر جي گجيءَ مان
ڄڻ ته ٿو تنهنجو جسم مون ڏي اچي
ڇا ڇا نه مون آهي ڏٺو هن ديس ۾
ها اڃان مون مان شرابن جي سڃاڻپ
ڪا نه وئي آ
۽ اکين جي گهور گهاتو
ڪين ٿي آهي مُڏي،
اڄ به تنهنجي چاهتن جا
باغ ٿا مون ۾ لڏن
اڄ به ڪائي کنوڻ ٿي مون ۾ کجي
اڄ به ڄڻ هالار ٿو مون ۾ گجي
اڄ به تنهنجي درد ۾ سو دم آهي
ڄڻ ته تنهنجي چيلهه جو ڪو خم آهي
اڄ به مون ۾ ڪا جيئڻ جي جاڳ آهي
اڄ به منهنجي عاشقي ڄڻ آڳ آهي.