اَڃان به اُڃ، رڃ رات آهي، اَڃان به اُڃ، رڃ رات آهي، اڃان به پابند فرات آهي. پَسان ٿو مان باکَ رنگ تو ۾، تڏهن ته تنهنجي به تات آهي. ڪڏهن ته آهي پَها به رکندي، ڪڏهن ڏنگيندِي به ڏات آهي. بهارَ ۾ بيقرار هينئڙو اُداس ڪويل جي لات آهي. ***