نثري نظم
هي ڊگهي ننڊ سمهڻ جي ريهرسل
هن صديءَ جو مدد خان،
ڪو طوفان بنجي اُٿيو آهي،
۽ سندس عهد جا گهوڙا،
بي لغام ٿي ويا آهن،
جنهن جي سنبن جون سنگينون،
هر نئين ڄاول ڏينهن تي
اسانجي، تازي خون سان ڌوپجن ٿيون.
زندگي!
ايتري سستي ۽ بي معنيٰ ٿي وئي آهي
جو اسان جا آقا،
اسانجي،
ماتمي جذبن جو ملهه چُڪائي،
پنجاهه هزار جي ڪڙڪ چيڪ سان،
اسانجون دانهون،
اسانجون آهون،
اسانجا لڙڪ،
اسانجون صدائون،
۽ اسان جا بي ڪفن لاشا خريد ڪن ٿا.
پر وقت جي گهوڙن جي،
ٽاپ، ٽاپ جي ردم تي،
اسان ڄڻ،
هڪ ڊگهي ننڊ سمهڻ جي،
ريهرسل ڪري رهيا آهيون.
اسان جي ٻُڌڻ جا حواس،
موت جي خبرن جا،
عادي موالي ٿي ويا آهن،
جو هاڻ،
زندگيءَ جي خبر،
اسان لئه حيرت بنجي وئي آهي!
ڪرفيو،
اسان لئه ڄڻ ڪو تهوار آهي
جنهن کي اسان،
زندگيءَ جو دان ڏئي ملهايون ٿا.
دهشتگردي،
ڄڻ ته ڪو ’فيشن شو‘ آهي
جنهن لاءِ،
اسان جي آشنا قاتلن،
اسان جي حياتين کي چونڊيو آهي.
اسان انهن لاءِ،
نهايت سَستو ۽ معمولي،
شڪار بنجي ويا آهيون.
اسان جا بي ڪفن لاشا،
۽ اجاڙ گهر،
ڄڻ ته ڪو خام مال آهن
جن مان هر روز،
اسانجون اخبارون،
اسانجا رهبر،
اسانجا سياستدان،
پنهنجو جياپو وڌائين ٿا.
اسين ڪمپيوٽر ايج جا،
اهي قديم غلام آهيون
جن کي آزادي
فقط موت جي روپ ۾ ملي ٿي،
اسين صدين کان،
ڌرتي جا وارث،
لاوارثي جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون.
پر اسان کي ڪير سمجهائي،
ڪير جاڳائي!
ته وقت جي گهوڙن جا ٽاپ ٽاپ،
۽ هانءَ ڏاريندڙ هڻڪارون،
اسان لئه،
سڄاڳي جو الارم آهن.
پر اسان ڄڻ
هڪ ڊگهي ننڊ سمهڻ جي،
ريهرسل ڪري رهيا آهيون!!