شريعت بل
مان ٽين دنيا جي اسرندڙ سماج ۾
جهالت جي اونداهين گهاٽي جهنگل ۾
ڀٽڪندڙ راهي آهيان
جسماني مت ڀيد جي ڏوهه ۾
ڪوٽن ڪڙن اندر واڙي وئي آهيان
پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ لاءِ
مون صدين کان سفر ڪيو آهي،
شڙيعت بل جو ڪِلوُ کوڙي
مفادن جي زنجيرن ۾ ٻيهر
مون کي ٻڌڻ ٿو چاهين
اسيمبليءَ جي ايوان ۾ ويهي
ڪوريئڙي جي ڄار جهڙو قانون آڻڻ وارا
اهو ڪيئن ممڪن آهي ته
مان تو کي وري اتي ئي ملان
جتي چؤديواريءَ ۾ بند اوچين حويلين اندر
خواجه سرائن جي پهري ۾
پنهنجي چئن زالن سميت سورين ڪنيزن جي عجائب گهر ۾
’موميءَ‘ جيان چپ رهڻ لاءِ ڇڏي ويو هئين.
علم، ڄاڻ ۽ شعور کي من لاءِ نامحرم جي فتويٰ ڏيڻ وارا!
تنهنجي ڏاڍ جي تاريخ جو پيٽ
عزرائيل جي چنبي جهڙو آهي
صدين کان منهنجي خواهش ۽ حقن جو ساهه نپوڙڻ وارا
اي اونداهين جا عاشق!
تنهنجي سوچ ڪنهن چمڙي وانگر
سماج کي چنبڙي پئي آهي
هر عورت اهو ڄاڻي ٿي ته
شرافت مٿي تي اوڍيل
پوتيءَ جو نالو ناهي
جنهن کي مٿي تي پائڻ لاءِ
خميني وانگر حڪم ڏين ٿو.
مان تاريخ جي پيڙائن مان
جنم وٺندڙ شعور آهيان
جنهن کي خاڪي وردي ۽ لانگ بوٽ
چيٿاڙي ڪو نه سگهندا
تنهنجي مڙهيل خواهش خلاف
سڄي دنيا جي سڄاڻ ذهنن کي
ساٿ لاءِ آئون سڏ ڪنديس
ڏاڍ جي ڪا به لٺ اهو چوڻ کان روڪي نه سگهندي ته
’شريعت بل مون کي منظور ناهي.‘
**