خاموشي پنهنجون سوچون پنهنجا احساس جذبا ۽ سمورا خواب ڪڏهن کان چپ جي چادر ۾ ويڙهي روايتن جي ڊسٽ بن ۾ اڇلائي ڇڏيا اٿم، تڏهن کان اکيون بڻيون آهن آرسي ۽ چهرو به لڳي ٿو کليل ڪتاب ڪوئي، خاموشي کي به ڄڻ ته زبان ملي وئي آ!