وائي وائي ويئي رات لڙي، پوءِ به نه آئين راجيا! سازن کي سرچائيندي، گذري هر گهڙي. چاهت جي چِتا تي، سورٺ رات سڙي. گهاري آ گرنار ۾، راڳيءَ رات رڙي. اڳ آ انياءِ جي، پنهنجي پوياڙي. پوءِ به نه آئين راجيا! **