انقلاب اچي چڪو آهي
ڪالهه
شهر پناهه جي ٻاهران
نوجوانن جا
لاش ٽنگيل هئا
۽ شهر ۾
سِر کڻي هلڻ تي
هئي پابندي،
ڇانيل هئي هر طرف
زبان بنديءَ جي موسم
لب کولڻ ۽ ٻولڻ
قابلِ سزا جرم هو،
مرد ۽ عورتون
روز ٿينديون هيون سنگسار سرِ بازار
۽ حڪمران جي بستري جي چادر
روز بدلبي هئي
۽ عوام کي اسٽيڊيمن ۾
۽ چوراهن تي
لڳندا هئا ڪوڙا،
ڪنوارين تي مٿن تان
چنريون
۽ جسمن تان ڪپڙا
بازارن ۾ لهندا هئا،
لڄون لٽبيون هيون
عبادتگاهن ۽ ٿاڻن ۾
ڳڀرو سوليءَ چڙهندا هئا
۽ مقابلن ۾ مرندا هئا
معاشرو ڄڻ هو
حڪمرانن جو شڪار گاهه،
پر اڄ
سڀ بُرج ڊهي چڪا آهن
سڀ بُت ڪري چڪا آهن
محلن ۽ ايوانن ۾
گهڙي آيو آهي عوام،
اڄ
نه ڪو شاهه رهيو آهي
نه ڪو شاهه نواز
زبان ملي آهي رعايا کي
نوجوان
سِر کنيو پيا گُهمن
۽ هٿيار اُڀا ڪري
فضا ۾ پيا لکن
دشمن جي قضا
جن عوام تي
مصيبتون موڪليون هيون
غلامي موڪلي هئي
موت موڪلي هئي
انهن جي مان پترن تي
هو موت پيا موڪلين
۽ پورو شهر
نعرن سان
گونجي ٿو پيو؛
”انقلاب اچي چڪو آهي!“
”انقلاب اچي چڪو آهي!“
**