امر گيت
جنهن ڌرتيءَ جو قسم کائي
تو سان نيهن نڀائڻ جا واعدا ڪيا هئا
ان ڌرتيءَ کي اسان لاءِ قبر بڻايو ويو آهي،
ديس جا سمورا گل پٽي
بارود پوکيو ويو آهي،
سرهاڻ ٽارچر ڪيمپ ۾ آخري پساهه پئي کڻي
جن گهٽين ۾ تنهنجو هٿ پڪڙي
امن جي تال تي مون صدين کان رقص ڪيو هو
اتي موت جو سوداگر پَرَ ڦهلائي رهيو آهي.
گربيءَ جي سٿڻ، ٽِڪَ تي چولو ۽ کهنبو رئو
مون صندوق ۾ لڪائي ڇڏيا آهن
پنهنجي سڃاڻپ کي ڳيت ڏئي، ڳِهي ڇڏيو آهي،
رستي تي هلندي، آسمان تي کڙيل چوڏهين جو چنڊ ڏسي
مان تو کي ڀٽائيءَ جو بيت ٻڌائي نٿي سگهان،
ڪلاشنڪوف جي ٺڪائن تي منهنجو ٻالڪ ڇرڪ ڀري
ننڊ مان اٿي پوي ٿو
مان لولي ڏيڻ لاءِ چَپَ کوليان ٿي ته
گهر جا ڀاتي وات تي آڱر رکي
خاموش رهڻ لاءِ چون ٿا،
اخبارون ڏائڻ جا ننهن بڻجي
روز منهنجو ماس ٿيون روڙين
۽ سياستدانن جا بيان
طوطي جيان ڀاسن ٿا.
مان خوف جي ڌٻڻ ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ نٿي چاهيان
اي منهنجي ديس جا سرجڻهار
اهڙو ته امر گيت لک
جو جبر جا سڀ زنجير ٽوڙي
ڇم ڇم، ڇم ڇم نچڻ لڳان.
**