هي ڏوهيڙو!
آ گهاٽي وڻ جي ڏار جيان،
جنهن ڏار مٿان ڪا ڪوئل آ،
۽ ڪوئل جي ڪا ٻولي آ،
۽ ٻوليءَ جو سُرُ سارنگ آ،
آ سارنگ ۾ جا مينهوڳي،
سا آٿتُ آهي آرهڙ جو-
ڪنهن جُهوني بڙ کي ٽيڪ ڏئي،
۽ تنبوري جي تارَ ڇڪي،
۽ نِڀُ سميٽي نيڻن ۾،
ڪنهن گهاٽِي نيريءَ رنگت سان،
ٿو جوڳي ڏي جو ڏوهيڙو،
سو ات اڃاريءَ موسم ۾،
ڄڻ آ احساس مِٺي تڙ جو.
هي ڏوهيڙو!
ڄڻ سالن جو سرمايو آ،
۽ اُن جي ڦهليل کيتر تي،
ڪنهن واٽ ڊگهيءَ جو پيرو آ،
۽ جوڳيئڙي جي جُواڻيءَ جو،
ڇا اُن ۾ درد جهجهيرو آ،
هن جوڳيئڙي!
ڪنهن جهرڪيءَ وانگر جهڙپون ڏئي،
جو درد ڪکن جيئن ميڙيو آ،
سو ڪيڏو درد امر آهي.
***