آس نراس
من جون سڀ خوشيون
سپون بڻجي
سوچ جي سمنڊ مان منهن ڪڍي
آس مان آسمان ڏانهن
نهارين پيون
پنهنجي ساڀيان جو
ڪو سچو موتي
جهٽڻ چاهين ٿيون شايد!
ڪناري کان نيڻ-نهار تائين
منهنجي حد کان تنهنجي سيما تائين
سپون ئي سپون آهن،
پر حقيقت جي واديءَ ۾
هر طرف رڳو ڌوڙ پئي وسي،
بدن سڄو ڀڀوت بنيل
وار سمورا واريءَ اٽيل،
اکين-پنبڻيون واريءَ اُڻيل
ساهه ۾ پڻ واري واسيل.
اکيون هاڻي هرڻيون ٿي پيون آهن
سڃ ئي سڃ ۾
دريا ڪوئي موجون ماريندڙ ڏسن ٿيون،
نڙي سڄي ڪنڊا ڪنڊا
پوءِ به اُڃ اُجهاڻل سمجهن ٿيون،
من ڏاڍو مور بڻجي
ڪويل جي ڀاشا سمجهي
مست ٿي
۽ اکيون بندي
هر طرف ڳاڙهي تَر ۽
اڇي ڦلڙي واري چُني اوڍيل نار ڏسي ٿو،
پر ڪو نڀٽ ۾ اٽڪيل
ڳاڙهي تَر ۾ اڇي ڦُلڙي واري چُنيءَ جو
اهو رڳو هڪ ٽُڪر آهي
جنهن کي هو پنهنجي ڊيل سمجهي ٿو.
**