نظم
هي ڪومل ڪرڻا نائين ٿو، ڪي لُڙڪ رتاوان لاڙين ٿو،
هو رات ڪکائين جُهوپي ۾، اي چنڊ لڪي ڇا جهاڙين ٿو!؟
هي جُهوپو منهنجي مارن جو، اڄ ڪوئي ڄڻ اتهاس به آ،
۽هن ۾ ڏاڏي جيوڻ جي، بيواس هٿن جو واس به آ،
۽ هن تي نيريءَ رنگت سان، هُو سوچيندو آڪاس به آ،
۽ تون به اگهاڙا انگ ڏسي، ڄڻ ارها ڦٽ اُکاڙين ٿو،
اي چنڊ لڪي ڇا جهاڙين ٿو،
ڪو ورندو خوشين کاڄ کڻي، ائين در ٻرٽائون سوچي ٿو،
ڪا نؤورني هن آڳر ۾، ڪيئن لهندي لائون سوچي ٿو،
ڪو ڀٽ ڌڻيءَ جيئن چاهيندو، هيئن ڇڄ ۾ سائون سوچي ٿو،
هيءَ ڪهڙي آترويلا آ، جا تون به پکين جيئن تاڙين ٿو،
اي چنڊ لڪي ڇا جهاڙين ٿو،
ٿي تنهنجي جوت جهٽڻ چاهي، اڄ منهنجي تات تنوارون ٿي،
نڙ بيتن مان ٿي واجهه وِجهي، ڪا لوڪ ڪهاڻي سارون ٿي،
هُوءَ در تي ڪنڊي سوچي ٿي، ڪنهن سانوڻ ڪاڻ ميارون ٿي،
تون ٿڪجي پير پسارين ٿو ۽ پنهنجا قول نه پاڙين ٿو،
اي چنڊ لڪي ڇا جهاڙين ٿو،
جنهن رات نه اُلري اُڀرين ٿو، اُن رات اکيون هيئن سوچن ٿيون،
ڪنهن اوسيئڙي جي اڻ تڻ ۾، ان رات سکيون هيئن سوچن ٿيون،
جي سُهڻيون پنهنجي ساجن سان، ان رات ٻکيون هيئن سوچن ٿيون،
هُو ويري جيڪي چاهت جا، تون تن جو اندر ساڙين ٿو،
اي چنڊ لڪي ڇا جهاڙين ٿو،