ڪتاب جو نالو: ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان
مصنف: مظفر چانڊيو
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 10 مئي 2019 ع
پڙهيو ويو: 1762 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 645 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌ جي ڏات ڌڻين حسن درس، حسن مجتبيٰ، سعيد ميمڻ، اياز جاني، ڪوي، وسيم سومرو، بخشڻ مھراڻوي، اثر، جان خاصخيلي، امتياز ابڙو، ارشاد ڪاظمي، زاھد دارا ابڙو، عطيہ دائود، پشپا ولڀ، امر سنڌو ۽ شبنم گُل جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آھي جنھن جو سھيڙيندڙ مظفر چانڊيو آھي. ھن ڪتاب جو مھاڳ/مقدمو عظيم ڪوي شيخ اياز لکيو آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڇپائيندڙ جا سڀئي حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر پاران
  • مرتب پاران
  • هڪ دل جو داغ قبيلي لاءِ ڪافي آهي
  • مهاڳ : شاعريءَ جا فني قدر ۽ سنڌي شاعري
  • حسن درس

  • تعارف
  • نظم
  • ڪائنات ڪيڏي وڏي آ
  • روز ٿو ڦاسي پوان
  • ڪانڊيري نالي هُو هاري
  • کل جهڙا پيار پنهنجا
  • خانم گگوش
  • تون ته سمجهين ٿي ته
  • ڪا به ڪويتا اُجري ناهي
  • ننگي سرمد جي حضور ۾
  • شاعر جو وطن
  • حواري بومدين
  • سردين جو هڪ نظم
  • لهر ٿي جاڳي ڪري ٻي لهر ۾
  • سعيد ميمڻ

  • تعارف
  • رستن جي ويراني، مون ڏي گهوري ٿي،
  • مون کي صدما، اڪيلو ڇڏن ئي نٿا،
  • ڪنهن منظر ۾، نيڻ اسان جا گم ٿي ويا،
  • ڄمڻ بعد جيئن ئي کُلن ٿيون اکيون،
  • سارو جيون سارون، سات نه ڏينديون هن،
  • ڏيوِڍيءَ ۾، ڪوئي بيٺو آ اچي،
  • ڪتابن ۾، آواز ڀڻڪي رهيا هن،
  • اُڀ ڪاغذ جيئن
  • ذهن جو پُڙ کولي
  • هينئين جي بر ۾:
  • منهنجي تصور جو،
  • چِيڪِي مِٽيءَ مان:
  • ڪارنهن آ اُڀ تي،
  • رنگُ آڪاشَ جو،
  • روشني ڪري ٿو،
  • پنجڙا
  • اياز جاني

  • تعارف
  • مَنَ ۾ ٿاڪ تنهنجي نيڻن جا،
  • نيڻ-نهارون اڳتي، ڇو نعرا ٿڪجي پيا!؟
  • اَڃان به اُڃ، رڃ رات آهي،
  • مرڪندي گُذري وڃڻ، ڇا معنيٰ!؟
  • خاموشيءَ ۾ هلڪو کڙڪو ڳالهائي ٿو،
  • ڪا صدين جي اُڃَ آهي، آءُ نيڻن ۾،
  • پوڙهو وَرُ سمهاري،
  • سانت ڳيهي ويندي،
  • اُلريون آئيني تي
  • هيلَ ا7سان لئه مَنڌُ،
  • ڪير چوي ٿو سجُ ٿي اُڀرو
  • ڄائِي ڄُنڊا-پَٽ،
  • تَڙَ تَڙَ تي تَرسَڻُ، اَلا وو-
  • رَتُ گُهرين يا جَرُ او ڏيئڙا!
  • آزاد نظم : گوميءَ ۾ ڄمي ويل ماڻهو ڏانهن!
  • حسن مجتبيٰ

  • تعارف
  • Question Mark?
  • زندگي جي ٽارچر سيل ۾
  • وارِ ڪرِاءِ
  • پهريون نظم
  • ٢١ جنوري
  • منهنجي پڄاڻان
  • گناهن جهڙي ڪاري رات
  • بلئڪ اپريل
  • ائنٽي ڪلائمڪس
  • 90-88 SINDH
  • ڪوي

  • تعارف
  • مون من سون-مياڻيءَ وانگر
  • گيت: سندر منهنجو ديس
  • گيت: چنڊ ٿو ڪنهن کان لڪي
  • لوڪ گيت : ”بادليئو“
  • سرتين سينڌيا وار
  • آڏو تاڻيل تير جي
  • پُسيون چوليون پوتيون
  • ساري رات کڙيا،
  • وينگس موڙيا ڪَر
  • نظم : لَهر لَهر ۾ ڇڻڪي جهانجر
  • آزاد نظم: هن گلابي شام ۾
  • جڏهن ڀي بهارون
  • ٻه آزاد نظم
  • نانءُ منهنجو ٻُڌي
  • جڏهن ڀي اسانجا
  • وسيم سومرو

  • تعارف
  • زندگي مضمون ٿي وئِي درد جو،
  • ڀُونءِ جو هڪ به ٿورو نه تُون ڀُل پرين،
  • وريا ڌڻ وٿاڻن، ملِيو سِجُ لڪن سان،
  • هُو اڪن ۾ ڦُٽيون،
  • رَلهيءَ تي رنگ ذات جا، ويٺيون منڊَ منڊينِ!
  • گيِت
  • نظم
  • آزاد نظم
  • سار تنهنجي،
  • هي ڏوهيڙو!
  • بخشڻ مهراڻوي

  • تعارف
  • لا حاصل جو حاصل ڇا هي؟
  • مگر ڇا ڪجي، ها مگر....
  • تاريخ هاريل لشڪر جيان!
  • سوالَ
  • اُڃايل پنڌ جو پيچرو
  • ڪير آهي؟ ’ڪو به ناهي!‘
  • منهنجي پريت آ، پنڇيءَ جهڙي،
  • تو کان هوندي ڌار، جيئون ٿا،
  • هي جي اُڀريل ٻانهون،
  • سورج تنهنجو آڌر ڀاءُ،
  • نثري نظم
  • درد جي ڦاسي گهاٽ تي
  • مان مڃان ٿو،
  • ڪا به رات،
  • جڏهن ڀي اسانجا
  • اثر

  • تعارف
  • غزل
  • هر وستي ويران لڳي ٿي.
  • نڪا چاندني هن نگر دوستو!
  • وائي
  • مون وٽ ناهن ميتَ،
  • گيت
  • رهجي ويل منظر
  • پيڙا
  • لٽجي ويل ڳوٺ جو هڪ منظر
  • جان خاصخيلي

  • تعارف
  • آدرش
  • ڀٽائي جو تنبورو
  • فلسطيني ماءُ جي دُعا 
  • ياد
  • نذير جي جنم ڏينهن تي
  • بيجنگ (چين) ۾ ٿيل فائرنگ تي
  • خوابن جو سفر
  • مارشل لا دور جي سنڌ
  • گوئٽي ڏانهن
  • خوابن جي ڪاڄ مان هڪ واردات
  • امتياز ابڙو

  • تعارف
  • وصيت نامو
  • ساٿ جي موسم
  • تنهنجي ڀر ۾ ويٺل ماڻهو!
  • مون کي تنهنجي گهُرج آهي!
  • اسانکي پنهنجو رقص موٽائي ڏيو!
  • گم ٿي ويل جهنڊو 
  • آئون تو کي چاهيان ٿو!
  • اچ ته، ڪجهه مُرڪي وٺون! 
  • منهنجي جسم جو وطن
  • ٻُوساٽيل نقشو
  • ارشاد ڪاظمي

  • تعارف
  • ايشيا پِيلو ٿي رهيو آهي
  • اسين شاعر آهيون
  • تون مونکي سياري ۾ سُٺي لڳندي آهين
  • آئي بينڪ
  • الميو
  • تِمي شوارا
  • تو کي حاصل ڪرڻ لاءِ
  • محبت
  • مان ياد ڪرڻ چاهيان ٿو
  • ياد
  • انقلاب اچي چڪو آهي
  • زاهد دارا ابڙو

  • تعارف
  • خواب ورهايو
  • ۽ ائين ڪڏهن نه ٿيندو
  • فرسٽريشن جي جنگل ۾
  • ڪمپيوٽر ڊڪندو رهندو
  • اسان انڌا آهيون
  • ۽ ماڻهو
  • کٽارا رومينٽڪ نظم
  • نه ختم ٿيندڙ جبر
  • اجايون ڳالهيون
  • اسان اڃان سفر ۾ آهيون
  • عطيه دائود

  • تعارف
  • “راز”
  • پيار جون سرحدون
  • محبت ۽ بک ٻئي انڌيون آهن
  • امر گيت
  • هڪ اک چئي ٿي....
  • من جا عڪس
  • زندگي جي تلاش ۾
  • حياتيءَ جو سفر
  • رسمن جي صليب تي لٽڪندڙ جيِوُ
  • شريعت بل
  • پرائي شرافت جي پلصراط
  • پشپا ولڀ

  • تعارف
  • ڪولهڻ
  • گُل مُهر جي موسم
  • زندگي مون ڪي سڏي رهي آهي!
  • تنهنجا خواب
  • تو کي ڪهڙي خبر
  • اک جو موتي
  • ڌنڌلو عڪس
  • آس نراس
  • ٻاجهارو هٿ
  • ڌنڌ
  • امر سنڌو

  • تعارف
  • انقلاب جا سڀ نعرا، بلٽ پروف آهن.
  • سمهي نه سگهڻ جو دُک
  • پاڳل خوابن جون تعبيرون
  • Slogans of red lips
  • ڀڳل شيشي جا عڪس
  • ڪا به نيڪي بهتر ٿي نٿي سگهي
  • عنوان کانسواءِ نظم
  • A dream of a mad girl
  • شبنم گل

  • تعارف
  • اڻ چيل ڳالهيون
  • مصلحت 
  • تنها پَل
  • زندگي
  • وقت
  • خاموشي 
  • غزل
  • هن جي نيڻن جي هڪ نهار سان،

  • ڇپائيندڙ جا سڀئي حق ۽ واسطا محفوظ

    ڇپائيندڙ جا سڀئي حق ۽ واسطا محفوظ

    ٻيو ڇاپو: 2015ع
    ڪتاب جو نالو : ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان
    سهيڙيندڙ: مظفر چانڊيو
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: امان الله ڀٽي
    ڇپيندڙ: ذڪي سنز پرنٽرز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 400/= رپيا

    “Deeaa Deeaa Laat Asaan”
    (Sindhi Poetry)
    Compiled By: Muzaffar Chandio
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد 03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سنڌ جي ڏات ڌڻين حسن درس، حسن مجتبيٰ، سعيد ميمڻ، اياز جاني، ڪوي، وسيم سومرو، بخشڻ مھراڻوي، اثر، جان خاصخيلي، امتياز ابڙو، ارشاد ڪاظمي، زاھد دارا ابڙو، عطيہ دائود، پشپا ولڀ، امر سنڌو ۽ شبنم گُل جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آھي جنھن جو سھيڙيندڙ مظفر چانڊيو آھي. ھن ڪتاب جو مھاڳ/مقدمو عظيم ڪوي شيخ اياز لکيو آھي.
    ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1992ع ۾ ڇپيو، جڏھن تہ ٻيو ڇاپو سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين نور احمد سنڌي ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ سنڌيءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون شعري ڳٽڪو آهي جنهن ۾ اڄوڪي سنڌي شاعريءَ جي هڪ بهترين چونڊ ڏني وئي آهي. اڄوڪي سنڌ جي اها سگهاري شاعري 1983ع کان پوءِ سرجڻ شروع ٿي ۽ اڄ به ساڳئي تسلسل سان لکجي رهي آهي، جنهن ۾ موضوعن جي هڪ وڻندڙ نواڻ به آهي ته گڏوگڏ فني ۽ فڪري حوالي سان انتهائي سگهاريون تخليقون به شامل آهن.
    سنڌيڪا اڪيڊميءَ کي اسان سنڌ جي عملي ۽ ادبي ساٿ جي صلاحن ۽ مشورن سان پئي هلايو آهي. ماهوار پروڙ جي ايڊيٽر محترم مظفر چانڊيي سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي شاعريءَ کي ڇپائڻ جي تجويز سامهون رکي ته اسان کيس ئي ان جي سهيڙڻ جو ڪم حوالي ڪيو، ان ڪري جو نئين ٽهيءَ جي شاعرن جو وڏو حصو پروڙ جي لاءِ مستقل لکندڙ هو ۽ ان حوالي سان محترم مظفر چانڊيي جو انهن شاعرن سان رابطو هو. ويتر جڏهن ڪتاب جي مهڙ ۾ سنڌ جي نامياري شاعر محترم شيخ اياز جو مقدمو شامل ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي ته اها پڻ ڪتاب جي اهميت کي وڌائيندڙ مڃي وئي. محترم شيخ اياز صاحب جن مقدمي لکڻ ۽ نوجوان ڏات ڌڻين شاعري موڪلڻ لاءِ اسان جي گذارش کي مانُ ڏنو، جنهن لاءِ اسان سندن ٿورائتا آهيون. محترم علي حسن چانڊيي ڪتاب کي سهڻو ڪري ڇاپڻ ۽ پروفن پڙهڻ ۾ بي لوث محنت ڪئي تنهن لاءِ هن کيرون لهڻيون.
    اسان پنهنجي ڪوشش ۾ ڪيترو سڦل ويا آهيون، پڙهندڙن جي پاران ان راءِ جو انتظار رهندو.

    نور احمد ميمڻ
    چيئرمين
    سنڌيڪا اڪيڊمي


    مرتب پاران

    خواهشون به ڏاڍيون عجيب ٿينديون آهن؛ ڪڏهن پوري ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺنديون آهن ۽ ڪڏهن ته پوري ٿيڻ ۾ ويرم ئي ڪانه لڳندي اٿن. ڪيتري عرصي کان اها خواهش هيم ته سنڌ جي نمائنده نوجوان شاعرن (نمائنده ان ڪري ٿو چوان ته عبدالقادر جوڻيجي چواڻي: ڪنهن اندازي موجب هن وقت سنڌ ۾ چاليهه هزار شاعر آهن) جي چونڊ شاعريءَ جو ڪو مجموعو آڻجي، جنهن جو مهاڳ سنڌ جو مهان ڪوي شيخ اياز لکي. هميشه جيان پاڻ سان ساڳي ويڌن وسيلن/ادارن جي کوٽ يا اڻهوند جي، سو ڪيترين ٻين خواهشن وانگر ان آس کي به پٺيءَ ڀر اڇلائي ڇڏيم.
    گذريل سال هنن ئي ڏينهن ۾ آءٌ هندستان ياترا تي هيس. واپس آيس ته سائين نور احمد ميمڻ، سنڌيڪا جي قيام متعلق ٻڌايو ته مون ساڻس پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو، هن به کڻي هائوڪار ڪئي ۽ آءٌ لڳي ويس شاعر حضرات جي ائڊريسن هٿ ڪرڻ ۾- پر منهنجي اڳيان جيڪو سڀ کان ڏکيو/منجهائيندڙ سوال هو، سو اهو ته آخر ڪهڙن شاعرن/شاعرائن کي ليٽر موڪلجن يا ڪهڙيون شاعرائون/شاعر نمائنده ٿي سگهن ٿا؟ بهرحال پروڙ سان وابستگي جي ڪري پڙهندڙن جي راءِ جو پتو هيم، سو ان کي اڳيان رکي لڳ ڀڳ پنجويهه خط روانا ڪيم. ٿورڙي ئي عرصي ۾ انهن خطن جي موٽ ملڻ شروع ٿي. پر هڪ خط اهڙو پڳو جنهن سڀ کان وڌيڪ حيران ته ڪيو، پر تمام گهڻو ڏک به رسايو. اهو خط بيحد سهڻي ۽ شرميلي شاعر مظهر لغاري جو هيو، جنهن صاحب نه رڳو ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ تي اعتراض ڪيو، پر اهو به لکيو ته ”اڳنان آءٌ ’پروڙ‘ ۾ به ڇپجڻ نٿو چاهيان ۽ مهرباني ڪري منهنجي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل شاعري مون کي واپس ڏياري موڪليو.“ ڪجهه عرصو اڳ جڏهن مظهر ’پروڙ‘ ۾ سڀ کان گهڻو ٿي ڇپيو ۽ سندس مختلف حلقن کان ڪافي تعريفون پئي ٿيون ته مظهر جي ڀيڻ، ادي گلشن لغاري، جيڪا پاڻ به شاعره آهي، تَنهنجو هڪ خط پڳو هيم، جنهن ۾ هن لکيو هيو ته ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي تخليقي سگهه وڃائڻي هجي ته ان جي گهڻي تعريف ڪريو، جيڪا هينئر منهنجي ڀاءُ جي ٿي رهي آهي، ۽ مون کي ڊپ آهي ته گهڻي تعريف منهنجي ڀاءُ کي ڇيهو رسائيندي.“ مون کي خبر ناهي ته ادي گلشن لغاري جي مٿين ڳالهه ڪيتري درست آهي، پر ايتري سڌ ضرور اٿم ته مظهر پاڻ کي هن ڪتاب کان الڳ ڪري هن ڪتاب کي ته اڻپورو ڪيو ئي آهي، پر خود مظهر لغاري، ’شاعر مظهر‘ کي هن ڪتاب کان پري ڪري، هڪ دؤر جي مڃتا کان انڪار ڪيو آهي!
    جن دوستن اسان کي خطن/پيغامن جي موٽ نه ڏني تن ۾ حليم باغي، اعجاز منگي، احمد سولنگي، آسي زميني، مانجهي، تانيا ٿيٻو ۽ حسن درس اچي وڃن ٿا. حسن درس سان ته منهنجي ڪافي حجت آهي، سو ان جي انڪار جي باوجود مون، ’پروڙ‘ ۾ سندس ڇپيل شاعري ڪتاب ۾ شامل ڪئي آهي، جنهن لاءِ آءٌ هن کان معذرت ٿو ڪيان، پر جيڪڏهن باقي مٿي ڄاڻايل دوستن جي شاعري شامل ٿئي ها ته سچ پچ ڪتاب کي چار چنڊ لڳي وڃن ها. آءٌ ذاتي طرح سان انهن شاعرن کان به معذرت ٿو ڪيان جن کي اسان هن ڪتاب ۾ شامل نه ڪري سگهيا آهيون.
    بهرحال ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي ۽ فيصلو پڙهندڙن تي آهي ته اسان پنهنجي ڪوشش ۾ سڦل ويا آهيون يا اسڦل.


    مظفر چانڊيو
    سيپٽمبر 1992ع
    ڪراچي  


    هڪ دل جو داغ قبيلي لاءِ ڪافي آهي

    یک دداغ دل بس است برائے قبیلہ
    روشن شود ہزار چراغ از فتیلہ




    (هڪ دل جو داغ قبيلي لاءِ ڪافي آهي،
    هڪ وٽ مان هزارين ڏيئا ٻري پون ٿا.)


    مهاڳ : شاعريءَ جا فني قدر ۽ سنڌي شاعري

    آڪٽوبر 1990ع ۾ ريٽا شهاڻيءَ جي دعوت تي اسان پوني ويا هئاسين. اسان سان گڏ هري موٽواڻي به هليو هو. گنو سامتاڻي اُتي پاڻ ئي پهچي چُڪو هو. پورو ياد نٿو اچي، پونم جي رات هئي. اسان ريٽا جي بنگلي جي ڇت تي وڌَاوِڙي ۾ ويٺا هياسين. چوڌاري باغ هو، ڪيئي وڻ بيٺا هئا، ٻوٽا هوا ۾ لُڏي رهيا ها. بنگلي جي چوڌاري جيڪي به بنگلا هئا، اُتي به ڪيئي وڻ هئا، جن تي چانڊوڪي ڇانيل هئي ۽ ريٽا وِسڪيءَ ڍُڪ پي، پنهنجي نثري شاعري ٻڌائي رهي هئي. اسان اڌ رات تائين ويٺا رهياسين ۽ ڳالهيون به ڪندا رهياسين ۽ مان پنهنجي اندر ۾ ٽُٻيون به ڏيندو رهيس. ٻاهران ڪائنات ڪنهن اشوڪ جي وڻ وانگر ٿي لڳي، جو اونڌو لڙڪي رهيو هجي ۽ جنهن جون جڙون آڪاس ۾ هجن ۽ پن، ٽاريون ڌرتيءَ تي، ريٽا جي نثري شاعري روحانيت جي باري ۾ هئي، جنهن ۾ ڀارت ورش جي خوشبوءِ هئي، پر ان ۾ ابهام هو، جو نه رڳو هن ديس جي وحدانيت ۾ آهي پر هر مذهب جي وحدانيت جي تصور ۾ آهي. ڪيتري وقت کان ڪائي سوچ، جا منهنجي من کي ڌونڌاڙيندي رهي هئي، وري منهنجي من کي گرفت ۾ آڻي چُڪي هئي. پهريون جيِوُ جڏهن ڄايو هو، تڏهن ان کي ڪنهن ڏٺو هو؟ هي رت پونءِ ته هن ڌرتيءَ جي دين آهي پر آتما ڪٿان ٿي اچي؟ جي خدا ڌرتي ۽ آسمان پيدا ڪيا ته اهي ڪيئن ڪيا، اهو مشڪل ڪم اک ڇنڀ ۾ ڪيئن سرانجام ڏنو ويو؟ جي خلا مان ئي ساري تخليق ٿي، ته اُن تخليق لاءِ مواد ڪٿان آيو؟
    مون کي ڀيرو مل مهرچند جي قديم سنڌ مان رگ ويد جا ٽڪرا پئي ياد آيا. اندر، مِترا، وَرن، اگنيءَ جي باري ۾، ڪهڙي نه پياري شاعري هئي ان ۾! پوءِ انهيءَ جي دويتا ۾ اَدويتا مان هڪ خدا جو تصور اُڀري ٿو، جو اُپائڻهار ۽ سرجڻهار آهي، مشاهدي ۾ جو محدود آهي، انت ۾ لامحدود آهي ۽ مشاهدي کان بعيد آهي. هڪ ڪنڀر آويءَ تي ٿانءُ پچائي، لسائي لاهي ٿو. پر ان لاءِ به هن کي ڪنهن خام مواد جي ضرورت آهي؟ پر گيت لاءِ ته ڪنهن خام مواد جي ضرورت نه آهي. ان ۾ ته شاعر پنهنجي وجود کي چڪيءَ تي ڦيرائي ٿو ۽ هن کي پتو نه آهي ته اها چڪي ڪنهن جي هٿ ۾ آهي؟ اهي سوال ها ازل ۽ ابد جي باري ۾، جن جو رگ ويد ۾ جواب ڏنو ويو هو ۽ جو مان ڀانيان سنڌ جي ڌرتيءَ تي تخليق ڪيو ويو هو:
    ”ڏينهن ۽ رات ۾ ڪائي مشابهت نه هئي. نيستي به ڪا نه هئي، هستي به ڪا نه هئي. موت به ڪو نه هو، زندگي جاويد به ڪا نه هئي.“
    شاعر پنهنجي توڙ تي پهچي ٿو، جڏهن هو ازلي حقيقت کي اظهاري ٿو ۽ چوي ٿو ته ديوتائون به پوءِ جي پيدائش آهن. هن ڪائنات جي حقيقت جو پورو بيان نٿو ٿي سگهي. نيستي ۽ هستيءَ جي وچ ۾ تضاد جو انساني پهچ کان پري آهي، زمان ۽ مڪان جي سرحد کان دور، ڪٿي حل ٿي وڃي ٿو.
    هند جي سرزمين تي اهي سوال ازلي ۽ ابدي آهن ۽ ان ڪري مون کي ريٽا جي روحانيت واري شاعريءَ تي عجب نه آيو. مون هن ۾ ايتري نواڻ به ڪا نه ڏٺي. هوءَ هري دلگير جي شاگرد هئي، جو هن کي فارسي بحروزن سان آشنائي ڏئي سگهي ها، جنهن ۾ هو خود شاعري ڪندو آهي. جي هوءَ ماترائن جي حساب سان شاعري ڪري ها ته اُها به هن جي وس کان ٻاهر نه هئي. ماترائن جي حساب سان هند ۾ مذهبي توڙي ٻي شاعري ڪيتري نه پياري ڪئي وئي آهي! ڪرشن جي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪنهن نامعلوم سنسڪرت جي شاعر لکيو آهي:

    ”ماتا!“
    ”ڇا ڳالهه آهي؟“
    ”مون کي کير- ڪٽورو ڏي!“
    ”ڇا لاءِ ؟“
    ”اِن لاءِ ته مان پِيئان.“
    ”هاڻي نه
    ”رڳو رات جو.“
    ”رات ڇا ٿيندي آهي؟“
    ”جڏهن ڌرتي ۽ آڪاس اونداها ٿي ويندا آهن“
    اها ڳالهه ٻڌي ڪرشن پنهنجون ٻئي اکيون ٻوٽيون ۽ چيائين:
    ”ماتا هاڻي ته ڏيندينءَ!رات اچي وئي آهي.“
    اها منظوم شاعري آهي ۽ نثري شاعري نه آهي، جيئن ڪرستان روايت ۾ سليمان جو گيتن جو گيت نثري نظم ۾ آهي ۽ جو مان اڳتي هلي ڏيندس. هنديءَ جي ڪويءَ جئديو ۾ به اهڙيءَ ريت ڀرپور مذهبي جذبات هئي، جنهن گيت گووِند لکيو آهي، جيتوڻيڪ ٽي سال پوءِ چيتنيه جي تحريڪ به ساڳي نوعيت واري هئي. اُن ۾ راڌا ۽ ڪرشنا جي پيار جي باري ۾ گيت آهن، پر اُهي نثري نظم ۾ نه آهن، پر موزون آهن. گيت گووند کان ڪيئي صديون اڳي شرنگار تلڪ لکيو ويو، جو ڪاليداس سان منسوب ڪيو ويو آهي، پر محقق ان کان انڪاري آهن ته اهو ڪوي ڪاليداس جو ڪتاب آهي، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪيئي پُرڪاريءَ واريون تشبيهون آهن، جيئن:
    ”تنهنجون اکيون ڪنول جي پتين وانگر آهن، تنهنجو مک ڪنول وانگر آهي، تنهنجا چپ ڪچا ڪؤنپل آهن ۽ تنهنجا انگ چمپڪ جي پنن وانگر آهن. ٻڌاءِ، پريتما، مون کي ٻڌاءِ ته اپائڻهار توکي پٿر جهڙو هانءُ ڇو ڏنو آهي؟“ اُتي ڪويءَ کي من ۾ بسنت کان ڀؤ ٿئي ٿو. ”اڳيئي مون کي پيار پيڙا ڏئي رهيو آهي ۽ منهنجو من جو ملڻ جوڳو نه آهي، اگم لاءِ پرارٿنا ڪري رهيو آهي. اُن جو ڪهڙو حال ٿيندو. جڏهن انب ٻور سان ٻوڪجي ويندا ۽ انهن جي ڦڪي اڇاڻ اولهه جي هوا ۾ ڦٽي پوندي؟“ هن ۾ ڪٿي به ڪاوڙيل پيڙا نه آهي. ”تون منهنجا چپ منهنجي اڇا کان سوا ڇو ٿو چمين، نِرلڄا، ائين لڄ جو مِکِر ڇو ٿو ڪرين؟ هَٽُ، ڇڏ منهنجي گهگهي جي پاند کي ڇڏ! اِهي سؤڳنڌ کڻي مون کي ڀنڀلائي ڇو رهيو آهين؟ مان تنهنجو اوجاڳيل انتظار ڪڍي ٿڪجي پئي آهيان، موٽي وڃ اُنهيءَ ڏانهن، جنهن سان ريڌل هئين! ماکيءَ جون مکيون اُهي ڦول ڇا ڪنديون، جي ڦٽي ڪيا ويا آهن؟“
    ستينءَ صديءَ جي ڪَوي، ڀرتري هريءَ ۾ ڀرپور عشقيه شاعريءَ جي پهرين جهلڪ ملي ٿي، ڪهڙي نه پُرڪشش تصوير آهي هن جي پياريءَ جي، جڏهن هوءَ جهنگ ۾ چندرمان جي اُهاءَ ۾ ڀٽڪي ٿي؛
    ”ڪامڻي، پاڻ کي چنڊ جي ڪرڻن کان جهنگ جي وڻن ۾ ڇپائي ٿي ۽ پنهنجو گهگهو مٿي ڪري ٿي، جنهن ۾ هن جا اُرهه ڍڪيل ها....“ پر ڪامنا ڪويءَ جي من کي تڙپائي ٿي، جنهن کي هو نهايت پياري ٻوليءَ ۾ اظهاري ٿو ۽ هن کان پوءِ اَماروءَ جي شاعري شروع ٿئي ٿي، جنهن جو ترجمو اردو شاعر ميراجي پنهنجي ڪتاب ”ديس ديس کي نظمين“ ۾ نهايت چاهه سان ڪيو آهي. ڇا نه سِٽ آهي اَماروءَ جي:
    ”آهستي ڳالهاءِ! منهنجو ساجن منهنجي من ۾ آهي،
    متان اهو توکي ٻڌي نه وٺي!“
    مون کي ڪجهه سنسڪرت شاعرائون ياد آيون جي مون ڪافي وقت اڳي پڙهيون هيون: وِجا، سيلا، ڀٽريڪا، چندريڪا، گوري، پندماوتي، ڦلگو چاندلا وديا وغيره. انهن جي محبت ۽ فطرت جي شاعريءَ تي هڪ پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، جنهن جي هتي جاءِ نه آهي. هڪ الڳ ڪتاب ويدانتڪ ڪويتا تي لکي سگهجي ٿو، جڏهن انسان انيڪ ۾ ايڪ ۽ ايڪ ۾ انيڪ ڏسي ٿو، اها شاعري هر صوفيءَ جي اعليٰ شاعريءَ وانگر آهي، هن ڪائنات جي وحدت جي باري ۾، انسان جي نجات جي باري ۾، رامانج ۽ رامانند جي شاعري، ڪبير، ميران ۽ نانڪ جي شاعري. اها شاعري ورثو آهي هند جو ۽ اها منظوم آهي، ماترائن تي آهي. جيڪي مذهبي ڪتاب نثر ۾ آهن، انهن ۾ به ترنم آهي، جيئن مان اڳتي هلي ڏيکاريندس.
    مون ريٽا کي صلاح ڏني ته هوءَ اڳتي وانگر ناول لکي، ڇو ته هن جي نثري شاعريءَ ۾ اهڙي نواڻ نه آهي، جا ڌيان پاڻ ڏي ڇڪي وٺي. تازو مون کي هن جو نئون ناول ”پرهه جا پياڪ“ مليو آهي، جنهن ۾ هن جي نثر ۾ تخليق وڌيڪ سجائي ٿي ڏسجي.
    مون کي ريٽا وٽ اهو خيال آيو ته هن ديس جي شاعري، جا هيل تائين نظم ۾ خوبصورت ۽ ترنم واري رهي آهي، ان کي شاعر نثر ۾ ڇو گنجرائي رهيا آهن؟ ٽئگور ته عمر جي آخر ۾ ٻه ڪتاب نثري نظم جا لکيا ها، ڇو ته هو موزون شاعري نٿي ڪري سگهيو پر انهن کان پوءِ هو موزون شاعريءَ تي موٽي آيو هو، جنهن جو ذڪر مان ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جي مهاڳ ۾ ڪري چڪو آهيان (دراصل نثري شاعريءَ جي ٽئگور کي گنجائش هئي، ڇو ته هن هڪ هزار گيت لکيا ها، جن ۾ جَن، ڱن من ۽ سونار بنگلا جهڙا ترنم وارا گيت به هئا) ريٽا جي زندگيءَ جو نئين ٽيڪنالاجيءَ سان ڪوئي واسطو نه هو، جنهن سان هندستاني سرمائيداريءَ جو هي صنعتي دور واڳيل هو.
    روسي شاعريءَ ماياڪوفسڪيءَ، ووزنيسينڪيءَ ۽ ٻين فيوچرسٽ شاعرن جديد ٽيڪنالاجيءَ مان ڪيئي لفظ ورتا آهن، پر پوءِ به مايا ڪو فسڪيءَ ۽ ووزينيسنڪيءَ جا اڪثر نظم بي پناهه موسيقيت سان ڀرپور آهن. مان انهن جي شاعريءَ تي پوءِ ايندس، في الحال مان اهو ٿو چوڻ چاهيان ته جديد هندي شاعريءَ ۾ نثري شاعريءَ لاءِ گهڻو جواز پيدا نه ڪري سگهيا آهن.
    ريٽا جي اڱڻ ۾ اڌ رات جو مون چنڊ ڏانهن ڏٺو جو اشوڪ جي وڻ مٿان ايئن وڃي رهيو هو، ڄڻ اُن کي مٿي تي چمي ڏئي رهيو هو. مون من ۾ چيو، ”هيءَ گهڙي اَمر آهي، هن گهڙيءَ جيڪي به وجود ۾ آهي، ان جي انتها مون تي ٿئي ٿي، هن ساري سنسار ۾ ڪوئي سرگم آهي، جو آبشار وانگر وهي رهيو آهي. ان ۾ وهنجي ڏسان ته منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندي، مان ئي ته هي سنسار آهيان!“
    انگريز شاعر وليم بليڪ کان ڪنهن سوال پڇيو هو ”خدا ڇا آهي؟“
    ”يسوع، تون ۽ مان“ هن جواب ڏنو هو. اها ئي ڪيفيت آهي ڪلاسيڪل سنسڪرت ۽ هندي شاعريءَ جي. باغ جي چوڌاري سانت ۾ اَماروءَ کان آگيه تائين ڪويتا سمايل هئي. ڪيتري نه مڌرتا هئي اُن ۾! ريٽا ٽيڪنالاجيءَ واري دؤر جي ڪويتا به نٿي لکي! هن ۾ ويدانيت هئي، جنهن جي باري ۾ اڳ ڳايو ويو آهي، ساڳيو پس منظر، ساڳي جذبات، جا چاندني ۾ نهر وانگر آهي، پر اُن جو صديون مسلسل اظهار هاڻي طبيعت کي ڀانءِ نٿو پوي.
    ٻي ڏينهن تي مون ريٽا وٽ ئي هندستاني شاعريءَ تي ڪجهه ڪتاب نظر مان ڪڍيا ها. هندي شاعريءَ ۾ ڪجهه علامتون آهن، جي فطرت سان پور وڇوٽيون آهن، اهي هيٺ ڏجن ٿيون:
    1- سِجَ اُڀرئي وقت ڪنول جو گل ٽڙي پوي ٿو ۽ اُهو اسان لاءِ سونهن، سچ، مڌرتا ۽ منورٿ (مقصد) چٽي ٿو. ڪويتا ۾ ٻيا گل اهڙا آهن جي ڪنهن ڪامڻيءَ جي ڇُهاءَ، ڀاڪر يا چُمي سان ٽڙي پون ٿا، جيئن اشوڪ جو وڻ ٽڙي پوي ٿو، اها ڳالهه سونهن جي سڦلتا جي نشاني آهي.
    2- هر موسم سان مخصوص علامتون واسطو رکن ٿيون. ڪويل ۽ انب جو ٻور بسنت جي علامت آهن، مورُ برسات جي علامت آهي، هنس ۽ کنجن، ٻيا سانگي پکي (سنڌ ۾ ته سوين سانگي پکي ايندا آهن) آڳاٽي سَرءُ جي علامت آهن، ڪوهيڙو ۽ ڇڻندڙ پن سياري جي علامت آهن. منهنجي هڪ سٽ آهي:
    ڇڻندڙ پن، وڇوڙيل يار ڳالهه ته ساڳي ناهي.
    3- چاتِڪ ۽ پپيهو اَمڙُ ۽ اَڻ-ڦرڻي ڀڳتيءَ جي علامت آهن. اُپائڻهار جي اُڪير ۽ پيار جي آنڊي-گهُرَ جي سرءُ جي برسات. جا سواتيءَ تاري هيٺ پوندي آهي، اها برسات اُپائڻهار جي ڪرپا جي نشاني آهي؛ نانگ ۾ وهه، سِپ ۾ موتي ۽ بانس ۾ دارون پيدا ڪري ٿي. چاتِڪ کي سواتيءَ جي جرَ کان سواءِ ٻي ڪنهن جَر لاءِ ڪِرڀ ايندي آهي ۽ فقط اُهو ئي هن جي اُڃ اُجهائي سگهندو آهي. اهڙي طرح اُڃاري جيءَ کي آٿت نه ايندي آهي، جيستائين اُن تي ٻاجهاري جي ٻاجهه نه ٿيندي آهي.
    4- ڪام، جو سنيهه ۽ لَنوءُ جو ديوتا آهي، جنهن کي شوَ جلائي رک ڪري ڇڏيو آهي. پر جو سڀاڳو آهي، اُهو سدائين سرير کانسواءِ آهي. اِها ڳالهه اِهو ڀاءُ پيدا ڪري ٿي ته سريرڪ ڪامنا جون جڙون جيءَ ۾ نه آهن ۽ اُها اَجائي آهي. ڪام جي وَني رَتِي (موهه) آهي ۽ هن جا سنگي بسنت، چنڊ ۽ چاتڪ پکي آهن.
    5- هاٿِي چال ۾ سوڀيا، سانتيڪائيءَ، سگهه ۽ بَار ۾ ڀاري پِڻي جي نشاني آهي، شينهُن ڏيا ۽ تَن مَن جي ٻَل ۽ ڦڙتائيءَ جي علامت آهي ۽ هَرڻ تک، سُوکيمتا ۽ حواس جي ناپائداريءَ جي علامت آهي.
    6- انسان جي چهري جي چنڊ سان تشبيهه ڏني وئي آهي، اکين کي کَنجن پکيءَ سان يا اهي آمي جي ڦار يا هرڻيءَ جي اکين سان ڀيٽيون ويون آهن. وارَ وَسيهر، ڪاريءَ گهٽا يا رات وانگر آهن، چپ بمبا جي ڦل وانگر آهن، جو ڳاڙهو ۽ شعلي رنگ ٿيندو آهي يا انب جي ڪچڙن ڪؤنپلن يا مرجان وانگر آهن، ڏند موتين جي لڙهيءَ جهڙا آهن ڀرپور ڇاتي ڦلدائڪ اِستري پڻي جي نشاني آهي، سنهي چيلهه جي چيتي جي چيلهه سان ڀيٽ ڪئي وئي آهي. رانُن کي ڪيوڙي جي ٿُڙ يا هاٿيءَ جي سونڍ سان ڀيٽيو ويو آهي (سنڌيءَ ۾ ڪَنجل-لوڏ سينگار ۾ استعمال ٿيل آهن)، هَٿَ پير ڪوڻين جيان آهن، جيڪي اکين جي اشارن سان گڏ ناچ، ناٽڪ يا ڪويتا ۾ مُدرا جو ڪم ڏين ٿا.
    7- روايتي سوڻَ ۾ اهڃاڻ آهن:
    ڀريل گهڙو، اُڏار ۾ پکيئڙو، گابي کي کير ڌارائڻ وقت گانءِ، سائو گاهه، پانَ جا پتا، سنک، سرکنڊ جو ليپ، آرسي، ٻارڙن سان اَمڙ، گهلندڙ هير، چندن جو تلڪ، ٻيا به ڪيئي سوڻ اَپسوڻ آهن. ڳڀُ علامت آهي سلسلي جي، پُنر آرنڀ جي، آس جي اَنڀو جي.
    هنديءَ جي همعصر شاعرن اهي علامتون ۽ روايتون هن سرشٽيءَ جي سُڃاڻ ۽ اُن ۾ ويساهه جي اظهارڻ لاءِ ڪم آنديون آهن. هنن اُنهن ۾ اُپڀاشائن ۽ لوڪَ-ڪَٿائن مان ڪجهه اضافو به ڪيو آهي، پر هنن پاڻ کي روايتي انداز تائين محدود نه رکيو آهي. ڪنهن مهل هُنن بنهه نيون تشبيهون ۽ آدرشي دنيا جو نئون تصور ڏنو آهي، مثال طور:
    ” هڪ گُڏي، ٺاهيل لينگهائتي، چِڪڙ ميري ڪپڙي مان يا ”پاڻيءَ جي ڪٽلي، جا ڪڙهي، ٻاڦ ٿي وڃي ٿي“ يا ڪيسري ڪمار جي ڪويتا جي سٽ ”سانجهه توکي ڪيئن سمجهايان؟ اها مزمان جي اُٻاسيءَ وانگر لڳي رهي آهي“ يا ڪنهن جديد هندي شاعر پنهنجيءَ ڪويتا ”سامونڊي ڪنٺي تي سنجها“ ۾ چيو آهي ته:
    واريءَ جا ڍڳ گهيرٽ کائي رهيا آهن،
    ”ٻلين وانگر لهرون اُنهن جي چنبن کان (رانڀوٽن جي ڀَوَ کان) تڪڙيون تڪڙيون ڊوڙي رهيون آهن.“
    ڪِرِتي چؤڌريءَ جي ڪويتا اَچُرتا ۾ آهي.
    ”منجهند لهرون ٿي وئي آهي
    ۽ پنهنجيءَ اڻاسي اَؤجر۾
    ٻهڪي رهي آهي.“
    اهي مٿي آيل چار پنج تصور مون هنديءَ جي نثري شاعريءَ مان اچانڪ کنيا آهن ۽ اُهي روايتي نه آهن ۽ يگاني تحرير کي اظهارن ٿا.
    هڪ ٻي جديد شاعر جو هي نثري نظم ڏسو:
    ”ڪنهن
    نئين ڏينهن کي منهنجي دروازي ٻاهران ڦٽي ڪيو آهي هڪ خط وانگر،
    جنهن تي ڪائي پراهين ۽ اچرج جهڙي ٽڪلي لڳل آهي،
    اُن جي اَڇتُي لفافي تي مهر لڳل آهي.
    اَڻ- وِسهو لاک جي،
    اَچ ته اَسان اُنهيءَ مهر کي ٽوڙيون!“
    مون اها ڪويتا پڙهي ان ۾ جديد شاعريءَ جي نواڻ ته محسوس ڪئي، پر سوچيو ته ڇا اهي نثري ٽڪرا ڪنهن ناول، ڪهاڻيءَ، ڊائريءَ يا سفر نامي وغيره جو حصو نه ٿي سگهيا؟
    آخر مون به هن وقت جيڪي به نثري نظم لکيا آهن، اهي منهنجي نوٽ بُڪ جا ٽڪرا آهن، جي مون ناول يا ڊائري يا سفر نامي جو حصو ڪرڻ چاهيا ها!
    اردو ۾ آزاد نظم ته بحر وزن تي هوندو آهي ۽ جيتوڻيڪ اُن جون سٽون ننڍيون وڏيون هونديون آهن، پر انهن ۾ ڪوئي مرڪزي خيال سمايل هوندو آهي. ڪيئي سال اڳ اردوءَ ۾ نثري نظم به لکيا ويندا ها، جنهن کي اردوءَ جا اَڌ اکري شاعر ”ادب لطيف“ چوندا ها. اهو ادب لطيف ڪيئن هو ۽ ٻيو ادب ڪثيف ڪيئن هو، ان لاءِ هو ڪوئي سبب نه ڏيندا ها. دراصل ٽئگور جي منظوم بنگالي شاعريءَ، جا ييٽس انگريزي نثري نظم ۾ گيتانجليءَ جي نالي سان ڪجهه ترجما ڪيا، جن تي ٽئگور کي نوبل پرائيز مليو هو. ٽئگور پاڻ به پنهنجا ڪتاب ”باغبان“، ”ڪبير جا گيت“ وغيره انگريزيءَ ۾ نثري نظم ۾ ترجمو ڪيا ۽ پڙهندڙن ۾ غلط تاثر اهو پيدا ٿيو هو ته اصل بنگالي شاعري به ايئن نثري نظم ۾ هئي. جڏهن ٽئگور کي نوبل پرائيز ملي ته هر شاعر ننڍي کنڊ ۾ نثري نظم ٿي لکڻ چاهيو. مون کي هڪ کل جهڙو واقعو ياد اَچي رهيو آهي. جڏهن مان بي. اي ۾ پڙهندو هوس ته ميٺارام هاسٽل مان بندر روڊ تي هڪ اسٽيشنريءَ (ڪاغذ، قلم، مس وغيره) جي دڪان تي پينسليون خريد ڪرڻ ويس. دڪان جو هندو مالڪ هڪ جهازي سائيز نوٽ بُڪ تي ڪجهه سنڌيءَ ۾ لکي رهيو هو. مون سمجهيو ته هو پنهنجو وهي کاتو ٿو لکي. مون هن کي پينسلين لاءِ چيو ته هن چپن تي آڱر رکي، مون کي چُپ ڪرڻ لاءِ چيو. مون ڀانيو ته هن جي حساب ڪتاب ۾ رنڊڪ ٿي پئي، سو مان ماٺ ڪري بيهي رهيس. هو مون کان پنج فوٽ پري ويٺو هو ۽ منهنجي هُن جي ڪتاب تي نظر نه ٿي پئي، پنج ڇهه منٽ گذريا ته هن ڪتاب مان منهن ڪڍي مون کان پڇيو: ”ڪاليج ۾ پڙهندو آهين؟“
    مون جواب ڏنو ”هائو“
    ”پوءِ مها ڪوي ٽئگور ته پڙهيو هوندءِ؟“ هن پڇيو ”مان به هي ڪتاب ٽئگور وانگر سنڌي نثري نظم ۾ لکي رهيو آهيان. ان جو پروفيسر اجواڻيءَ کان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائيندس. تون آرٽس ۾ پڙهندو آهين يا سائنس ۾؟“ هن مون کي غور سان ڏسي پڇيو.
    ”آرٽس ۾“ مون جواب ڏنو.
    ”پوءِ ته تون پروفيسر اجواڻيءَ کي سڃاڻندو هوندين؟ هو منهنجو پاڙيسري آهي.“ هن چيو، مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي.
    ”بس، ڇڙو پروفيسر اجواڻي هن کي ترجمو ڪري ته نوبل پرائيز منهنجي کيسي ۾ پئي آهي. تون هي ڪتاب پڙهي ڏسندين؟ هن پڇيو.
    مون وري ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي ته هُن پنهنجو ڪتاب مون ڏانهن وڌايو. مون ڪتاب وٺي پهريون نظم ڏٺو:
    ”تيز هوا لڳي رهي آهي
    کيکڙا ڪناري تي وڃي رهيا آهن....“
    پوءِ هن جا اکر ڪاغذ تي هيٺ لهندا ويا، جيئن کيکڙا ساحل تي واريءَ جي ڍير تان لهندا آهن. مون جڏهن هن کي ڪتاب موٽايو ته هن پڇيو:
    ”ڪيئن مون کي نوبل پرائيز ملندي نه؟“ مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي ته هُن مون کي ڇهه پينسلون ڏنيون ۽ پئسا نه ورتا.
    ٻي ڀيري 1965ع واري جنگ ۾ مون سان گڏ پروفيسر جهامنداس ”جهام“ جيل ۾ گڏ هو. مان پرمانند ميورام جي ڊڪشنري ڳولي ٿڪو آهيان. پر مون کي ”جهام“ لفظ ڪٿي نظر نه آيو آهي. البته اردوءَ ۾ ”تام جهام“ لفظ آهي. جو هڪ قسم جي اَڻ گهڙيل ڏوليءَ کي چوندا آهن. اهو تخلص هن ”سام“ جي مقابلي ۾ رکيو هو، جو جئسنگهاڻيءَ جو تخلص هو، جئسنگهاڻي ”سام“ لاڙڪاڻي جو شاعر، جو اربندو گهوش جي نموني اڪبر آشرم جو باني ۽ جيتامڙي جي ڊائريءَ جو مصنف هو. سنڌيءَ ۾ ”سام“، لفظ معنيٰ پناهه يا سهارو آهي، باقي سنسڪرت ۾ ”سامُ“ ته ٽن ويدن مان هڪ ويد جو نالو آهي، جي ماترائن تي ٻڌل آهن ۽ ڳائي سگهجن ٿا. جئسنگهاڻيءَ ”سام“ کي سچل ”سرمست“ وانگر شاعر هفت زبان ٿيڻ جو خبط هو ۽ هو نه رڳو سنڌي، سرائڪيءَ، اردو، هنديءَ ۾ ڪلام لکندو هو ۽ اڪبر آشرم ۾ ڳارائيندو هو، پر ديوان، حافظ مان قافيا ۽ رديف لکي، حافظ جي تتبع تي فارسي غزل لکندو هو. مان جڏهن به لاڙڪاڻي ڪنهن ڪيس سان ويندو هوس ته هن وٽ ضرور ويندو هوس. هو ۽ هن جي خوبصورت ڌرم پتني ڊاڪٽر سرلا منهنجي خاطر تواضع ڪندا ها. اسان گڏجي ناونوش ڪندا هئاسين ۽ مان هن جا فارسي غزل ٻڌندو هوس. جيتوڻيڪ مون سام کي ڪيئي ڀيرا چيو هو ته هن کي زيرِ اضافت ۽ واوعطفيءَ جو پورو پتو نٿو پوي، پر هو وري وري ساڳيون غلطيون ڪندو هو. مرحوم لطف الله بدوي، جيڪو علامه اقبال جي اسرار خودي ۽ رموز بيخوديءَ وانگر فارسيءَ ۾ مثنويون لکندو هو، اُهو نه رڳو اقبال جو تتبع ڪندو هو، پر فارسيءَ ۾ زيرِِاضافت ۽ واوعطفي چڱي طرح وزن ۾ آڻي نه سگهندو هو. مان هن جي ڪم آندل واوعطفيءَ کي واءُ لطفي چوندو هوس. ڳالهه نڪتي سام جي ڳالهه تان. مان، سام ۽ سرلا تي هڪ پورو ناول لکي ٿو سگهان، هو ٻئي ٻين لکين انسانن وانگر تقسيم جي تباهه ڪاريءَ جا مجسما هئا، پر هتي انهن جي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي جهامنداس ”جهام“ ڏانهن موٽان ٿو، جنهن کي عروض جي الف- بي جي خبر نه هئي ۽ سام کي شهه ڏيڻ لاءِ ٽئگور وانگر نثري نظم جرمنيءَ ۾ پنهنجي قلمي دوست لبڪي (Lubke) کي موڪليندو هو، جو خود رِلڪي جو اولڙو هو. ۽ جو هن جي انگريزي ترجمي کي سنڌي منظوم شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ نثري ترجمو سمجهي، جرمن نثر ۾ ترجمو ڪندو هو. هن کي ”جهام“ منهنجا منظوم شعر به ترجمو ڪري موڪليا هئا، جي به هن جرمن زبان ۾ سنڌي شاعريءَ جي انتخاب ۾ ڇپايا ها، جن مان هڪ ڪتابچو مون وٽ اڃا آهي. (تازو گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي جرمن ڊائريڪٽر، جا منهنجي دوست ٿي وئي آهي، منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو ته لُبڪي هڪ معمولي شاعر آهي ۽ هاڻي ٻوڙو ٿي چُڪو آهي) سو مون جڏهن جهام جا نظم ڏٺا ته مون کي اهو اسٽيشنريءَ وارو دڪاندار ياد آيو، جنهن جو مون ذڪر مٿي ڪيو آهي.
    منهنجي چوڻ جو مقصد اهو هو ته اڪثر نثري شاعري اهو روحانيت جو گٽر آهي، جنهن تي چنڊ جي روشني پئجي رهي آهي. جرمن شاعريءَ ۾ برٽالٽ بريخت جا نثري نظم ڏسجن، جنهن جا ٽي جلد مون پڙهيا آهن ته انهن جي دنيا ئي ٻي آهي. ڪجهه مايا ڪوفسڪيءَ وانگر، آرٽ جي فيوچرسٽ نظريي کان متاثر، خوبصورت نظم آهن، جن ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي دؤر جو پڙاڏو آهي ۽ پنهنجي دؤر جي سياسي پيڙا به نهايت خوبصورتيءَ سان چٽي وئي آهي. اولهه ۽ اوڀر جرمني زياده تر ڪميونسٽ آرٽ ۽ ادبي تخليقن کي تڇ ٿي سمجهي، پر برٽالٽ بريخت جي نثري شاعري ۽ نهايت خوبصورت ڊرامن کي پوري جرمنيءَ ۾ اهميت آهي. منهنجي دوست اسلم اظهر (جو بينظير جي دؤر ۾ پاڪستان ٽيليويزن جو جنرل مئنيجر هو) نوڪريءَ کان اڳ گئليلو سوڌا بريخت جا پنج ڇهه ڊراما اسٽيج تي آندا ها، پر انهن ۾ انساني عمل کي ترجيح هئي ۽ اهڙا ٽڪرا گهٽ هئا، جن کي نثري شاعري چئي سگهجي، جنهن سان شيڪسپيئر جا ڊراما جهنجهيا پيا آهن.
    مون انجيل ۾ نثري شاعري ”حضرت سليمان جي راڳن جي راڳ“ ۾ ڏٺي. اهو ڪتاب مون 1955ع ۾ نئين سال جي رات هڪ عيسائي ديول مان ورتو هو. مان ۽ منهنجو دوست مونس، ٻارهين بجي رات کان پوءِ جڏهن نئين سال جي شروعات ٿي، سکر جيم خاني مان مدهوشيءَ جي حالت ۾ نڪتاسين ۽ پنڌ ڪُئينس روڊ ڏانهن ٿي وياسين جتي مونس منهنجي آفيس ۾ رهندو هو ۽ جتي منهنجي ڪار بيٺل هئي، جنهن ۾ مان پراڻي سکر وڃڻو هوس. رستي جي مُهڙ وٽ چرچ هئي، مان ته ٻاهر مذهبي ڪتاب ڏسڻ لڳس ۽ سينٽ ٿامس اَڪئيناس جو هڪ ڪتاب ۽ ٽي انجيل انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ خريد ڪيم، مون کي اهو ڏسي حيرت آئي ته ”مقدس بائيبل- نئون ۽ پراڻو عهدنامو“ ڪنهن پادريءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جو گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي کان به ٿوريءَ وڏي ماپ جو هو ۽ جنهن ۾ 1669 صفحا هئا. اهو بائيبل هندستان، پاڪستان ۽ سلون جي بائيبل سوسائٽيءَ 1954ع ۾ لاهور ۾ ڇپايو هو. ايتري ۾ شور ٿي ويو. مونس، جو غالب وانگر، روز-ابر ۽ شب- ماهتاب ۾، بيخوديءَ جي عالم ۾ هوندو هو، مسيح جي بت ڏانهن ڌوڪي ويو هو ۽ هن جي پيرن سان مٿو ٽڪرائي چئي رهيو هو:”تون مون تي رحم ڇو نٿو ڪرين؟ تون مون تي رحم ڇو نٿو ڪرين؟“ مون ان کي عيسائي عبادت ۾ بيجا دخل سمجهيو ۽ هن کي ٻانهن کان ڇڪي ٻاهر وٺي آيس. (تفصيل سان اها ڳالهه ڪنهن وقت پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکندس.،)
    مٿي ڄاڻايل انجيل جا ٽئي ترجما مون وٽ اڃا تائين آهن. سنڌي نسخي مان ”راڳن جي راڳ“ جا ڪجهه چونڊ ٽڪرا هيٺ ڏيان ٿو، جي خوبصورت نثري نظم وانگر آهن ۽ جن جو سنڌي ترجمو لاهور واري بائيبل سوسائٽي جو ڪرايل آهي ۽ صفحي 1224 تي ڏنل آهي:
    سليمان جو راڳن جو راڳ
    (1)
     ڀلي ته هو وات جي چمين سان مون کي چُمي، ڇاڪاڻ جو هن جي محبت شراب کان بهترآهي.
     منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو آهي، جهڙو مِر جو ڇڳو، جو منهنجين ڇاتين تي وچ ۾ پيو آهي.
     منهنجو محبوب اهڙو آهي، جهڙو ميديءَ جي گلن جو ڇڳو، جو عين جِدي جي ڊاک جي باغن مان آهي.
     ڏس، اي منهنجي پياري، تون سهڻي آهين، تون خوبصورت آهين، تنهنجون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.
     ڏس، اي منهنجا محبوب! تون حسين آهين، هائو دلپسند آهين، اسان جو پلنگ سائو آهي.
     اسان جي گهر جون ڪامون سَروَ جون آهن ۽ اسان جون پٽيون صنوبر جون آهن.
    (2)
     آءٌ شارون جو گلاب آهيان. آءٌ وادين جو سُوسن آهيان.
     جيئن سُوسن ڪَنڊن ۾ آهي، تيئن منهنجي محبوبا ڪنوارين ۾ آهي.
     جيئن جهنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن منهنجي محبوبا به نوجوانن ۾ آهي، آءٌ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان هن جي ڇانو ۾ ويهي رهيس ۽ هن جو ميوو مون کي مٺو لڳو.
     هن مون کي مجلس ۾ آندو ۽ هن جو جهنڊو منهنجي مٿان محبت جو هو.
     اوهان مون کي ڪشمڪش سان آرام ڏيو ۽ صوفن سان مون کي تازو توانو ڪريو، ڇالاءِ جو آءٌ محبت جو مريض آهيان.
     هن جو کاٻو هٿ منهنجي مٿي هيٺان آهي ۽ هن جي سڄي هٿ جو مون کي ڀاڪُر پيل آهي.
     اي يروشلم جون ڌيئون! آءٌ اوهان کي قسم ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، ته اوهين پيار کي نه اُٿاريو، نه جاڳايو، جيستائين ڪه هو پاڻ اُٿڻ گهري.
     اِجهو منهنجي محبوب جو آواز! ڏِس، هو جبلن تان ٿيندو ۽ ٽڪرن تان ڊوڙندو اچي ٿو.
     منهنجو محبوب هڪ هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو آهي. ڏِس! هو اسان جي ڀت پٺيان بيٺو آهي، هو درين مان جهاتيون پائي ٿو، هو ڳڙ کين مان پاڻ ڏيکاري ٿو.
     منهنجي محبوب مون سان ڳالهايو ۽ چيائين ته اي منهنجي پياري مُنهنجي نازنين، اُٿي هلي اَچ!
     زمين تي گل نڪتا آهن ۽ پکين جي ڳائڻ جي موسم آئي آهي ۽ ڳيري جي ٻولي اسان جي مُلڪ ۾ پئي ٻڌجي.
     انجير جو وڻ پنهنجا ساوا انجير پچائي ٿو، ڊاکن ٻور جَهليو آهي ۽ انهن مان خوشبوءِ پئي اچي. اُٿ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، هلي اچ!
     اي منهنجي ڪبوتر! تون جا ٽَڪر جي ڦاٽن ۽ اُڀڪپريءَ واريءَ جاءِ جي اوٽ ۾ آهين، پنهنجي شڪل ڏيکار، پنهنجو آواز ٻڌاءِ، ڇا لاءِ جو تنهنجو آواز مِٺو آهي ۽ تنهنجي شڪل سُهڻي آهي.
     اسان جي لاءِ تون لومڙيون، ننڍيون لومڙيون پَڪڙ، جي ڊاک جو منهن زيان ٿيون ڪن، ڇاڪاڻ جو اسان جي ڊاک جي مَنهن ٻور ڪيو آهي.
    (منهنجي پيءُ لوڊن جي ڳوٺ شڪارپور ۾ بنگلو ٺهرايو هو. بنگلي ۾ ٻين وڻن ٻوٽن سان گڏ هڪ سنگ مرمر جو تلاءُ هو، جنهن تي مَنههَ هو، جو ڊاک جي وَل سان ڇانيل هو. مون کي اڃان ياد آهي ته ڊاک ۾ ٻور ڪيڏو نه پيارو لڳندو آهي! اهو بنگلو ۽ باغ ٽئين ڏهاڪي واري وڏيءَ ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو هو)
     منهنجو محبوب منهنجو آهي ۽ آءٌ سندس آهيان، هو پنهنجو گَلو سوسن ۾ ٿو چاري.
     جيستائين ڏينهن ٿڌو ٿئي ۽ پاڇو لهي، تيستائين اي منهنجا محبوب موٽي اچ! بلڪه تون انهيءَ هَرَڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو ٿيءُ، جو پٿر جي جبلن تي آهي.
    (3)
     جنهن سان منهنجي محبت آهي، تنهن کي رات جو مون پنهنجيءَ هنڌ تي ڳوليو، مون هن کي ڳوليو پر ڪين لڌو مانس.
     مون چيو ته هاڻي مان اٿندس ۽ شهر جي چوڌاري گهمندس ته جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي گهٽين ۽ چؤسولن تي ڳوليان، مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌو مانس.
     پهري وارا جي شهر جي چوڌاري پيا گهمن تن مون کي ڏٺو، انهن کي مون چيو ته اوهان ڪو هن کي ڏٺو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي؟
    (4)
     اي شهزادي تنهنجا پير چاکڙين ۾ ڪهڙا نه سهڻا ٿا لڳن! تنهنجين رانن جا سنَڌَ جواهرن جهڙا آهن، جي ڪنهن استاد ڪاريگر جي هٿان جڙيل هجن.
     تنهنجو دُن گول پيالي جهڙو آهي...
     تنهنجون ڇاتيون ٻن ٻٽڙن جهڙيون آهن، جي هرڻيءَ جا جاڙا ٻچا هجن.
     تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀ جهڙي آهي، تنهنجون اکيون ”خشيون“ جي تلاَون جهڙيون آهن، جي بيت ”ربيم“ جي در وٽ آهن، تنهنجو نڪ لبنان جي ٺُل وانگر آهي، جنهن جو رُخ دمشق ڏي آهي.
    (5)
     اي پياري!خوشين جي ڪري تون ڪهڙي نه خوبصورت ۽ دلپسند آهين!
     تنهنجو قد کجيءَ جي وڻ وانگر آهي ۽ تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون آهن.
     مون چيو ته آءٌ انهيءَ کجيءَ جي وڻ تي چڙهان ۽ اُن جون ٽاريون جهلي بيهان، ڀلي ته تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون هجن ۽ تنهنجي پساهه جي خوشبوءِ صوفن جهڙي آهي.
     ۽ تنهنجو وات تمام عمدي شراب جهڙو آهي، جو منهنجي محبوب جي لاءِ لسو وهندو وڃي ۽ جيڪي سُتا پيا آهن، تنِ جي چپن مان به ترڪندو وڃي.
     اي منهنجا محبوب اچ ته ٻهراڙيءَ ۾ هلون ۽ ڳوٺن ۾ هلي گذاريون.
     هَل ته سوير اُٿي ڊاک جي منَهه ۾ هلون، ڏسون ته ڊاک ڦٽي آهي يا نه، اُن جا گل کليا آهن يا نه ۽ ڏاڙهونءَ گل جهليا آهن يا نه، اُتي توکي پنهنجي محبت ڏيندس.
    (6)
     مون کي مُهر وانگر پنهنجي دل تي هڻ ۽ مُهر وانگر پنهنجي ٻانهن تي رک، ڇا لاءِ ته محبت موت وانگر زور واري آهي، حسن تير وانگر ظلم ڪندڙ آهي، اُن جا شعلا باهه جا شعلا آهن. اها خود خداوند جو شعلو آهي.
    اِهو آهي حضرت سليمان جو ”راڳن جو راڳ“، جو هڪ نثري نظم وانگر لڳي ٿو. اڃا ته اُن ۾ ٻيا فقرا حيرت انگيز آهن، پر سنڌ جي اخلاقيات جي محدود تصور ڪري مون اُهي نه ڏنا آهن، فارسي جي مشهور شاعر صائب جو شعر آهي:
    آن کہ اَول شعر گفت آدم صفی الله بود
    طبع موزوں حجت فرزندیء آدم بُود
    (جنهن پهريون شعر چيو آدم صفي الله هو، موزون طبع آدم جي فرزنديءَ جو دليل آهي)
    ساڳيءَ ريت امير خسروءَ جو شعر آهي:
    ما ہمہ در اصل شاعر زاده ايم،
    دل بہ این محنت نہ از خود داده ايم.
    (اسان دراصل شاعر مان پيدا ٿيا آهيون، هيئن پنهنجو پاڻ دل لائي محنت نه ڪري رهيا آهيون.)
    تشبيهه جي قدامت جو ان ڳالهه مان اندازو لڳايو ته قديم زماني ۾ هڪ مصري شاعر ٿيبان (Theban)مصر جي فرعونن مان راسيس ٻئين 1292-1225 ق- م تائين) جي تعريف ۾ ڪجهه شعر لکيا ۽ جي اهرامِ مصر (Pyramids) جي اندر هڪ سخت پٿر تي اُڪريل آهن:
    ”بادشاهه جرئت ۾ جنگ جو ديوتا ٿو نظر اچي ۽ لڙائيءَ ۾ وحشي سانَ وانگر آهي، ماڻهو هن کان ايئن ڊڄن ٿا، جيئن جهنگ جي شينهن کان ڊڄندا آهن. صبح جو جڏهن هو بيدار ٿيندو آهي ته ايئن لڳندو آهي ته سج اُڀري رهيو آهي.“
    اهي شعر موزون آهن ۽ انهن۾ ٻي شاعريءَ وانگر تشبيهون آهن.
    زبور ۽ توريت ۾ به تشبيهون ۽ استعارا ڪافي موجود آهن. قرآن پاڪ، جنهن کي مسلمان ديني ۽ دُنيوي علم جو سرچشمو سمجهندا آهن، ان ۾ بيشمار تشبيهون ۽ استعارا آهن. انهن سڀني ۾ نثري شاعريءَ جي خوشبوءِ آهي. (نبي اڪرم ﷺ تي الزام هو ته هو شاعر آهي، جنهن کان هن انڪار ڪيو هو) ڪجهه تشبيهون هيٺ ڏجن ٿيون:
    1- ”۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو، انهن جي عملن جو مثال ايئن آهي، جيئن پَٽ ۾ واري هجي ۽ پياسو اُن کي پاڻي سمجهي. ايستائين جو جڏهن ان کي ويجهو اچي، ته هن کي ڪجهه به نه ملي.“
    2- ”تون انهن کي ايئن ڪري ڇڏيو آهي، جهڙو کاڌل ڀوسو.“
    3- پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي تيل جي تري وانگر گُلابي ٿي ويندو هجي.“
    4- ”ڄڻ ته هو (نظر جُهڪائي رکندڙ حورون) ياقوت ۽ مرجان آهن.“
    5- خدا آسمانن ۽ زمينن جو نور آهي. ان نور جو مثال ايئن آهي، ڄڻ هڪ طاق آهي، جنهن ۾ چراغ آهي ۽ چراغ هڪ قنديل ۾ آهي ۽ قنديل (ايترو صاف شفاف آهي جو ) ڄڻ سون جو چمڪندڙ تارو آهي. ان ۾ هڪ مبارڪ درخت زيتون جو تيل جلايو وڃي ٿو، جو نه مشرق جي طرف آهي، نه مغرب جي طرف.“
    6- ” ۽ چنڊ جون به اسان منزلون مقرر ڪيون آهن، ايستائين جو هو (گهٽجي گهٽجي) کجور جي پراڻيءَ شاخ وانگر ٿي وڃي ٿو.“
    7- ”۽ پهاڙ (انهيءَ ڏينهن) پڃيل پشم وانگر ٿي ويندا.“
    قرآن مجيد ۾ ڪيئي تشبيهون آهن، پر مان مٿين ڪجهه تشبيهن تي اِڪتفا ٿو ڪريان. افلاطون ۽ ارسطوءَ جون ڪيئي سٽون نثري شاعري وانگر آهن. ارسطوءَ ته تشبيهه ۽ استعاري تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي. يونان ۾ ڪيئي جادو بيان شاعر ٿيا، پر شاعري تيستائين پابند شاعريءَ جو روپ وٺي چُڪي هئي. هومر، سئفو وغيره وانگر ڪيئي مثال آهن. سئفو جا ته ”وهانءَ جاگيت“ مشهور آهن.
    روم ۾ سِسرَو، هوريس، ورجل وغيره جي پابند شاعري آهي. انگلستان جي قديم ائنگلو سئڪسن شاعريءَ ۾ تشبيهه ۽ استعاري جي هڪ مطلب کي بار بار بيان ڪيو ويو آهي.
    ان کان گهڻو اڳي ٻوڌي ڪتاب (جنهن جو سنڌي ترجمو ڌمپد، منهنجيءَ نظر مان گذريو آهي) ۾ اهڙيون خوبصورت تشبيهون آهن، جهڙيون مون ڪٿي نه پڙهيون آهن. اهو ڪتاب پراڪرت ۾ آهي، جا عوام جي زبان هئي. سنسڪرت، جنهن ۾ ويد لکيا ويا ها، اُن کي ديو- واڻي چيو ويندو هو. ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪٿي آهي ته پراڪرت ۾ اِهو ڪويتا ۾ هو، جي اهو نثر ۾ هو ته ان کان خوبصورت نثري شاعري مون اڄ تائين نه پڙهي آهي.
    ُاردو شاعري به شروعات کان منظوم رهي آهي ۽ عوامي زبان ۾ آهي. اها زبان، جي پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچي ها ته پوري هندستان لاءِ رابطي جي زبان ٿي وڃي ها. حيدرآباد دکن ۾ سلطان محمد قلي قطب شاهه، جنهن جي ڪليات هن جي ڀاڻيجي 1025هه ۾ مرتب ڪئي، ان ۾ ٻيءَ منظوم شاعريءَ سان گڏ هيٺيون غزل به آهي:
    پيا باج پيالا پيا جائے نا
    پيا باج يک تل جيا جائے نا.
    کہے ہیں پيا بن صبوری کروں،
    کہا جائے اما کيا جائے نا.
    قطب شاہ نہ دے مج دوانے کو پَند
    دوانے کو کچھ پَند دیا جائے نا
    (ترجمو: پرينءَ کان سوا پيالو پيتو نه ٿو ٿئي.
    پرين کان سوا تر جيترو وقت به نه ٿو گذري.
    چون پرينءَ کان سوا صبر ڪر
    چوڻ ته سؤلو آهي پر ڪرڻ ڏکيو آهي،
    قطب شاهه مون ديواني کي نصيحت نه ڏي
    ديواني کي نصيحت نه ڏبي آهي).
    اها شاعري جڏهن دکن مان دلي دربار ۾ پهتي ته ڇاڪاڻ جو درٻاري ٻولي فارسي هئي، بادشاهه کي خوش ڪرڻ لاءِ ان ۾ ڪافي لفظ پارسيءَ جا ڪم آندا ويا. اردوءَ تسليم شده وڏي ۾ وڏا شاعر غالب ۽ اقبال ٿيا آهن. غالب جي ٻولي هئي:
    فنا آموزِ درسِ بيخودی ہوں اُس زمانے سے،
    کہ مجنوں لام الف لکهتا تها ديوارِ دبستان پر.
    (ترجمو: مان انهيءَ زماني کان بيخوديءَ جي سبق ۾ فنا جي تعليم وٺندو رهيو آهيان، جڏهن مڪتب جي ديوار تي مجنون لام الف لکندو هو يعني ”لا“ لکندو هو، جو لاالله جو شروعاتي لفظ آهي ۽ جو نفيءَ جو اظهار آهي.
    هي ته هو غالب جي مشڪل پسنديءَ جو مثال. مون هن جا سڀ شعر پڙهيا آهن، جن مان ڪي ترنم ريز به آهن ۽ قابل غور به آهن.
    جاتا ہوں داغ حسرت ہستی لئے ہوئے،
    ہوں شمعِ کشتہ در خورِ محفل نہیں رہا.

    بر روئے شش جہت در آئینہ باز ہے،
    یاں امتیاز ناقص و کامل نہیں رہا۔

    وا کردئے ہے شوق نے بند نقابِ حسن
    غیر از نگاہ اب کوئی حائل نہیں رہا۔

    گو میں رہا رہینِ ستم ہائے روزگار
    لیکن ترے خیال سے غافل نہیں رہا۔

    دل سے ہوائے کشت وفا مٹ گئے کہ واں
    حاصل سوائے حسرت حاصل نہیں رہا۔

    بیداد عشق سے نہیں ڈرتا مگر اسد
    جس دل پہ ناز تھا مجھے وہ دل نہیں رہا۔

    غالب جو مان هڪ ٻيو غزل به مثال طور ٿو ڏيڻ چاهيان، ڇو ته غالب ڪافي خوبصورت غزل لکيا آهن. اسان ته غزل جو مزاج صفا بدلائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌي غزل کي فقط فارم غزل جو آهي، باقي اُن جون روايتون، بندشون، تشبيهون، استعارا، اشارا، محاڪات وغيره فارسي غزل ۽ اردو غزل کان مختلف آهن. پر اسان کان اڳ ۾ انهيءَ به اردو غزل جي ٽئين درجي جي شاعرن جي ديوانن جو، اسان جي سنڌي شاعرن جي غزل تي اثر آهي. اسان جي غزل گو شاعرن جو مطالعو نهايت محدود هو. هنن اردوءَ جي ٻئي درجي جي شاعرن مصحفي، انشا، مومن، سودا، جرائت، مير درد وغيره مان به ڪنهن کي نه پڙهيو هو ۽ انهن جي پائي جي هڪ سٽ به نه لکي اٿائون. مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن مون ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي هئي، تڏهن پنهنجي دوست مرحوم جمال صديقيءَ سان گڏجي، ڪراچيءَ مان ٺٽي هڪ ڪيس هلائڻ ويو هيس. ابراهيم جويو، جو منهنجو ۽ جمال جو دوست هوندو هو، ٺٽي هاءِ اسڪول جو هيڊماستر هو. اسان ابراهيم جي گهر رهيا هياسون، اهي ٺٽي جون ٻه راتيون منهنجي زندگيءَ تي اَمٽ ڇاپ ڇڏي ويون. منهنجن شعرن مان اڄ تائين ٺٽي جي رابيل جي خوشبو ايندي آهي ۽ مان جڏهن ڪوئي رابيل جهڙو مکڙو ڏسندو آهيان ته تڙپي ويندو آهيان. ٻي ڏينهن تي ابراهيم ٻڌايو ته ٺٽي ۾ جمعيت الشعرا جو مشاعرو آهي، جتي واصف، خليل، نظامي وغيره جُغادري غزل گو شاعر آيا آهن ۽ مون اتي انتظام ڪيو آهي ته تون جديد شاعريءَ تي تقرير ڪرين. اُنهن ڏينهن ۾ مون اختر حسين رائپوريءَ جو ادب ۽ انقلاب، فيض جو نقش فريادي، ن-م راشد جو ماورا، جديد اردو نظم ۽ نثر جا گهڻو ڪري سڀ ڪتاب پڙهيا هئا ۽ هندستان پاڪستان مان نڪرندڙ سارا رسالا: نقوش، سويرا وغيره نظر مان ڪڍيا ها ۽ ورهاڱي کان پوءِ جو تازو ادب منهنجي اکين اڳيان هو، سو مون جديد ادب تي ٻه ڪلاڪ تقرير ڪئي ۽ اتي آيل سڀني شاعرن کي ٻڌايو ته هنن جهڙا غزل ته لکنوءَ ۽ دليءَ جو هر شاعر لکي سگهندو آهي ۽ جي غزل اُتي طوائفون ڪوٺن تي ڳائينديون آهن، سي به سندن غزلن کان بهتر هوندا آهن. پوءِ مون کين ٻڌايو ته جديد شاعري ڪيئن آهي. ٽئگور، اقبال، چڪ بست وغيره جي شاعريءَ ۾ نظم جي ڪهڙي نوعيت آهي ۽ حسرت، فاني، جگر ۽ اصغر گونڊوي ۽ فراق کان اڳتي وڌي فيض، جوش، ساحر، جذبيءَ، فڪر تونسويءَ وغيره ڪيئن غزل لکيو آهي. ڪجهه New Writings مان يورپ جي ادب مان حوالا به ڏنا ۽ ٽئگور جي شاعريءَ جا حوالا به ڏنا. هو منهنجي عمر ۽ جرئت ڏسي ۽ دونهان دار تقرير ٻڌي وائڙا ٿي ويا ته انهيءَ عمر ۾ مون کي اهڙي گستاخيءَ جي جرئت ڪيئن ٿي هئي، پر پوءِ ابراهيم جويي کي ڏسي چپ ٿي ويا. ڇو ته ڇڙو ابراهيم هيڊماستر ۽ خليل ڊاڪٽر هئا، باقي ڪلارڪ ڪَڙا، ماستر مڙا هيا، جڏهن ته نظامي سنڌ زميندار هوٽل جو مالڪ هو. هو سُس پُس ڪري هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳا: ”هي ڇوڪرو ڪراچيءَ ۾ وڪيل آهي؟“
    ڪيترا سال پوءِ مون کي مولانا گراميءَ ٻڌايو ته هو به اُن تقرير وقت موجود هو ۽ منهنجي تقرير ٻڌي هن پاڻ سان وعدو ڪيو هو ته هو اڳتي شاعري ڇڏي ڏيندو (ان وقت مولانا گراميءَ سان منهنجي واقفيت نه هئي. منهنجي هن سان پهرين واقفيت سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۾ ٿي، جڏهن محمد ابراهيم جويو اُتي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي آيو.) مولانا مون کي ٻڌايو ته اهي صاحب ديوان شاعر جي ٺٽي ۾ منهنجي تقرير وقت موجود هئا، سي اردوءَ جا ڪجهه ديوان کڻي، انهن مان قافيا ۽ رديف لکي، پوءِ انهن تي غزل جا شعر لکندا ها. شاعري هنن لاءِ چؤپڙ جي راند وانگر هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي ته گل کانسواءِ سانگيءَ ۽ گدا کان ابراهيم خليل ۽ رشيد احمد لاشاريءَ تائين سنڌ جا غزل گو شاعر چار شعر به چڱا چئي نه سگهيا آهن. انهن ۾ مراد علي ڪاظم نيارو ۽ غير معمولي شاعر هو، پر هن جي شاعريءَ ۾ به فارسي آميزي گهڻي هئي، جيئن منهنجي شروعاتي غزل گوئيءَ ۾ هئي ۽ منهنجن دوستن لعل محمد لعل ۽ نعيم وجدي ۾ ته مون کان به گهڻي هئي. اهي پويان ٻه به مراد علي ڪاظم وانگر چڱا شاعر ها. ڪاظم مرحوم عبدالله عبد جي نيڪي ڪندو هو پر هن جو ڪو ڪلام منهنجيءَ نظر مان نه گذريو آهي.
    هڪ ڀيري مراد علي ڪاظم همايون تعلقي شڪارپور ۾ فشريز کاتي ۾ ڪوئي عملدار ٿي آيو هو ته مان ۽ لعل محمد لعل هن سان ملڻ ويا هياسين. اُتي هن پنهنجا شعر ٻڌايا ها جن مان هڪ ته غزل مان هو، جو مون کي اڃا تائين ياد آهي:
    غواصي عميقِ خرد ڪجهه نه ٿي سگهي،
    هي ڪوڏ مون ڪَٺا ڪيا ساحل جي آسپاس.
    ۽ ڪجهه نظم مان سٽون ياد آهن:
    توئي اچي ته کاريو آهه سند م سمندِ ناز
    صورتِ تازيانه آءُ، آ، چڱو يار آ نه آءٌ.
    پر انهن ۾ به فارسي آميزي تمام گهڻي هئي، ان کي پهرين بيوس ۽ پوءِ دلگير رد ڪيو، نارائڻ شيام ۽ مون ته پوءِ اُن کي بنهه شهر نيڪالي ڏئي ڇڏي.
    مان اصل موضوع تان هٽي ويو آهيان، جو غالب جي شاعريءَ جي باري ۾ هو، جنهن جو مثال طور مون هڪ ٻيو به غزل ڏيڻ چاهيو پئي، جو غالب جي مٿي ذڪر ڪيل غزل واري بحر ۾ ئي آهي؛
    محرم نہیں ہے تو ہی نواہائے راز کا
    یاں ورنہ جو حجاب ہے پردہ ساز کا
    رنگ شکستہ صبح بہار نظارہ ہے
    یہ وقت ہے، شگفتن گلہائے راز کا

    تو اور سُوہئے غیر نظر ہائے تیز تیز
    میں اور دُکھ تری مژہ ہائے دراز کا

    ہیں بسکہ جوشِ بادہ سے شیشے اُچھل رہے
    ہر گوشۂ بساط ہے سر شیشہ باز کا

    کاوش کا دل کرے ہے تقاضا کہ ہے ہنوز
    ناخن پہ قرض اس گرہِ نیم باز کا

    تاراجِ کاوشِ غم ہجراں ہوا اسد
    سینہ کہ تھا دفینہ گہر ہائے راز کا

    غالب کان پوءِ مير ذڪر جي قابل آهي پر پيش لفظ جي طوالت سبب هن جا رڳو ڪجهه شعر پيش ڪريان ٿو ته پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ته فيض ۽ ناصر ڪاظميءَ تائين پهچڻ لاءِ اردو غزل ڪيترا مدارج طئي ڪيا آهن:
    ناحق ہم مجبوروں پر یہ تہمت ہے مختاری کی
    چاہئے ہے سو آپ کرے ہیں ہم کو عبث بدنام کیا

    میر کے دین و مذہب کو اب پوچھتے کیا ہو، اُس نے تو
    قشقہ کھینچا، دیر میں بیٹھا کب سے ترک اسلام کیا


    دور بہت بھاگے ہو ہم سے سیکھے طور غزالوں کا
    وحشت کرنا شیوہ ہے ان اچھی آنکھیں والوں کا

    اَبر اُٹھا تھا کعبہ سے اور جھوم پڑا میخانے پر
    بادہ کشوں کا جھرمٹ ہوگا شیشے دور پیمانے پر

    پتا پتا، بوٹا بوٹا، حال ہمارا جانے ہے
    جانے نہ جانے گل ہی نہ جانے، باغ تو سارا جانے ہے

    مير جي مٿين شعرن مان نظر ايندو ته هن فارسي بحروزن سان ڪافي هٿَ چراند ڪئي آهي ۽ ان ۾ ڦير گهير آندي آهي، جنهن ترنم کي گهٽايو نه پر وڌايو آهي. اسان جي اردو زبان کان دوريءَ ، سنڌي شاعريءَ جي اصليت ته برقرار رکي آهي پر فارسي بحروزن ۽ ان ۾ اردو شاعريءَ جي ردوبدل، اردو تشبيهه ۽ استعاري جي ۽ ٻيءَ فني ارتقا کان اسان جي نئين نسل ۾ ڪنهن حد تائين اجنبيت پيدا ڪئي آهي. ٻولين سان تعصب غلط آهي. تُرڪ عربن سان نفرت ڪندا ها، پر ان ڪري عربي ادب کي رد نه ڏنو هئائون. ڪرستان يهودين سان نفرت ڪندا ها، پر هنن جي ٻولين يڌش (Yiddish) ۽ عبراني (Hebrew) سان نفرت نه ڪندا ها. جيستائين دنيا جو ڪوئي ادب قدرن جي منافي نه ٿو ڪري، تيستائين ان کي ٿڏي ڇڏڻ غلط آهي.
    غالب کان اقبال تائين پنڌ ۾ وچ تي ڪيترائي شاعر ملن ٿا، پر وري به طوالت جي خوف کان تمام ٿورا شعر پيش ٿو ڪريان:

    سودا جو تراحال ہے اتنا تو نہیں وه
    کیا جانئے تونے اسے کس حال میں دیکھا

    *
    سودا قمارِ عشق میں شیریں کے کوهکن
    بازی اگرچہ پا نہ سکا سَر تو کهو سکا

    *
    عشق سے تو نہیں ہوں میں واقف
    دل سے شعلہ سا کچھ لپٹتا ہے

    يا يگانه چنگيزيءَ جا هي شعر:
    خودی کا نشا چڑھا آپ میں رہا نہ گیا
    خدا بنے تھے یگانہ مگر بنا نہ گیا.

    *
    تڑپ کے آبلہ پا اُٹھ کھڑے ہوئے آخر
    تلاشِ یار میں جب کوئی کارواں نکلا.

    نظامِ دہر نے کیا کیا نہ کروٹیں بدلیں،
    مگر ہم ایک ہی پہلو سے بیقرار رہے۔

    يا اصغر گونڊويءَ جو هي شعر جو مان ننڍي هوندي کان جهونگاريندو رهيو آهيان، جو مون تي ڪفر جي سارين فتوائن کي باطل ڪري ٿو:
    جو نقش ہے ہستی کا دھوکا نظر آتا ہے،
    پردے پہ مصور ہے تنہا نظر آتا ہے۔

    لو شمع حقیقت کی اپنی ہی جگہ پر ہے،
    فانوس کی گردش میں کیا کیا نظر آتا ہے۔

    مان ايترا شعر انهيءَ ڪري ڏنا آهن ته نه رڳو اوهان کي اردو غزل جي ارتقا ڏيکاريان، پر اهو به ظاهر ڪريان ته اردو شاعر فارسي وزن جي تقطيع ۾ ماهر هئا ۽ اها مهارت هو ڪافي عمر فن جو رياض ڪري حاصل ڪندا ها. هر شاعر ڪنهن وڏي شاعر جي تلامذه مان هوندو هو، جو هن جي اصلاح ۽ تربيت ڪندو هو. سيماب اڪبرآباديءَ کي پنج سؤ شاگرد هوندا ها ۽ هو هر ڪنهن کان هڪ رپيو هر مهيني وٺندو ۽ کيس هڪ غزل جي اصلاح ڪري ڏيندو هو. مون حاجي محمود خادم جو ڪتاب ’رهنماءِ شاعري‘ پهرين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهيو هو ۽ ٻي درجي ۾ شڪارپور واري مولوي عبدالغفور جي تربيت هيٺ فارسي بحروزن تي ڪافي عبور حاصل ڪيو هو. اڄ ڪلهه جي ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ ايتري ڪنهن کي فرصت نه آهي ته اڳي وانگر ڪنهن کان رهنمائي حاصل ڪري، پر پوءِ به فارسي بحروزن جي ڪجهه ڄاڻ ضروري آهي، ڇو ته ان کان سواءِ منظوم شاعري نٿي ڪري سگهجي. هندي ڇند تي اسان جي ٿورن شاعرن کي عبور آهي. ان ڪري جو ڪجهه منظوم شاعريءَ ۾ لکيو وڃي ٿو، سو نه نثر آهي نه نظم، چاهي ان ۾ تخيل ڪهڙو به چڱو ڇو نه پيش ڪيو ويو هجي. آخر ڪئنواس تي مصورن جون عمريون گذري وينديون آهن، تڏهن هو ڪائي پائيدار مصوري ڪري سگهندا آهن. شاعري ڪا ٽيبل ٽينس جي راند ته نه آهي!
    مون اردوءَ جي گهڻو ڪري ساري قديم ۽ جديد شاعريءَ جو مطالعو ڪيو آهي. منهنجو ”شاهه جي رسالي“ جو منظوم ترجمو ۽ پنهنجي اردو شاعريءَ جو ڪتاب ”نیل کنٹھ اور نیم کے پتے“ ان جا گواهه آهن ته جي مان ساندهه اردوءَ ۾ شاعري ڪريان ها ته اردوءَ جي ڪنهن به جديد شاعر کي پٺتي ڇڏي وڃان ها، پر هتي اردو هڪ بي پاڙي ٻولي ٿي وئي آهي، ڇو ته اُن جون پاڙون ته کڙي ٻولي، برج ڀاشا، پوربي، راجسٿاني، دکني، ميواتيءَ وغيره ۾ هيون، جن مان هزارين لفظ اردوءَ ۾ اچي، ان کي رابطي جي زبان بڻائي سگهن ها. پنجابي، سنڌي، بلوچيءَ ۽ پشتو سان اردو اُهو رابطو پيدا نه ڪري سگهي آهي، توڙي پاڪستان جي قومي ٻولي آهي ۽ نه هتان جا لفظ، لوڪ ڪٿائون يا ٻيو ادبي سرمايو پاڻ ۾ سمائي سگهي آهي. ان ڪري اُن ۾ اجنبيت محسوس ٿئي ٿي. لاهور واري امجد اسلام ”امجد“ مون کي لاهور ۾ هڪ موقعي تي چيو: ”جڏهن مون کي ڪنهن يو پيءَ جي اردو شاعر چيو ته هن لفظ جو تلفظ صحيح نه آهي ته مون هن کي جواب ڏنو ته ”مون کي ڪنهن لفظ جي قبر ۾ پوڻو آهي ڇا؟“
    بانو قدسيهءَ مون کي ماسڪو ۾ ٻڌايو هو ته هن پنهنجن اردو ناولن ۾ ڪيترائي پنجابي لفظ ڪم آندا آهن. مون هتي اچي هن جا ناول پڙهي ڏٺا. اُهي پنجابي لفظ اردوءَ ۾ اجنبي ٿي لڳا ۽ ان تي مڙهيا ويا ها.
    پنجابي زبان جا حامي اردوءَ جي مخالفت ۾ سنڌين کان به حد ٽپي ويا آهن، ڇو ته پنجاب جي افسر شاهي ۽ دانشور طبقي اردوءَ کي اپنايو آهي ۽ اردو پنجابي ٻوليءَ جي ڪافي هاڃي ڪئي آهي. سبط حسن پنهنجي رسالي ”پاڪستاني ادب“ ۾ هڪ پنجابي افساني جو اردو ترجمو ڏنو هو ته پنجاب جي اهم شاعر نجم الحسن سيد کيس خط لکيو هو ته اڳتي اوهان پنجابيءَ جو اردو ترجمو نه ڪندا ڪريو، ڇو ته اردو زبان ۾ لفظن جو ايترو ذخيرو ڪو نه آهي، جو پنجابي جو اردوءَ ۾ صحيح ترجمو ڪري سگهجي، دراصل ڇا هو جو اردو ترجمي ۾ پنجابي لفظ ”ڍڍ“ جو ترجمو پيٽ ڪري ڏنو ويو هو. نجم الحسن جو چوڻ هو ته جا ڳالهه ”ڍڍ“ ۾ آهي، سا ”پيٽ“ ۾ نه ٿي ٿي سگهي.
    مون به ايئن محسوس ڪيو آهي ته هر لفظ کي روح آهي. جو صدين جي ارتقا مان گذريو آهي ۽ اهو روح فقط مادري زبان ۾ ئي گرفت ۾ اچي سگهي ٿو، ان ڪري مون اردو شاعري ڇڏي ڏني هئي، ڇو جو اردو منهنجي مادري زبان نه هئي. مان پنهنجيءَ ڏات کي رڳو مادري زبان ۾ ئي منطقي نتيجي تي پهچائي ٿي سگهيس. اڄ ڪلهه ته هندستان ۽ پاڪستان ۾ اردو شاعري سُسي وئي آهي، ڪوئي گليور نه آهي ۽ للي پٽ جا ڄامڙا ٽي. ويءَ تي پنهنجي بي سُري ترنم ۾ غزل ٻڌائي رهيا آهن، پر اردوءَ جو ورثو ته امٽ آهي. هاڻي مان سڌو اچان ٿو علامه اقبال تي. هن جا ڪجهه خوبصورت اردو شعر، جي مون کي سردِست ياد ٿا اچن، سي ڏيان ٿو:
    آگ بجھی ہوئی اِدھر، ٹوٹے ہوئے طناب اُدھر،
    کیا جانئے اس مقام سے گذرے ہیں کتنے کارواں،
    سلسلۂ روز و شب نقش گر حادثا
    سلسلۂ روز و شب اصل ِحیات و ممات
    پويون شعر علامه صاحب جي نظم ”مسجد قرطبه“ مان آهي ۽ ان ۾ هڪ به لفظ اردوءَ ۾ نه آهي. دراصل زياده ترنم واري شاعري علامه اقبال جي فارسي ڪتاب ”پيام-مشرق“ ۾ آهي.
    هڪ ڀيري تاشقند جي سفر دوران مان، بانو قدسيه ، خاطر غزنوي، گل رخسار، ارينا ۽ هڪ ٻي روسي خاتون، جا تاشقند ۾ رائيٽرس گلڊ پاران اسان جي گائيڊ هئي، مقامي رائيٽرس گلڊ پاران ڏنل دعوت تي اسان سان گڏ هئي. اسان سڀ مقامي رائيٽرس جي دعوت تي اتان جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ مدعو هياسين. گلڊ جي سيڪريٽري جو تخلص مومن هو ۽ هن اسان کي پنهنجي رباعيات جي ٽي چار انچ ڊگهي ڇپيل چوپڙي تحفي طور ڏني، جنهن ۾ اٽڪل چاليهارو صفحا هئا، جا اڃا تائين مون وٽ مومن جي دستخط سان موجود آهي. مان چوپڙي ڏسي حيران ٿي ويس. اهڙيون چوپڙيون ته مان ٻئي درجي سنڌيءَ ۾ پڙهيون هيون، جن ۾ چونڊ سنڌي ڪافيون هونديون هيون ۽ جي شڪارپور واري ڪُتب فروش پوڪرداس ۽ سکر واري ڪتب فروش هري سنگهه ڇپايون هيون ۽ جي ڇهين پيسي ۽ ٻين آني في ڪاپي ملنديون هيون. اوهان تصور ڪري سگهو ٿا ته جي گلڊ جي سيڪريٽريءَ جي اها حالت هئي ته ٻين اديبن جي ڪهڙي هوندي! شاعري به اهڙي هئي، جهڙي مان پارسيءَ ۾ پنجين درجي ۾ ڪندو هوس. اوچتو سمرقندي شراب جون بوتلون اچي ويون. رات ٿي چُڪي هئي ۽ چوڌاري قمقما روشن ٿي ويا ها ۽ شاعر جن کي هونءَ منرل واٽر (Mineral Water) به نصيب نه هوندو هو، سي سمر قندي شراب جا جام تي جام خالي ڪرڻ لڳا (مون کي هڪ ڪميونسٽ دوست مهڻو ڏنو هو ته هو مون وانگر جام نه پيئندو هو ۽ ان ڪري هن جي صحت خراب نه ٿي هئي. هن کان شايد اهو وسري ويو هو ته اسٽالن واري زماني ۾ پورو پالٽ بيورو واڊڪا تي شام شروع ڪندو هو ۽ صبح تائين کائيندو پيئندو هو ۽ ان وچ ۾ اسٽالن ۽ بيورو جا ميمبر رياستي امور تي فيصلا به ڪندا ها ۽ پوءِ سارو ڏينهن ننڊ ڪندا ها. جي ڪنهن کي ان ڳالهه تي اعتبار نه اچي ته يوگو سلاويا جي ڪنهن وقت وائيس پريزيڊنٽ ملوين جلاس جو ڪتاب (اسٽالن سان گفتگو (Conversation with Stalin) پڙهي ڏسي) . جڏهن تاجڪ شاعران ڪرام سرور ۾ آيا، تڏهن علامه اقبال جو ”پيغام- مشرق“ مان نظم ”سرودانجم“ پڙهڻ لڳا.
    خواجہ ز سروری گذشت بندہ ز چاکری گذشت
    زاری و قیصری گذشت دور سکندری گذشت
    شیوہ بت گری گذشت می نگریم و می رویم

    هو ڏاڍي پياري ترنم سان ”سرود انجم“ پڙهي رهيا ها. شايد هنن کي چيو ويو هو ته پاڪستاني مهمان علامه اقبال جي شاعري ٻڌي خوش ٿيندا آهن. جڏهن تاجڪ شاعرن اهو بند پڙهيو ته ٿورو هٻڪي بيهي رهيا ۽ اسان کي چيائون ته ان کان اڳ وارو بند ياد نه ٿو اچي. جي اوهان کي ياد اچي ته فقط شروعاتي سٽ ٻڌايو ته اسان کي سارو بند ياد اچي ويندو. مون کي سارو پيامِ مشرق پنجين درجي انگريزيءَ ۾ ياد هوندو هو (منهنجي مرحوم دوست نعيم صديقيءَ کي به فرسٽ ييئر ۾ علامه اقبال جا سڀ اردو ۽ فارسي ڪتاب ياد هوندا ها ۽ اسان اقبال تي طويل بحث ڪندا هياسين) مون حافطي کي کوٽيو . سمرقنديءَ شراب ڄڻ يادگيري تيز ڪري ڇڏي هئي. مون کي شعر ياد اچي ويو ته مون اڃان هڪ سٽ پڙهي:
    گرمی کا راز ہا خامی پختہ کار با
    (ويڙهه جي پِڙ جي تپت، پَڪن پختن جي ڪچائي)
    ته هنن چيو بس ۽ وڌيڪ شعر پاڻ ڳائڻ لڳا:
    تاج و سریر و دارہا خواری شہر یار ہا
    بازیٔ روزگار ہا می نگریم و می رویم
    (موڙ مُڪٽ ۽ ڦاسيءَ جا ڦندا، سمراٽن جا اپمان، سمئي جا کيل، ڏسون پيا ۽ وڃون پيا).
    جنهن کي مفتعلن مفاعلن وزن ايندو آهي، اهو گواهي ڏئي سگهندو ته هن اهڙو مترنم شعر فارسيءَ ۾ ورلي پڙهيو هوندو. ان جي بي پناهه رواني اوهان کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ مان ان نظم جو پهريون بند به لکان ٿو:
    ہستیء ما نظامِ ما ہستی ما خرامِ ما،
    گردش ہے مقام ما زندگئ دوامِ ما،
    دؤر فلہ بہ کام ما می نگریم و می رویم.
    (اسان جي هستي ئي اسان جي ترتيب آهي، اسان جي مستي ئي اسان جي ٽوڙ آهي. اسان جي گردش جو ڪوئي آستان نه آهي، اسان جي زندگي کي دوام آهي. آسمان جو دور اسان جي مرضيءَ موجب آهي. ڏسون پيا ۽ وڃون پيا).
    هاڻي اقبال، جو ايترو ترنم ۽ موسيقي شاعريءَ ۾ پيدا ڪري سگهيو آهي، جيترو ترنم ۽ موسيقي نه ٽئگور ۾ آهي، نه نذر السلام ۾ (مون ٻنهي جا لانگ پلي ((Long Play رڪاڊ ٻڌا آهن)،جي اقبال کي مشورو ڏنو وڃي ها ته نثري شاعري ڪر ته هو مشوري ڏيندڙ تي کلي ها ۽ هن کي اهو چئي ها ”برخوردار، ڪنهن اخبار ۾ نوڪري ڪر ۽ ڪالم لک! شاعري تنهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.“
    منهنجو مقصد اهو آهي ته نثري شاعريءَ جو حق صحيح معنيٰ ۾ انهيءَ کي آهي، جو بودليئر وانگر سٺي منظوم شاعري ڪندو هجي ۽ پاڻ پنهنجي منظوم شاعريءَ تي نثري شاعريءَ کي ترجيح ڏي، دراصل سٺي نثري شاعري اهو ٿو ڪري سگهي، جنهن جو معيار برٽالٽ بريخت جو هجي. شاعريءَ جو مقصد روح کي گرمائڻ آهي ۽ انسان جي گوشت پوست کي روح ۾ بدلائڻ آهي. جي اُن ۾ پيغام به آهي ته اهو اقبال جو ”بال جبريل“ آهي (پوءِ اوهان ان پيغام سان متفق هجو يا نه) ۽ غالب جي ’نوائي سروش‘ آهي. جيتوڻيڪ هومر کان ٽي. ايس اليٽ ۽ سعدي ۽ روميءَ جي زماني کان وٺي اقبال ۽ فيض جي زماني تائين، شاعر ان ڳالهه جا مبلغ هئا ته زندگي ڪيئن گذاري وڃي، هاڻي ماڻهو مغرب ۾ ته ناول نگارن کان هدايت ۾ رهبريءَ جا طالب آهن ۽ انهن جي اشارن تي هلن ٿا. جنهن طرف به ناول نگار وڃن ٿا، هي تنهن طرف وڃن ٿا، ناول نگار چاهن ته انسان ۾ بديءَ کي اکين سامهون آڻي بيهارن. جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ ۾ عظيم ناول نگار پيدا نه ٿيا آهن، مگر يورپ ۽ آمريڪا ۾ انهن جو ڪافي تعداد آهي. لاطيني آمريڪا ۽ جنوبي آفريقا ۾ ڪافي ناول نگار ٿيا آهن شايد گذريل سال نوبل پرائيز به ڪنهن مصري ناول نگار کي مليو آهي ۽ هيل گؤتمالا جي ريڊانڊين شاعره رگوبرٽا مينچوءَ (Rigoberta Menchu) کي مليو آهي. رگوبرٽا مينچوءَ جو مشهور شعر آهي: ”ڪولمبس جي پذيرائيءَ ۾ اسان جي ذلت ئي ته آهي.“
    فرينچ ناول نويس آندري پيد، اخلاق جي اها تعريف ڪئي آهي ته انسان پنهنجي اندرئين آواز کي ٻڌي ۽ زندگي جا جيڪي مختلف امڪان آهن، انهن کي نه دٻائي، پر انهن کي پڌري ٿيڻ جو موقعو ڏي. جديد زماني ۾ وجوديت جي آغاز تي انڪري پيد جو به فرائڊ وانگر وڏو اثر ٿيو، ڇاڪاڻ جو ناول نثر ۾ آهن، نثري نظم ناول جو حصو ٿي سگهن ٿا ۽ ناول جي وچ ۾ ڊائلاگ يا منظر ڪشيءَ جي ڪم اچي سگهن ٿا. ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جي پهرين جلد جي اشاعت کان پوءِ، سنڌيڪا واري نور احمد ميمڻ مون کان ان جي باري ۾ پڇيو هو ”ڇا ساڳي ڪتاب ۾ نثر ۽ نظم ڏيڻ ٺيڪ آهي؟“ مون ان وقت ته هن کي چيو ”مون ان حالات جي وضاحت لاءِ نثر ۾ لکيو آهي، جن هيٺ مون ان ڪتاب جي ٽنهي جلدن ۾ ڇاپيل شاعري لکي آهي. ان کي دقيانوسي اردوءَ ۾ شانِ نزول چوندا آهن،“ پر پوءِ مون کي اهڙا ڪيئي مثال ياد آيا، جتي ساڳي ڪتاب ۾ هڪ ئي مصنف نثر ۽ نظم ٻئي لکيا آهن، ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان واڳيل آهن. مثال طور: ڊاڪٽر زواگو ۾ ناول جي خاتمي کان پوءِ اُهي خوبصورت نظم آهن، جي هن لارا جي محبت ۾ سائبيريا ۾ لکيا ها. اُهي ڪنهن ڪليات جو حصو نه آهن، جيئن بودليئر جا نثري نظم آهن. ڪازان زاڪس جا سڀ ناول ۽ سفرناما پڙهبا ته ان ۾ گفتگوءَ ۾ يا منظرڪشيءَ مهل ڪيئي نثري نظم آيل آهن. ايئن سولزي نٽسن جي ناولن جي وچ ۾ نثري نظم آهن، جيتوڻيڪ اهي به ناول جو حصو آهن. نه رڳو اهڙي قسم جا ٻيا ناول به مون پڙهيا آهن، پر ڪيئي ڊراما مثال طور شيڪسپيئر، ابسن، برنارڊشا يا آسڪر وائيلڊ جا ڊراما ۽ ڪيئي مضمون پڙهيا آهن، جيئن فرانسز بيڪن جا مضمون، جي به ساڳيءَ قطار ۾ اچي وڃن ٿا، جن جي اندروني حصي ۾ نثري نظم آهن، مون اهڙا جملا جميله هاشمي جي ناولن، ”چهره بچهره روبرو“، ”دشت سوس“ ۽ قراة العين حيدر جي ناولن ”آگ ڪا دريا“ ۽ ”آخر شب کي همسفر“ ۾ به ڏٺا آهن، جن کي ٿوري ڦير گهير سان نثري نظم جو روپ ڏئي سگهجي ٿو.
    مون خود نثري نظم هندستان جي پهرين سفر تان موٽي لکيا ها، ڇاڪاڻ جو مون انهن کي هندستان جي سفر جو حصو بنائڻ چاهيو ٿي، پر پوءِ 1965ع جي پاڪ- هند جنگ سبب مون اهو سفرنامو نه لکيو ۽ رشيد ڀٽيءَ اهي نثري نظم الڳ ڪتاب ”اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀنيءَ“ جي نالي سان ڇاپيا هئا، پر ڇاڪاڻ جو ڪجهه نظم، ان دور جي لحاظ کان شدت پسند هئا، انهن جي اشاعت روڪي وئي. پوءِ انهن مان اڪثر نظم ”پتڻ ٿو پور ڪري“ ۾ شايع ڪيا ويا. بودليئر جا نثري نظم اوهان پڙهندا ته اوهان کي ننڍا نظم (جي هڪ يا اڌ صفحي ۾ اچي وڃن ) ٿورا ملندا ۽ هن جا باقي نثري نظم ڪافي لنبا آهن، جي واقع نگاريءَ تي ٻڌل آهن ۽ انهن ۾ هن جي سوانح حيات جي خوشبوءِ آهي. هن صديءَ جا ڪجهه ڏهاڪا ڇڏي، پٺتي ڏسبو ته خالص نثري نظم جا شاعر ٿورا ٿا ڏسجن. هن دور ۾ ڪيترائي نثري نظم جا شاعر نظم ڇڏي يا ان کي ڪجهه پاسيرو رکي نثري نظم ڏانهن وريا آهن.
    ڳالهه مان ڳالهه منهنجي تحرير جو حصو ٿي وئي آهي. هاڻي مان وران ٿو اقبال کان پوءِ اردو غزل ۽ ٻي شاعريءَ ڏانهن، اهو ڏيکارڻ لاءِ ته اردوءَ جي جديد شاعريءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ فيض جي دور تائين اردو شاعرن کي فن تي مهارت حاصل رهي آهي، جنهن جي ويچارڻ لاءِ اسان جو نئون نسل ڪوشش گهٽ ٿو ڪري. ڪي ته سٽون داوَ وانگر چوپڙ تي ڦٽي ٿا ڪن، جن مان اوچتو نظم ٺهيو وڃي. مان نون شاعرن جي توهين نٿو ڪريان، جي هو شهري آهن ته شهر جي مصروف زندگيءَ ۾ هنن کي ايتري فرصت نٿي ملي، جو فن تي مهارت حاصل ڪري سگهن پر جي ڪنهن کي به شاعري ڪرڻي آهي ته ان مهارت کانسواءِ چارو نه آهي.
    فيض ۽ هن کان پوءِ جي غزل جو مان لنبو چؤڙو جائزو پيش نٿو ڪريان. فقط مثال طور مان فيض جي ٻن غزلن جا ڪجهه شعر پيش ڪريان ٿو، جن مان ظاهر آهي ته فيض ۾ ترنم، فن تي مهارت ۽ حافظ جي تاثر هيٺ نغمگي آهي:
    دونوں جہاں تیری محبت میں ہار کے
    وہ جا رہا ہے کوئی شبِ غم گذار کے۔
    اک فرصتِ گناہ ملی وہ بھی چار دن،
    دیکھے ہیں ہم نے حوصلے پروردگار کے۔

    بھولے سے مسکرا تو دئے تھے وہ آج فیض،
    مت پوچھ ولولے دلِ ناکردہ کار کے۔

    ہم کہ ٹھہرے اجنبی اتنے مداراتوں کے بعد،
    پھر بنیں گے آشنا کتنی ملاقاتوں کے بعد۔

    ن. م راشد، جو تصدق حسين خالد کان پوءِ آزاد نظم جو باني آهي، جنهن جا ڪتاب ”ماورا“، ”ايران مين اجنبي“ ۽ ”لا انسان“ اردو شاعريءَ جي فن تي مهارت جا بي مثال نمونا آهن. جي هن ۾ ايتري فارسي زدگي نه هجي ها، ته هن جا نظم ”حسن ڪو زه گر“ ۽ ”سليمان سر بزانو ۽ صبا ويران“ ”شاهڪار نظم ها. هن کان اڳ تصدق حسين خالد جو آزاد نظم:
    شير دل خان
    میں نے دیکھے تيس سال
    ------
    میں کنوارا ہی رہا
    کاش میرا باپ بھی
    یوں کُنوارا
    کیا کہوں!
    خوبصورت آزاد نظم آهن. ان کي پنهنجي ٽيڪنڪ آهي، ترنم آهي، مرڪزي خيال آهي. اهي نظم فرانس جي Verse libre وانگر آهن. مون مجيد امجد جا مجموعا پڙهيا آهن، انهن ۾ مرڪزي خيال خوبصورت آهي، پر هو ايترو ترنم پيدا نه ڪري سگهيو آهي. اردوءَ ۾ ميراجيءَ به آزاد نظم لکيا آهن، جي پنهنجي فلسفي ۽ تخيل جي لحاظ کان چڱا نظم آهن، پر غالب کان وٺي اڄ تائين غزل، مستزاد، مثمن، مخمس، مسدس، ترجيع بند وغيره اردو شاعريءَ جا ٻيا گهاڙيٽا رهيا آهن، پر انهن وانگر نظم ۽ آزاد نظم جي اردو شاعري به گهڻي فارسي آميزيءَ مان جند نه ڇڏائي سگهي آهي. نه ان ۾ هندستان يا پاڪستان جي ڌرتيءَ جي سڳنڌ آهي. اردو گيت جي ٻي ڳالهه آهي. اهو هندي گيت کان به وڌيڪ سريلو ۽ روح ۾ کُپي ويندو آهي:
    ميرا جيءَ جو گيت:
    انجانے نگر مانے رہے، من مانے نگر اَن جانے رہے،
    هڪ خوبصورت گيت آهي. هن جا ٻيا گيت به ايئن ٿا لڳن، جيئن چانڊوڪي ۾ پوئين پهر جو رابيل ڦٽي پوندي آهي ۽ ان جي خوشبو چوطرف ڦهلجي ويندي آهي. يا امانت لکنويءَ جو ”اندر سڀا“ ۾ گيت:
    میری انگیا میں کوئلے بھرے
    يا آرزو لکنويءَ جا گيت:
    جگ میں چلیں پَوَن کی چال وغيره.
    يا دکن واري عظمت الله خان جي سٽ:
    آندهرا کی سُندر پُتری، کالی کویل سے کالی
    ڪهڙا نه پيارا گيت آهن! دراصل گيت اُنهيءَ ڌرتيءَ جي نهايت خوبصورت شاعري آهي، جنهن تي قلعئه معليٰ ۾ اردو زبان پيدا ٿي هئي ته جيئن اُها ننڍي کنڊ لاءِ رابطي جي زبان ٿي سگهي، پر پوءِ اها ئي زبان تقسيم جو باعث ٿي.
    ميران ٻائيءَ جو ڪهڙو نه پيارو گيت آهي هي:
    پگ گھنگھرو باندھ میراں ناچی رے...
    ساس کہے میراں کل ناسی
    میراں کہے میں بھگون داسی
    مورا درد نہ جانے کوئے

    گيت جا ڪجهه ٻيا به پيارا شاعر اردو شاعريءَ ۾ ٿيا آهن، جيتوڻيڪ انهن ۾ امانت لکنويءَ واري گوناگوني نه آهي، جنهن ٺمري، ڇند، بسنت، هولي، ساوڻ، ڪافي، سهُاگ جهڙيون هلڪيون ڦلڪيون ۽ عام پسند شيون ڳايون آهن. حفيظ جالنڌريءَ به ڪجهه پيارا گيت لکيا آهن. جيئن:
    ”جاگ سوز ِ عشق جاگ...“
    یا کاہن مرلی والی، نند کے لال، بنسری بجائے جا، وغیرہ
    حفيظ جالنڌريءَ کانسواءِ مقبول حسين احمد پوريءَ، ساحر لڌيانويءَ، تاج سعيد، قيوم نظر، اڪرم فگار، احمد راهيءَ، ناصر شهزاد، نگار صحبائيءَ وغيره چڱا گيت لکيا آهن.
    قيوم نظر جو هڪ گيت آهي:
    دکھ چاتر ہے کھلے کواڑوں آئے،
    آئے اور نہ جائے
    ليڪن مرحوم رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو دوست جنهن کي نظاماڻي ڳائيندو هو ۽ جڏهن اڌ رات جو دف تي ٿاڦ هڻندو هو، تڏهن اسان پنهنجيءَ ڪيفيت مان ڇرڪ ڀري ايئن اٿندا هياسين جيئن بندوق جي فئر تي آڙيون ڦر ڦر ڪري اڏامنديون آهن. اهو شاعر هو تنوير نقوي، جو هڪ نهايت پيارو انسان به هو. هو عشق ۾ ٺوڪر کائي سڀ ڪجهه وڃائي، اچي رئيس وٽ ماتليءَ ۾ رهيو هو. رئيس کي فقط هن جا اردو گيت ياد هوندا هئا، جن کي هو شراب ۾ اوتي، جام ۽ دف هٿ ۾ جهلي ڳائيندو هو. مون کي ڪجهه سٽون ياد آهن:
    گگن پہ بیٹھا کھیل نرالے کھیلے کھیلن ہار
    دیکھو لوگو! کٹھ پتلی کا ناٹک ہے سنسار،
    ہم تم سب ہیں کھیل کھلونے
    یہ لو بچّو، کھیلو بچّو!
    دو کوڑی میں بکتا ہے انسان
    لے لے پتھر کا بھگوان
    لے لو بھوکا ہندوستان
    لے لے بچّو! کھیلو بچّو!
    کھیلو بچّو! لے لو بچّو!
    ”يه لو بچو“، ”کهيلو بچو“ ۽ ”لي لو بچو“ ڪيڏا ترنم وارا قافيا ۽ رديف آهن! تنوير نقوي، جو هڪ دلشڪستو، مفلس ۽ بيمار انسان ٿي لاهور مان ماتليءَ آيو هو، پنجابيءَ جو به هڪ ڏاڍو سٺو شاعر هو، هن جو هڪ پنجابي گيت آهي:
    تیرے پیر قلیناں جوگے
    کچا میرا ویہڑا
    نا کوئی نوکر چاکر میرا نا موٹر نا کوٹھی
    شکر خدا دا جے مل جاوے دو ویلے کی روٹی
    میری قسمت بھُکاں پھاکے
    يا هن جو هڪ ٻيو پنجابي گيت آهي:
    دل کیہ کردا کچھ سمجھ نہ آوے
    رُکدیاں رُکدیاں تھڑ تھڑ دھڑکے
    تھڑ کدیاں رُک جاوے
    فقط انقلاب، مزاحمت ۽ آزاديءَ جي نعري جي اثر هيٺ شاعري سُڪڙجي، رڳو ڌڪار جو اظهار وڃي رهي ٿي، جنهن مان شاعريءَ کي نقصان پهتو آهي. انگريز شاعر آڊن، جنهن وقت اشتراڪيت کان متاثر هو، ان وقت ھن هيٺيان لفظ چيا هئا:
    I have no gun
    But I can spit
    (مون کي بندوق ته ڪانهي
    (پر مان ٿُوڪاري ته سگهان ٿو)
    ان جي برعڪس پال مري جو هڪ گيت آهي:
    ”مون کي تون هڪ گيت ڏي، پيار جو
    اُميد جو
    ۽ اتحاد جو،
    مان جنهن کي ڳائي سگهان دنيا ۾.
    اهڙو گيت ڏي مون کي،
    جنهن کي ٻڌي دل ڌڙڪي
    محبت جو اهو نغمو ڏي!
    اميدن جو اهو نغمو ڏي.“
    ۽ پيار جو گيت جوڳائي سگهجي ٿو،
    اهو بي سرو ٿي نٿو سگهي.
    سريلي، مڌڀري سنگيت ئي
    محبت جو نغمو ڏئي سگهي ٿي.
    منهنجي غزل جو هڪ سٺو شعر آهي:
    اٿاهه اُڌما ڌِڪار ۾ ها، ڌڪار جا پيارَ جي سکي آ
    سوين امر گيت آدميءَ جا، نه چاندنيءَ ۾، نه پيار ۾ ها!
    چار ڀيرا فعول فعلن جي وزن تي جنهن ڪجهه به لکيو آهي، اهو انهيءَ شعر جي رواني محسوس ڪري سگهندو، جنهن ۾ هڪ اکر به حذف نه ڪيو ويو آهي، پر مان هاڻي مڃان ٿو ڌڪار نه، پر پيار ئي شاعريءَ کي امرتا ڏئي ٿو.
    هر شعر جي ٻي هر صنف ۾ به فني حسن ۽ شعري جذبو ضروري آهي. هن مجموعي ۾ فقط هڪ لوڪ گيت ”بادليئو“ آهي. لوڪ گيت کي وزن، تناسب واري ڌن ۽ جديد رنگ ۾ مون پهريون ڀيرو پيش ڪيو هو ۽ منهنجا پنج گيت ”وڄون وسڻ آئيون“ ۽ ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ ۾ شامل ٿيل آهن: لمڪيان ڙي لو، سانوڻ ٽيج، هڙڪ هلو هو، همرچو ۽ ڇيڄ. انهن وانگر بادليئو هڪ جديد، سڊولو ۽ سروپ لوڪ گيت آهي، جنهن جي ڌن مصنف جي تخليق آهي ۽ ان لاءِ هو ساراهه جو مستحق آهي.
    هاڻي وري مان غزل جي پيرائتي ڳالهه تي ٿو اچان. مان اهو فخر سان چئي ٿو سگهان ته سنڌي غزل ۽ ٻي شاعريءَ کي ڌاري روايت مان مون ڪڍيو هو ۽ ان جون جڙون سنڌي شاعريءَ سان ملايون هيون، جيتوڻيڪ مون ماترائن جي حساب سان بيت، وايون، گيت، لوڪ گيت، هائڪو لکيا ها، پر مون کي فارسي بحر وزن تي به ڪافي عبور هو، جنهن کي مون غزل، نظم، آزاد نظم، گيت، ڏيڍ سٽي وغيره ۾ ايئن استعمال ڪيو هو، جو ڪو به بحر وزن جو اُستاد اُن مان غلطي پڪڙي نه سگهندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون غزلن، نظمن، آزاد نظمن ۾ تشبيهون، استعارا، فني محاڪات، ٻوليءَ جا گونا گون تجربا سڀ سنڌي آندا (منهنجي شعري خاصيتن تي سٺي ۾ سٺا مضمون قمر شهباز ۽ هري دلگير لکيا آهن. پهريون سهڻيءَ جي شيخ اياز نمبر 2 ۾ ڇپيو هو ۽ ٻيو هندستاني رسالي ”جهولي لال“ جي شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام نمبر ۾ ڇپيو آهي) اها ڪا تعلي نه آهي ته مون فارسي ۽ اردو شاعريءَ جو مطالعو ڪري به سنڌي شاعريءَ ۾ فارسي ۽ اردو لفظ گهٽ ۾ گهٽ ڪم آندا آهن ۽ ان جون جڙون شاهه لطيف سان ملايون آهن، پر مون فارسي بحروزن جو ننڍي هوندي کان مطالعو ڪيو هو ۽ جي سنڌي جا جغادري شاعر ها انهن کان بحروزن کي ڏهه ڀيرا وڌيڪ ڄاڻيندو هوس. هو بار بار سٽ ۾ اکر حذف ڪندا ها، مان ورلي ڪندو هوس. غالب جهڙي شاعر به چيو هو:
    نکلنا خلد سے آدم کا سنتے آئے تھے لیکن،
    بہت بے آبرو ہوکر ترے کوچے سے ہم نکلے۔
    مٿيون شعر چار ڀيرا مفاعيلن وزن تي آهي، پر پڙهڻ ۾ ”کا“ جو الف حذف ڪري ”ڪ“ ڪري ٿو پڙهڻو پوي، جو نڙيءَ ۾ ڪنڊي وانگر ٿو کٽڪي، منهنجي سنڌ جي نئين نسل جي شاعرن لاءِ اها هدايت آهي ته هو فارسي بحر وزن جو مطالعو ضرور ڪن. ايئن برابر آهي ته فارسي هاڻي اسان جي تعليمي نصاب ۾ زبردستي مسلط نه ٿي ڪئي وڃي ۽ ٿورا ماڻهو پارسي ڄاڻن ٿا، پر گهٽ ۾ گهٽ اردوءَ جي ذريعي اسان جن شاعرن لاءِ لازمي آهي ته هو فن عروض جو غور سان مطالعو ڪن. مون ته ٻئي درجي انگريزيءَ ۾ ان موضوع تي پهرين محمود ’خادم‘ جو ڪتاب ’رهنماءِ شاعري‘ پڙهيو هو ۽ مون کي بحر وزن جي مشق ڪل ٻه چار سال ڪرڻي پئي هئي. مون کي ياد آهي ته مان جڏهن ٻيو درجو انگريزي پڙهندو هوس. تڏهن هوند راج داس (جو ساڳي اسڪول ۾ ٽيون درجو پڙهندو هو) بهاري ڇاٻڙيا سان گڏجي ”سدرشن“ رسالو ڪڍيو هو، جنهن جي پهرين پرچي ۾ منهنجو شعر شايع ٿيو هو. جنهن جي فوٽو ڪاپي مون کي انور فگار هڪڙي شڪارپور مان موڪلي آهي. مون کيئل داس فانيءَ کان به ڪجهه وقت اصلاح ورتي هئي ۽ ان وچ ۾ ٽي چار ڪتاب فنِ عروض تي پڙهيا ها. اردوءَ ۾ غير مستعمل بحر ڇڏي، باقي هيٺيان اڻويهه بحر ۽ وزن مون پنهنجي لاءِ ڇنڊي ڇاڻي ڏٺا ها، انهن ۾ ست بحر هڪ رڪن کي دهرائڻ سان ٺهن ٿا:
    رمل مثمن: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن
    ان تي مون کي مولانا روميءَ جو شعر ياد ايندو آهي
    من نہ دانم فاعلاتن فاعلات
    شعری گویم بہ از آبِ حیات
    (مان فاعلاتن فاعلات نه ڄاڻان، پوءِ به آبِ حيات جهڙو شعر چوان ٿو.)
    پر اها حقيقت آهي ته مولانا رومي جي ساري مثنوي موزون آهي. اچو ته فارسي بحروزن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڏسون؛
    رمل مثمن: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن
    (چار ڀيرا)
    هزج مثمن: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن
    (چار ڀيرا)
    مُتدارڪ مثمن؛ فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن
    (چار ڀيرا)
    متقارب مثمن: فعول فعولن فعولن فعولن
    (چار ڀيرا)
    رجز مثمن: مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن
    (چار ڀيرا)
    ڪامل مثمن: متفاعلن متفاعلن متفاعلن متفاعلن
    (چار ڀيرا)
    وافر مثمن: مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن
    (چار ڀيرا)
    هيٺيان ٻارنهن بحر ٻه رُڪني آهن ۽ ان ڪري انهن کي مرڪب بحر چيو ويندو آهي:
    طويل مثمن: فعولن مفاعيلن فعولن مفاعيلن
    مديد مثمن؛ فاعلاتن فاعلن فاعلاتن فاعلن
    مضارع مثمن؛ مفاعيلن فاعلاتن مفاعيلن فاعلاتن
    بسيط مثمن؛ مستفعلن فاعلن مستفعلن فاعلن
    مقتصب مثمن؛ مفعولات مستعفلن مفعولات مستفعلن
    مجتث مثمن؛ مستفعلن فاعلاتن، مستفعلن فاعلاتن
    منسرح مثمن؛ مستفعلن مفعولات مستفعلن مفعولات
    سريح مسدس؛ مستفعلن مستفعلن مفعولات
    جديد مسدس؛ فاعلاتن فاعلاتن مستفعلن
    خفيف مسدس؛ فاعلاتن مُستفعلن فاعلاتن
    قريب مسدس؛ مفاعيلن مفاعيلن فاعلاتن
    مشاڪل مسدس؛ فاعلاتن مفاعيلن مفاعيلن.
    انهن بحرن مان بحر وافر، طويل، مقتصب، مشاڪل، قريب، جديد ۽ مديد جو اردو شاعريءَ ۾ رواج نه آهي، جيتوڻيڪ مون پنهنجي شاعريءَ ۾ بحر مديد (فاعلاتن فاعلن) ڪم آندو آهي. پهريان ست بحر به مون سڀئي ڪم نه آندا آهن، رڳو اُهي ڪم آندا آهن جن منهنجي ترنم کي گهٽايو نه آهي. هاڻي اهو سارو گورک ڌنڌو ڇڏي، مان انهن بحرن ۽ وزنن مان نڪتل اُهي بحر ۽ وزن ٿو ڏيان، جي سنڌيءَ ۾ اڪثر مستعمل آهن. مان ڀانيان ٿو جي سنڌي شاعرن کي انهن بحرن ۽ وزنن تي مهارت آهي ته اها اسان جي شاعريءَ لاءِ ڪافي آهي. اهي آهن:
    1- بحر هزج مثمن سالم؛ مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن.
    2- بحر هزج مثمن مسبغ؛ مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلان
    3- بحر هزج مقبوض مثمن؛ مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن
    4- بحر هزج مثمن اخرب: مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيلن
    5- بحر هزج مثمن اخرب مڪفوف مقصور: مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيل.
    6- بحر هزج مثمن اخرب مکفوف محذوف: مفعول مفاعيل مفاعيل فعولن.
    7- بحر هزج مثمن اشتر: فاعلن مفاعيلن فاعلن مفاعيلن
    8- بحرهزج مسدس مخذوف (الاخر) و مسبغ: مفاعيلن مفاعيلن فعولن (يافعولان)
    9- بحر هزج مقبوض دوا زده رُڪني: مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن
    10- بحر هزج مسدس مقصور: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل
    11- بحر هزج مسدس اخرب مقبوض مخذوف: مفعول مفاعلن فعولن
    12- بحررمل مثمن سالم: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن
    13- بحر رمل مثمن مقصور: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات
    14- بحررمل مثمن محذوف: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن
    15- بحر رمل مثمن مخبون محذوف: فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن
    16- بحر رمل مثمن مخبون مخذوف مقطوع: فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن (فعلن ۾ عين ساڪن آهي)
    17- بحر رمل مثمن مشڪول: فعلات فاعلاتن فعلاتن فاعلاتن
    18- بحر رمل مسدس مخذوف: فاعلاتن فاعلاتن فاعلن
    19- بحر رمل مسدس مخبون محذوف (يامقصور): فاعلاتن فعلاتن فعلن (يا فعلات)
    20- بحر رمل مسدس مخبون مخذوف و مقطوع: فاعلاتن فعلاتن فعلن (عين جزم سان)
    21- بحر رمل مسدس مقصور: فاعلاتن فاعلاتن فاعلات
    22- بحر رمل مسدس مخبون مقصور مشعث: فاعلاتن فعلاتن فعلات
    23- بحرر جز مثمن سالم؛ مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن
    24- بحررجز مثمن مطوي مخبون: مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلن
    25- بحر متقارب مثمن سالم: فعولن فعولن فعولن فعولن
    26- بحر متقارب مثمن مقصور؛ فعولن فعولن فعولن فعول
    27- بحر متقارب مثمن مخذوف: فعولن فعولن فعولن فعل
    28- بحر متقارب مثمن اثلم؛ فعلن فعولن فعلن فعولن
    29- بحر متقارب مقبوض اثلم: فعول فعلن فعول فعلن فعول فعلن فعول فعلن
    30- بحر متقارب اثرم؛ فعل فعولن فعل فعولن، فعل فعولن فعل فعولن فعل فعولن
    31- بحر متقارب مثمن اثرم: ابتر مضاعف: فعل فعولن فعل فعولن فعل فعولن فعلن فع
    32- بحر متدارڪ مثمن سالم: فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن
    33- بحر متدارڪ مثمن مخبون: فِعلن فِعلن فِعلن فِعلن
    34- بحر مُتدارڪ مخبون مسڪن: فعلن فعلن فعلن فعلن
    35- بحر متدارڪ مخبون مسڪن اَخذ: فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فع
    36- بحر متدارڪ مثمن اَخذ: فاعلن فاعلن فاعلن فع.
    37- بحر ڪامل مثمن سالم: متفاعلن متفاعلن متفاعلن متفاعلن
    38- بحر ڪامل مثمن مذال: متفاعلن متفاعلن متفاعلن متفاعلان
    39- بحر مجتث مثمن مخبون: مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلاتن
    40- بحر مجتث مثمن مخنون مخدوف مقطوع: مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن
    41- بحر مضارع مثمن اخرب محذوف: مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن
    42- بحر مضارع مثمن اخرب مڪفوف مخذوف: مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن
    43- بحر مضارع مثمن مکفوف مقصور (يا مخذوف) مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات
    44- بحر منسرح مثمن مطوي مجدوع (يا مڪشوف): مفتعلن فاعلات مفتعلن فاعلات
    45- بحر منسرح مثمن مطوي مقصور: مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلن
    46- بحر سريع مُسدس مطوي مڪشوف مفتعلن مفتعلن فاعلن
    47- بحر سريع مُسدس مطوي موقوف: مفتعلن مفتعلن فاعلات
    48- بحر منسرح مثمن مطوي موقوف: مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلات
    49- بحر حفيف مسدس مخبون مخذوف: فاعلاتن مفاعلن فعلن
    50- بحر بسيط مثمن مطوي: مفتعلن فاعلن مفتعلن فاعلن
    انهيءَ کانسواءِ رباعي بحر هزج ۾ آهي، جنهن ۾ چوويهه وزن آهن. نارائڻ شيام، هرو مل سدارنگاڻي وغيره ڪيترن ئي رباعيءَ جي وزنن ۾ لکيو آهي، پر اهي سنڌي شاعريءَ جي مزاج سان ٺهڪي نٿا اچن ۽ انهن ۾ ڪا رواني نه آهي، سواءِ مفعول مفاعيل مفاعيلن فع جي. سنڌي رباعي ڄڻ هڪ چئن پاون واري کٽ آهي، جنهن تي شاعريءَ جو جنازو رکيو آهي. شاعر رباعي وڏيءَ مشقت سان لکندا آهن، فقط اهو ڏيکارڻ لاءِ ته هنن کي بحر وزن تي مهارت آهي. سنڌيءَ ۾ هيل تائين هڪ به سٺي رباعي نه لکي وئي آهي، جنهن کي خيام جي مقابلي ۾ رکي سگهون.
    مٿي جيڪي عربيءَ ۾ بحر جا نالا آيل آهن. اهي هڪ پوڙهي حڪيم جي پراڻي نسخي وانگر ٿا لڳن. انهن کي ياد ڪرڻ ضروري نه آهي، بلڪه غير ضروري آهي. باقي وزن ياد رکيا وڃن ۽ اهي سنڌيءَ ۾ روانيءَ سان استعمال ٿي سگهن ٿا. انهن ۾ ڪجهه وزن ڪٽيا ويا آهن، جي اردوءَ ۾ مستعمل ٿي سگهن ٿا، پر سنڌيءَ ۾ آورد واري شاعريءَ ۾ ته اچي سگهن ٿا، آمد واريءَ شاعريءَ ۾ ناممڪن آهن. مون مٿين وزنن مان وزن نمبر 11، 17، 36، 38، 39 کان سواءِ پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻيا لڳ ڀڳ استعمال ڪيا آهن ۽ ڪن وزنن ۾ مير تقي مير کان به وڌيڪ ڦير گهير ڪئي آهي. منهنجو نوجوان نسل کي مشورو آهي ته هو مير تقي مير جو غور سان مطالعو ڪن. شايد مير تقي مير جي شاد عظيم آباديءَ پيروي ڪئي هئي، پر مون کي هن جو ڪوئي غزل ياد نٿو اچي ۽ نه هن جو مون وٽ ڪوئي مجموعه ڪلام آهي.
    سنڌي شاعر وزنن ۾ ميرتقي مير واري ڪيل ڦير گهير کان سواءِ ٻي به ڦير گهير ڪري سگهن ٿا، شرط اهو آهي ته ترنم برقرار رهي، جي شاعر جي طبيعت روان آهي ته هو وزنن تي هڪ سال ۾ عبور حاصل ڪري سگهندو ۽ جي روان نه آهي ته هو ڪيترو به مٿو ماري ته به اهي هن جي مُٺ ۾ اچي نه سگهندا.
    جي شاعر فارسي يا اردو وزن تي لکن ٿا، انهن لاءِ اهو عبور ضروري آهي، ڇو ته وزن ٽٽي پوندو ته شعر ۾ رواني نه رهندي، پر جي هو ماترائن جي حساب سان لکن ٿا ته هنن لاءِ وزن جي ڄاڻ ضروري نه آهي. هو بلڪل آزاد آهن ۽ ماترائون هنن جي شعر ۾ درياهه جي رواني پيدا ڪري سگهن ٿيون. فارسي بحر وزن اسان وٽ ڌاري شيءِ آهي، جيڪا گدا ۽ سانگيءَ واري دور ۾ آئي. ان کي ڪوئي به سنڌي شاعر مسترد ڪري سگهي ٿو. نظم جي صنف انگريزيءَ تان ورتي وئي آهي ۽ جديد شاعريءَ لاءِ بنهه ضروري آهي. ان ۾ ڪيئي تجربا ٿي سگهن ٿا. منهنجي نظمن ۾ سوين مختلف گهاڙيٽا آهن ۽ ايترا گهاڙيٽا يورپ يا دنيا جي ٻئي ڪنهن حصي جي شاعريءَ ۾ ڪو نه آهن. اهي ماترائن جي حساب سان به آهن، فارسي بحر وزن تي به آهن، شاعر آزاد آهي ته ڪنهن ريت به لکي، پر کيس ڪنهن حد تائين پابندي ڪرڻي پوندي، جي ڇند وديا جي حساب سان لکندو ته هن کي ماترائن جي پابندي ڪرڻي پوندي. ذهين شاعر انهيءَ پابنديءَ کي اورانگهي سگهن ٿا ۽ پنهنجو بحر وزن ٺاهي سگهن ٿا يا ماترائن ۾ ڦير گهير ڪري سگهن ٿا بشرطيڪه شاعريءَ جي روانيءَ تي اثر نه پوي. جينيس پنهنجا گهاڙيٽا ۽ وزن پاڻ بلڪل نئين سر ٺاهي سگهن ٿا، شرط اهو آهي ته ڪَن رس زخمي نه ٿئي.
    سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ بيت، دوهو، وائي ۽ ڪافي آهي، جا اڪثر ماترائن جي حساب سان لکي وئي آهي. سنڌي ڪافي بحر وزن تي به لکي وئي آهي. مون سنڌي ڪافي ڪا نه لکي آهي (شايد ڪنهن وقت خواجه فريد جي ملتاني ڪافيءَ جو سنڌي ترجمو ڪيو هيم، پر ان جو گهاڙيٽو سنڌيءَ ڪافي وارو نه هو ) ٿوريون سنڌي وايون مون فارسي بحروزن تي به لکيون آهن پر اهو لازمي نه آهي ته وايون فارسي بحر وزن ۾ لکيون وڃن. جي ڳالهيون فارسي ۽ اردو شاعريءَ ۾ معيوب سمجهيون وڃن ٿيون، پر اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي مزاج سان ٺهڪي اچن ٿيون، اُهي شاعريءَ ۾ معيوب نه آهن. سٽ جي اندرين تجنيس حرفي يورپ جي شاعريءَ ۾ ساراهي وئي آهي. اها جيتري ڀٽائيءَ ۾ آهي، ڪنهن به يورپ جي شاعر ۾ نه آهي. مون اردوءَ ۾ هائڪو فارسي بحروزن تي لکيا آهن ۽ سنڌيءَ ۾ ماترائن جي حساب سان به لکيا آهن. شايد ڀونر ڀري آڪاس ۾ ڪجهه هائڪو نما نظم فارسي بحر وزن ۾ آهن. اوهان ترائيل ۽ ٻيا گهاڙيٽا به ساڳي طرح لکي سگهو ٿا، شرط اهو آهي ته شاعريءَ جي موسيقيت تي ضرب نه اچي.
    جن شاعرن کي خدا ڏات ڏني آهي، اُهي پنهنجي راهه پاڻ تلاش ڪري سگهن ٿا، پر اڳي آزمايل رستي تي، گهٽ ۾ گهٽ منهنجيءَ نظر ۾ ٿورو پنڌ ضروري آهي.
    فارسيءَ ۾ گهاڙيٽا آهن مثنوي، مستزاد (ڏيڍ سٽا)، قصيده، واسوخت، قطع، مخمس (پنج سٽا)، مسدس (ڇهه سٽا) مثلث (ٽه سٽا) مُسقِط ۽ تضمين (سنڌيءَ ۾ رائج نه آهن)، ترجيع بند، ترڪيب بند (علامه اقبال جا اڪثر نظم ترڪيب بند جي صورت ۾ آهن. مثلاً: ”شمع ۽ شاعر“ ”مسجد قرطبه“ ابليس جي مجلس شورا“). مرثيو، سلام، مسلسل غزل (اهڙا علامه اقبال، جوش مليح آبادي ۽ فيض جا لکيل آهن). اسان انهن گهاڙيٽن جي پابندي ڪريون يا نه، اها، اسان جي مرضي آهي. منهنجي پنهنجي شاعريءَ ۾ ايترا گهاڙيٽا آهن جيترا دنيا جي ڪنهن به شاعر ۾ نه آهن. اسان اکٽ نوان گهاڙيٽا گهڙي سگهون ٿا. قافئي، رديف جي باري ۾ ترنم جي لحاظ کان اسان پاڻ فيصلو ڪري سگهون ٿا. اردو شاعريءَ جي پيروي ضروري نه آهي.
    منهنجو هن مهاڳ لکڻ جو خاص سبب اهو هو ته سنڌ کي نه رڳو سنڌ جي نئين شاعريءَ سان واقف ڪرايان، پر اُن کي هر سنڌي محقق جي چڪر مان ڪڍان، جي سنڌي شاعريءَ کي ”ارهه برهه ڪَنڪره“ سان شروع ٿا ڪن ۽ ساموئيءَ جا بيت پينسلين جي ايجاد وانگر پيش ڪن ٿا (.محقق لفظ جو اشتقاق شايد حقو آهي، ڇو ته محقق بڙ بڙ گهڻي ڪندو آهي) مان هميشه چاهيو آهي ته سنڌي ادب هڪ ڇلانگ سان ڪجهه صديون ٽپي وڃي. اهو غلط آهي ته منهنجي سرڳواسي متر نارائڻ شيام ”هائڪو“ پهرين لکيا ها. اردو زبان ۾ هائڪو پهريون ڀيرو مون لکيا ها ۽ ان کان پوءِ مون سنڌيءَ ۾ به لکيا ها. مان هائڪو کي ٻي جديد شاعريءَ وانگر گربيءَ جي سٿڻ ۽ کهنبو دوپٽو ڏنو آهي. مون کي گهڻو اڳي معلوم هو ته اڻويهين صديءَ جي ڦير گهير کان پوءِ مغربي شاعر، خاص ڪري انگريز شاعر، جپان جي مشرقي روايت کان اوچتو آگاهه ٿيا، ان آگاهيءَ جو اثر رمزيت وارن (Symbolists) ۽ انگريز تصوريت پسندن (Imagists) تي ايئن ٿيو، جيئن ان کان اڳ سنسڪرت ادب جي روايت جو شعور رومانيت پسندن کي ٿيو هو. نه رڳو جپاني شاعريءَ جو مغرب تي اثر ٿيو، پر جپان جا جي ٻيا آرٽ ها، تن جو به ان تي اثر ٿيو. انهيءَ شعور کي چيني ۽ جپاني مصوري پهرين اُتساهيو. نفسياتي طور ان جو سبب روسو- جپاني جنگ هئي، جنهن ۾ ايشيا جي هڪ ننڍي رياست جپان يورپ جي هڪ وڏيءَ رياست روس کي ٽوٽا چٻايا ها. ان ڪري نه رڳو ان جي فوجي صلاحيت پر فني حاصلات طرف به ڌيان ويو. انهيءَ فوجي برتريءَ کان سواءِ شايد ان جي فني برتريءَ ڏانهن ڌيان نه وڃي ها. ان ڳالهه جو زياده اثر مغرب تي ٿيو ۽ ايشيا جون قومون ان جي فني حاصلات جي ڪاهي ڪڍ نه پيون. هائڪو جون ڪجهه روايتون ته اڳيئي ننڍي کنڊ ۾ هيون. اهو صحيح آهي ته جپان جي ادبي حاصلات جي، مغرب جي ذريعي ننڍي کنڊ کي ٻوجهه پئي، باقي ان جي سياسي پروڙ ذاتي تجربي مان پئي.
    هندستاني مصورَ پهرين جنگ عظيم کان اڳ ئي چيني ۽ جپاني مصوريءَ کي اهميت ڏئي رهيا ها (جپاني شاعرن کي ارزراپائونڊ ۽ ٽي اي. هُلمي (T.A. Hulme) جي انگريزي شاعريءَ ۾ هندستاني اديب ٽيهين واري ڏهاڪي ۾ پڙهي چُڪا ها) ورهاڱي کان پوءِ ننڍي کنڊ جي شاعرن هائڪو ڏانهن ڌيان ڏنو. سنڌيءَ ۾ ڪافي هائڪو لکيا ويا آهن، منهنجي ته پوري ڪتاب ”پن ڇڻ پڄاڻان“ ۾ رڳو هائڪو آهن. مون هائڪو ۾ نوان تجربا ڪيا آهن ۽ پنج ڇهه هائڪو ساڳي سٽ جي ورجاءَ سان لکي، انهن کي نظماڻي شڪل به ڏني آهي. ”واٽون ڦلن ڇانئيون“ ۽ منهنجن ٻين ڪتابن ۾ ڪيترائي مسلسل هائڪو آهن، ۽ انهن ۾ سنڌيت جي خوشبوءِ آهي. آخر ڪولهڻ پڙو نه پائيندي ته ڇا ڪِمونو (Kimono) پائيندي؟ هن مجموعي ۾ هائڪو ڪو نه آهن پر ڇاڪاڻ جو اُهي به سنڌي شاعريءَ جي هڪ صنف ٿي چُڪا آهن، مون انهن جو هتي ذڪر ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ نه هائڪو آهن. نه ترائيل.
    ترائيل فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي، جتان اهو گهاڙيٽو اردوءَ ۾ ورتو ويو ۽ اردوءَ تان سنڌيءَ ۾. ترائيل گهڻا نارائڻ شيام لکيا آهن ۽ اهي ” فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فع“ وزن تي آهن. هو انهن ۾ ڪَن رَس پيدا ڪري سگهيو آهي ۽ انهن ۾ سريلي ڌيمي ڌيمي باهه آهي. سانيٽ ۾ به نارائڻ شيام تجربو ڪيو آهي، پر اهو ناڪام ويو آهي.
    ڪلاسيڪي ڪافيءَ ۾ اسان شاهه حسين، بلا شاهه ۽ فريد ملتانيءَ واري رواني ۽ ترنم پيدا ڪري نه سگهيا آهيون، جيتوڻيڪ سنڌيءَ ۾ ڪيئي ڪافيون لکيون ويون آهن، باقي دوهي ۽ گيت ۾ هندي شاعريءَ وانگر سوز و گداز پيدا ڪري سگهيا آهيون. دوهو هنديءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو حصو آهي ۽ جديد شاعريءَ ۾ ذري گهٽ متروڪ ٿي چڪو آهي.اسان دوهي، بيت يا سورٺي کي نئين زندگي عطا ڪئي آهي ۽ ان جي موضوع کي وسعت ۽ گوناگوني ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ هائڪو، ترائيل، سانيٽ، ڪافي، دوهي ۽ نظم جا گهاڙيٽا ڪو نه آهن، ان ڪري مون انهن تي تفصيلي روشني نه وڌي آهي ۽ انهن موضوعن تي ٻي ڪتاب ۾ لکندس جو مون وٽ مهاڳ لاءِ اڳواٽ پيو آهي.
    هتي مان رڳو اهو چوندس ته اسان وٽ مغربي شاعريءَ کان وڌيڪ تجربا ڪيا ويا آهن. اسان کي جائز اهميت اُن ڪري نه ملي آهي، جو اسان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو نه ٿيو آهي. مشهور مستشرق ڊاڪٽر ائن ميري شمل، جا منهنجي دوست به آهي، مون کي راولپنڊيءَ جي هڪ نشست ۾ چيو هو (اُتي لاهور ھاءِ ڪورٽ جو اڳيون چيف جسٽس رحمان ۽ ٻيا ويٺا هئا) ته هاڻي علامه اقبال، شاهه لطيف ۽ شيخ اياز کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ چاهيان ٿي. هوءَ هڪ صوفي (Mystic) آهي ۽ ان وقت منهنجي صوفياڻي شاعري (Mystical poetry) ٿوري هئي. معلوم نه آهي ته هن کي منهنجا پويان ڇهه ست ڪتاب مليا آهن يا نه. روسي مستشرق پروفيسر گئنڪو وسڪيءَ، جنهن پاڪستان جي باري ۾ ٽي چار ڪتاب لکيا آهن، تنهن به اهڙو واعدو ڪيو هو. افسوس جي ڳالهه آهي ته هن جي دعوت جي باوجود منهنجي هن سان ماسڪو ۾ ڪنهن مجبوريءَ سبب ملاقات نه ٿي سگهي. وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي به چيو هو ته مان توکي آمريڪي مترجم وٺي ڏيندس، پر هن جي قبل از وقت موت سبب، ڳالهه کي عملي روپ ملي نه سگهيو.
    آزاد نظم (Vers libre) فرانس مان نڪتو ۽ ساري دنيا ۾ ڦهلجي چُڪو آهي. ان ۾ قافئي ۽ رديف جي پابندي نه آهي، پر بحر و وزن يا Syllables ۽ ماترائن جي ڪنهن حد تائين پابندي آهي. ان ۾ اهو ضروري نه آهي ته سٽون هڪ جيتريون هجن، اهي ننڍيون وڏيون ٿي سگهن ٿيون. ڪيتري وقت کان آزاد نظم سنڌ سوڌو ساري دنيا ۾ لکجي رهيو آهي.
    نثري نظم به هينئر تسليم ٿيل شاعريءَ جي صنف آهي. والٽ وٽمئن ۽ بودليئر کان وٺي ڪارل شيپيرو تائين هن وقت ڪاميابيءَ سان لکجي رهيو آهي. مون کي اردو شاعريءَ ۾ نثري ۽ آزاد نظم جو خوبصورت ترين ڪتاب ”جنگل کي اس پار“ اصغر نديم سيد جو لڳو آهي. اهو ڪتاب ڪجهه سال اڳي مون ڏانهن ڪشور ناهيد هيٺين خط سان موڪليو هو:

    شیخ جی!
    آپ کی خبر نہیں ملتی، آپ کو لاھور بلانے کے لئے سارا شہر دیوانہ ھے۔ یہ ایک بہت خوبصورت شاعر کا کتاب ھے بہت بولڈ اور اچھا شاعر ھے۔ آپ خود نہیں آئے تو مجھے ٹکٹ بھیج کر آپ کو بلانا پڑے گا۔ بالکل ذاتی سطح پر بلا رھی ھوں۔ کوئی ادارہ نہیں۔ ھم ادیب مل کر یہ پروگرام کرنا چاھتے ھیں۔
    آپ کی
    کشورناہید

    ان کان پوءِ ڪشور ناهيد مون کي اچڻ لاءِ فون به ڪئي، پر منهنجي طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ ان ڪري مان کانئس معافي ورتي، نه ته ڪتاب مون کي ڏاڍو وڻيو هو. ان ڪتاب مان ڪجهه ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا:
    اڄ تون ايترو کلينءَ
    جيئن ڪوئي سوين قيدي پرندا آزاد ڪري،
    جي آسمان ڏانهن اڏامن
    يا بارش سمندر تي ڪري رفتار سان
    يا اُس نڪري اچي ڀري برسات ۾.
    هڪ ٻي نظم ۾ چيو اٿائين:
    سارا رستا تنهنجي منهنجيءَ وک جو انتظار ڪن ٿا،
    اسان ٻنهي کي ڏسن ٿا،
    ته پري پري تائين هٿ لوڏائن ٿا،
    خوشيون چيٽ جي مُند جهڙيون آهن
    انهن ۾ عاشق شهزادن جي مقبرن جهڙي سچائي آ،
    جانان، بارش کي مٿي جي مسامن ۾ ننڊ ڪرڻ ڏي،
    مان اُس جا ٻه ٽي ڍُڪ
    تولاءِ
    سياري جي سج کان گهران ٿو.
    هن جي هڪ تشبيهه ڏسو:
    ”تيز هوا
    جيئن فاتح ماڻهو سفر جي دروازن مان لنگهندا هجن.“
    ساڳيو نظم (انار جو ڦول کڙيو آهي) جنهن جي آخر ۾ مٿيون ٻه سٽون آهن، اُن جي شروعات ڪجهه هيئن آهي؛
    ”وهندڙ پاڻي ڏينهن جو واڳون ڇڪي رهيو آهي
    هوا تيز آهي.
    لکين سال پراڻيءَ هن مٽيءَ ۾ انار جو ڦول کڙيل آهي
    وهندڙ پاڻي سچائي ۾ ويڙهيل ابهم آهي
    جو هر شيءِ کي پنهنجون ٺوٺيون هڻي لنگهي رهيو آهي.“
    يا هڪ ٻي نظم جي آخر ۾:
    ”منهنجي عمر ته هڪ ختم نه ٿيڻ واري چُمي آهي
    جا ڪيئي ميل اڏامندڙ پنڇيءَ وانگر اڻ-ٿڪ آهي
    ۽ هوا وانگر پنڌ پورو ڪري ٿي.“
    يا
    ”ليڙن ۾ لپيٽيل سچائيتون ڇوڪريون چَوَن ٿيون
    ته اسان به لفظ آهيون
    اسان به صدا جو ذائقو آهيون.
    آسمان ، بيٺل نيرو سمنڊ
    کير پياڪ ڇيلڙو به هڪ لفظ آهي
    ساري ڌرتي هڪ ڦهليل نظم آهي
    ۽ مان ڪڏهن بارش
    ڪڏهن سڪل درياهه ڪڏهن سچائيتن ڇوڪرين جو سڏ“
    سڄو ڪتاب اهڙين خوبصورت تشبيهن ۽ استعارن سان سٿيو پيو آهي. پنجاب اهڙي ڪتاب جي آجيان ڪئي هوندي، ڇو ته ڌن دولت، وس پُڄندي ۽ سمَرٿي ضمير جي چهنڊڙيءَ کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙي ديس ۾ مزاحمتي شاعري ڏيکاءَ جي ٿئي ٿي يا ڏور جي ڪنهن مسئلي سان واڳيل ٿئي ٿي. جنهن جو شاعر کي ڪوسو واءُ نٿو لڳي ۽ هو ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهي آرٽ کي وندر ۽ اندر جي آنند جو ذريعو سمجهي ٿو. ڪاش! ساري دنيا کي ايترو سک ۽ ڪلياڻ هجي جو ان کي مزاحمتي شاعري جي ضرورت نه پوي، جيئن فلسطين کي يا وچ آمريڪا ۾ ايل سئلويڊار، گئوتمالا، هنڊوراس، نڪاراگوا وغيره ۾ پئجي رهي آهي يا جنوبي آفريڪا جي نسلي فضا ۾ لازمي طور اُڀري آئي آهي.
    مون ڪافي سال اڳ هڪ ڪتاب ”Behind the iron curtain“ پڙهيو هو. Iron curtain محاورو ڪميونزم لاءِ ڪم ايندو هو. روس ۾ مزاحمتي شاعري خود روس ۾ ته پنجاب وانگر براءِ نام هئي، روس جي ايشيائي حصي ۾ ته هئي ئي ڪو نه، پر پولينڊ، هنگري، چيڪو سلواڪيا، مشرقي جرمني، رومانيا، يوگوسلاويا وغيره ۾ شايد وڌيڪ اثرائتي هئي. مون ڪجهه وقت اڳ هڪ دوست کي (جنهن سان ذري گهٽ ساري عمر گذاري آهي ۽ جو اڃا اشتراڪيت جو حامي آهي) چيو ته:
    ”لوڪ يتا“ ڪتاب پهرين تو پڙهيو هو ۽ تنهنجي چوڻ تي مون خريد ڪري پڙهيو هو. ماديت پرستي ڪا نئين ڳالهه نه آهي. هزار سال اڳ به ماديت پرست ٿيا هئا، جن جا ڪيئي مڪتب فڪر هئا. پر پهريون ڀيرو ماديت پرست حڪومت روس پنجهتر سالن لاءِ ٺاهي ۽ اها گول چڪر ڏئي ايتري ٿوري وقت ۾ گم ٿي وئي، جيتوڻيڪ موسيٰ ، عيسيٰ ، محمد ﷺ۽ انهن کان اڳ مهاوير، ٻڌ، ڪرشن، ڪنفيوشس، تائو وغيره جا ڪروڙين پوئلڳ اڄ به آهن. ٻڌ ماديت پرست ته نه هو، پر خدا ۾ اعتبار نه ڪندو هو. ڪنفيوشس هن دنيا ۾ وهنوار جي نيت تي زور ڏيندو هو ۽ ڪنهن به ازلي هستيءَ جو ذڪر نه ڪيو اٿائين. انهن مذهبن ۾ اُهي ڪهڙا اقدار هئا، جن جٽاءُ ڪيو آهي ۽ جي ڪميونزم ۾ نه هئا، جنهن انسان نه پر درندا پيدا ڪيا. بگهڙ، هاتار جن کي چير ڦاڙ ڪندڙ وڄ هئا، تکا، اڻ ڪهلا، ڪٺور ننهن هئا!“
    هو ڪو به خاص جواب نه ڏئي سگهيو سواءِ ان جي ته جتي ڏاڍ ڏمر آهي، ڦرلٽ آهي، آپيشاهي آهي، اتي چپ ته ڪري نه ويهبو. منهنجي هن سان ان ڳالهه تي نااتفاقي نه آهي. اظهار بندوق جي ناليءَ مان ٿئي يا ڀٽائيءَ جي شعر وانگر ٿئي ته:
    ”پاڙي ناهه پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري.“
    يا
    ”اڄ پڻ ڪنجهو ڪنجهه، واڍوڙڪي مَنهين“ وغيره.
    ۽ اهڙي شاعري جا غالب جي ”تير نيم ڪش“ وانگر روح ۾ کپي وڃي ٿي ۽ انسان ۾ اذيت جو اظهار ٿئي ٿي، ان تي اعتراض نٿو ٿي سگهي. اهو شاعر تي مدار آهي ته هو شاعريءَ کي نرس جي رحمدل هٿ وانگر ڪم ٿو آڻي يا سرجن جي چاقوءَ وانگر. اڄ به يو.ايس.ايس.آر جي ٽٽڻ کان پوءِ ڪنهن چيو ته جي مارگريٽ ٿيچر گؤتمالا ۾ هجي ها ته هو ڪميونسٽ هجي ها. هوءَ ڪميونسٽ هجي ها يا نه. ايتري سياسي گهٽ، ٻوساٽ ۽ اقتصادي ڦرلٽ ۾ مزاحمتي شاعريءَ لاءِ گنجائش آهي ئي آهي. اها لازمي نه آهي، پر جي ڪئي وڃي ته ان تي اعتراض نٿو ڪري سگهجي. موجوده مزاحمتي شاعريءَ تي اچڻ کان اڳ آءٌ اوهان کي يورپ جي شاعريءَ سان واقفيت ڪرائيندس.

    بودليئر فرانس ۾ 1857ع ۾ (جڏهن اسان وٽ بلوو ٿيو هو ۽ هند جا سڀ باشندا نانا صاحب، جهانسيءَ جي راڻيءَ، تانتيا ٽوپي وغيره جي اڳواڻيءَ هيٺ انگريز سلطنت خلاف اٿي کڙا ٿيا هئا) پنهنجو ڪتاب گناهه جا گل (Flowers of Evil) شايع ڪرايو. فرانس جي نامور شاعر وڪٽر هيوگو کيس ان ڪتاب جي اشاعت تي مبارڪباد موڪلي. هو خود به ماورائي موضوعن تي لکي ٿڪجي پيو هو ۽ ڪيتري وقت کان شاعريءَ جي ذريعي نوان ٿرٿلا وجهڻ ٿي چاهيائين. هن کي پڙهي ڄڻ سارو بورجوا سماج هراسجي ويو. بودليئر پنهنجي دل من کي هڪ وڏي بنديخاني وانگر پيش ڪيو، جنهن مان فرار جي راهه ڪائي نه هئي ۽ ڪنهن کي سکي ۽ آسودي حياتيءَ جي حاصلات ناممڪن هئي. هن ماورائي ۽ بعيد از فهم حقيقت کي پنهنجي باطن ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ غيبات جي واسي جهڙي دقيانوسي سوچ ۽ ٻيءَ هر روحاني واردات کي نفسياتي مونجهارو ڪوٺي، ادبي دنيا ۾ ڪنبڻي وجهي ڇڏي.
    رومانوي شاعرن شيلي، هيوگو ۽ بائرن پاڻ کي هيرو (Hero) جي صورت ۾ يوناني ديوتائن پراميٿيوز (Prometheus) ۽ هر ڪليز (Hercules) جا جاءِ نشين سمجهڻ لڳا، جيتوڻيڪ بورجوا طبقي انهن کي به نظر انداز ڪري ڇڏيو، پر هو پاڻ کي سياسي رهنما ۽ پيغمبر سمجهڻ لڳا ۽ هو ڄڻ پنهنجي خيال ۾، جذبات کي اُڀارڻ لاءِ ۽ انسانذات کي فيض رسائڻ لاءِ پيدا ٿيا هئا.
    فرينچ تاثر پسند (امپريشنسٽ) ماني (Manet) جون تصويرون ڏسبيون ته اگهاڙا ۽ لباس پهريل انسان گڏ ويٺل نظر ايندا ۽ انهن ۾ پنهنجي وجود جو احساس نظر نه ايندو. اهڙيءَ ريت بودليئر جو برهنگيءَ جو تصور هن جي روح ۽ هن جي شاعريءَ ۾ رچي ويو. نه رڳو هن ۾ ننڍي وهيءَ جي معصوميت جو بهشت آهي، پر هن ۾ جواني به جهنم وانگر دهڪي رهي آهي. ايئن لڳي ٿو ته هن جي باهه سان جبريل جا پَرَ ڄرڪي رهيا آهن. جڏهن هو پاڻ ۾ پيهي روح رهاڻ ڪري ٿو ته تشڪيڪ ۽ تضاد ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. ان جو اثر هن جي تخليق تي ٿئي ٿو. شيليءَ، ورڊ سورٿ ۽ هيوگو پنهنجي ٻاروتڻ ۾ گدگد نظر اچن ٿا ۽ هنن جي دنيا جرڪي رهي آهي ۽ هر شيءِ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ٿي.
    اڳي شاعريءَ ۾ ڀرپور اظهار لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي هئي. بودليئر ۾ سٽ جي خيال سارو لکڻي آهي، ان ۾ موڙَ، اَڻ چِٽائي، ۽ ٻوليءَ جو منجهيل مباحثو، اُن جي اٿلاڻي ۽ ردِ ڪلام به آهي، جو ڀڳل ٽٽل به آهي ۽ وايون بتال ڪندڙ به آهي. انهيءَ سرس ۽ زوردار مشڪل پسنديءَ لاءِ سَند پال ورلين ڏني، جنهن جديد شاعريءَ کان شاعريءَ جا مشتاق کسي ورتا، جي پڙهندڙ هونءَ شاعريءَ تي واريا ويندا هئا، اهي ان کان ونءُ وڃڻ لڳا، جيئن روس ۾ شاعر، لينن اسڪوائر ۾ مائيڪ تي بيهجي ويندا هئا ته لکين ماڻهو ايئن ڪٺا ٿي ويندا هئا، جيئن هائيڊ پارڪ ۾ تقرير باز بنا اڳواٽ اطلاع جي تقرير ڪري انبوهه گڏ ڪندا آهن، جي ورلي ڪم جي ڳالهه ڪندا آهن، نه ته گهڻو ڪري واهي تباهي بڪندا آهن، فرانس ۾ ورلين جا سخن شناس ايئن ڪو نه ٿي نظر آيا، جيڪو پاڻ بودليئر جو پوئلڳ هو. هن جي ترنم لاءِ حقارت پيدا ٿي. جيتوڻيڪ ورلين کي ترنم تي ڪافي گرفت هئي. هن جي اڻ پورائيءَ جي واکاڻ ۽ هن جي ٻوليءَ رس کي للڪار، اُن جديد شاعريءَ لاءِ اُصولي عُذر پيدا ڪري ٿي، جنهن جي تخليق ۽ ان جي اظهار ۾ هڪ جيتري اڻپورائي آهي ۽ ان ڪري مونجهارو آهي. اهڙي شاعري پنهنجي مزاج ۽ زور بيان جي تيزيءَ سان مروج ٻوليءَ ۾ڦير گهير ڪري، ان ذهن جي نشاندهي ڪري ٿي، جو اهڙي تجربي کي پهچڻ چاهي ٿو، جو پهچ کان پري آهي. اهڙي شاعري اڄ تائين خاص ڪري آزاد نظم ۽ نثري نظم ۾ رائج آهي. اهڙا جينيس جديد دنيا ۾ گهٽ ئي پيدا ٿيا آهن. جن جي شاعري سُريلي به آهي، ٻولي رس واري به آهي ۽ گڏوگڏ اُن ۾ تخيل جي اڏام به آهي ۽ اندر جي پيڙا جو پڙلاءُ به آهي ۽ جا اُلجهاءَ، ابهام ۽ اڻپورائيءَ کان وانجهي آهي، جن جي هر هڪ رچنا الڳ الڳ وَن واس واري گل وانگر آهي ۽ رت پونءِ واري انسان جي وس کان مٿي آهي.
    بودليئر پاڻ فني روايت کان بغاوت نه ڪئي، هن جون ڪيتريون ئي سٽون رسائين (Racine) وانگر آهن، جن ۾ نفسياتي باريڪ بيني ۽ موشگافي آهي. جيتوڻيڪ بودليئر کان اڳ سو سالن جي عرصي ۾ سائنس دنيا کي بدلايو هو، پر پوءِ به يوناني- رومي (Greco-roman) ڏند ڪٿائون ۽ ساهت، شاعريءَ ۾ اڃا ورجايون ٿي ويون ۽ شاعريءَ لاءِ موضوع هيون، جن کي شاعرن پنهنجي پنهنجي ذهانت ۽ شعور آهر استعمال ٿي ڪيو ۽ ان جي ذريعي نوان نُڪتا ٿي پيدا ڪيا، جيئن اسان اڄ تائين سنڌي ادب جون لوڪ ڪٿائون پنهنجي معاشري، پنهنجي ماحول ۽ اندر جي عڪاسيءَ لاءِ ڪم آڻي رهيا آهيون. ڪنهن وقت روم ڏانهن اشارا، ڪلاسيڪي نالا، لاطيني مشغوليون شاعريءَ ۾ اچي، اُن کي پنهنجي صديءَ کان پٺتي ڌڪي ڇڏين ٿيون، جيئن اسان کي قديم سنڌ جي تاريخ پٺتي ڌڪي ٿي، پر اُها اسان جي شاعريءَ ۾ نئون اُتساهه ڦوڪي ٿي ۽ ڌرتيءَ سان پيار پيدا ڪري ٿي، جيڪو رَت پؤڻي، نستيءَ ۽ نٻل يوناني- رومي شاعري، مغرب جي شاعري ۾ پيدا نٿي ڪيو ۽ ان جون ڏند ڪٿائون ايئن بي پاڙيون آهن، جيئن ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد، وامق عذرا، سهراب رستم جون ڏند ڪٿائون اردوءَ ۾ بي پاڙيون آهن ۽ ڪو به اتساهه پيدا نٿيون ڪن ۽ انهن جي پس منظر ۾ فقط ڪڏهن ڪڏهن غالب جهڙي عظيم شاعر جو ڪوئي ڪوئي شعر من ۾ ولوڙا وجهي ٿو، جيئن:
    ہم نے مجنوں پہ لڑکپن میں اسد
    سنگ اٹھایا تھا کہ سر یاد آیا
    شيڪسپيئر جي قلوپطره جي ٻي ڳالهه آهي. ان جو پس منظر ڄڻ همعصر آهي. دراصل ان لاءِ آثارِ قديمه جي علم جي ضرورت نه آهي، ڇو ته قلوپطره ازلي آهي. هوءَ وقت کان ماورا آهي ۽ جڏهن يوناني خدائن جو هن سان گڏ ذڪر ڪيو ٿو وڃي ته اهي گرهڻ هيٺ اچي ٿا وڃن. ايئن ئي اسان وٽ سسئي، سهڻي، مارئي، ليلا، سورٺ ازلي ۽ ابدي آهن. انهن جو جنهن به دور ۾ ذڪر ڪريون ٿا، اهي ان ۾ کُپي ٿيون وڃن. ساڳي طرح لورڪا جي شاعريءَ ۾ خانه بدوش ۽ گهرو لڙائيءَ واري پهري سجاڳ چونڪيءَ (Civil guard) جي ڪُڌي اڻبڻت ابتدائي وصف واري آهي، ڇو ته اهڙيءَ گهل اندلس ۾ صدين کان چاقوزني ڪئي آهي ۽ اهو مصنف، جو لاشن جو ڳاڻاٽو ڪري واقعي کي قلمبند ڪري ٿو، ايترو جهونو آهي، جو اهو ياد نٿو اچي ته هن جي رزميه ۾ ڪهڙيون ڌُريون جهيڙي ۾ رُڌل آهن. 
    لورڪا جون سٽون جديد شاعريءَ ۾ الجهاءُ پيدا ڪن ٿيون ۽ هڪ مشاهدي کي ٻي مشاهدي ۾ بدلائي ماضيءَ کي حال ۾ ڇڪي وٺن ٿيون ۽ حال جي مشاهدي کي ڄاڻوءَ لاءِ اڳي کان چٽو ڪن ٿيون، وهندڙ رت کي ٻڌي سگهجي ٿو، ماڻهو موت ۾ ڪنجهن ڪُرڪن ٿا ۽ اها ڪنجهو ڪنجهه هونءَ نه ٻڌي سگهجي ها، پر لورڪا ۾ ڌرتيءَ جي رت جي ڌارا جي ڳالهڙي فقط رت ۾ رڱيل نه آهي، پر اُن جي سانت ۾ ڪاريهر جي ڦڦڪار به آهي. ڄڻ ڀٽائي جي سٽ ”اڄ پڻ ڪنجهو ڪنجهه واڍوڙڪي منهي“ ياد اچي رهي آهي. اها ڪنجهو ڪنجهه سنڌ ۾ ابد ازل کان آباد آهي ۽ واڍوڙڪا منها اڃان تائين چنگهي چيڪي رهيا آهن ۽ ”ويڄ ورائي ٻانهن چوري چاڪ نهاريا“ جي صدا صدين کي چيري، اسان جي ڪنن ۾ گونجي ٿي. شاعري اڇانگ ڏئي صديون ٽپي ويندي آهي ۽ زمان ۽ مڪان جي پابند نه رهندي آهي. ڪلهه، اڄ ۽ سڀاڻي هڪ ئي سٽ ۾ منجمند ٿي وڃن ٿا ۽ شاعريءَ تي پيغمبريءَ جي مهر هڻن ٿا.
    ساڳي ريت جڏهن فردوسي شاهنامي ۾ چوي ٿو:
    ز نقاره آواز آمد بروں
    کہ دون است دون است دنیائے دون
    (نقاري مان آواز آيو ته دون (نيچ) آهي، دون (نيچ ) آهي، دنيا دون (نيچ) آهي.)
    ته ڄڻ اها سٽ انت ڪال تائين جنگ تي ڦٽڪار وجهي رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته دنيا ڪُڌي، ڪپتي ۽ اجائي آهي.
    انگريز شاعره ايڊٿ سٽويل (Edith Sitwell) ۽ وئليس اسٽوينس به اهڙي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ۾ رڳو آواز سان جذبات جي عڪاسي ٿئي ٿي.
    مان وري بودليئر ڏانهن اچان ٿو، جو مغرب جي جديد شاعريءَ جو باني آهي. ميراجيءَ پنهنجي ڪتاب ”ديس ديس کي نظمين“ ۾ هن جي شاعريءَ جو پورو تجزيو نه ڪيو آهي. بودليئر اسان کي شاعر جي من جي آنڌ مانڌ ۽ ٻه - چتائي ڏني آهي. هن جو سياسي خواب پاش پاش ٿي ويو آهي. هن غيب دانيءَ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ ماضيءَ ڏانهن هن جو رَوَيو بدلجي ويو آهي. هن جو آرٽ جي پورنتا جو آدرش نيارو آهي ۽ حواس جو مونجهارو ۽ الجهاءُ، جو هن جي شاعريءَ مان چشمي وانگر اٻڙڪا ڏئي رهيو آهي. ان سڀ جو اثر مانٽيل (Montale) ۽ ڊئلان ٿامس (Dylon Thomas) تي به ٿيو ۽ انهن نوجوان شاعرن تي به ٿيو، جي پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ لکي رهيا هئا. پر 1857ع کان پوءِ جڏهن گناهه جا گل لکيو ويو، شاعريءَ ۾ ٻه انقلابي تبديليون آيون. بودليئر جي شاعري گهاڙيٽي ۽ شبدڀنڊار جي لحاظ کان روايتي هئي. هن جا نثري نظم سنگيت مئه نثر کان اڳتي نٿا وڃن، جو اڳيئي ڊي ڪُئنسيءَ ۽ ايڊگر ايلن پو. لکي چُڪا هئا. انگلينڊ ۾ شاعريءَ ۾ اهڙي عبارت جي گهر ڪئي وئي، جيڪا عوامي ٻوليءَ ۽ ڳالهه ٻولهه جي ويجهي هجي. ورڊسو رٿ ان جي حمايت ڪئي، پر اهڙي لکي نه سگهيو. بائرن گهڻو ڪري اهڙي ٻولي لکي پر اُن جي حمايت نه ڪئي. ٽيني سن ۽ آرنولڊ ڀڀڪيدار ۽ فلڪ واري عبارت ڏانهن موٽ کاڌي ۽ برائوننگ جيتوڻيڪ پنهنجي ذريعي اظهار جا طريقا اڳتي وڌائڻ چاهيا ٿي، پر اليزبيٿ جي دؤر کان وٺي نظمِ معرا جي هير هنن جي آڏو آئي. پهريون شاعر جنهن روايت جي هئيت، ترنم ۽ زبان سان ناتو ٽوڙيو، اهو والٽ وٽمئن هو، جنهن جي آزاد رويءَ پنهنجي همعصر شاعرن کي، بودليئر کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ ڪشش ڪئي. وِٽمئن جي مخصوص عبارت هئي؛
    ”صدين لاءِ اڳيان مثال اهڙو مواد ڪٺو ڪندا رهيا آهن، جنهن کي دڳ لاتو نه ويو آهي. آمريڪا ماڙا آندا آهن ۽ پنهنجو ڍنگ آندو آهي، ايشيا ۽ يورپ جي اَمر شاعرن پنهنجو ڪارج ڪيو آهي ۽ ٻي جهان ڏانهن هليا ويا آهن، پر ڪارج اڃان رهيل آهي، جو سڀني جي ڪاريه کي پٺتي ڇڏي وڃي ٿو.“
    وٽمئن کي روشن انڌيرن ۽ تضادن سان نه پوندي هئي ۽ هو انهيءَ تاڃي پيٽي کان بيپرواهه هو جو نه رڳو فرانس جي شاعرن لاءِ مشعل راهه هو، ۽ جنهن جو 1870ع جي جنگ ۾ هٺ ڀڄي پيو هو ۽ يورپ جنهن لاءِ اهو هٺ هو، جنگين ۽ انقلابن جي تباهيءَ آڏو اچي چُڪو هو. رڳو ويهين صديءَ ولاديمير مايا ڪوفسڪي ۽ پبلو نرودا (ٻئي ڪميونسٽ) پيدا ڪيا، جن وٽمئن وانگر پاڻ کي نئين دور جو پيغمبر سمجهو.
    لافورگ (Lafourgue) ئي هڪ سمجهدار سمجهوتو ڪيو آهي. نه ئي هن ترنم کي خيرباد ڪئي نه قافئي کي، پر هن جو ترنم ڪنهن باقاعدي ترتيب جو حصو نه آهي ۽ ڪنهن وقت رڳو هم آوازيءَ، هم آهنگيءَ ۽ اندروني تجنيس حرفيءَ سان پيدا ڪيو ويو آهي. ان جو مثال ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ ۾ منهنجو هيٺيون آزاد نظم آهي، جو اڄ کان چاليهارو سال اڳ لکيو ويو هو:
    ازل جي پراسرار آڳ
    جلائي پئي ۽ وسائي پئي زندگيءَ جا ڏيئا.
    ڏيئا ۽ ڏياٽيون.
    پيون بدلنديون
    مگر لاٽ سان واٽ پئي جرڪندي
    سدا جوت کي آهه جاڳ
    ازل جي پراسرار آڳ
    جلائي پئي ۽ وسائي پئي زندگيءَ جا ڏيئا.
    اهو منهنجو پهريون آزاد نظم هو. ان کان پوءِ مون ڪيئي آزاد نظم لکيا آهن، جن ۾ تجنيس حرفي ۽ هم آوازي انهيءَ نظم کان به زياده آهي. هم آوازيءَ جو اهو نمونو توڙ تائين منهنجي هر آزاد نظم ۾ آهي.
    لافورگ هڪ حساس طنزنگار هو، جنهن کي لوڪ گيت، سنگيت، هانڊي جي ٺڙ ٺڙ ۽ شهر جي بازاريءَ ٻوليءَ لاءِ ڪَن رَس هئي ۽ هن پنهنجي پوين نظمن ۾ تکي، تيزُ ۽ نڪته پرداز ترنم ريزي پيدا ڪئي هئي. ٽي. ايس. ايليٽ پنهنجي مشهور نظم پروفراڪ (Prufrock) ۾ ان جو تتبع ڪيو هو، فرينچ سرئيلسٽ شاعر گيليم اپولي نير (Guillaume Appolinaire) اها ترنم ريزي هن کان سال ٻه اڳ اپنائي هئي. نرودا ۽ ڊئلان ٿامس (Dylon Thomas) تي به هن جو اثر ٿيو. انگريزيءَ ۾ جيرارڊ مئنلي هاپڪنس (Gerad Manley Hopkins) به ان ترنم ريزيءَ کي ڪجهه اڳتي وڌايو ۽ وچئين دور ۾ ائنگلو- سئڪسن (Anglo Saxon) شاعريءَ جي تجنيس حرفيءَ کي استعمال ڪيو. لافورگ آزاد نظم کي ترنم ڏنو ۽ ان ۾ مسلسل اشارا ۽ ڪنايا پيدا ڪيا ۽ ان جو اڌورو زيرو بم هاڻ به ايئن من کي موهي ٿو، جيئن ان وقت موهيندو هو، جڏهن اهو لکيو ويو هو. هن جي شاعري ۾ اهو پل ڦاسايو ويو آهي، جنهن ۾ تجربي جي گهرائي آهي، باقي ان ۾ يا ته يادگيري آهي يا پيشن گوئي آهي.
    منهنجي نظر ۾ ٽي شاعر يورپ ۾ وڏي توجهه جا مستحق آهن: ازرا پائونڊ، ٽي ايس ايليٽ ۽ هسپانوي شاعر مائڪل دي يونامنو، ٽي ايس ايليٽ هر ٻڏتر ۾ آنڌ مانڌ، سوچ ويچار کان پوءِ به آخر ۾ يقين سان ڳالهائي ٿو، پر يونامنو ۾ ٻه چتي ماڻهوءَ جا بي چئن ڪندڙ شڪ شبها آهن، پر ٻنهي جي من والار تصوف (Mysticism) ڪئي آهي.
    آنڌ مانڌ، من جي ڇيد، اُڻ تڻ، اهنجائي ۽ ستياناسيءَ جو جيڪو دؤر فرانس ۾ بودليئر جي شاعريءَ سان شروع ٿيو، اهو ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو سگهجي. پهرين دور ۾ اڌ صدي اچي وڃي ٿي، جڏهن ته جديد شاعري فرانس تائين محدود هئي ۽ ٻيو دور جو 1908ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻين ملڪن جي شاعرن کي به لپيٽ ۾ وٺي ٿو. ان کان پوءِ جا 74 سال دنيا لاءِ وڌيڪ اهم آهن. آنڌ مانڌ وارو دور پهريون فرانس ۾ آيو. ان ڳالهه تي حيرت نٿي اچي. فرانس جو تشدد ۽ نئپولين جي مهم جوئي سبب سياسي زوال آيو هو ۽ واٽر لوءِ کان پوءِ فرانس جو ٿڪ ۽ هيڻائي سمجهي سگهجي ٿي. هڪ تهذيب ۽ اقتدار ۾ طبقي کي مليا ميٽ ڪيو ويو هو. فن ۽ ذوق تي قبضو شهري سماج جي ٿورائيءَ جو ٿي ويو هو، جا ڄڻ دق تپ ۾ مبتلا هئي. آسٽريا ۽ روس ۾ انقلاب لاءِ تياريون ٿي رهيون هيون. انهن جي ساڻي ۽ سُن ۾ آيل سماج جي ڪنهن رهنمائيءَ هيٺ تبديلي مشڪل ٿي لڳي. فرانس جي زوال جو اهو به ڪارڻ هو ته فرانس جي صنعت سازي پٺتي رهجي وئي هئي ۽ برٽن، جرمني ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ان ڏس ۾ ڪافي ترقي ڪري ويا هئا. روس ۾ به انقلاب ان ڪري آيو، ڇو ته اهو به صنعت سازيءَ ۾ پٺتي رهيل هو، بودليئر جنهن کي پنهنجي پيشن گوئيءَ تي ناز هو، انهن جنگين ۾ انقلابن جون ڳالهيون ڪري رهيو هو، جي ڪنهن وقت اچانڪ زلزلن وانگر اچڻا هئا. هيگو وان هاف مئنٿل (Hugo Von Hafmansthal) آسٽرو-هنگيرين (Astro-Hungarian) سلطنت جي خاتمي جي اڳڪٿي ڪئي. روس ۾ 1905ع جي ناڪامياب انقلاب کان ڏهه سال پوءِ، روسي شاعر الگزانڊر بلاڪ ٻين انقلابين سان گڏ انقلاب جي آجيان ڪئي، جيتوڻيڪ هو ساڳي وقت 1917ع جي شامت کان پوءِ ڊنو هو. انهيءَ ساڳي دؤر ۾ يو ڪي ۾ ٿامس هارڊي قنوطيت پسند ناول لکيا. بلاڪ به آئيندي ۾ گهٽ اميد ڏيکاري ۽ چيو ته ڪائنات ان وقت بهتر هئي، جڏهن ماڻهو ڌرتيءَ تي پيدا نه ٿيو هو ۽ وري ساڳيءَ حالت ۾ تڏهن ايندي جڏهن ماڻهو اِتان کيءِ ٿيندو.
    بهرحال ڪجهه وقت پوءِ ييٽس (Yeats) جهڙي شاعر به اڳڪٿيون ڪيون ته دنيا جي تباهي اَوس آهي ۽ ٻيهر حڪومت الاهي (The Second Comming) اچڻ واري آهي. اهو نه وساريو وڃي ته ييٽس ٽئگور جي گيتانجليءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ جيتوڻيڪ ٽئگور بنيادي طرح آشا وادي هو، پر هن جي ڪويتا تي يگ جي نراشا جا پاڇاوان هئا. ييٽس بلاڪ ۽ هارڊيءَ تاريخ کي سورهيائي ۽ آپدا جو اتهاس سمجهيو. نيٺ 1991ع ۾ گورباچوف هٿ سان يو ايس ايس آر ڊاهي ڇڏي، ڇو ته انسان تي ساندهه پنجهتر سال اهڙي مسلسل شامت اڳ تاريخ ۾ ڪڏهن به نه آئي هئي.
    خاص ڪري جيڪا ادب ۽ آرٽ تي شديد سختي ڪئي وئي، اهڙي ان دور ۾ به عام نه هئي، جڏهن ايراني شاعر رودڪيءَ جون اکيون ڪڍايون ويون هيون يا سرمد جو ڪنڌ اڏيءَ تي ڏنو ويو هو. مختصر طور مون يورپ جي ادب ۽ شاعريءَ جو الميو 1959ع ۾ پڙهيو هو، جڏهن جي. ايم. ڪوهان جو ڪتاب ”اسان جي دور جي شاعري“ شايع ٿيو هو. مان گهڻا تفصيل ٽپي رڳو اهو ٿو چوان ته مون انهيءَ 60 واري ڏهاڪي ۾ ئي ان مايوسيءَ جو ذڪر ڪيو هو، جا انقلاب منهنجي دل ۾ پيدا ڪئي هئي، پر پاڪستاني اشتراڪيت سان ويجهڙائيءَ سبب مون ان کي شڪ سان ڏٺو هو ۽ سامراجي پروپئگنڊا کي امڪان کان خارج نه سمجهيو هو.
    ان ۾ ته ڪو به شڪ نه آهي ته جڏهن گهڻي گهٽ ٻوساٽ ٿيندي آهي، ڏمر، ڏاڍ، ڦرلٽ ۽ تاني شاهي وڌي ويندي آهي، جڏهن انساني قدر پائمال ڪيا ويندا آهن، جڏهن رياست جا ذريعا حسن، حق ۽ نيڪيءَ جا کليل يا ڳجها دشمن هوندا آهن ۽ ڪوڙ عوام تي ايئن مسلط ڪيو ويندو آهي، جيئن جرمن عوام تي گوئبلز ڪيو هو. جڏهن گوئرنگ جهڙا چور آرٽ تي قبضو ڪندا آهن ۽ هٽلر جهڙا ماليخوليا ۾ مبتلا انسان قوم جون واڳون هٿ ۾ جهليندا آهن ۽ جڏهن هر من هيس ۽ هملر جهڙا عقيدتمند آمريت جا هٿيار ٿي ڪم ايندا آهن، تڏهن شاعرن کي پنهنجي دور تي ايتري ڪاوڙ ايندي آهي جو هو شاعريءَ کي انسان جي نجات جو ذريعو ڪري ڪم آڻيندا آهن ۽ شاعري مقصد بالذات نه رهندي آهي. ان ڪري مان يورپ جي عظيم شاعرن اسٽيفن جارج (Stephan George 1868ع - 1933ع) رلڪي (Rilke 1875ع - 1926ع) ۽ پال وئليري (Paul Valery 1844ع -1896ع)، انهن يورپ جي ٽنهي عظيم شاعرن کي ۽ اسپين جي ان دور جي شاعرن جمنيز (Jimnez) ۽ ان جا ٻيا ڪيترائي ذڪر جي قابل همعصر شاعر ڇڏي ۽ ٽي ايس ايلٽ جي Waste Land وغيره کي اورانگهي اچان ٿو، يورپ ۾ تشدد جي دور ۽ نازي ازم ۽ فاشزم جي اڀار کان پوءِ يورپ ۾ مزاحمتي شاعريءَ تي، ڇو ته اڄ ڪلهه گهڻو ڪري سنڌي شاعري مزاحمتي شاعري آهي؛
    يورپ ۾ اِن اُڀار کان اڳ ۾ روس ۾ انقلاب جي شاعري ان دور لاءِ ڪافي اتساهيندڙ هئي. مايا ڪوفسڪيءَ چيو هو:
    تون اهو ڪيئن سمجهي سگهندين
    ته مان ايتري آرام سان
    وِڄ تي ٿو کلي سگهان!
    ۽ پنهنجو روح خونچي ۾ کڻي ٿو اچان
    وهامندڙ ورهين جي جڃ لاءِ،
    ۽ (اچان ٿو) پنهنجا اڪيارٿا
    لڙڪ ڦوهاري وانگر وهائي،
    چوواٽن جي اڻ ڪوڙيل ڳلن تي،
    مان
    شايد
    پويون شاعر آهيان.
    ساڳي خود اعتماديءَ سان مايا ڪوفسڪيءَ ٻي هنڌ چيو:
    جيڪڏهن مان ايترو ننڍو هجان
    جيترو وڏو سمنڊ آهي،
    ته مان لهرن تي پٻن مٿان کڙو ٿي بيهان
    ۽ چنڊ کي پنهنجي جو ارڀاٽا سان
    لاڏ ڪوڏ ڪرايان،
    تون مون لاءِ
    منهنجي لائق
    محبوبا ڪٿان آڻيندين؟
    اهو هو شاعر جي پنهنجي دماغ جو خلل (Paranoi)، جنهن هن کي انقلاب لاءِ زار شاهيءَ، فاشزم ۽ نازي ازم سان ٽڪرايو. ساڳي ماليخوليا اوهان کي جوش مليح آباديءَ ۾ ملندي، جنهن کي نهرو ته وڏو ماڻهو سمجهندو هو، پر جنهن جي لاف زنيءَ تي انگريز سرڪار ڪوئي ڌيان نه ڏنو. جڏهن فيض جو غزل اقبال بانو ڳائي ٿي:
    ہم دیکھیں گے ہم دیکھیں گے
    ته انهن ڪميونسٽ شاعرن جا خواب پيرن وٽ ڪرچيون ڪرچيون ٿي پکڙجي وڃن ٿا، ڇو ته هاڻي جيڪي اسان بين الاقوامي سياست ۾ ڏٺو آهي، اهو غالب جي غزل وانگر اطلاع آهي:
    اے تازہ واردان بساط ہوائے دل
    ز نہار گر تمہیں ہَوَسِ ناو و نوش ہے
    (اي من ۾ اڇا جي وڇاڻي تي ويجهڙائيءَ ۾ پهتل پانڌيو! متان وڌيڪ کيپ لاءِ پاڻ کوهيو!)
    مايا ڪوفسڪيءَ خود به ان لاءِ چيو هو:
    سلهه وتل اُتساهه
    جنهن کي پوسٽر جو (ڀت تي چپڪائڻ وقت)
    گهرو آواز آهي.“
    پر پوءِ به انقلاب جو نشو هن تان لهي نٿي لٿو:
    ” جڏهن دل ڪائي سٽ لکائي ٿي
    ته اها ڄڻ هڪ غلام اسٽيج تي موڪلي ٿي
    ۽ آرٽ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو ۽ اچي ٿي
    ڌرتيءَ ۽ تقدير جي خوشبو.“
    يو. ايس. ايس. آر ۾ انهيءَ ڌرتيءَ ۽ تقدير جي خوشبوءِ گذريل پنجهتر سالن ۾ شاعريءَ کي نهوڙي نيو. جي ڀٽائي، نادر شاهه جي خلاف وڙهندي ماريو وڃي ها ته اسان کي هن جا هڏا به نه ملن ها. ڀٽ تي ويهي، سنڌ ۾ ساري ڪائنات جي باري ۾ ڀٽائيءَ جي اها سوچ ويچار ئي هو، جنهن اهڙي امر شاعري خلقي جا اسان کي اڃا اتساهي رهي آهي. مون ليونارڊو ڊاونچيءَ جي ڊائرين ۾ هڪ هنڌ چار صفحا سامونڊي حياتيءَ تي پڙهيا هئا، جي هن مڇين جي هلت چلت جي باري ۾ لکيا هئا ۽ چار سٽون ان حاڪم جي باري ۾ لکيون هيون، جو ان ڏينهن ماريو ويو هو ۽ جنهن جي سورنهن سالن کان ليونارڊو ملازمت ڪئي هئي. ساڳيءَ طرح امير خسرو اٺن سلطانن جي ملازمت ڪئي ۽ اٺ ئي ماريا ويا. انهن مان رڳو هن سلطان محمد تي هڪ رقت انگيز مرثيو لکيو هو. جنهن سان هن جي دلي وابستگي هئي ۽ جنهن سان گڏجي هو انهيءَ جنگ ۾ وڙهيو هو، جنهن ۾ سلطان محمد شهيد ٿيو هو. هونءَ خسرو سلطان نظام الدين اولياءَ جي خدمت ۾ هوندو هو ۽ سلطنت ۽ آپيشاهيءَ، مان ۽ مرتبي تي لت هنئي هئائين. هڪ شاعر جي جهوليءَ ۾ساري ڪائنات آهي ۽ اها هن جي حماقت ٿيندي جي هو ڪنهن پارٽي يا فرد جي ڪڍ لڳي، جنهن کي فقط پنهنجي پذيرائيءَ ۽ اقتدار جو هوس آهي، پر عوام جي ساراهه، واهه واهه ۽ سو بوتلن جي نشي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ پاڻ کي ناس ڪرڻ يا ويريءَ کي ناس ڪرڻ جو جذبو، شاعر کي انهيءَ مزاحمت جي جهنم ۾ ڌڪي ٿو، جتي هن جي شاعري جلي رک ٿي وڃي ٿي ۽ هو انهيءَ هُش ۾ خوش آهي ته هن ڀڀڙ ٻاريو آهي. دراصل شاعري، جي اها واقعي شاعري آهي يا اهو آرٽ، جي واقعي آرٽ آهي ته زماني جي تباهه ڪارين جو بخوبيءَ مقابلو ڪري ويندو ۽ جڏهن شاعر جي شاعريءَ جو آتش ۽ آهن وارو دور گذري ويندو، تڏهن هن جو فن پنهنجي پوريءَ تابندگيءَ سان اڀري ايندو.
    ڇا غالب، جي غدر ۾ وڙهندي مري ها ته هاڻي کان وڏو شاعر هجي ها؟ انسانذات لاءِ اها ئي ڳالهه غنيمت آهي ته هو ان کي ديوانِ غالب ڏئي ويو. بهادر شاهه ظفر جي پٽن جون گردنون خاڪ ۾ ملي ويون. انهن جو نالو نشان نه آهي، اهي سپاهي جي ميرٺ مان دلي فتح ڪرڻ نڪتا هئا، انهن جي مٽيءَ کي هوائون اڏائي ويون ۽ گهٽائن ڌوئي ڇڏيو. تاريخ اڳتي نڪري آئي، آزاديءَ جي فانوسي تي ڪيئي پروانا جلي ويا، اها جدوجهد جائز به هئي ۽ هر ماڻهوءَ کي جنهن تي قوم جو قرض هو، ان ۾ ٽپي پوڻو هو، پر جي غالب به ان ۾ ٽپي پوي ها ته هن جي ڪري انگريزن مان آزادي ملي ها ڇا؟ رڳو دنيا ديوان غالب کان وانجهي هجي ها. اها ڳالهه توجهه جي قابل آهي ته ظفر جي پٽن جي شهادت ۽ ظفر جي رنگون ۾ قيد ۽ موت تي غالب ڪو به مرثيو ڪو نه لکيو هو. غالب زندگيءَ ۽ قوم جو قرض ان کي پنهنجو پائينده آرٽ ڏئي موکيو.
    پر مان اوهان تي اهو مسلط نٿو ڪريان ته اوهان مزاحمتي شاعري نه ڪريو، جي اوهان پنهنجا هڏ انهيءَ دونهين دُکائڻ لاءِ ضروري ٿا سمجهو، جا اوهان جي ديس کي گهرجي ته اها اوهان جي مرضي، جي اوهان کي پنهنجيءَ زندگيءَ سان گڏ پنهنجي شاعريءَ کي به ٽئنڪ جي ناليءَ جو کاڄ ڪرڻوآهي ته ڪوئي ڇا ٿو چئي سگهي! ممڪن آهي اها مزاحمت ڪندي اوهان بچي وڃو ته اوهان جي شاعري باهه جي لهس کائي ڪندن ٿي نڪري، پر شاعر يا آرٽسٽ لاءِ اها وابستگي ضروري نه آهي. مائيڪل اينجلو ۽ ريفل دنيا کي زندهه جاويد آرٽ ڏئي سگهيا، پر هنن ڪنهن به اقتدار ۾ قوت سان ٽڪر نه کاڌو. رپين (Repin) جو روس جي هڪ پارٽيءَ سان واڳيل هو، انهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهي. هسپانوي مصور گويا (Goya) ۾ عظيم مصوري به ۽ پنهنجي سماج تي طنز به هئي، جيتوڻيڪ مان نٿو ڀانيان ته هسپانوي حڪومت هن سان وچڙي هئي. گوئٽي شيڪسپيئر ۽ پشڪن جو ڪنهن به حاڪم يا ناظم سان واسطو نه هو. اٽليءَ جو عظيم شاعر ليوپارڊي، گئريبالڊيءَ جو يار به هو ۽ قومي تحريڪ ۾ به سرگرم هو، شيلي، بائرن، لرمنتوف جي رومانيت حسن ۽ حق سان واڳيل ته هئي، پر اهي ڪنهن به سياسي تنظيم سان واڳيل نه هئا. سارتر ۽ سمون دي بوار  جيڪي وجودي چناوَ جي فلسفي جا وڏا ٿنڀا، ٿوڻيون هئا، ڪميونسٽ پارٽيءَ جا حمايتي هئا، جي آسمان ۽ ڪاميوهنن سان گڏبو هوندو ته هنن کي پريان سلام ڪندو ويندو هوندو ۽ چوندو هو:
    ”آخــر اهو وجودي چُناءُ ڪوڙهه لاءِ ئي ته هو
    پنهنجي وجود جي ستياناسيءَ لاءِ ئي ته هو.“
    شولو خوف جي روسي نثر کي امرتا آهي، پر هن جي نقطه نگاهه تاريخ واهيات ثابت ڪئي آهي. ڇا ڪروڙين ڪسان ان لاءِ ڪوس ڪرايا ويا هئا ته هڪ خوني اشتراڪي نظام قائم ڪيو وڃي؟ ووزني سينيسڪي ۽ ايوتوشينڪو ڪميونسٽ پارٽيءَ جا جميل الدين عالي ۽ احمد نديم قاسمي آهن ۽ هو سرڪار تي ٿوري تنقيد ڪندي به اشتراڪي نقطئه نگاهه جا حامي آهن.
    آندري مالرو پهرين اسپين ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ شامل هو، چين ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان گڏ هو، نازي والار جي خلاف ڊيگال سان گڏ مزاحمت ۾ شريڪ هو ۽ جڏهن ڊيگال اقتدار ۾ آيو ته هن جو ڪلچرل منسٽر هو. ريگي ڊيبري (Regis Debre) چي گويرا سان بوليويا ۾ شامل هو يا نه پر هن کي ان الزام هيٺ بوليويا جي سرڪار ويهه سال ٽيپ ڏني هئي، جا فرينچ سرڪار جي دخل ڪري گهٽائي ڇهه ست سال ڪئي وئي. رهائيءَ کان پوءِ هن جيڪو ناول لکيو، ان ۾ هن چي گويرا جي مهم کي اجايو ثابت ڪيو.
    ڪنهن شاعر لاءِ حڪم صادر نٿو ڪري سگهجي ته هيئن ڪري يا هونءَ ڪري، پر ايڏين جنگين ۽ خونريزين جي باوجود جي ڪنهن شيءِ انسان کي بچايو آهي ته اهو آرٽ ۽ ادب آهي. سنڌ اڳ به ڀٽائي جي شاعريءَ ڪري بچي وئي ۽ هاڻي به ان جون ادبي تخليقون ان جي ثقافتي پابندگيءَ جي ضمانت آهن. سنڌ جا ڪجهه نقاد منهنجي اڳين مزاحمتي شاعري منهنجي خلاف مثال ڪري پيش ٿا ڪن.
    هو اهو نٿا سمجهن ته ان وقت يو. ايس. ايس. آر آمريڪا جي مقابلي جهڙي قوت هئي ۽ اهي حقيقتون يقين سان منظر عام تي نه آيون هيون ته اها هڪ وحشي ۽ درندگيءَ تي ٻڌل نظام تي هلي رهي آهي ۽ دنيا جي بدترين آمريت آهي، جنهن کي ڏسي جنرل فرانڪو ۽ صدر پنوشي به ڪن پڪڙن ها. يو. ايس. ايس. آر ۾ خاص ڪري آرٽ ۽ ادب جي ستياناسي تڏهن ظاهر ٿي، جڏهن 1988ع ۽ 1989ع ۾ ڪجهه تصويرون، شعر ۽ ناول ”سوويٽ ادب“ رسالي ۾ ڇاپيا ويا جي اڳ بندش هيٺ ها. ذاتي طرح هتان جا ڪميونسٽ منهنجا دوست آهن پر ڪنهن ڪنهن ڪميونسٽ ۾، اڄ به جڏهن هو اقتدار ۾ نه آهي، مان رهزنيءَ ۽ بي رحميءَ، ڇل، ڊوههَ ۽ ٺڳيءَ جون نشانيون ڏسي چڪو آهيان، جا هن مان تڏهن ظاهر ظهور پڌري ٿيندي جڏهن ۽ جيڪڏهن هو ڪنهن وقت اقتدار ۾ آيو. ان جي برعڪس فيض احمد فيض ڪميونسٽ هو، پر ذاتي طور شريف ماڻهو هو، نه ته پاڪستان ۾ ڪجهه ڪميونسٽ ته کاکڙ کوکڙ ماڻهو آهن، جي ذاتي زندگيءَ ۾ مرُ ۽ ٻُهرُ آهن ۽ هنن جو اندر ٻاهر ميرو گچيرو ۽ ڌوڙ ڀڪليو آهي. چوئيتاليهن سالن کان هو بي مهت رهيا آهن ۽ ڀت سان مٿو هڻندا رهيا آهن. هيل تائين هنن جي زندگي وئرٿ وئي آهي ۽ هاڻي دير ٿي وئي آهي، جو هو نڪته نظر بدلائي سگهن. گهڙامنجي ٽٽي پوندي آهي ته گهڙا ڇيهون ڇيهون ٿي ويندا آهن.
    مان چاهيان ٿو ته سنڌ ماضيءَ جو نظرياتي طوق لاهي، پنهنجي راهه تلاش ڪري ته ان ۾ ان جي نجات آهي، پر جي ان کي پراڻا پيڪڙا پيا هوندا ته اها سڌو دڳ وٺي نه سگهندي. اهي پيڪڙا ته اشتراڪي دنيا جي اڪثريتي حصي لاهي ڇڏيا آهن. اسان ڇو انهن کي پيرن ۾ وجهي پير ڪڙيءَ جي چاٻي پري اڇلائي ڇڏي آهي؟ هندستاني ڪميونسٽن کي ايئن ڪرڻ لاءِ ڪجهه ته جواز آهي، ڇو ته ڪيرالا ۽ اولهه بنگال ۾ ڪيمونسٽ حڪومت آهي، جا هنن جمهوري چونڊ جي ذريعي ورتي آهي ۽ لوڪ سڀا ۾ هنن جا ڪافي چونڊيل ميمبرآهن. اتي به ان ڳالهه تي سوچ ويچار ٿي رهيو آهي ته ڪميونزم جو نظريو ڪيتري حد تائين اپنائي ٿو سگهجي. پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳين سيڪريٽري جنرل ڄام ساقيءَ ته تصوف کي اپنايو آهي ۽ صوفين جي درگاهن تي حاضريءَ جو پروگرام ٺاهيو آهي. دراصل جمهوريت جو صحيح بنياد به اهو آهي، جيڪو صوفي چون ٿا يعني:
    الله آدمي بن آيا
    (Man is born in the Image of the divine)
    ۽ ان طرح انسان جي برابري تسليم ڪئي وئي آهي، جا ڳالهه ئي جمهوريت جي جڙ آهي. اها ڳالهه نه رڳو جي ايم سيد چوندو آيو آهي، پر آءٌ به چوندو آيو آهيان. مير ٿيٻو، جو نرم مزاج ۽ شريف النفس دانشور آهي، اهو يو. ايس. ايس. آر جي تالان والان ٿيڻ مان ڪافي سبق سکيو آهي. منهنجو هڪ ٻيو پراڻو دوست، جنهن کي کوٽي ڏسجي ته گانڌي وادي آهي ۽ ٻاهران ڏِک چيڪا (Checka) جي چيف زرزينسڪيءَ جهڙي ڏيندو آهي، اهو ٻڏتر، مونجهاري ۽ گومگو واريءَ ڪيفيت ۾ آهي ۽ ان لاءِ ڀڄ ڊوڙ ڪري رهيو آهي ته پراڻا ساٿي ڪنهن ڇپر ڇني هيٺان ڪَٺا ڪري، جيئن اهي ريلي ۾ وهي نه وڃن. هو هڪ بنيادي حقيقت سمجهي نه سگهيو آهي. ٻڏل ٻيڙيءَ جي اڏيري لال ٿيڻ بدران نئين ٻيڙي ڇو نه ٺاهجي. تيستائين صبر ڇو نه ڪجي، جيستائين اسان حالات جو صحيح تجزيو ڪري سگهون ۽ سمجهي سگهون ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڇا ڪرڻ گهرجي. پر ان کان پوءِ به شاعر آزاد آهي، هن کي وڻي ته سياست جو دُمُ ڇلو ٿئي يا نه، ڪنهن جو فريق ٿئي يا پنهنجي آرٽ جي دنيا وسائي ۽ سياسي ڪاروبار ۽ اُن تي عرق ريزيءَ کي سياست لاءِ ڇڏي ڏئي. پنهنجي ڪاوڙ کي پنهنجي فن ۾ بدلائي، سارا ڏينهن وانگ گوگ وانگر جاکوڙ ڪري ته هو سورج مکيءَ جي گل ۾ اها قوت ڏسي سگهي، جا انسان جي نظر کان بعيد هن ڪائنات ۾ بجليءَ جيئن ڊوڙي رهي آهي ۽ پنهنجي فن سان صدين کي سورج مکيءَ جي گيت وانگر گونجائي ڇڏي.
    هاڻي اچان ٿو مان ٻي جنگ عظيم ۽ ان کان پوءِ جي مزاحمتي شاعريءَ تي. ٽيهين ڏهاڪي ۾ فاشي آمريت ويمر ريپبلڪ جي مرڻ ڪنڌيءَ ۽ تٿان پٿان ادب کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ اشتراڪي آمريت (جنهن ۾ ۽ فاشزم ۾ ايم اين راءِ ڪو به فرق نه سمجهندو هو ۽ تاريخ هن جي سوچ کي صحيح ثابت ڪيو آهي) روسي اديبن جي اها آزادي به کسي ورتي جا هنن کي لينن جي دور ۾ ڪي قدر نصيب هئي. مايا ڪو فسڪيءَ وانگر، جنهن جي ذهانت جهل نٿي ڏني، ان کي پارٽيءَ جا اهي سربراهه برداشت نٿي ڪري سگهيا، اشاعت گهرن جون واڳون جن جي وس ۾ هيون ۽ جي ثقافتي پاليسي ٺاهيندا هئا. ها، پاسترناڪ تي مارڪسواد جو ڪو به اثر ڪو نه هو ۽ هو فقط روسي رياست کان پاسيرو رهي، پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو.
    جمهوري ملڪن ۾ ڊنل عوامي عيوضي به حماقتون ڪري ويٺا ۽ جيمس جئائس (James Joyce) جي ناول ”يولي سيز“ (Ulysses) ۽ ڊي ايڇ لارينس جي ناول ”ليڊي چيٽرلي جي عاشق“ (Lady chatterley’s lover) تي بندش وڌائون، جيتوڻيڪ اتي دانشورن جي آزاديءَ تي حملو جٽاءُ ڪري نه سگهيو، پر اسپين ۾ جتي جمهوريت فرينچ انقلاب کان پوءِ، پهريون ڀيرو ادب کي پالي پوسي رهي هئي، اتي ٻاهرينءَ مدد سان فاشزم اقتدار ۾ اچي اديبن جي نڙگهٽ تي ننهن ڏيڻ لڳي جيئن نتيجي ۾ يا اديب خاموش ٿي وڃن ۽ پنهنجي اظهار جي آزادي وڃائي ويهن يا اسپين جي ريپبلڪ جي شرط شروط کانسواءِ حمايت ڪن (ساڳي خاموشي مون نه ڪئي هئي، جڏهن ”ڀؤنر ڀري آڪاس“، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۽ ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ تي مغربي پاڪستان جي حڪومت بندش وڌي هئي.)
    يورپ جي ڪيترن ئي اهم اديبن کي اسپين جو الڪو ٿي پيو هو. اسپين جي جنگ جا اِشارا ۽ ان مان نڪتل انومان، اديبن تي اهڙي ريت هئا، جو کين ٿوري وقت کان پوءِ ٻي جنگ عظيم جا ادب لاءِ اَپسوڻ ۽ اگرا نتيجا چٽا نظر آيا هئا. جنرلن جي سازش اسپين تي ان وقت آفت وانگر نازل ٿي، جنهن وقت اسپين جي شاعري سترنهينءَ صديءَ کان پوءِ پنهنجي چوٽَ تي رسي چُڪي هئي (جيئن سنڌ ۾ ٿي) ميڪاڊو (Machado) جمنيز (Jimnez)، گيولين (Guillen) ۽ اليگزانڊر نئين ٽهيءَ جا هئا، پر اسپين جي شاعرن ۾ سڀني کان اهم لورڪا ۽ ريفل آلبرٽي هئا. ٻيا به پنج ڇهه نام ڪٺيا شاعر هئا، جن کي ريپبلڪ جي شڪست کان پوءِ اسپين ڇڏڻي پئي. فرانڪو ان ڌرتيءَ تي پنهنجي هوائي جهاز مان لٿو، جنهن تي رنگا رنگ گل ٽڙيل هئا، جڏنهن هن اسپين فتح ڪئي ته ڪجهه اديب، جي اڃان اُتي رهيل هئا، انهن تي خاموشي مسلط ڪئي وئي. باقي ٻيا اديب يا ته ماريا ويا هئا يا قيد ڪيا ويا هئا يا يونائيٽيڊ اسٽيٽس، ميڪسيڪو، آرجنٽينا يا برٽن ڀڄي ويا هئا.
    رجعت جي قوتن پهرين لورڪا کي ڪُٺو (جيئن ننڍي کنڊ ۾ داراشڪوه کي ڪٺو ويو هو) لورڪا سياسي شاعر نه هو. هن جي شاعريءَ تي سياست جو ڪو به پاڇائون نه آهي، پر هن کي اسپين جي گورنمينٽ ناٽڪ پيش ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، جيتوڻيڪ هن جي تخليقن کي مدعا ۽ ميلان جو پيچ وتاب هو. هو به مزاحمت ڪندڙ شاعرن مان هو، ڇو جو هن جي عوامي تهذيب تي نڪته نگاهه حڪومت کي پسند نه هئي. اندلس جي رڳو هڪ پراچين ڪُنڊ هن لاءِ معنيٰ رکندي هئي، جتي جپسي رهندا هئا ۽ جن پنهنجا گيت ۽ ناچ اڃان زنده رکيا هئا ۽ جي فرانڪو جي سول گارڊ کان مختلف طبيعت جا هئا. سوِل گارڊ جا روح اهڙا هئا، جهڙا روغني چمڙي مان ٺاهيل جوتا هجن. (منهنجي شاعريءَ ۾ به ٿرين سان ساڳي محبت آهي ۽ منهنجا مخالف سردار علي شاهه، رشيد احمد لاشاري ۽ شيخ راز وغيره به ڄڻ پاڪستاني سول گارڊ هئا) جڏهن لورڪا ڪجهه وقت لاءِ آمريڪا ويو هو، تڏهن هن کي نيويارڪ جا نيگرو به جپسين وانگر لڳا هئا. لورڪا جي شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ذڪر موت ۽ چنڊ جو هو. هن جي طلسماتي شاعريءَ کي غرناطه جي خانه بدوشن جي گيتن ۽ ناچن اُتساهه ڏنو. ڪنهن هنڌ هن لکيو آهي:
    ”اسپين ئي اهڙو ملڪ آهي، جتي موت قومي تماشو آهي ۽ ڏاند- ويڙهه ۾ موت کي ان خاصيت جو ڀلي ۾ ڀلو ڏيکاءُ ملي ٿو. ڏاند کي پنهنجو دائرو آهي ۽ ويڙهوءَ کي پنهنجو. ٻنهي دائرن جي وچ ۾ خطري جي نشاني آهي. جا هنن جي ننڍي ناٽڪ جو ڇيهه آهي.“
    آلبرٽي وڏو دانشور شاعر آهي ۽ لورڪا وانگر لوڪ گيت جي روايت هن ۾ جان ڦوڪي هئي. هن جي اشاريت به هن جي دور ۾ اقتدار سان پنجو اڙائڻ کان نه رهي:
    ”بهشت ڏانهن ڪهڙو دڳ آهي؟ سوال کان پوءِ خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. شهر لاجواب، نديون بي زبان، پهاڙي چوٽيون جن ۾ پڙاڏو نه آهي، سمنڊ گونگا ٿي ويا آهن. ڪنهن کي پتو نه آهي. ماڻهو ڄَمي اَچرُ آهن ۽ پنهنجن بُٺين جي مُنهن وٽ بيٺا آهن ۽ مون کي ڪو نه ٿا سڃاڻن.“
    آلبرٽيءَ جي تصور ۾ ڪٿي ڪٿي پاسترناڪ جي تازگي ملي ٿي. هن پنهنجي روسي همعصر وانگر ڪاري کي ڪارو ڪوٺيو، اَڇي کي اَڇو ۽ ان ۾ ڪائي مين ميک نه رکي. آلبرٽيءَ محسوس ڪيو ته تباهي اچي رهي هئي ۽ هن جي شاعريءَ ۾ مايوسي ۽ لاچاريءَ جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. دنيا پنهنجي بحران ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ هن ڀانيو ٿي ته ڌرتي تباهه ٿي ويندي پر پوءِ به هن اميد جي پلئه کي پڪڙي رکيو آهي، اهو تاريخ مان سبق سکيو آهي ته جنهن پل ۾ آءٌ رهان ٿو اهو نامڪمل هوندي به ماضيءَ کان وڌيڪ پيارو ۽ خوبصورت آهي ۽ خاص ڪري ان ئي سبب ڪري ان جي تباهي ان جي پٺيان آهي. فاشزم جي دور ۾ شاعريءَ ۾ مزاحمت ايتري ئي ڪافي هئي، پر پوءِ به هن ڪيئي رزميه نظم لکيا ۽ ان کان پوءِ ميڪسيڪو ۽ ويسٽ انڊيز هليو ويو. (مئڊرڊ جي گهيراوَ وقت هن ڪجهه ننڍا نظم لکيا هئا. جن ۾ هن جمهوريت پسندن تي ڏاڍو ترس کاڌو هو. جي ڪيڙن ماڪوڙن وانگر ماريا ٿي ويا) ماياڪوفسڪيءَ وانگر هن ڄاتو ٿي ته سفر ۾ جتي ڪٿي غريب جي امير هٿان لوٽ کسوٽ ڏسندو. پهرينءَ جلاوطنيءَ جي تلخيءَ کان پوءِ هن جي طبيعت تي سانت ۽ اداسائي ڇانئجي وئي. ٻي ڀيري ته هن تي وڏي شهر جو اجاڙپڻو، خاص ڪري بيونس ايئرس (Buenos Aires) جو هن جي اندر ۾ گهر ڪري ويو، پر پوءِ هن اها تهذيب ياد ڪئي هئي جا هو پٺتي ڇڏي آيو هو ۽ جنهن کي تباهيءَ جون قوتون وڪوڙي ويون هيون. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ ڪافي گهرائي ۽ گيرائي آئي ۽ اهو شاعر جنهن اڳ ۾ اُٻهرائيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ساٿ ڏنو هو، تاريخ جي ترتيب ۽ ترڪيب جو چڱيءَ طرح تجزيو ڪري سگهيو. هو پاسترناڪ ۽ چليءَ جي نرودا وانگر پنهنجي دور جو اهم شاعر هو.
    فرانس ۾ نازي والار جي خلاف مزاحمتي شاعري ايتري مقبول عام ٿي، جيتري لورڪا جي اسپين جي خانه جنگيءَ ۾ ٿي هئي. اها اشتهارن جيئن چوري ڇپي ورهائي وئي، عوام ۽ شاعرن ۾ هن هڪ نئون تعلق پيدا ڪيو. انهن شاعرن ۾ اڪثر سوريئلي شاعر هئا، جي ڪميونزم جي اثر هيٺ اَچي ويا هئا ۽ انهن ۾ سڀ کان اهم پال اليوار (Paul Eluard) هو. چاليهن واري ڏهاڪي ۾ به هن جي شاعري پنهنجي اڳين شاعريءَ سان ناتو نه ڇنو هو. عشق هن جي شاعريءَ ۾ پهرين ذاتي هو ۽ پوءِ ڪائناتي ٿي ويو ۽ ان جي لپيٽ ۾ اهي سڀيئي انسان به اچي ويا جيڪي ظلم و ستم جي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيا هئا. اها ڪجهه فيض واري ڪيفيت هئي، جنهن جو اظهار فيض پنهنجي نظم:
    ”مجھ سے پہلی سی محبت میرے محبوب نہ مانگ“
    ۾ ڪيو آهي. اليوار جو ويساهه سادو سودو هو. ڪميونزم جرمنيءَ جي شڪست کان پوءِ دنيا تي ڇانئجي ويندي ۽ اها ماڻهوءَ جي هر ڏک ڏنج ۽ ايذاوَ اهنج کي ميٽي ڇڏيندي. هندستاني ڪميونسٽ شاعر به ساڳي سادگيءَ سان ان ويساهه جو اظهار ڪندا هئا ۽ چوندا هئا:
    “گذر بھی جا کہ تیراانتظار کب سے ہے”
    اليوار جي 1943ع ۾ لکيل هڪ نظم ۾ ساڳي فريب خوردگي ۽ سادگي آهي، جا دنيا جي ترقي پسند شاعريءَ ۾ آهي. هو چوي ٿو:
    ”ڀائرو، هي باک اوهان جي آهي
    هي باک اوهان جي ڌرتيءَ تي پوئين باک آهي
    ۽ اوهان ان ۾ ويڙهيل آهيو،
    هي باک، ڏک جي کاهيءَ مٿان،
    اوهان لاءِ آهي.
    ڀائرو، اسان جي ڪاوڙ، اسان جو
    چِتُ من اوهان سان آهي.
    اسان هن باک کي امر ڪنداسين،
    جا اسان جي ادب ۾ آس نراس جو آئينو آهي.
    ڌڪار ڌرتيءَ مان اُڀري رهي آهي
    ۽ پيار لاءِ لڙي رهي آهي.
    ڌڪارَئي مٽيءَ ۾ آهي ۽ پيار ڏينهن ڏٺي جو
    ڄرڪي پڄري رهيو آهي ۽ ان کي
    ڌرتيءَ ۾ آس آهي.“
    هي شاعري فيض احمد فيض جي پائي جي به نه آهي، حبيب جالب جي نعريبازيءَ وانگر آهي. جنهن کي ڪا دوررس نگاهه نه آهي.
    ”باک“ ڪميونزم جو ان معنيٰ ۾ محاورو ٿي ويو، جنهن معنيٰ ۾ اهو اڳي ڪڏهن به مستعمل نه ٿيو هو:
    یہ وہ سحر تو نہیں جس کی آرزو لے کر
    چلے تھے یار کہ مل جائے گی کہیں نہ کہیں۔
    فلک کی دشت میں تاروں کی آخری منزل،
    کہیں تو ہوگا شبِ سست موج کا ساحل
    فيض جو مٿيون نظم نازي جرمنيءَ جي شڪست کان پوءِ نه لکيو ويو هو، ورهاڱي کان پوءِ لکيو ويو هو ۽ ان لاءِ جواز هو، پرهئمبرگ جي خلاصي- يونين جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جو نالو ”رات کان ٻاهر“ ان ڪري رکيو هو، جو هو ڪميونزم کي الوداع ڪري چڪو هو. خود منهنجو اردو شعر هو، جو مون 1946ع ۾ لکيو هو ۽ منهنجي اردوءَ جي شعري مجموعي ”نیل کنٹھ اور نیم“ ۾ شايع ٿي چڪو آهي:
    اُلجھنے لگیں مشعلیں آندھیوں سے
    سلجھنے لگی کاکُلِ شب رفیقو
    مگر جب رفیقو
    سحر ہوگئی
    زندگی سو گئی
    عزمِ خیبر شکن
    آہنی جان و تن
    موم سے ہوگئے
    منزلیں کھوگئیں کارواں سو گئے
    اور نوعِ بشر کو یقیں ہوگیا ہے
    کہ نورِ سحر تا ابدیوں ہی رخشاں رہے گا
    مگر یہ تو و دستور روزِ ازل ہے
    شب و روز اک دوسرے کا تعاقب کریں گے
    رفیقو! نئی مشعلیں ڈھونڈ لاؤ
    شبِ تیرہ و تار سوئے زمیں پھر پُر افشاں ہوئی ہے۔
    شايد ئي اهڙيءَ ريت دنيا جي ٻي ڪنهن شاعر کي انهيءَ دور ۾ ڪميونزم جي خاتمي جو تصور آيو هو.
    يورپ ۽ برصغير ۾ اها سياسي سمجهه گهڻو پوءِ آئي. جڏهن اٽليءَ تي اتحادين جا هوائي حملا ٿي رهيا هئا، فاشسٽ پارٽي بي همت ٿي چڪي هئي ۽ ان جي شڪست چٽي نظر اچي رهي هئي، ان وقت اَنگاريٽي (Ungaretti) ايولار وانگر شاعري ڪئي، جنهن ۾ پنهنجو ڏک ۽ ديس جو ڏک مليل جُليل هئا. (فراق گورکپوريءَ اهڙيءَ شاعريءَ کي ”کُچھ غمِ جاناں کچھ غم دوراں“ چيو آهي) جيڪي اطالوي شاعر ان جنگ ۾ ماريا ويا هئا، شاعري انهن جي خاموش چيخ آهي. اهي انسان ڪنهن آدرش لاءِ نه مئا هئا، پر اٽليءَ جي ٿوري وقت لاءِ دٻدٻي ۽ ٺاٺ لاءِ سر ڏنو هئائون. يوجينو مانٽيل (Eugenio Montale) هٽلر جو بسنت نظم لکيو، جڏهن روم ۾ فيوهرر جي پريڊ ٿي ۽ هن جا حواري نعرا هڻي رهيا هئا ۽ هن ان کي ”ڇٽيءَ جو ڏينهن“ ڪوٺيو، جنهن موت کي زمهرير جي برف وانگر ڄمائي ڇڏيو هو، پر آخر ۾ مانٽيل پنهنجي نظم ۾ اميد ڏيکاري ته آفريڪا جي وادين تي وري باک ڦٽندي جتي اٽليءَ جي فوج کي اڳيئي شڪست ملي رهي هئي. اهي شاعر ڪنهن ڪوڙي حب الوطنيءَ جو شڪار نه هئا ۽ پنهنجي ديس جي هار ۾ ئي دنيا جو نيتارو سمجهي رهيا هئا، ڇو ته ڪنهن وقت انسان جو پنهنجو ديس برائيءَ جو بدترين روپ آهي ۽ ان جي شڪست ۾ ئي انسان ذات جي فتح آهي.
    سئلوي ڪُئاسي موڊو (Salvatore Quasimodo) جي سسلي، جا هن جي ننڍپڻ ۾ هن لاءِ پيار جو هندورو هئي، جڏهن فاشزم جي آفت هيٺ آئي، تڏهن هن مزاحمت جي راهه اختيار ڪئي ۽ هن جي شاعري هن کي سياست ۾ کاٻي ڌر جو ساٿاري بڻائي ڇڏيو.
    هن ڇا نه سٽون لکيون آهن!:
    ”مان توکي ياد ڏياريان ٿو اهو،
    ڀت تي ڄڀيون ڪڍندڙ جرنيم جو گل،
    جنهن تي مشين گن جون تابڙ توڙ
    گوليون وسايون ويون هيون.“
    يا
    ”اوهان کي وري ٻيهر قتل ڪيو ويو آهي.
    جيئن اوهانجن پيئرن انهن جانورن کي قتل ڪيو هو
    جن کين پهريون ڀيرو ڏٺو هو،
    انهيءَ خون مان ساڳي بوءِ اچي رهي آهي،
    جيڪا ان ڏينهن اچي رهي هئي، جڏهن
    هڪ ڀاءُ، ٻي ڀاءُ کي چيو هو: 
    ”اچ ته ٻنيءَ تي هلون“
    ۽ ڪوئي سياندو وجهندڙ پڙاڏو،
    اوهان جي ڏينهنِ کي چهٽيو پيو آهي.“
    اهو نظم آخري بند ۾ مستقبل ۾ اميد تي کُٽي ٿو:
    ”اي پونيرو! وساري ڇڏيو،
    اُهي خون جا بادل جي ڌرتي تي اُڀريا ها!
    پنهنجا پيءُ ڏاڏا وساري ڇڏيو،
    انهن جي بٺين تي رک وري وئي آهي
    ۽ ڪارن پکين ۽ ڌوڙئي
    انهن جي هيانو کي لٽي ڇڏيوآهي.“
    اهو اميد جو موضوع ڪُئاسي موڊو ۾ سڄي زندگي رهيو، پر ان ۾ پوءِ ايتري گهرائپ نه هئي جيتري جنگ جي زماني ۾ هئي.
    انگلينڊ ۾ مزاحمتي شاعري ٽيهن واري ڏهاڪي ۾ ڪجهه شاعرن ڪئي، جن تي نظرياتي مارڪسزم جو اثر هو، پر هو آڊن (Auden) کان پنهنجي شاعريءَ کي گهڻو اڳتي وڌائي نه سگهيا. سي ڊي ليوئس (C.Day Lewis) ۽ لوئي مئڪ نيس (Louios Mac Niece) ان دور جا عمدا ۽ پختا شاعر آهن، جن تي هارڊي (Hardy) ۽ ييٽس (Yeats) جو اثر آهي. آڊن تي ڪجهه روايت جو به اثر آهي، پر هن هارڊي، اوون (Owen)، جيرالڊ مئنلي هاپڪنس (Gerard Manley Hopkins) سان گڏ وچولي دور جي شاعرن جي گيتن ۽ لوڪ گيتن مان ڀرپور فائدو ورتو. خاص ڪري ٽيهن واري ڏهاڪي ۾ آڊن ۾ پنهنجي دور جو عڪس هو. بيڪار، بند ڪارخانا، ڇڏي ڏنل اُجاڙ کاڻيون ۽ ڪَٽ کاڌل ريل جا پٽا. آڊن جو يورپ جي مزاحمتي شاعريءَ سان ايئن ناتو هو، جيئن ڊئلان ٿامس (جو انگلينڊ جو اسرارالحق مجاز هو ۽ انت شراب نوشيءَ جو بک ٿيو) جو يورپ جي سريئلي شاعريءَ سان هو. آڊن مٿي ذڪر ڪيل ايولار، آلبرٽيءَ ۽ ڪُئاسي موڊو وانگر هو. (جيئن سنڌ ۾ آزاديءَ جي جدوجهد وقت ڪشن چند بيوس، چَڪبست ۽ اقبال جي قومي شاعريءَ جو پڙاڏو هو.) پر آڊن جو انقلاب جو تصور عملائتو نه هو. هن انساني دل جو انقلاب چاهيو ٿي، جو دنيا تي ڦهلجي وڃڻو هو. جڏهن پاسترناڪ روسي انقلاب کي هڪ ريل گاڏيءَ سان تشبيهه ڏني، جنهن جي رفتار هر شيءِ کي ڪک پن وانگر اڏائي ڇڏيو هو، تڏهن ان جي پڙهندڙن ڄاتو ٿي ته جيتوڻيڪ حالتن ۽ هن ۾ ذهني وٿي هئي، تڏهن به هن کي اها رفتار پاڻ سان ڪک پن وانگر اڏائي وڃي رهي هئي. پرآڊن حالتن کي ريٽي، پنهنجيءَ جاءِ تي پير کوڙي بيٺو رهيو. شروعات کان وٺي هن ۾ شخصي خدا جو تصور ملي ٿو. خدا، هن جي خيال ۾، پيءُ، ڊاڪٽر ۽ استاد وانگر هو. هن جي اها دعا ته ”سائين!‘ ڪوئي انسان دشمن نه آهي.“ ۾ نيم- مذهبي استعارا آهن. (ان دور ۾ اسان وٽ علامه اقبال جي شاعريءَ ۾ پهريون قومي ۽ پوءِ اسلامي مزاحمت جو تصور آهي.)
    ”اسپين 1937ع“آڊن جو مزاحمتي نظم انهيءَ وقت لکيو ويو، جنهن وقت اسپين جي آزاديءَ لاءِ شاعري سڌي سنواٽي هئي، (جيئن اسان وٽ هاڻي فلسطين ۽ ڪشمير جي باري ۾ لکڻ سولو آهي.) جيتوڻيڪ دنيا ۾ نيڪ ۽ بد جا مسئلا ڪافي پيچيده هئا. مون کي ڪنهن وقت ان تي عجب ايندو آهي ته مشرق مغرب کان ڇو مرعوب آهي، جيتوڻيڪ مشرق جي جديد شاعري، مزاحمتي شاعريءَ سوڌي مغرب کان گهڻو اڳتي آهي.
    آڊن جو هي شعر مثال لاءِ پيش ڪيان ٿو:
    ”سڀاڻي سائيڪل جون شرطون
    اونهاري جي سانجهين جو ڳوٺ مان.
    پر اڄ جدوجهد.“
    مان ڀانيان ٿو ته جنگ کان پوءِ هو نيويارڪ لڏي ويو، جتي هن ذري گهٽ گمناميءَ جي زندگي گذاري. مون آڊن جا ڪجهه ڪتاب پڙهيا آهن ۽ هن ۾ گهرائيءَ جي ڪمي نظر آئي آهي. منهنجي نظر ۾ هو انگريزي ادب جو ظهور نظر هو، جنهن ۾ اشتراڪيت سان کؤنس، جذباتيت ۽ آخر ۾ ذاتي زندگيءَ ۾ گمشدگي هئي.
    ظهور نظر ملتان جو اردو شاعر، منهنجو دوست هو، جنهن کي هن جي موت کان اڳ مون هن سان گڏ سکر اسپتال ۾ مقرر ٿيل ملتان جي هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ سان ڏٺو هو، جنهن سان گڏجي هو منهنجي آفيس ۾ آيو هو ۽ پنهنجي رومانوي انداز ۾ ڊاڪٽرياڻيءَ جي دوستي منهنجي سپرد ڪري ويو هو. هن ۾ سيماب صفت طبيعت ۽ اهائي اشتراڪيت جي لغار هئي، جيڪا سن 1947ع ۾ هوندي هئي، جڏهن هو ڪراچي لا ڪاليج ڀرسان منهنجي لڳ فلئٽ ۾ پنهنجي دوست جاويد قمر سان گڏ رهندو هو ۽ ”يلغار“ ماهوار ڪڍندو هو. يورپ جا اڪثر شاعر اسان جي ڀيٽ ۾ تڇ آهن، پر ڇا ڪجي، هو نانءَ چڙهيا واپاري آهن. مون کي آڊن جو هڪ نظم ” پهرين سيپٽمبر 1939ع“ وڻيو هو، خاص ڪري هيٺيون سٽون:
    ”مون کي آواز ئي ته آهي
    ۽ ويڙهيل سيڙهيل ڪوڙ کي اُکيڙي
    ننگو ڪري سگهان ٿو،
    گهٽيءَ جي موڙ تي ماڻهوءَ جي دماغ ۾
    رومانوي ڪوڙ
    ۽ انهيءَ اقتدار جو ڪوڙ،
    جنهن جا ماڙا آڪاس کي ڇهن ٿا.
    دنيا ۽ رياست جهڙي ڪا شيءِ نه آهي،
    توڙي ڪوئي اڪيلو زندهه نه آهي،
    بک ڪوئي چناءُ عوام لاءِ نه ڇڏيو آهي
    نه پوليس لاءِ
    اسان کي هڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ گهرجي
    نه ته موت اَوس آهي.“
    اهو شعر اڄ جي سائوٿ ايشيا جي باري ۾ ايترو صحيح آهي، جيترو 1939ع جي يورپ جي باري ۾ هو. آڊن جنگ کان پوءِ ڪنهن مسيحي فلسفي کي اختيار ڪيو.
    جنگ هلندي جرمنيءَ مان گهڻو ڪري اديب، فلسفي، نفسيات جا ماهر، سائنسدان وغيره ڀڄي ويا هئا ۽ وڃي نسل پرست نازي دانشور بچيا هئا، جي نازي جرمنيءَ ۽ فاشي تحريڪ جي خاتمي کان اڳ ئي تالان والان ٿي ويا هئا. يورپ جي نازي والار ۾ فرانس ۾ شاعرن ڪجهه ٻڙڪ ٻاڦي، نه ته گهڻو ڪري شاعر مُئل ماريل هئا. جنگ کان پوءِ روسي شاعر فقط وات جي لٻاڙ هڻندا هئا ۽ چوڌاري چُپ ڇانئجي وئي هئي. يورپ ۽ ڪميونسٽ والار جي خلاف جتي ڪٿي شعر بغاوت ڪئي هئي. پر ڪي جي بيءَ جي ڀؤ کان علي الاعلان گهڻو ڪجهه چئي نه ٿي سگهيا. بهر صورت جو ڪجهه آمريڪا ۾ ڇپيو آهي، اهو ساراهه جوڳو آهي. ان کان پوءِ يهودي والار خلاف فلسطين جي ڀرپور مزاحمتي شاعري ٿي ۽ ان ۾ ڪجهه چڱا شاعر به هئا.
    فلسطين ۾ وحدانيت وارا جدا مذهب پيدا ٿيا هئا ۽ انهن جي تهذيب ۽ تاريخ کي اسان وانگر روحاني ۽ دنيوي ورثو آهي. ان ورثي جو تحفظ، جنهن کي اسرائيل تهس نهس ڪرڻ چاهي ٿو، فسلطين جي نئين نسل جو آدرش ٿي پيو آهي. ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي نڪتهءِ نگاهه کي سمجهڻ لاءِ تيار نه آهن. صيهونيت فلسطين جا آثار قديمه مٽائي رهي آهي ۽ چوڌاري ڌَؤنس ۽ ڌانڌلي مچائي اٿائون. هيڻي کي جڏهن سگهه ايندي آهي ته اُن جو اظهار ڏاڍ ۽ ڏمر ۾ ڪندو آهي. جيتوڻيڪ ائفرو-ايشين ادبي تنظيم کي يو-ايس ايس آر جي ٽيڪر هئي، جا سنڌ کي ڪڏهن به نه ملي هئي، فلسطيني ادب ۾ سچ پچ سياسي حالتن تلخي ۽ مزاحمت لاءِ جواز پيدا ڪيو هو. محمود درويش جون ڇا نه سٽون آهن:
    ”اسان اوهان کي بيروت مان لکي رهيا آهيون،
    اهو ڏيکارڻ لاءِ
    ته ڪير ڪنهن جو گهيراءُ ڪري رهيو آهي!“
    ڇا ڪوئي سنڌي انهيءَ سٽ جي تهه تائين پهچڻ جو اَهل آهي؟ مون ته ڏٺو آهي اڪثر سنڌي اديب فلسطين سان پان اسلامزم جي جذبي هيٺ همدردي ٿا ڪن. هونءَ به فلسطيني شاعريءَ ۾ مزاحمت جو اظهار وڌيڪ آهي، ان ۾ شاعري گهٽ آهي. فلسطيني شاعر غُسان زقطان جو هي شعر ڏسو:
    ”ابا! انهن کي سڏڪر!
    انهن سڀني ڳوٺاڻن کي سڏي وٺ
    اَبا! انهن کي چئه ته
    جو پنهنجي موت جو عيني شاهد آهي،
    اهو ڪڏهن به نه مرندو.“
    يا ڪمال ناصر جي نظم جو هي شروعاتي حصو:
    ”منهنجا پيار
    جي تون اسان جي مٺڙي ٻار کي
    آغوش ۾ جهليندي
    ۽ منهنجو انتظار ڪندي
    ڪائي خبر ٻڌين
    ته روئجانءِ نه
    ڇو ته مان نه موٽندس،
    جڏهن وطن جو سڏ ٿئي
    ته هن دُک درد جي حياتي جي
    قرباني وڏي ڳالهه نه آهي.
    منهنجا پيار
    جي منهنجن رفيقن جي ڊنل اکين ۾
    خبر پڙهين،
    ته توکي قسم آهي
    ته تون انهن کي دلجاءِ ڏجانءِ.“
    يا ذڪريا محمد جو هي نظم:
    ”بندوق ۾ فقط هڪ گولي آهي
    جيئن دروازي پٺيان موت تاڙ ٻڌي ڏسي سگهي،
    ۽ پاسيرين ۾ رڳو هڪ ڦڦڙ آهي
    جيئن ساهه آهستي کڄي سگهي
    ۽ چاٻي رڳي هڪ آهي،
    جيئن ڀوت پريت اندر واجهه وجهي سگهن
    ۽ دل ۾ فقط هڪ شهر آهي
    ۽ جلاوطني نهايت تلخ ٿيندي آهي
    ۽ عمر
    فقط هڪ عمر آهي
    ۽ ان ڪري وجود وڌيڪ ڀوائتوآهي.“
    ڇا هڪ فلسطيني شاعر محمد الاسد جي هي ڪيفيت هڪ سنڌي محب الوطن سمجهي سگهي ٿو، جنهن جي قوم به تالان والان ٿي وئي آهي؟
    ”پراڻي دروازي جي اڳيان
    ڪيئي وَڻ بيٺا آهن
    هڪ عمارت
    هڪ ننڍو گُنبذ،
    پوڙها ماڻهو سفيد ڪافي پي رهيا آهن
    ۽ وڻن کي ٽيڪ ڏئي بيٺا آهن
    جن جي ڇانوَ چوڌاري ڦهليل آهي.
    مان اها خاموشي ڪهڙي نه چڱيءَ طرح
    سمجهي سگهان ٿو،
    اهي ڪاٺ جون بينچون
    ۽ پوڙهو ڪافيءَ وڪڻندڙ
    ترڇي لاڙي واري دروازي اڳيان ويٺل
    اهو ئي ڪارڻ آهي
    ته مان ڪافي پيئندس
    انهن ساڳين وڻن جي ڇانوَ ،
    ۽ تُرڪي ڪافيءَ
    جي ابديت کي چکي سگهندس.“
    ڇا سنڌي سمجهي سگهن ٿا ته انهن جي اوٻاڙيل بِهن، کُنڀين ۽ ٻوراڻين کي به ساڳي ابديت آهي، جنهن کي حافظي تان مٽائڻ ناممڪن آهي! ڇا جلاوطني زبان کان سواد ڇني سگهي ٿي؟ ڇا قلم انهيءَ گهوڙي وانگر نه آهي، جو هر تاڻيل واڳ ڇني، پنهنجي تيز رفتاريءَ ۾ ڪمي نه ٿو آڻي، پوءِ ڀلي ته ايئن ڪندي هن جا چپ چيرجي پون! مان انهن سنڌي شاعرن کان پڇان ٿو جي ڇاڇر ۾ ڇيرون هڻندا آهن ته هو جڏهن فلسطين تي نظم لکن ٿا ته هو هڪ فلسطيني جلاوطن جي کَل ۾ پيهي سگهن ٿا؟ ڇا هنن ٻي ڌر جي باري ۾ به ڪجهه پڙهيو آهي؟ ڇا هو اها جسماني ۽ روحاني اذيت سمجهي سگهن ٿا، جا صدين جا پوگرام (Pogram) ڏئي چڪا آهن؟ ماڻهو ڌرين ۾ ورهائجي ويا آهن؟ آهي ڪو ئي عيسيٰ، ٽالسٽاءِ يا گانڌيءَ وانگر سڀ جو خير گهرو، جو چاهي ته هر ڪنهن کي انصاف پلئه پوي؟ ڇا دنيا ۾ هن مارڌاڙ، رتو ڇاڻ، ڪرِڀ ۽ ڌڪار مان ڪجهه وريو آهي؟ صديون ٿيون آهن ته انسان وحشي درندن وانگر هڪ ٻئي جو رت پيئندا رهيا آهن. آهي ڪوئي جو قابيل جي هٿ مان ڇرو کسي سگهي ۽ هابيل جي زخم تي مرهم رکي؟
    ڇا شاعريءَ جو ڪم اهو آهي ته ان گهاوَ کي وڌيڪ رهڙي، روز تازو ڪندي رَهي؟ اي موت جا سوداگرؤ! شاعريءَ کان پاسو ڪريو، اها جنس اوهان جي خريد و فروخت لاءِ نه آهي!
    هاڻي اچان ٿو مان لاطيني آمريڪا جي مزاحمتي شاعريءَ تي، خاص ڪري ايل سئلويڊار، گؤتومالا، هُنڊ وراس ۽ نڪاراگوا جي شاعريءَ تي. اتي جنگ، جلاوطنيءَ ۽ موت جي باري ۾ شاعري ڪئي وئي آهي. اُتان جي نثر ۾ به ساڳا موضوع آهن. انهن ۾ نه خوبصورت منظر ڪشي آهي، نه سياحت کاتي جا پوسٽر آهن، جن ۾ خوبصورت ٻهراڙي ڏيکاريل هجن ۽ نه نفيس لوڪ آرٽ آهي.
    ان ۾ اها سچي پچي حقيقت آهي جا اکين کان اوجهل آهي. جهنگن ۾ گوريلا جنگ هلي رهي آهي، انسان سالها سال کان وطن بدر ٿي رهيا آهن، ايل سئلويڊار گئوتومالا ۾ باک ڦٽيءَ جو گهٽيون لاشن سان سٿيل آهن. مون کي منهنجي هڪ مداح نرنجن اسٽاڪ هوم مان لاطيني آمريڪا جي شاعريءَ تي هڪ ڪتاب Volcan موڪليو هو. شايد اتان جا شاعر انهن جنگجو شاعرن جي پونئيرن مان آهن، جي يورپي حمله آورن سان وڙهيا هئا، جيئن لس ٻيلي جا شاعر وڙهيا هئا،جن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ ڪيو آهي.
    وچ آمريڪا ۾ اهي شاعر جن جو مستقبل نهايت درخشان ۽ اميدافزا هو، اُهي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ماريا ويا. مون اڳ ئي ڪٿي چيو آهي ته اهو انسان جو پنهنجو وجودي چناءُ آهي. هو چاهي ته پتنگ وانگر پاڻ کي آگ ۾ اڇلائي، ان جي ڄڀيءَ کي وڌيڪ ڄرڪائي، چاهي ته آگ کان پاسيرو ٿي چنگ ۽ بربط مان اُهي اُلا اڀاري جي ابدتائين جرڪندا رهن. مان ڀانيان ٿو ته ان ۾ انسانذات جي هاڃي آهي، جي ڪنهن شيڪسپيئر يا موزراٽ کي چئجي ته ڪنهن ريجمينٽ ۾ شامل ٿي وڃ! پر جي هو پاڻ اها ڳالهه چونڊي ته هن تي ميار نه آهي. آخر هن جي زندگي پنهنجي آهي ۽ جي هوءَ اها ڪنهن پتنگ وانگر مچ ۾ ڄرڪائي ٿو ته هو خودمختيار آهي، پر انسان جيڪڏهن انسانذات جي خدمت ادب ۽ آرٽ جي تخليق جي ذريعي ڪري لهس جي ويجهو نه وڃي ته هن تي به ميار نه آهي. ڪيئن چئجي ته تارازيءَ جي پُڙن ۾ ڪير ڳورو آهي! اهو جو ساري عمر پنهنجي صليب گهليندو وتي يا اهو جنهن کي گهڙيءَ ۾ نرڙ ۾ ڪو ڪا هنيا وڃن ۽ هو رت ڳاڙي، ٻڏندي سج وقت چئي:
    ”يا خدا! تون هنن کي معاف ڪجانءِ، هنن نٿي ڄاتو ته هنن ڇا ٿي ڪيو!“
    چي گويرا وارو موت مان مسترد ٿو ڪيان. اهو هڪ بگهڙ جو موت آهي، چيتي جو موت آهي، عقاب جو موت آهي. تشدد جو تشدد جي مقابلي ۾ موت آهي. انقلاب جي رد و قبول ۾ تشدد پسند انقلابيءَ يا ڪنهن انقلاب دشمن جو موت، ٻنهي کي جهنم رسيد ڪري ٿو. ماڻهوءَ ڌرتي لهولهان ڪري ڇڏي آهي. ڪڏهن مذهب جي نالي ۾، ڪڏهن هن نظريي جي نالي ۾ ڪڏهن هُن نظريي جي نالي ۾. تاريخ ۾ خوني پنهنجا نانوَ بدلائيندا رهيا آهن، پنهنجا ٿانوَ بدلائيندا رهيا آهن، پر رَت سڀني ۾ ڀِري پئي آهي.
    بهر صورت انسان جي فطرت کي مان بدلائي ته نٿو سگهان! معاشي ابتري، اقتصادي بدحالي ۽ سياسي استحصال تي غصو فطري آهي ۽ ان جو اظهار جي شعر ۽ ادب ۾ ڪيو وڃي ته تعجب جهڙي ڳالهه نه آهي.
    وچ آمريڪا ۾ انقلابي شاعر جي موت کان پوءِ به هن جي شعر جي بقا لاءِ جدوجهد جاري آهي. آٽوريني ڪاسٽيلو (Otto Rene Costillo) جي شاعريءَ تي ٻي همعصر شاعريءَ وانگر پنهنجي ملڪ گؤتومالا ۾ اڃان بندش آهي. مرسڊيز ڊيوران (Mercedez Durand) ۽ روڪي ڊالٽن (Roque Dalton) جي شاعريءَ تي ايل سئلويڊار ۾ بندش آهي ۽ ان ڪري ان کي ميڪسيڪو ۾ ساليڊارٽي جا حلقا نقل ڪري هٿئون هٿ ورهائن ٿا ۽ اها هر شاعر ۽ هر هڪ پناهه گزين تائين پهچي وڃي ٿي ۽ جڏهن جهوني پراڻي ٿئي ٿي، تڏهن ان جي ڪاپي اوهان جي هٿ ۾ اچي ٿي. هُنڊوراس جي رگو برٽو پريڊيز (Rigo berto paredes) ۽ ٻين شاعرن جون زيراڪس (zerox) ٿيل ڪاپيون هَٿئون هٿ ڦِرن ٿيون، ڇو ته روزانيون اخبارون انهن جي شاعريءَ کي شايع ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. پر نڪاراگوا ۾ سموزا (Samozo) حڪومت جي خاتمي سان بندش هيٺ آيل شاعري وري ڇپجڻ لڳي آهي ۽ اڳي جيڪي شاعر چوري ڇُپيءَ پڙهيا ويندا هئا، اهي کلم کلا پڙهيا وڃن ٿا. اها هنن جي فتح ته آهي، پر ڇا هنن جي آرٽ جي فتح به آهي، ڇا بقولِ حافظ شيرازي ”ان شاعريءَ جو عالم جي جريدي تي دوام ثبت آهي؟“ مان نٿو ڀانيان ته ڪاسٽاريڪا، پاناما وغيره ۾ به مٿي ڄاڻايل شاعريءَ جهڙي شاعري ٿي رهي آهي، پر اڃا انهيءَ سوال جو جواب هر ڪنهن کي پنهنجي لاءِ ڏيڻو آهي:
    ”ڇا آزاديءَ جي مچ ۾ شاعر جا هڏا ڀڃي وجهڻ ضروري آهن؟ ڇا اُهي ماڻهو جي ساريءَ جدوجهد کان پوءِ اقتدار ۾ اچن ٿا، ايتري قربانيءَ جي لائق آهن؟“ يو ايس ايس آر جي پنجهتر سالن جي تاريخ ته ان ڳالهه جي نفي ٿي ڪري. مان وچ آمريڪا جي شاعريءَ مان مثال طور ڪجهه شعر ڏئي فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو ته اهڙي شاعريءَ لاءِ شاعر کان زندگي طلبي وڃي يا نه:
    ”مان هڪ شاعرآهيان
    مان شاعرن جي فوج آهيان،
    ۽ اڄ مان هڪ نظم لکڻ ٿو چاهيان
    هڪ سيٽيءَ جو نظم
    هڪ گوليءَ جو نظم
    ۽ ان کي درن تي چنبڙائڻ چاهيان ٿو،
    زندان جي ديوارن تي
    اسڪولن جي ديوارن تي.
    اڄ مان ٺاهڻ به چاهيان ٿو ۽ ڊاهڻ به چاهيان ٿو،
    ڦاسيءَ جي تختن تي اُميدون اُڀارڻ چاهيان ٿو،
    ٻارن کي جاڳائڻ چاهيان ٿو
    جي شمشيرزن فرشتا آهن،
    وڄ کي اڀارڻ چاهيان ٿو
    کنوڻ کي،
    هڪ سورهيه جي قد و قامت وانگر
    جيئن ظلم کي پاڙؤن پٽي ڇڏي.
    اڇلائي ڇڏي.
    ماڻهن جون
    سڙيل، ڪنيون ٿيل جڙون.
    (ڪليمٽينا سوئاريز Clementina Suarez )
    روغني تصوير 
    قيد جي شاهي دروازن وٽ
    هڪ انبوهه ڊونڊڙو ٿي، ڊهي پيو آهي،
    جنهن جون اکيون ڏرا ڏئي ويون آهن
    جنهن جا منهن بگڙي، بدزيبا ٿي ويا آهن
    تڇ جهڙي ڏي- وٺ ٿي رهي آهي
    پيسي پائيءَ جي.
    ديوارن پٺيان
    هر ڪوئي ريڙهيون پائي رهيو آهي،
    لفظ رڳو سرگوشي آهي
    ۽ سرگوشيءَ ۾ دهشت آهي،
    ڀڳلَ، ٽٽلَ، چورِ ۽ لنگهڻ تي
    قيدي هميشه
    ڍَوَ تي کڻي ٿو
    پنهنجو مفت جو راشن،
    آسمان جو
    ۽ ٻاهر جي هوا جو
    ٻاهر دونهون آهي
    خوشبو آهي سارين جي،
    مڪئيءَ جي ڍوڍي ۽ گوار جي ڦرين جي،
    جا هوا ۾ ڦهلجي وئي آهي.
    ۽ اڇي اَبر تي آلايش آهي
    سرد خون جي قطرن جي،
    ۽ شڪسته حال ابهمن جو
    گرم رت وهي رهيو آهي،
    جن جون ٽنگون
    فوجين جي حڪم تي
    ڊوڙندي
    سَٽڪي ڪُٽڪي هيٺ اَچي چُڪيون آهن.
    ٻارن جون اکيون
    ڊونڊڙي انبوهه کي ڏسي رهيون آهن
    جو هڪ ڪارن جسمن جي ڳٺڙي لڳي رهيو آهي،
    سراسرشڪست کاڌل
    (والٽرمارٽينيز Walter Martinez)

    هو زنده انسان کي
    ڪيئن نه رجهائي، ڪنو ڪري ماري رهيا آهن!
    گهڙيءَ ۾ هنن کي خاڪو بڻائي رهيا آهن
    مقتول جي منهن جي بي انتها زرديءَ جو،
    ۽ هن کي حوالات ۾ رکي رهيا آهن
    اَبدجي،
    ۽ ان ڪري
    شيرينيءَ سان
    مقدر وانگر
    مون ارادو ڪيو آهي ته جوڙيان
    پنهنجن گيتن مان
    آدميءَ جي عظمت لاءِ
    اپار ۽ اننت پُل
    جيئن هڪ هڪ ٿي اُن تان
    ڌرتيءَ جا هَٺَ ڀڳل ۽ ڪَنڌ جُهڪيل
    لنگهي وڃن.
    توکان ڪافي پري مان نديءَ ڪناري سوچي رهيو آهيان
    ۽ پنهنجا بي سراگيت آلاپي رهيو آهيان،
    مڌر ۽ نت نين ڇولين اڳيان،
    جن کي سُر جي ساڃاهه آهي،
    ندي اهو درس دهرائي ٿي.
    ڇوليءَ ڇوليءَ سان ۽ اڇي ٽوپي، اڇيءَ ٽوپيءَ سان، 
    ۽ ساڳيو گيت واري واري سان ورجائي ٿي.
    انقلاب انقلاب.
    (گئسپر گارشيالئوِيانا Gasper Garcia Laviana)
    ساڳي شاعر جو ٻيو به نظم آهي:
    ڌرتيءَ ڌڻي 
    مان پنهنجي ماس کي ڇلي روڙي
    ٽنگيان ٿو
    تنهنجيءَ خاردار تار جي ڏنل لوڙهي تي
    جيستائين اهو ڳري سڙي وڃي.
    ۽ تون ان جي سڙاند ۽ بدبوءِ برداشت نه ڪري سگهين
    ۽ ڪنهن ٻي جاءِ تي لڏي وڃين.
    نڪاراگوا جي هڪ ٻي شاعر وِدولز مينيسيز (Vidulz Meneses) جو تشدد جي ذريعي مارجي ويل عورت تي لکيل نظم جو آخري بند آهي:
    خاموش ڪمپيئنيرا (ڪامريڊ) جنهن پنهنجي
    عاشق جا وارٿي سنواريا،
    چنڊ هيٺان
    جنهن بگهڙن جي اوناڙ کي ڄار وجهي ڦاسائڻ ٿي
    چاهيو،
    ڍُڪيءَ جو پيٽ، جنهن مان ٻار ڪري پيا،
    جي ڪنهن ڪانڪئسٽيڊار جا گورا ٻار هئا
    جي اُڇاتري علامت آهن
    ان عورت جي جنهن کي روايت ٺاهيو آهي.
    ڪيترائي مثال آهن اهڙي اتساهيندڙ شاعريءَ جا جيڪا ڏکڻ آمريڪا جي عڪاسي آهي. اي ڪاش! اشتراڪيت روس ۽ مغربي يورپ ۾ اهي درندا صفت انسان پيدا نه ڪري ها! اي ڪاش! انهيءَ اقتصادي ۽ سياسي انصاف لاءِ جدوجهد جو فلسفو اهو هجي ها، جنهن ۾ انسانيت جو احترام ڪيو وڃي ها!
    هاڻي اچان ٿو آفريڪا جي نسل پرستيءَ جي خلاف مزاحمت واري شاعريءَ تي. اڄ ڪلهه ڏکڻ آمريڪا ۾ گهڻا آمر نه رهيا آهن، جي عوام کي آزارن ۽ مارڪسسٽ انقلاب جي سون سون گهٽجي وئي آهي، گوريلا جنگ جون پڪارون اڳي وانگر عوام کي اتساهن نٿيون، جڏهن فيڊل ڪاسترو جو ڏاڙهيل ٽولو سيئراميسٽرا (Sierra Maestra) ۾ ڪاهي آيو هو ۽ چوڌاري مسلح بغاوت ڦهلائي هيائين يا جڏهن چي گويرا هڪ ڏند ڪٿا ٿي چڪو هو يا جڏهن نڪاراگوا جي سئنڊنسٽا (Sandinista) جنرل اناٽيسيو (General Anatasio) کي ٽپڙ ويڙهايا ها. آڪٽوبر 1967ع ۾ چي گويرا بوليويا ۾ ماريو ويو ۽ 25 سال پوءِ 1992ع ۾ ٻيو اهم گوريلا ليڊر ابي مائل گز مان (Abimael Guzman) کي پيروءَ ۾ سزا ڏني وئي. ڏکڻ آمريڪي گوريلا به هتان جي قوم پرستن وانگر Cow boys (ڳنوار) ٿي چڪا آهن. ڪجهه ائنڊيئن (Andean) صوبن ۾ اڃان ڪٽر رتُ پياڪ گوريلا آهن، پر اهي ڪسان عوام جي دل جيتي نه سگهيا آهن، جي دهشتگرديءَ مان ايئن ڪڪ ٿي پيا آهن، جيئن سنڌ جا ماڻهو ٿي پيا آهن. ڪولمبيا ۾ ٻه انقلابي گروهه سرگرم آهن. بين الاقوامي ماهر انهيءَ راءِ جا آهن ته يو ايس ايس آر جي خاتمي کان پوءِ هو پنهنجي مالي مدد پاڻ ڪري رهيا آهن ۽ ڪيوبا مان ان جي اميد نٿا رکن. هو آفيسر ۽ آسودا، چوپائي جي کيتن وارا (Ranchor) اغوا ڪري، انهن کي يرغمال رکي تاوان وٺن ٿا ۽ ايئن گاڏي گهلن ٿا. نتيجو اهو آهي ته گوريلا سرڪار سان امن جون ڳالهيون ڪري نٿا سگهن. چليءَ ۾ تڏهن کان پوليس شهري گوريلن جي لاهي پاهي ڪڍ پئي آهي، جڏهن کان 1990ع ۾ صدر پئٽريشو ايلن (Patricio Aylion) اقتدار ۾ آيو آهي ۽ اٽڪل 250 گوريلا گرفتار ٿي چڪا آهن. سرڪار ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته جمهوريت ۾ دهشتگريءَ کي شڪست ملي سگهي ٿي. جي مارڪسسٽ ٽولا 1980ع ۾ آگسٽوپنوشي جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا هئا، اُهي هاڻي کاٻي ڌر ۾ ايترا مقبول نه آهن. گؤتومالا جو قومي انقلابي اتحاد (UNNG) 1960ع جي وچ ڌاري ٺاهيو ويو هو، جنهن ۾ باغي هاري شامل ڪيا ويا هئا ۽ ان ۾ اڌ اکري ڳوٺاڻا به شامل هئا، پر ان کي شهرن ۾ حمايت حاصل ڪا نه هئي، پر پوءِ ان جي حملو ڪري ڀڄي وڃڻ جي حڪمت عملي ڪامياب وئي هئي ۽ فوج کي ڪافي الجهائي رکيو هئائون. 1970ع ۾ فوج قتلام تي لهي آئي ۽ 1980ع کان 1982ع تائين هزارين هاري قتل ڪري ڇڏيائون. فوج گوريلا ايترا ته ماريا جيترا ڳوٺن ۽ شهرن ۾ انهن جا حمايتي ماريا ويا. گوريلن ۽ سرڪار ۾ رکي رکي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي. في الحال فوج فيصلي لاءِ راضي نه آهي، ڇو ته اُن کي ۽ ان جي حمايتي افسر شاهيءَ کي پنهنجي لاءِ بجيٽ گهرجي جا گوريلن جو ڀؤ پيدا ڪري وٺي سگهن ٿا.
    1979ع ۾ ايل سئلويڊار ۾ ڪو (Coup) ٿيو ۽ کاٻي ڌر ملٽري سويلين جنتا سان شريڪ هئي، پر ساڄيءَ ڌر کاٻيءَ ڌر کي نهوڙي نيو. ان وقت کاٻيءَ ڌر جا شدت پسند زير زمين تحريڪ ۾ هئا، پر پوءِ اها تحريڪ تيزيءَ سان ٻهراڙيءَ ۾ پکڙجي وئي. نيم فوجي ۽ فوجي دستن 1980ع ۾ سوين گوريلا ماري ڇڏيا. 1981ع ۾ گوريلن حملو ڪيو ۽ پوءِ ٻهراڙيءَ ۾ پکڙجي ويا ۽ اُتي گوريلا فوج ٺاهيائون. يو ايس (U.S) چار بلين ڊالر خرچ ڪيا ۽ گوريلن خلاف ايل سئلويڊار جي حڪومت کي مدد ڏنائون پر وريو ڪجهه به ڪو نه. 1989ع کان ايل سئلويڊار جي حڪومت پنهنجو اڳيون مارڪسسٽ نظريو ترڪ ڪري چڪي آهي ۽ سوشل-ڊيموڪريٽ پارٽين جي ويجهو آهي. گذريل جنوريءَ ۾ امن جو معاهدو ڪيو ويو، جنهن ۾ ملٽري، عدليه ۽ اليڪشن جي سڌاري جو وعدو ڪيو ويو. مون هيءَ ساري افراتفري ان ڪري وچور سان ڏني آهي ته جڏهن هيڏانهن ڍانڍ ٻرندا هجن تڏهن اهو ضروري آهي ڇا ته شاعر جا هڏا ڀڃي به انهن ۾ وڌا وڃن جيئن اُهي ٻين ڪاٺين جي اُلاوَ کي وڌيڪ ڀڙڪائن يا هن جي شاعريءَ کي آزاد ڇڏيو وڃي ته جيئن اهي گيت لکي سگهي، جي هن جي دور کان پوءِ به انسانذات جي روح کي اتساهي سگهن.
    سال 1956ع ۾ فيض احمد فيض جو ڪتاب ”زندان نامه“ ڇپيو، جنهن تي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل سجاد ظهير ۽ سابق ميجر اسحاق (پوءِ پاڪستان ڪسان مزدور پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل) پيش لفظ لکيا هئا. اهو ڪتاب ساهيوال جيل ۾ لکيو ويو هو. جتي پنڊي سازش ڪيس جا سزايافته قيدي رکيا ويا هئا. (ڪيترو وقت پوءِ مون کي به ساڳي جيل ۾ الڳ وارڊ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ويجهو رکيو هيائون) زندان نامي جي صفحي 77 تي فيض جو هڪ ترانو هو:

    Africa Come Back
    (ایک رجز)
    آجاؤ میں نے سُن لی ترے ڈھول کی ترنگ
    آجاؤ مست ہوگئی میرے لہو کی تال
    "آجاؤ ایفریقا"
    آجاؤ میں نے دھول سے ماتھا اُٹھا لیا
    آجاؤ میں نے چھیل دی آنکھوں سے غم کی چھال
    آجاؤ میں نے درد سے بازو چُھڑا لیا
    آجاؤ میں نے نوچ دیا بیکسی کا جال
    "آجاؤ ایفریقا"
    پنجے میں ہتھکڑی کی کڑی بن گئی ہے گُرز
    گردن کا طوق توڑ کے ڈھالی ہے ہم نے ڈھال
    "آجاؤ ایفریقا"
    جلتے ہیں ہر کھچار میں بھالوں کی مِرگ نیں
    دشمن لہو سے رات کی کالک ھوئی ھے لال
    "آجاؤ ایفریقا"
    دھرتی دھڑک رہی ہے مرے ساتھ ایفریقا
    دریا تھڑک رہا ہے تو بَن دے رھا ھے تال
    میں ایفریقا ھوں دھار لیا میں نے تیرا روپ
    میں تو ھوں، میری چال ھے تیرے ببر کی چال
    "آجاؤ ایفریقا"
    "آجاؤ ایفریقا"
    "آجاؤ ایفریقا"
    اهو نظم منٽگمري (ساهيوال جيل ۾) 14 جنوري 1954ع تي لکيو ويو هو. جڏهن مان ساهيوال جيل مان 1969ع ۾ نڪتس ته اوچتو منهنجي نظر Come back Africa جي عنوان سان هڪ انگريزي نظم تي پئي، جو ڪافي وقت کان اشتراڪي آفريڪا جي آزاديءَ جو انگريزيءَ ۾ ترانو سمجهندا هئا. يو ايس ايس آر جي وجود اُن وقت ٽين دنيا کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي آزاديءَ لاءِ ڪافي اُتساهه ڏنو هو. مان آفريڪا جي ماحول ۾ ٻي شاعريءَ تي اچان، ان کان اول ان انگريزي تراني جو ترجمو ڏيان ٿو، جنهن فيض جي تراني کي اتساهيو هو:
    ”اسان ڪارن لوڪن جون قومون،
    آفريڪا لاءِ لُڙڪ لاڙيون ٿيون،
    جا اسان جي وڏڙن کان کَسي وئي هئي،
    جڏهن اهي اوندهه ۾ هئا
    موٽي اچو، موٽي اچو،
    موٽي اچو آفريڪا.
    جيڪا انگريزن کسي ورتي هئي،
    جڏهن اسان اڃان اوندهه ۾ هياسين.
    موٽي اچو، موٽي اچو،
    موٽي اچو آفريڪا.
    جنهن کي ڊچ قوم ان وقت غلام بڻايو هو،
    جنهن وقت اسان اوندهه ۾ هياسين.
    موٽي اچو، موٽي اچو،
    موٽي اچو آفريڪا.
    جنهن کي ان وقت غدارن وڪيو هو
    جنهن وقت اسان اڃا اوندهه ۾ هياسين.
    موٽي اچو، موٽي اچو،
    موٽي اچو آفريڪا.
    هر اجازت تي لعنت وجهو،
    اسان آزادي وٺي رهنداسين.“
    اهو آفريڪا جي نوجوانن جو ترانو هو، جو موراڪو کان آرلنڊو تائين ملبي ۽ ڪڪريءَ سان ڀريل گهٽين ۾ هشامن ڳاتو ٿي.
    ”موٽي آءٌ آفريڪا“ هڪ پيڙا ۽ هيکلائيءَ جي سوراٽيل رڙ هئي. اها پنهنجيءَ آزاديءَ لاءِ جنگ جوئيءَ جي پُڪار به هئي. اهو آفريڪا جي مستقبل جو سڏ به هو. هونءَ ته آفريڪا جو الميو دنيا کي معلوم آهي، جتي انڌير ۽ انڌ ڌنڌ ڄڻ اتان جي تقدير ٿي آيو آهي ۽ ان ڏاڍ ڏمر ۽ زبردستيءَ کي جمهوريت، مسيحيت ۽ تهذيب جي نالي ۾ مسلط ڪيو ويو آهي. اها سرزمين تشدد جي گهيراوَ ۾ رهي آهي ۽ ذهني ماليخوليا ۾ مبتلا آهي. ان جو مَتو ”اتحاد ۽ استحڪام“ آهي ۽ ان جي طرز زندگي تفريق (Aparthied) آهي. اهو ئي تضاد آهي، جو جنوبي آفريڪا جي زندگيءَ تي ڪنهن حد تائين اڃا حاوي آهي. جڏهن کان مارڪسزم ۾ ويساهه گهٽجي ويو آهي، تڏهن کان ڏکڻ آفريڪا ڪميونزم جي خوف کان کُلم کُلا تشدد نه ٿي ڪري سگهي ۽ آفريڪن نئشنل ڪانگريس کي غيرقانوني بنائڻ لاءِ دليل نه ٿي ڏئي سگهي. ٻاهران ته جنوبي آفريڪا ايتري ترمرائيندڙ آهي، جيتري هالي ووڊ جي فلمن ۾ ڏيکاربي آهي ۽ سرزمين نهايت خوبصورت آهي، جيتوڻيڪ زندگيءَ جو مدار غلاميءَ ۽ جهالت تي رهيو آهي. ايئن ته هانسبرگ، ڪيپ ٽائون، ڊربن، پريٽوريا، پورٽ ايلزيبيٿ، ايسٽ لنڊن آسودا، مصروف۽ ماَدي طور مهذب شهر آهن. ڪراچيءَ ۽ اسلام اباد وانگر انهن جون راتيون نيون سائينون (Neon Signs) جرڪائي ٿيون ڇڏين. اهي مُرڪندڙ، ٺٺ ٺانگڙ وارا ۽ سيمينٽ ۽ شيشي مان جڙيل ٺاهوڪا شهر آهن ۽ انهن جي زندگيءَ جو معيار دنيا جي ڪنهن به شهر سان ڀيٽي سگهجي ٿو، گهٽ ۾ گهٽ انهن جي زندگيءَ جو معيار جي هلندي پڄنديءَ وارا آهن، پر انهن جي ساري آسودگي ڪارن لوڪن جي استحصال تي مدار رکي ٿي.
    ڇا اڃا تائين سفيد فام ماڻهن جي ٻوجهه (White man’s burden) جي ڪائي حقيقت آهي ڇا؟ ڪيئن به هجي. آفريڪنر(Afrikaner) پاڻ کي اڃا برتر مخلوق سمجهي رهيا آهن، جيتوڻيڪ ڪي سفيد فام، سياهه فام کي پاڻ کان الڳ نٿا سمجهن ۽ هن جي جائز حقن جي حصول لاءِ جدوجهد جي حمايت ڪن ٿا. هڪ تفريحي حڪومت جي باوجود سياهه فام شاعر، فلاسافر، ڪلاڪار يا سياستڪار پيدا ٿي چڪا آهن. مرحوم جو موڪينيٽا جي ايتري مقبوليت ۽ نيلسن منڊيلا جي آزادي ۽ هن جو ايڏو آڌرڀاءُ ان ڳالهه جو دليل آهي ته جنوبي آفريڪا بدلجي رهي آهي. اتان جا باشعور سفيد فام ماڻهو ڄاڻن ٿا ته گوئٽي جي فائوسٽ شيطان سان معاهدو علم ۽ عقل لاءِ ڪيو هو. سفيد فام ماڻهن اهڙو معاهدو ڇا جي لاءِ ڪيو آهي؟ مضافات ۾ هڪ گهر لاءِ، هڪ اسٽيشن وئگن لاءِ، برج (Bridge) پارٽين لاءِ، ڪلب ۽ ميڪانڪي باورچي خاني جي ماديت لاءِ؟ پوراپُنا، هالو چالو، ٿورَ-چِٽا ماڻهو، سک-ڦٽي، ڦٿڦٿئي ۽ ڇتي جياپي ۾ مگن، رڳو اڇي چمڙيءَ تي اڀمان ڪن ٿا ۽ ساري تنوڻ جي تانگهه ڪاري ماڻهوءَ جي ڀاڱي ۾ ڏني اٿائون. ڪجهه سال اڳ جنوبي آفريڪا جي غريبي پنهنجو مثال پاڻ هئي. انهن جا گندا مُحلا ۽ نالا هئا، جي تفريق (Aparthied) پکيڙي ڇڏيا هئا، هو آفريڪي ڳوڻين ۽ ٽين جي دٻن مان ٺهيل جهوپڙين ۾ رهندا هئا، جتي هوا جو لنگهه نه هوندو هو، هڪ ٻئي تي ڳاهٽ ٿيل هشام، پيهه ۾ پلندڙ، جن لاءِ نويڪلائي ۽ وسرام رڳو سپنا هئا. پر توڙي اُهي پورهيو ڪري ڪري چڪنا چور ٿي پوندا هئا، تڏهن به ڳائيندا، نچندا، لکندا هئا ۽ ان طرح هڪ شهري ثقافت جا خالق هئا، جنهن ۾ جاز (Jazz) ڊراما ۽ نيگرو ادب هئا، پوءِ به هو بک، پيڙا ۽ ڀؤ ڏر ۾ وڏا ٿيندا هئا، ڇو ته هو ڪارا هئا. اُتي ڪارا ٻار ڳائيندا هئا:
    ”پوليس اسٽيشن ڏانهن ڏِسُ
    اِتي پوليس وارا آهن،
    اهائي ته وڏي وبا آهي
    ان جاءِ جي.“
    ڏينهن رات انهن کي پِڪ-اَپ گاڏي (Pick up van) ۾ واڙي کڻي ويندا هئا. هڪ لوڪ گيت هو:
    ”هوءَ پِڪ- اَپ وئن آهي
    پِڪ- اَپ وئن توکي اسان ڇا ڪيو آهي؟
    اَسان جي چوڌاري پِڪ – اَپ گاڏيون آهن
    پِڪ اَپ وئن توکي اسان ڇا ڪيو آهي؟
    اتان جا آفريڪنر (Afrikaner) هتان جي انهن مهاجرن وانگر بي جڙا، بي وڙا ۽ وائڙا آهن، جيڪي اڃا گنگا- جمنا جي ماٿريءَ کي وساري نه سگهيا آهن ۽ واديءَ سنڌ جي نالي کان ئي نفرت ڪن ٿا ۽ اُن کي واديءَ مهراڻ ڪوٺن ٿا، مهراڻ جا ڪنهن وقت سنڌوءَ جي شاخ هئي، پر هاڻي سُڪي چڪي آهي. هونءَ ته ڪجهه پڙهيل ڳڙهيل مهاجر ڪافي سمجهدار ۽ صحيح سمت ۾ ڏسندڙ آهن، جيئن آفريڪا جا ڪجهه سفيد فام دانشور ۽ ٻيا سلجهيل ماڻهو آهن، پر ڪنهن به اردوءَ اديب اردو ۾ اهڙا سنڌ جي باري ۾ ناول نه لکيا آهن، جهڙا سفيد فام اديبن آفريڪا جي باري ۾ لکيا آهن. مون ته رڳو قرات العين جو خام ۽ نا رسيدو ناول ”سيتاهرن“ پڙهيو آهي، جو سنڌي ثقافت، تاريخ ۽ زندگيءَ جي شعور کان بلڪل عاري آهي.
    آفريڪا جي نادين گورڊمر (Nadine Gordimer) (جنهن کي نوبل پرائيز ملي چُڪي آهي) ڊانجيڪب سن (Don Jacobson) جا ناول به چڱا هئا. پر چار سال اڳ جي. ايم. ڪوئنزيءَ (J.M Coetzee) جاٽي ناول ”مائيڪل ڪي جي زندگي ۽ دؤر“، ”وحشي درندن جو انتظار“ ۽ ”ٻهراڙيءَ جي دل“ ۽ ويسل ايبرسون (Wessel Eborsohn) جو ناول ”ڪٺي ٿيل ڪاوڙ“ پڙهيا ته منهنجا روم روم کڙا ٿي ويا. ڏکڻ آفريڪا هڪ ڏند ڪٿا وانگر آهي. حقيقت ته سياهه ۽ سفيد آفريڪا آهي، ان ۾ ڪڻڪ رنگا ۽ سانورا ماڻهو به اچي وڃن ٿا. ڪاري سائوٿ آفريڪا جو الميو اڃان تائين پوريءَ طرح ادب ۾ نه آيو آهي. ڪنهن عورت جو مرد الوپ ڪيو وڃي ٿو، ڀاءُ ڀاءُ جي گمشدگيءَ تي روئي ٿو، ٽن سالن لاءِ، پنجن سالن لاءِ، شايد هميشه جي لاءِ. هڪ طرف ڳوڙها، ٽاهه ٽاهه ڳوڙها، رودن، سوءَ سياپو، پٽڪو ڪُٽڪو آهي ته ٻئي طرف سفيد فام آفريڪا آهي، جا ناشتي جي ميز تي ٺهي ٺُڪي ائپران (Apron) رکي ٿي ويهي. صبح جي اخبارن جون شهه سرخيون اڇاتريون ڏسي ٿي، سرد جنگ ۽ ايٽم بم جي باري ۾ ڳالهائي ٿي. آزادي ۽ خدا ڄڻ ٻئي ان جي طرف آهن، ڄڻ ته ان جا خونخوار توڙي پِستا ڪتا اها حقيقت ڏسي سگهن ٿا. آخر سفيد فام آفريڪي پاڻ کي سمجهن ڇا ٿا؟ انهن جي اڪثريت پنهنجي سفيد خواب ۾ محو آهي، چوڌاري هنن جا ڪارا ۽ سانورا هم وطني آهن، جي فقط نوڪر چاڪر، ٻنيءَ ٻاري تي پورهيت، رَسويا ۽ هُڻ تڻ، ڪم ڪار ڪندڙ مزدور ماڻهو آهن. هو هنن جي غلاماڻيءَ، خوشامندڙي، ڪميڻيءَ نهٺائيءَ کي مراد وند ۽ چئيوان سمجهندا هئا، جيستائين هنن ٻرندڙن آڱرين ۽ ڄرڪندڙ لوهه جهڙيون اکيون ڏٺيون، هنن جون ٻنيون ۽ اُنهن تي هنن جا گهر جلايا ۽ راتاها هنيا ويا. گوون مبيڪي (Govan Mbeki) جو ڪتاب ”جنوبي آفريڪا ۽ ڪسانن“ جي بغاوت جي موضوع تي ڪافي روشني وجهي ٿو.
    بين الاقوامي دٻاوَ اُتي جي سفيد فام لوڪن ۾ اهو احساس پيدا ڪيو آهي ته سياهه فام به انسان آهن ۽ انهن تي اکيون ٻوٽي نٿيون سگهجن. ڪجهه وقت اڳي آفريڪا جا رهواسي يا ته سفيد فام آزادي پسند هئا يا جدوجهد ۾ مصروف اشتراڪي هئا، جن اهو چڱيءَ طرح محسوس ڪيو هو ته گورن، ڪارن، ڪڻڪ ونن ۽ سانورن سڀني کي ڪٺو رهڻو آهي، برابريءَ جي بنياد تي رهڻو آهي. دراصل اهو احساس نيگرو بين الاقوامي ڪانگريس به وڌايو ۽ ڪينيا جي مائو مائو دهشتگرد تحريڪ به، جنهن ۾ ڀڳت سنگهه ۽ چندر شيکر آزاد کان به وڌيڪ دهشتگردي، رازداريءَ ۽ دشمن جي نابوديءَ لاءِ سخت قسم کنيا ويا ۽ جنهن ڪينيا جي قوم جي الڳ نياتن ڪُڪُويو، ميرو، ايمبو وغيره کي ڪٺو ڪيو. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مان سکر ۾ هوندو هوس ته ريڊيو تي ۽ اخبارن ۾ مائو مائو تحريڪ جي دهشتگرد ڪاررواين جي باري ۾ ٻڌندو ۽ پڙهندو هوس. اها مائو مائوءَ تحريڪ جي پنهنجي گهرن، ٻنين ۽ ڌرتيءَ لاءِ جنگ هئي، جنهن جي ناڪاميءَ جي قيمت موت هئي. اها تحريڪ اڳتي هلي هر دهشتگرد تحريڪ وانگر ختم ٿي وئي. پر بيٺل پاڻيءَ ۾ وڏي ڇپ اڇلي، لهرون ڦهلائي وئي. اها ”تنگ آمد بجنگ آمد“ جو مثال هئي ۽ ان جا اُهي محرڪ جذبا هئا، جي ڪنهن قوم کي ڇِتو ڪري وجهندا آهن. آئرلينڊ ۾ ته دهشتگرد تحريڪ کي صدي کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ جنهن ليون يورس (Leon uris) جو ناول ٽرنٽي (Trinity) پڙهيو آهي، اهو اها ڪيفيت چڱيءَ طرح سمجهي سگهندو، جا انسانن کي تشدد تي اڀاريندي آهي، جيتوڻيڪ تشدد ڪنهن سياسي مسئلي جو مستقل حل نه آهي.
    آفريڪا ۾ ٻيون به آزاديءَ جون تحريڪون هليون، جن ۾ ڌارين کي سڀ کان وڌيڪ دشمن سمجهيو ويو ۽ روڊيشيا ۽ نيازا لئنڊ ۾ ڪارن لوڪن کي اڀاريو ويو. انهن تحريڪن سيکاريو ته ڪو به آفريڪي ڪنهن سفيد فام قابض کان انسانيت جي لحاظ کان گهٽ نه آهي. 1957ع ۾ گهانا آزاد ٿي. گهانا کان اڳ مصر، سيرياليون، سوڊان ۽ ايٿوپيا آزاد هئا. 1958ع ۾ آفريڪا جي آزاد ملڪن جي ڪانفرنس اِقرا ۾ ٿي ۽ اتي آزاديءُ جي جدوجهد کي تيز ڪرڻ جو ٺهراءُ بحال ڪيو ويو. 1972ع ۾ جڏهن ٽئنگنيڪا آزاديءَ جي گهُر ڪئي، تڏهن انگريز مڇرجي پيا. نڪورما وغيره جهڙن سياسي ليڊرن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ انت ايم اين راءِ جي پيشن گوئي پوري ٿي، جا هن غالباً 1945ع ۾ ڪئي هئي ته سياسي سامراج جا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن. اهو جلد تڏا ويڙهيندو ۽ دنيا اقتصادي سامراج جي گهيراءَ ۾ اچي ويندي. پيٽر جوڊ (Petre Judd) جو ڪتاب ”آفريڪا جي آزادي“ جيتوڻيڪ 60ع واري ڏهاڪي ۾ ڇپيو هو ۽ ان کان پوءِ ٻيا به اهڙا ڪتاب ڇپيا آهن، ان موضوع تي ڪافي روشني وجهي ٿو.
    ساري آفريڪا ذري گهٽ سياسي آزاديءَ جي ويجهو اچي پهتي آهي۽ ٽين دنيا جو مکيه مسئلو اقتصادي آزادي آهي. هي سياسي ڪتاب نه آهي نه ته ٽين دنيا جي سياست تي ڪجهه لکي سگهجي ٿو ۽ اهو ڏيکاري سگهجي ٿو ته ڪيئن سياسي آزادي اقتصادي آزاديءَ جي نالي ۾ نهوڙي وڃي ٿي، پر هي شاعريءَ جي باري ۾ ڪتاب آهي ۽ مان فقط ان ڳالهه تي زور ٿو ڏيان ته سهپ، انساني ثقافت، محبت ۽ يڪجهتيءَ ۾ دلچسپي ۽ يورپ جي ادب جي اثر ايئن آفريڪا ۾ بيداري پيدا ڪئي آهي، جيئن چٽوپاڌيا، تورودت (Toro Dutt)، سروجني نئڊوءَ ۽ ٽئگور جي انگريزي ادب هندستان ۾ جاڳرتا آندي هئي. آفريڪا جا اديب جي فرينچ، انگريزيءَ ۽ يورپ جي ٻين ٻولين ۾ مهارت رکن ٿا، تن آفريڪا جي پڙهيل لکيل طبقي ۾ آزادي، برابريءَ ۽ نسل پرستيءَ لاءِ نفرت جي لهر آندي آهي.
    سال 1967ع ۾ اڄڪلهه آفريڪا جو ادب (African Writings Today) ڇپيو، جنهن ۾ نائيجيريا، سيرياليون، گهانا، ڪينيا، ڪانگو، رُئانڊا، سيني گال، گِني، آوَري ڪوسٽ، ڪئميرون، داهومي، گئمبيا، ڏکڻ آفريڪا، انگولا، موزئمبيق، جو چونڊ نثر ۽ منظوم ادب شايع ٿيو. ان ۾ خوبصورت شاعري آهي جا آفريڪا جي باري ۾ ڪنهن نه ڪنهن يورپي ٻوليءَ ۾ آهي. مان ڪينيا جي جوزف اي ڪيروڪيءَ جو هڪ نظم مثال طور ڏيان ٿو، ۽ ايترو تفصيل ان ڪري ڏنو اٿم، جو اسان به ساڳي ڪاريءَ رات مان گذريا آهيون.
    اڄ رات برسات پوندي
    مون کي هوا ۾ برسات جي سڳنڌ اچي رهي آهي،
    او، اسان ان جو ڪيترو نه انتظار ڪيو آهي!
    منهنجي پيار چيو هو ته هوءَ بارش سان ايندي.
    دروازي تي هلڪي دستڪ
    منهنجي دل ۾ دڪ دڪ وڌائي ڇڏي آهي.
    ننڍي ميڻ بتي کي واءُ جي جهوٽي وسائي ڇڏيو آهي،
    اوچتو کن پل لاءِ مينهن اوڙڪون ڪري وسي ٿو،
    ان کان پوءِ چوڌاري وڄ جي روشني
    اکين کي لهسائي ڇڏي ٿي،
    ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين ڏرڙ هليو ٿو وڃي
    هڪ آسهه سُن سُناٽ اَننت جي،
    ۽ پوءِ ڦڙ ڦڙ،
    ۽ پو مينهن اچي ٿو آهون ڀريندو
    اُٻهرو، نڪاس لاءِ اُتاولو،
    جيستائين ان جو ڇوهه ڇڄي پوي ٿو
    ۽ اهو پنهنجو وهڪرو ٺاهي ٿو،
    اٿاهه اکٽ وهڪرو.
    هوا ۾ ٺهپر آهي
    پر وڌيڪ نويڪلائي ۽ ماٺ منهنجي من ۾ آهي
    سڀاڻي ڳوٺ جون زائفائون پوکيءَ لاءِ وينديون،
    ۽ انهن جو ٻج پيٽ بکي ڌرتيءَ ۾ هوندو
    ۽ زندگي ٻيهر اُسرندي.“
    هي انهيءَ ڌرتيءَ جو نظم آهي، جا آزاد ٿي چُڪي آهي. اچو ته جنوبي آفريڪا هلون جتي Negritude جي خلاف جدوجهد اڃا هلي رهي آهي. ڊينس بروٽس جو هڪ نظم آهي:
    ”اوهان ڊاڪه زنيءَ کي غلط نه سمجهو،
    اها جسم جي ضرورت جو اظهار آهي.
    تِهي دست، بي زبان جسم پنهنجي
    طريقي سان هٿوراڙيون هڻي
    اندر جي اشتها کي پڌرو ڪري ٿو.
    هيکليءَ سَڌَ جي گُپت ايڪانت
    چٻاڙي رهي آهي جيون جا پراڻ اَسٿان
    ۽ ستا مان هڙٻاٽون ٺڪرين وانگر نڪري آيون آهن،
    هن رمتي جيون کي ڀَوڏر ۾ وجهي، ڪاسائڪي
    من ورتي ڏني اٿائون.
    جيتوڻيڪ تنهنجو ماس رهڙجي چُڪو آهي.
    ۽ منهنجون ٻانهون ڏکي رهيون آهن،
    پر پياري، ويساهه ڪر، ته مان پيڙا ۾
    ڀنواٽيون کائي،
    ۽ تنهنجي سور جي سوکڙيءَ مان
    پنهنجي ڪوملتا جي بکي گهرج وائکي
    ڪري رهيو آهيان.“
    انگريزيءَ ۾ هروڀرو استعارا گنجرايا ويا آهن ۽ ان ڪري اُنهن جو سنڌي ترجمو ڏکيو ٿي پيو آهي. پوءِ به شعر جو مطلب آهي ته هڪ ڪرانتي ڪار جو اندر ڪيترو ڪومل ٿي سگهي ٿو.
    منهنجي سامهون هڪ ٻيو ڪتاب Modern poetry from Africa (آفريڪا جي جديد شاعري) پيو آهي. ڪنهن چيو آهي ته هر سياهه فام کي اها ڳالهه ڌيان تي آئي آهي ته نه فقط هو سياهه فام آهي، پر هو سفيد فام نه آهي. سياهه فام جي ڌيان تي اها ڳالهه تڏهن اچي ٿي، جڏهن هو ڏسي ٿو ته هڪ دشمن سفيد فام سماج هُن کي ڪيئن مسترد ڪري چڪو آهي. اها ڳالهه مختلف طريقن سان ڌيان تي اچي ٿي، اها ڳالهه فرينچ آفريڪين جي ڌيان تي آئي هئي، جو فرينچ راڄڌانين ۾ اڇي چمڙيءَ واري سماج هنن کي پنهنجن شرطن تي قبول ڪيو هو. اهو سماج هنن کي هنن جو رنگ معاف ڪرڻ لاءِ تيار هو، جي هو مغربي تهذيب، تمدن ۽ ان جي رسم رواج ۾ ملبوس هئا ۽ ان جي مذهب کي اپنايو هيائون. انهيءَ ڳالهه هنن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو هو ته هنن جي رنگ جي هنن لاءِ ڪهڙي اهميت آهي. ڇا هو هڪڙا سياهه فام نه هئا جي پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي رهيل ها جا تلف تاراج ٿي چڪي هئي؟ ڇا هو غير سفيد فام نه هئا جي ٻئي جي تامل برداشت ۽ چشم پوشيءَ تي جي رهيا هئا؟ انهيءَ ظاهري يڪسانيت (Assimilation) جو نتيجو اهو ٿيو جو هنن کي پنهنجي سياهه فامي وري وري ياد آئي، جا هن کان نوآباديءَ جي قوتن وسارڻ چاهي ٿي. اهو اشارو، جنهن ۾ رد ۽ قبول ٻئي هئا، Negritude (سياهه فامي) لاءِ ڏنو ٿي ويو. اهي اشارا ڪنهن نه ڪنهن پئرس جي طبقي ۾ به ڪيا ٿي ويا ۽ نيگرو دانشور طبقي تائين محدود هئا، جنهن ۾ ڪيترائي شامل هئا، جهڙوڪ سينگهار (Senghor)، ڊيوڊ ڊئوپ (David Diop) براگوڊئوپ (Birago Diop) ۽ ڪجهه ڪانگو جا شاعر، جي جديد آفريڪا جي شاعريءَ لاءِ ذميوار هئا. مئڊاگاسڪر جي جمهوريت به سينگهار جي شاعريءَ کي اپنايو. مئڊاگاسڪر آفريڪا جو آخري حصو هو، جو فرانس جي تسلط ۾ آيو. 1920ع تائين مئڊاگاسڪر هڪ جينيس شاعر، زان جوزف روبيئرويلو (Jean Joseph Robierevelo) پيدا ڪيو، جنهن فرينچ ۾ سوچيو ۽ لکيو. پر هن 1937ع ۾ آپگهات ڪيو، جڏهن فرينچ افسر شاهيءَ هن جي فرانس وڃڻ تي مسلسل رڪاوٽون وڌيون. هن تي لافورگ، رامبوءَ وغيره جو اثر هو. ڪجهه وقت کان پوءِ مئڊاگاسڪر ٻيو شاعر فلاوي رينيوو (Flavien Ranaivo) پيدا ڪيو، جنهن پنهنجن روايتن جو نهايت پراثر اظهار ڪيو ۽ هن جي نظم ۾ هن جي بازاري گستاخ ٻولي تي چالو لوڪ گيتن جو گهرو اثر آهي. مئڊاگاسڪر جا ٻيا به شاعر آهن، پر سينگهار تمام ٿورن سينيگالين مان آهي، جن فرينچ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائي آهي. پئرس ۾ هو ٻن ٻين شاعرن جي مارٽينيڪ جي ايمي سيزاري (Aime Cezaire) ۽ فرينچ گِنيءَ جي ليون ڊامس (Leon Damas) سان مليو ۽ ٽئي سياهه فاميءَ جا رسول (Apostles of negritude) سڏجڻ ۾ آيا. انهن مان ڪن شاعرن تي فرينچ سريئلزم جو اثر ٿيو.
    ڪانگو جي يوتماسيءَ (U.Tamasi) جو هڪ شعر آهي؛
    ”منهنجي ڪُل کي اڃا ياد آهي
    انهيءَ پگهريل ٽامي مليل قلعيءَ جو ذائقو،
    جڏهن اهو اُن کي ڪوسو پيئاريو ويو هو.“
    گهانا ۽ لبريئا ۾ انگريزيءَ ۾ شاعري ڪئي اٿائون، مثال طور:
    خبردار!
    اِهي زرد مُنهان اَجنبي
    پنهنجن ناپاڪ پيرن سان
    اسان جي پيءُ ڏاڏي جي ڌرتيءَ کي
    پليد ڪن ٿا.“
    جنوبي آفريڪا جو هڪ نظم آهي:
    ”اسان جي رسم رواج کي کوٽي ڪڍيو ويو آهي،
    ۽ انهن کي گاهه وانگر پاسيرو ڪري رکيو ويو آهي،
    جنهن کي ناچو لتاڙي رهيا آهن،
    ۽ جنهن تي ڌاريون پوکون پوکيون ويون آهن،
    اسان ڌرتيءَ تي اکيون جُهڪائي وڃون ٿا
    ۽ هر ڌاريءَ ڳالهه اڳيان پيش پئون ٿا.“
    آفريڪا جي پڙهيل لکيل شاعرن تي ڪافي وقت ڊئلان ٿامس، پائونڊ ۽ هاپڪنس کان وٺي شيڪسپيئر تائين اثر آهي. پورچوگيز آفريڪا ۾ ڪافي وقت گهُٽ ٻوساٽ رهي هئي، جنهن مان باقي آفريڪا نڪري چُڪي هئي.
    سارتر هڪ ڀيري چيو هو:
    ”نيگرو شاعري ئي اسان جي دور جي سچي
    انقلابي شاعري آهي.“
    (Negro Poetry is the true revolutionary poetry of our time)
    پر هاڻي سارتر مري چڪوآهي ۽ آفريڪا به ڪيتري حد تائين بدلجي چڪي آهي ۽ شاعريءَ ۾ به نئون موڙ اچي چُڪو آهي. ڪنهن نامعلوم آفريڪي شاعر ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:
    ”هڪ نظم جاز (Jazz)
    جي حصي وانگر آهي،
    ان جي سرانجامي ايتري ئي اهم
    آهي، جيتري ان جي عبارت،
    مان سمجهان ٿو ته تيستائين نظم مڪمل
    نه آهي جيستائين ان کي ڳايو نٿو وڃي.
    ۽ ان جا لفظ موسيقي سان ملي نٿا وڃن.“
    آفريڪا جي سون ڏيهي ٻولين ۾ نئين شاعري ڪئي وئي آهي، جنهن جا اڃان ترجما نه ٿي سگهيا آهن.
    تازو مون ٽرنيڊاڊ جي مشهور اديب شوانيپال جو سفرنامو North of South (ڏکڻ جو اتر) پئي پڙهيو، جنهن ۾ زائر، ڪينيا، ٽئنزيا، زئمبيانيا، انگولا، موزئمبيق، روڊيشيا، جنوبي آفريڪا وغيره جو ذڪر آهي. ڪتاب مان پتو پوي ٿو ته آفريڪا ڪيترو بدلجي چُڪي آهي! ڇا ان جي سچي شاعري هاڻي شروع ٿيندي يا ان جي سچي شاعري اها آهي، جا سماجي ۽ نسلي آزادي ۽ جعلي جمهوريت جي نذر ٿي چُڪي آهي، ڪيئن چئجي؟ انسان تي ڪيل ظلم ۽ هن جي جهالت انسانذات کي ڪيترو لوڙايو آهي! مون ٽين دنيا جو ذڪر ايترو تفصيل سان ان ڪري ڪيو آهي جو سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ننهن کي سيکارڻو هجي ته ڌيءَ کي ڌڪ هنيو وڃي.“ مثال سڌي ذڪر کان وڌيڪ اثرائتو ٿيندو آهي.
    هاڻي اچان ٿو مان ان ڪتاب تي، جنهن جي ڊمي ڪاپي مون کي مهاڳ لاءِ سپرد ڪئي وئي آهي، ان تي مٿان ته ڇا، پر ڪٿي به نالو ڇپيل نه آهي. دراصل مون حسن مجتبيٰ کي حيدرآباد ۾ گهرائي چيو هو ته مان چاهيان ٿو ته جي نوان شاعر اُسريا آهن، انهن سان نه رڳو آءٌ واقف ٿيان، پر انهن جي سنڌ جي نئين نسل سان پوري ڄاڻ سڃاڻ ڪرايان. دراصل هڪ ڀيري ماهتاب محبوب جڏهن نئون گهر ٺهرايو هو، تڏهن منهنجي مان ۾ ڪجهه اديبن جي دعوت به ڪئي هيائين، ۽ بيدل مسرور بدوي ۽ ڪجهه ٻيا ڳائڻا به گهرايا هيائين جن کي خاص ڪري منهنجو ڪلام ڳائڻو هو. جڏهن مون کي ٽي چار ڀيرا ڳاتو ويو، تڏهن پٺيان ويٺل هڪ نوجوان کيس چيو ”هوائون نه روڪيو“ ڳايو. اهو هڪ نوجوان شاعر جو پيارو نظم هو، جو مون اڳ نه ٻڌو هو ۽ جو بيدل هن جي فرمائش تي ڳاتو. مون کي ان وقت خيال آيو ته سنڌ تي منهنجي پنجاهه سال هڪ هٽي رهي آهي. ادب ۾ ايتري آمريت به چڱي نه آهي. جي منهنجيءَ شاعريءَ کي جٽاءُ ۽ اسٿرتا آهي ته اها مون کان پوءِ به رهندي. وقت بهترين منصف آهي ۽ ان جي تارازي ۾ ڪاڻ ٿي نٿي سگهي. گهڻي اينگهه ٻين کي اڌير، اُتاولو ۽ کميا- رهت ڪري ٿي. ان کان اڳ ۾ جي مان زيبائتي موٽ کانوان ۽ جيئري ئي تسلط کان ٽارو ڪريان ته بهتر ٿيندو. آخرمان ڪو حرف آخر ته نه آهيان. مون خود ڪيئي حرف آخر مٽايا آهن. چنڊ پاڻ گهٽائن ۾ ٽٻي ڏئي، آڪاس کي تياڳيندو آهي ته ڪهڙو نه من ڀاوڪ لڳندو آهي. هونءَ به وڻ لاءِ جهڪڻ هن جي ڦلدائڪ هجڻ جي نشاني آهي. ٻئي ڏينهن مون حسن مجتبيٰ کي گهرايو ۽ کيس پنهنجي مرضي ٻڌائي. مون چاهيو ته نوان شاعر مون کي پنهنجا پنهنجا پنڌرهن نظم ڏين ته مان انهن مان هر هڪ جا ڏهه نظم چونڊيان. ان جي برعڪس سنڌيڪا وارو مسٽر نور احمد ميمڻ (شايد حسن مجتبيٰ جي چوڻ تي) ڇپيل ڊمي کڻي آيو ۽ مون کي چيائين ته کيس ڪوئي لمبو پيش لفظ لکي ڏيان. مون کي سنڌي شاعريءَ تي به ڪجهه لکڻو هو (ان وقت فيثاغورث جو هڪ لطيفو به پئي ياد آيو، پر اهو نٿو لکان ته ڪنهن غلط فهميءَ جو سبب نه ٿئي). شاعريءَ تي مهاڳ لکي پهريون ته مون چاهيو شاعر ۽ هن جي شاعريءَ جي معيار آڏو نه اچان ۽ نظم مهاڳ جي پٺيان جيئن جو تيئن شامل ڪري ڇڏيان. اهي نظم منهنجو انتخاب نه آهن، پر پوءِ مون جڏهن اهي غور سان پڙهي ڏٺا ته انهن مان ڪيترائي مون کي مطالعي جي قابل لڳا ۽ ان ڪري انهن جي گهڻي ڇنڊ ڇاڻ کانسواءِ، انهن تي مختصر تبصرو ڪيان ٿو.
    عطيه دائود ۽ پشپا ولڀ جا سڀئي نثري نظم خوبصورت آهن ۽ انهن جي نثري شاعريءَ ۾ پائنده جاءِ آهي. ڏنل ساري شاعري بنا رک رکاءَ جي ۽ ويچار وان پرجهه ۽ پروڙ سان اپنايان ٿو.
    جيستائين ٻين نثري نظمن جو سوال آهي ته حسن درس جو پنهنجي نظم ”خانم گگوش“ مان هيءَ انوکي، اچنڀي جهڙي تشبيهه وارو بند ڏسو:
    ”تاريخ جي سگريٽ کي
    تيليءَ چميو ته
    وقت دکي پيو
    ۽ هڪ ڊگهي ڪش ۾
    درد جو سرمئي دونهون
    هوا ۾ اڏرندو ويو،
    خُميني تون هڪ ڦلي وانگر
    بي معنيٰ ٿي ڇڻي پوندين...“
    جي حسن درس جو اهو نظم سبط حسن پڙهي ها ته هو پنهنجي ڪتاب ”انقلاب ايران“ ۾ ترميم آڻي ها، يا هن جي هيءَ خوبصورت تشبيهه جنهن تي تبصرو ان جي حسن وڌائڻ کان قاصر آهي، هن کي اڄ ڪلهه عبرت جي داستان وانگر نظر اچي ها. تاريخ ۾ ايتري دوربيني، سو به هڪ پاڪستاني مسلمان لاءِ جنهن جي اکين تي عموماً سائي عينڪ آهي، شاعريءَ ۾ ورلي ملي ٿي.
    ”سرد ملڪن جي پکين
    جهڙي حسين ڇوڪري
    منهنجون ڏهه ئي آڱريون
    ميڻ بتيءَ وانگر ٻرن
    پوءِ به تنهنجي روح جون
    سڀ ڳليون سنسان ڇو؟
    هن نظم کي اُهو محسوس ڪري سگهي ٿو، جنهن جو روح ڪارڻ سان يا اَڪارڻ اداس آهي ۽ جنهن جي ڪنهن خوبصورت محبوبه جي آغوش ۾ به اداسائي نه گهٽي آهي. ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان هي نظم نثري نظم کان وڌيڪ ۽ منظوم نظم کان گهٽ نظم جي ويجهو آهي. تقطيع کان بي توجهي ان جو سبب آهي.
    حسن مجتبيٰ جي نظم 21 جنوريءَ ۾ پنهنجي دور جي عڪاسي آهي، جا ايتري چٽي ۽ بي ڀئي آهي، جو ان جي وڌيڪ وائکائي ۽ کول کلائي اجائي آهي:
    ”جيل جي کوليءَ مٿان جو چنڊ آهي
    ڄڻ ننڍو هي کنڊ آهي
    يا
    بندوق سان گهايل ڪنور جو مک آهي
    ۽ صدين جو دُک آهي
    سنڌ جي آڪاش تي روز ڦاسي ڪا سُڄي ٿي
    ڏاڍ سان ڌرتي ڌڄي ٿي
    ۽ ڦرنگي راڄ جو ڀورو ڪُتو
    ڀؤنڪي پيو
    سوراج جو سورج پري آ ڪيترو!
    رابيل جي خوشبو هوا ۾ وار کولي ٿي روئي،
    بس پرهه جا پار آهن
    هن جا جيڪي يار آهن
    هن جي جوڀن جو کڻي سوڳنڌ وڙهن ٿا سنڌ ۾،
    هو چون ٿا
    ”سنڌ ۾ يومِ حساب
    سنڌ ۾ يوم حساب“
    لاش ڪيڏا ٿا ڪرن،
    آڪاش جيڏا ٿا ڪرن،
    جيل جو هو سنتري بائيبل پڙهي ٿو
    پر هو منهنجو همعصر ۽ همشهر
    هيمون ڪالاڻي مگر
    ڦاهيءَ چڙهي ٿو،
    ريل جي پٽڙين کان اڳي
    هن جي من ۾ ڇا هيو،
    ڪاش ڪو ڄاڻي سگهي
    سنڌ جي اتهاس ۾.“
    ڪافي ڪامياب نظم آهي ڪاش! حسن مجتبيٰ ان ۾ ڪجهه اصلاح جي گنجائش ڇڏي ها! هن جا نظم ”گناهن جهڙي ڪاري رات“، ”بلئڪ اپريل“ ۽ ”اينٽي ڪلائيمڪس“ خوبصورت جديد نظم جا مثال آهن، جن مان گناهن جهڙي ڪاري رات هيٺ ڏيان ٿو:
    ”هيءُ هوا رولاڪ شاعر جي مثال
    بند آفيسن جي کڙڪين وانگيان تنها اسين
    تنهنجي وارن ۽ گناهن جهڙي ڪاري رات آ،
    ديوتائن جو ڪفن بادل مٺا!
    جن جي پٺيان چنڊ ويو آهي لِڪي
    ڪنهن ڏوهه وانگر،
    ڪنهن کريل گهڙيال جهڙي ماٺ آ،
    درد ڄڻ فٽ پاٿ تان ورتل ڪتاب،
    بس اسان جوڀن گذاريو آ ايئن
    ماڪ کان، ڀنڀورن کان، پوپٽ کان ڇنل
    گلدان جا قيدي گلاب.
    مٿيون تشبيهون ايتريون نيون ۽ عجبائتيون آهن، جو ڪنهن به يورپ جي جديد شاعر جي ڀيٽ ۾ رکي سگهجن ٿيون. بي اختيار منهنجي چپن تي فارسيءَ جو شعر اچي ٿو:
    گمان مبرکھ بھ يان رسيد کار مغان
    هزار بادهء نا خوره در رگ تاڪ است
    (وهم نه ڪر ته ڪلال جو ڪم پورو ٿي ويو. اڃا ته ڊاک جي رڳن ۾ ڪيئي شراب اڻ پيتل آهن).
    شبنم گل اها شاعره آهي، جنهن ۾ هن مرد جي غلبه آور سماج جي خلاف ٻڙڪ ٻاڦڻ جي همٿ آهي. هن جا نثري نظم ”مصلحت“ ۽ ”خاموشي“ خوبصورت آهن، باقي شاعريءَ ۾ هن جا انگريزي لفظ سي به انگريزيءَ صورتخطيءَ ۾ مون کي نه آئڙيا. شبنم جو هي نثري نظم برصغير ۾ جديد نظم جي صنف ۾ جاءِ والاري سگهي ٿو:
    ”منهنجي خاموشيءَ
    مون کي ٻين تي
    ايئن ظاهر ڪري ڇڏيو آ
    جيئن قيد ٿيل خوشبوءِ
    شيشي جي بدن مان
    اوچتو آزاد ٿي وئي هجي.
    اکيون منهنجون
    مصلحتن جي بار هيٺان
    جهُڪيل رهن ٿيون،
    پوءِ ماڻهو چون ٿا
    اُهي ڳالهائن ٿيون،
    مون گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ سٺو آ
    پر مون کان سچ چوڻ
    ۽ سچ ٻڌڻ جو
    اختيار کسي
    پٿرن جي ديس ۾
    رهندڙن
    پنهنجين اکين
    پنهنجن سماعتن تي،
    ڪيئي پهرا رکي ڇڏيا آهن.“
    دارا ابڙو هڪ دانشور اديب آهي ۽ هن جا نثري نظم ”ڪمپيوٽر ڊڪندو رهندو“، ”اسان انڌا آهيون“، ”کٽارا رومينٽڪ نظم“، ”نه ختم ٿيندڙ جبر “ ۽ ”اجايون ڳالهيون“ هونءَ ته سٺا آهن، پر انهن ۾ شيام جئسنگهاڻيءَ جي گواني منظر وانگر غير ضروري انگريزي لفظ آهن. شيام ته اهي لفظ سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڏنا آهن، پر دارا انگريزي صورتخطيءَ ۾ ڏنا آهن. ”ڪمپيوٽر“، ”بريل“، ”ٽڪسيڊو“ ”رومينٽڪ“ “ ڊيپ فريزر“ ”سولر سيل“ ۽ انفراريڊ“ جهڙا لفظ ڀلي انگريزيءَ ۾ ڏنا وڃن، ڇو ته سنڌيءَ ۾ انهن جا هم معنيٰ لفظ نه آهن. ڇڪي تاڻي رومينٽڪ کي رومانوي بڻايو ويو آهي. باقي ڪلئنس، چپ، هارس ڪوپ، وِنر، انٽيليڪچوئلزم، ماسِڪَ، فلورمل، انفرااسٽرڪچر، وينس لاءِ سنڌيءَ ۾ تُز لفظ آهن ۽ انهن جو استعمال بيجا آهي. قرات العين حيدر جهڙي ”آگ کا دريا“ ، ”آخر شب کي همسفر“ ۽ ”گلشن رنگ چمن“ جي مصنفه جي انگريزي لفظن جي اجائي سجائي استعمال هن جي نثر کي بي سرو، ڀاري ۽ ڪرخت بڻائي ڇڏيو آهي. نظم ته نثر کان به وڌيڪ سريلائپ ۽ ڪَن-رس جي گهر ڪري ٿو.
    بخشڻ مهراڻويءَ کي بحر وزن تي ڪنهن حد تائين عبور آهي ۽ هن جا نظم ٽيڪنڪ توڙي تخيل جي لحاظ کان قابل قبول آهن، پر ههڙين خوبصورت سٽن ۾ به ڪجهه بيپرواهي ڪري ردم ٽٽي پوي ٿو ۽ سٽ ايئن ڪنن ۾ ٻري ٿي جيئن ڪَٽُ چڙهيل ڪلف ۾ ڪنجي ڦرندي آهي.
    اڙي او پيار جا پاڳل
    کڻي ڪشڪول نيڻن جا
    ڪهڙي مٽيءَ کي ڳولين ٿو.
    پوئين سٽ کي موزون بڻائڻ لاءِ ”ڪهڙي“ کي ”ڪڙي“ پڙهڻو پوندو. ايئن لڳي ٿو ڄڻ شيونگ بليڊ ڏاڙهي ڪوڙيندي ٽُڪو ڏنو آهي. هونءَ ”ڪشڪول نيڻن جا“ ڪهڙو نه پيارو محاورو آهي! ڪيترو نه انوکو، ڪيترو نه نئون، ڪيترو نه عجبائتو! ”مگر ڇا ڪجي، ها مگر....“ جو پويون بند ساڳي طرح خوبصورت، پر ان ۾ ”جهڙي“ لفظ کي وزن تي آڻڻ لاءِ ”جڙي“ ڪري پڙهڻو پوي ٿو. ”تاريخ هارايل لشڪر جان“، ”سوال“، ”اڃايل پنڌ جو پيچرو“، ”هڪ ڊگهيءَ ننڊ سمهڻ جي ريهرسل“. ترنم جي چوڏول ۾ ڦيرائن ٿا، جيتوڻيڪ انهن ۾ رومانيت وڌيڪ آهي ۽ دانشورانه گهرائي گهٽ آهي، جا ڀنواٽي ڏئي سگهي.
    ڪويءَ جي آزاد نظمن ۾ ڪنهن حد تائين ٽيڪنڪ آهي، پر ان کي توڙ تي پهچائڻ لاءِ اڃا رياض درڪار آهي. ڪهڙو نه سهڻو بند آهي:
    ”هن گلابي شام ۾
    پريان پهاڙين لام ۾
    هيءُ رات جي ڪارن ڪُميتن جا
    ڪئي اڙٻنگ سوار،
    توکي سڏيندا ٿا وڃن،
    پر جي ٻڌين!“
    ڇا نه دلڪش منظر ڪشي آهي۽ ساڃاهه لاءِ سڏ آهي! هڪ تصوير اکين اڳيان ڦري ٿي وڃي. ڄڻ ڊچ مصور ريمبران کي لفظن ۾ ڦاسايو ويو آهي. هن جي ٻي آزاد نظم ۾

    ”وڇوڙي جون وليون
    وياڪل وجود کي ويڙهي وڃن ٿيون.“
    ان اظهار کي جذبات جو ڪهڙو نه تاثراتي انداز آهي!
    وسيم سومري جي نظم ۾ ڪافي رواني آهي ۽ تراني وانگر هر سٽ ڳائي سگهجي ٿي. دراصل منهنجي راءِ اها آهي ته نظم جو ڳائي نه سگهجي، اهو صحيح معنيٰ ۾ نظم نه آهي. ڪويتا سنگيت جا سواس آهي، جنهن کان سوا اها ان چانهن وانگر لڳندي آهي، جا مري ڪنڊيءَ تان ڪري پوندي آهي ۽ توڙي، ان جا پر اڃان خوبصورت ۽ آڪاس سان لائون لهندا نظر ايندا آهن، تڏهن به بيجان هوندي آهي.
    هڪ نظم ۾ هو چوي ٿو:
    ٿي تنهنجي جوت جهٽڻ چاهي، اڄ منهنجي تن تنوارون ٿي
    نڙ بيتن مان ٿي واجهه وجهي، ڪا لوڪ ڪهاڻي سارون ٿي
    هوءَ در تي ڪنڊي سوچي ٿي، ڪنهن سانوڻ ڪاڻ ميارون ٿي
    تون ٿڪجي پير پسارين ٿو ۽ پنهنجا قول نه پاڙين ٿو
    اي چنڊ لڪي ڇا جهاڙين ٿو؟
    نظم ۾ لفظ ۽ معنيٰ هڪ ٻئي جي ٻک ۾ ٻکجي وڃن ٿا. ٻولي جهرڻي وانگر وڃي رهي آهي، جنهن جي روانيءَ تي روڪ نه آهي. هن جو آزاد نظم به عروض تي پورو آهي ۽ ان ۾ نظم جي رواني آهي. ان جي پوئين سٽ ئي ڄڻ شاعر کي پنهنجي مستقبل جي سند ڏئي ڇڏي ٿي:
    ”چري سوچ“- چرخو ڪتڻ لئه ڇڏي وئي،
    ”سوچ چرخو“ ڪيتري نه بامعنيٰ ۽ دل جهٽيندڙ ترڪيب آهي! جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ به سوچ- چرخو هڪ خوبصورت استعارو آهي ۽ مدي خارج چئي نه ٿو سگهجي.
    وسيم جاگيت، وايون ۽ غزل به سٺا آهن، جن تي مان ٻين شاعرن جي گيتن، واين ۽ غزلن سان گڏ تبصرو ڪندس. مون کي هو پيدائشي شاعر ٿو نظر اچي، جنهن جي رت ۾ ردم شامل آهي.
    ايئن ته تاج جويو، ادل سومرو، اياز گل ۽ ٻيا ڪيئي شاعر مون کي پنهنجا اڻ ڇپيل شعر ڏئي ويا آهن، جن کي هن مجموعي ۾شامل نه ڪيو ويو آهي ۽ جن کي پنهنجي انفراديت آهي، جنهن تي مان الڳ مهاڳ لکي رهيو آهيان.
    ارشاد ڪاظمي، جو پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي، ان جي شاعري ۾ هن جي پيشي جون جهلڪيون به نظر اچن ٿيون.
    هو نثري نظم جو شاعر آهي. ”تون مون کي سياري ۾ سٺي لڳندي آهين“. ”آئي بئنڪ“، ”الميو“، ”توکي حاصل ڪرڻ لاءِ“، ”محبت“ ۽ ”ياد“ هن جا نمائندا نظم آهن. هن جي نظم ”محبت“ ۾ اهڙي انوکائي آهي، جهڙي ساحر لڌيانوي، جي نظم
    میرے محبوب کہیں اور ملا کر مجھ سے
    ۾ ڪنهن وقت هئي، جنهن ساري هندستان کي چونڪائي وڌو هو. تخيل هن جو ساحر سان نٿو ملي، پر روايت کان علحدگي ۽ منفرد سوچ هن کي ٻين شاعرن کان ڌار ڪري بيهاري ٿي. هن جي جديديت کي واضح ڪرڻ لاءِ هن جو شاهڪار نثري نظم ”آئي بئنڪ“ هيٺ ڏيان ٿو:
    ”انهن کي
    خاص محلول ۾ رکيو ويو آهي
    ته جيئن اُهي وساري نه سگهن
    ته هنن ڇا ڇا ڏٺو هو
    ڇا ڇا ڪيو هو،
    اُهي ڪيترو وقت کليل رهيون هيون
    يا ڪيترو وقت بند
    انهن ڪهڙا خواب ڏٺا هئا
    ڪنهن کي چاهيو هو
    ته جيئن کين
    وري سيکاري سگهجي
    جاڳڻ ۽ سمهڻ
    روئڻ ۽ کلڻ
    ڏِسڻ، چاهڻ ۽ خواب لهڻ
    نئين سري کان.“
    هڪ جديد فرينچ شاعر (نالو ياد نه آهي) پنهنجي ڪنهن به شعر ۾ بيهڪ جون نشانيون نه ڏنيون هيون. ارشاد به ورلي ڪائي بيهڪ جي نشاني ڏني آهي، جيتوڻيڪ اها ڳالهه چڱي نٿي لڳي. ممڪن آهي، اها ڇاپي جي چُڪ آهي.
    اثر جو آزاد نظم ”رهجي ويل منظر“ شاعر جي پيريءَ تي جوانيءَ جي خنده زني آهي ۽ ياس يگانه لکنوي جو شعر ياد ڏياري ٿو:
    گناہ زندہ دلی کہیئے یا دل آزاری،
    کسی پہ ہنس لئے اتنا کہ پھر ہنسا نہ گیا.
    ڄڻ جوانيءَ کي پنهنجي ٽهڪ ۾ انت جو ڏهڪاءُ نظر اچي ٿو، جو اُوس اچڻو آهي. هو ٻي آزاد نظم پيڙا ۾ قبرستان جي گلن واري تشبيهه ۾ ايتري وسعت پيدا ٿو ڪري، جو ان جي لپيٽ ۾ زندگيءَ جي خوشيءَ جا سارا لمحا اچي وڃن ٿا، جن جي خوشبو پنهنجيءَ ناپائيداريءَ کان بي نياز آهي. تشبيهه نادر آهي ۽ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ پنهنجي پوري حسن سان کپي سگهي ٿي. ٻئي آزاد نظم عروض جي گهيراوَ ۾ آهن.
    امتياز ابڙو آزاد نظم جو شاعر آهي، هن جا عڪس انوکا آهن، جي اُن آرسيءَ ۾ پئجي رهيا آهن، جا زندگيءَ جي توڙ تي ڪوئي جهلي بيٺو آهي ۽ آئي وئي مسافر کي ڏيکاري رهيو آهي. ”ساٿ جي موسم“ ۾ لکي ٿو:
    ڪو جهيون سرڻيون
    جن جون دليون
    ٽجوڙين ۾ بند هونديون آهن،
    لغڙ ڏسنديون آهن ته،
    اُلر جو سوچينديون آهن.
    ”اسين پنهنجن محبتن جا
    ڪاٽا ٿيل لغڙ
    اڃان نه ڳولي سگهيا آهيون!”
    شايد هُن کي خبر نه آهي ته هٿ، جو مانجهو مليندو آهي. ان کي ڪاٽا ٿيل لغڙ ڏسي، ڪيڏي نه حسرت ٿيندي آهي! هن کي شايد اها به خبر نه آهي ته ڪي لغڙ توڙ تائين ڪاٽا نه ٿيندا آهن ۽ جڏهن شام جو انڌيرو ٿيڻ لڳندو آهي ته انهن جي ڏور کي ڇڪي، انهن کي ٻيءَ اڏار لاءِ ويڙهي رکبو آهي. هن جا نظم ”مون کي تنهنجي گهرج آهي“ ۽ ٻيا نثري نظم اهو احساس ڏيارين ٿا ته چڱو ٿيو جو ”ارهه برهه ڪنڪره“ ۽ ”ساموئي جي ستن بيتن“ لکندڙن مدارين مان جان ڇٽي! نثري نظم ئي سهي، انهن ۾ تازگي ته آهي. هن جي اظهار جا طريقا ڏسو:
    ”مون کي تنهنجي سرمي جيتري
    جاءِ کپندي هئي.“
    (آئون توکي چاهيان ٿو)
    ”مون کي ياد آهي تو منهنجا لُڙڪ اگهيا هئا،
    جيئن ڳوٺاڻيون ڦٽيون چونڊينديون آهن.“
    (آئون توکي چاهيان ٿو)
    ”مون توکي ڇهيو هو
    ۽ هڪ چشمي ۾ تبديل ٿي ويو هوس.“
    (آئون توکي چاهيان ٿو)
    ”مون کي رستو ڏيندڙ ڏاڪڻيون
    سانجهيءَ ڏانهن ويون.“
    (آئون توکي چاهيان ٿو)
    ”اچ ته ڪجهه مُرڪي وٺون“ اهڙو نظم آهي، جو بين الاقواميت جو حامل آهي ۽ جنهن جو ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪامياب ترجمو ٿي سگهي ٿو. هن جا ٻيا نظم ”منهنجي جسم جو وطن“ ۽ ”ٻوساٽيل نقشو“ ڏيکارن ٿا ته هو هڪ نهايت حساس شاعر آهي ۽ هن جي نثري شاعري روح ۾ اُهي ولوڙا وجهي ٿي، جا منظوم شاعري به ورلي وجهندي آهي.
    امر سنڌوءَ جي سياسي شاعريءَ ۾ بين الاقوامي سياست تي نگاهه گهري نه آهي ۽ قومي سياست کي به سطحي نظر سان ڏٺو ويو آهي. هوءَ اڃا شاگردياڻي آهي، پر پوءِ به هن جا ڪي محاورا هن جي ذهني بلوغت جي نشاندهي ڪن ٿا.
    ”لڙڪن جي سنگهرن ۾ سوگها ٿيل
    درد جي سفر جا راهي آهيون.“
    (انقلاب جا سڀ نعرا بلٽ پروف آهن)
    جنهن گوليءَ توکان نعرو کسيو هو،
    سا
    امن جي اک ۾ ڦلو آهي.
    هن جي ڪم عمريءَ جي باوجود ”سمهي نه سگهڻ جو دُک“ ”پاڳل خوابن جون تعبيرون“ ۾ هن جي سوچ ٻارڻ وانگر ٻري رهي آهي ۽ اهي توجهه طلب لفظ آهن. هوءَ منظوم شاعريءَ لاءِ به ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ مون کي يقين آهي ته جي هن پنهنجي ڪوشش ۽ مطالعو جاري رکيو ته ڪنهن وقت هوءَ تمام چڱي شاعره ٿيندي، في الحال هن نثري نظم لکيا آهن، جن ۾ قافيه پيمائي کٽڪي ٿي. پوءِ به هن جي شاعريءَ مان ذهانت جون ريکون بکن ٿيون.
    مثال طور:
    A Dream of a Mad girl
    ڇا!
    تون پنهنجي نظريي جو ڪمبل
    مون کي اڌارو ڏيندين؟
    مان
    پنهنجن سپنن کي
    سيءَ کان بچائڻ ٿي چاهيان
    هوءَ
    جنهن کان ڊگهي ڪس (Kiss)
    وٺڻ چاهي هئي مون
    رات!
    ان جي سپنن سيءَ کان بچڻ لاءِ
    خودڪشي ڪري ڇڏي.
    ڇا انهيءَ نظم ۾ انگريزي لفظ ضروري هئا؟
    جان خاصخيليءَ جو نهايت خوبصورت نثري نظم ”بيجنگ (چين) ۾ ٿيل فائرنگ تي ڏيکاري ٿو ته شاعر جو بين الاقوامي سياست جو مطالعو ڪافي گهرو آهي ۽ هو نعري باز شاعرن مان نه آهي. مان هن جو سارو نظم هتي ڏيان ٿو:
    ”ٻنپهرن جي لُڪ لڳي آهي
    ۽ تنهنجي سڪ لڳي آهي.
    تنهنجي گلابي چپڙن جهڙا گهاوَ
    اج بيجنگ جي گهٽين ۾
    ٽڙي پيا آهن
    تون پنهنجي ديش جي
    هن گرم رت ۾،
    ڳوٺ جي ڇانورن ۾
    گيت جي ڌن تي
    احساس اُڻندي
    ڪيڏي وڻندي آهين،
    ها مگر
    اڄ تنهنجي ويس جهڙيون
    ڳاڙهيون گهٽيون
    فاشين جي اکين ۾
    سرٽ پئجي آهن ويون،
    ڪنوار جي تن جيان
    اُجريون اُميدون
    هيل رولي ۾ نه پونديون
    مينديءَ جون هٻڪارون ٿينديون
    هيل سڄي جڳ ۾
    موڙ ٻڌڻ جي مند بيچين آ.“
    مٿين نظم ۾ شاعر جي من جو دک ۽ سنسار جو دک ملي هڪ ٿي ويو آهي.هن جو آزاد نظم ”خوابن جو سفر“ به هڪ اونهيءَ سوچ مان اڀريو آهي، جا سياسي سوجهه ٻوجهه جي نشاني ڏي ٿي. ساڳي طرح هن جو ٻيو آزاد نظم ”گوئٽي ڏانهن “ بين الاقوامي شعور جي گهري عڪاسي ڪري ٿو. اهي نظم سٺي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿين ته هن کي ڪافي شهرت ڏياري سگهن ٿا.
    مون ته پيش لفظ ۾ سنڌي شاعريءَ جي اڪثر صنفن جو ذڪر ڪيو آهي، جيئن پيش لفظ جامع ٿئي ۽ پوريءَ سنڌي شاعريءَ سان آشنائي پيدا ٿئي، پر هن مجموعي ۾ زياده نثري نظم آهن ۽ ڪجهه آزاد نظم، غزل، وايون ۽ ٿورا گيت آهن. مان ٻي هر صنف تي لکي آيو آهيان، سواءِ وائيءَ جي. جنهن جو گهاڙيٽو بلا شاهه جي پنجابي شاعريءَ تان ڀٽائيءَ ورتو هو ۽ ڀٽائيءَ تان مون وٺي ان ۾ نئين جان پيدا ڪئي. پر هن مجموعي ۾ شامل ڪيل واين تي اچڻ کان اڳ مان هن ۾ ڇپيل غزلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريان ٿو.
    مان سعيد ميمڻ جي غزلن کان شروع ٿو ڪريان. ڪجهه غزل جديد سنڌي غزل جي معيار تي پورا آهن. جيئن:
    رستن جي ويراني مون ڏي گهوري ٿي،
    هر شيءِ مان حيراني مون ڏي گهوري ٿي.

    ڪيڏو وقت لڪل آ کَل جي گُهنجن ۾،
    پوڙهي جي پيشاني مون ڏي گهوري ٿي.
    هن غزل جو فارم ته اردو غزل وارو آهي، پر جديد سنڌي غزل وانگر ان جو هر شعر پاڻ ۾ هڪ نظم سمائي ٿو. در اصل سنڌي غزل جو مزاج بدلجي ويو آهي ۽ ان ۾، فارسي ۽ اردو غزل ۾ فارم کانسواءِ ڪائي مشابهت نه رهي آهي. نه تشبيهون ساڳيون، نه استعارا، نه اساطير (ڏند ڪٿائون) نه روايتون، نه بندشون، نه ڪنايا، نه اشارا، مطلب ته ڪجهه به ساڳيو نه آهي ۽ هجڻ به نه گهرجي.
    سعيد ميمڻ جا اهڙا ڪجهه ٻيا به غزل جا شعر آهن:
    صدين تائين پهچي ٿي هن جي نظر،
    ڪلاڪار کي جي ملن ٿيون اکيون.

    تنها تنها ورندا هِن آکيرن ڏي،
    پکين کي به قطارون ساٿ نه ڏينديون هِن

    لڙڪن سان لڙهي ويندا هِن سپنا،
    من ساگر جون ڌارون ساٿ نه ڏينديون هن.

    (اتر ۾ ”آهن“ لفظ کي ”هِنِ“ چوندا آهن ۽ جديد شاعر ان کي پوئين اچار سان استعمال ڪن ٿا).

    وري چنڊ- پوپٽ ڇهن ٿا گلن کي،
    گلابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن.

    هي جسمن جي گرمي ۽ ٿوري ڇهڻ سان،
    حجابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن.

    صائب يا حافظ يا سعدي يا عرفيءَ وغيره ههڙيءَ شاعريءَ تي ڪن لاٽار ڪري ڇڏين ها، ڇو ته انهن کي جديد نظم جو پورو تصور نه هو ۽ هو اهو سوچي به نٿي سگهيا ته غزل روايتي موضوع کان ايترو ڦري ويندو، غالب ۾ ڪٿي شعر کي پوري نظم جي ڪيفيت آهي، نه ته گهڻو ڪري اردو شاعري روايتي آهي، جنهن ۾ اٽڪل پنجاهه قافين جي هير ڦير آهي.
    سعيد جي مٿين غزل ۾ چنڊ-پوپٽ ڪيڏو نه موهيندڙ استعارو آهي، جو يورپ جو ڪو به تصوريت پسند (Imagist) شاعر خوشيءَ سان اپنائي ها. سعيد هڪ وائي به چڱي لکي آهي:
    سج لٿي کان پوءِ
    چوڌاري تر ۾،
    خاموشي آهي.
    هلڪيون لهرون هن
    ڇو اڄ ساگر ۾
    خاموشي آهي.
    نوري توکان پوءِ
    ڪيڏي ڪينجهر ۾
    خاموشي آهي.
    مون کي هن ۾ ٽيڪنڪ ۾ ڪافي پختگي نظر اچي ٿي. دراصل شاعري سڄي زندگيءَ جو رياض آهي. اقبال جو هڪ فارسي شعر آهي:
    سالہا در کعبہ و بتخانہ می نالد حیات
    تا زم بزم عشق یک دانائے راز آید برون!
    (ترجمو: سالها سال حياتي ڪعبي ۽ بتخاني ۾ پُڪاري ٿي. تڏهن عشق جي بزم مان هڪ راز جو ڄاڻو ٻاهر اچي ٿو)
    ڇڙي هيڊڳڙي هٿ ڪري ڪوئي پساري نٿو ٿئي، جو وهي سو لهي، جيترو ڏات جي باري ۾ صحيح آهي، اوترو ڪنهن ڳالهه جي باري ۾ صحيح نه آهي. ڪيڏو نه مشاهدو ۽ مطالعو ۽ پاڻ کان ٻاهر ۽ پنهنجي اندر سفر ضروري آهي!
    وسيم سومري کي غزل تي به مهارت آهي. پر هو هن مجموعي ۾ آندل ٻين شعرن وانگر تمام ٿورا وزن ٿو ڪم آڻي، جيتوڻيڪ انهن ۾ اصلاح جي ضرورت نه ٿي نظر اچي:
    ٿي سگهي ٿو ڪٿي چين توکي ملي،
    اُٿ ڪتابن جي رستن مٿان رُل پرين،

    ٿا چون: ”ڪو نه پاڻي آ بيٺل چڱو“
    پاڻ کي ڪجهه ته ڇاڇولِ ۽ ڇُل پرين.

    آءٌ توسان! ٻٻر- اوٽ ۾ ٿي ملان،
    توکي ڳڻتي نه ڪا ڳوٺ ۾ هُل پرين.

    مون ڏي آهن ميارون متان ڪي رهيل،
    ڳنڍ وانگر نه ٿي، ڳالهه ڪر کُل پرين.
    مٿين غزل ۾ قافيا ۽ رديف نهايت پيارا ۽ ترنم وارا آهن. ٻٻر-اوٽ سنڌ جي پس منظر ۾ ڪهڙو نه پيارو مرُڪب لفظ آهي! ڪجهه ٻيا شعر ڏسو؛
    وريا ڌڻ وٿاڻن، مليو سجُ لَڪن سان،
    ڀري پاند موٽيس، مان پيرنُ پڪن سان.


    رجيا هارين جا مهانڊا مکڻ جئن،
    کڻي کاڄ آيون، سنگهاريون ڍَڪن سان.

    ڪيڏي نه سَرل سنڌي آهي! نه زير-اضافت، نه واو عطفي! پوئين شعر ۾ تصوير ڪهڙي نه سهڻي آهي. ڪنهن به مصور کي ان تي پيار اَچي وڃي!
    هيٺين وائي، جا فاعلن، فاعلن، فاعلن، فاعلن وزن تي آهي، ڪيڏي نه سريلي آهي، ڪيتري نه اداس ۽ اٻاڻڪي آهي! ڪيڏي نه اٿاهه پيڙا آهي اُن ۾:
    هـــو اڪــــن ۾ ڦٽيون،
    واڱــــڻـــــائـــــي ڦليون.
    مون کي رُت راس آئي نه آهي اڃان!
    ماڪَ، مکڙيون چُميون
    ۽ کٿوريون کُليون.
    مون کي رُت راس آئي نه آهي اڃان!
    سُرمي- سپني بنــــان،
    هــــي اکـــيون کوليون
    مون کي رُت راس آئي نه آهي اڃان!
    چين ڪِٿ ڪو نه هو
    سڀ مون راهون رُليون
    مون کي رُت راس آئي نه آهي اڃان!
    من جي ويڳاڻائيءَ جو ڪهڙو نه اونهو اظهار آهي اُن ۾! ڄڻ ته فطرت هن جي ڪنهن ڳجهي گهاوَ تي مرهم نه رکي سگهي آهي، ڄڻ ڪوئي اَڻ چٽو ڦوڙائو هن جي من ۾ مروٽا وجهي رهيو آهي! وسيم جو گيت به من ۾ پيهي وڃي ٿو ۽ پنهنجي وَن واس ۾ ڇڪي وٺي ٿو:
    ڪيڏا نه پوپٽ پئي مڙيا
    سورج مکيءَ جي پوک تي.
    سورج مکيءَ جي پوک تي.

    جئن سج اُڀريو ننڊ مان
    تئن نيڻ مهٽي گل ٽڙيا
    سورج مکيءَ جي پوک تي.
    ساواڻ تي پيلاڻ جا
    ڇا رنگ تارن جيئن کڙيا.
    سورج مکيءَ جي پوک تي.
    سورج مکي سڀ شام جو
    ڄڻ ڪنهن نشي ۾ ٿي ٿڙيا،
    سورج مکيءَ جي پوک تي.
    ويري، وري سرهاڻ جا
    اي ديس آهن آڪڙيا
    سورج مکيءَ جي پوک تي.
    سٽون آهن يا شاعر، هُد هُد ۽ ڪاٺ ڪٽي کان پر وٺي ڪاغذ تي چنبڙائي ڇڏيا آهن! ههڙي شاعري ڏسي مون کي روايت سان بغاوت ۽ پنهنجي سٺ ورهين جي پورهئي تي پيار ٿو اچي. سنڌ پنهنجي راهه ڳولي لڌي آهي ۽ ان جي سڌي پنڌ کي ڪا به رڪاوٽ روڪي نٿي سگهي. ڀٽائيءَ کان پوءِ واري موڳائي، مورکائي ۽ ويڳاڻو ڀٽڪاءُ ۽ ڌارين جي دَر ڌِڪا پورا ٿي چڪا آهن. سنڌ پنهنجي ڇيهه تي پڄي پنهنجي چانئٺ ٽپي چُڪي آهي. جي آزاد نظم به هن شاعريءَ سان وک وک ۾ هلي ته ڪيڏو نه وڻي!
    مان سنڌ جي نئين نسل کي اها ڳالهه ڪيئن ذهن نشين ڪرايان ته جي شاعري ڳائي نٿي سگهجي ته اُن جي اهميت ڪيتري نه گهٽجي ٿي وڃي! آخر ”يه دهوپ-ڪنارا“ ۽ ”بول که لب آزاد هين تيري“ به فيض جا آزاد نظم آهن، پر اهي جڏهن ڳايا ٿا وڃن ته من ۾ سيسراٽ اُڀري ٿا وڃن.
    شاهد ڀُٽي منهنجي هڪ نثري نظم ”امان! هو مون کي ڪاري ڪري ماريندا“ جي ڌن ٺاهي، ثمينه ڪنول کان بي بي سيءَ لاءِ رڪارڊ ڪرائي هئي. موسيقيءَ جي لباس ۾ اهو نثري نظم اُنهيءَ ٿاڻي بولا خان جي عورت وانگر لڳي رهيو هو، جيڪا ڪنهن وقت مون پنهنجي خوبصورت ڳاڙهي گهگهي ۾ ڏٺي هئي ۽ ايئن لڳي رهيو هو ته سج نياڻ ۾ ٽُٻي ڏئي رهيو آهي. پر نثري نظم ورلي ڳائي ٿا سگهجن. پنهنجن مٺڙن درد وندن گيتن ڪري مون کي ميراجي غالب کان به وڌيڪ وڻندو آهي. آخر غالب ۾ ايران جو رنگ و بو آهي. ننڍي کنڊ جي بو باس ته نه آهي ۽ ننڍي کنڊ ۾ وري سنڌي شاعريءَ کي موتئي جي سڳنڌ آهي. ٻوراڻيءَ جو سواد، هن ڌرتي جي دين آهي، ان کي پنهنجي انفراديت آهي، جا ٻي هنڌ ڪٿي به نه آهي.
    اڳي سنڌي شاعريءَ ۾ ”نانءُ وڏو، ديهه ويران“ وارو معاملو هو. ”دائود پوٽي“ ۽ ”ميران محمد شاهه“ جو ادلو گدلو يا ٿوٿو غزل هوندو هو ته اُن کي اسان جي نصاب ۾ اسان تي مڙهي ڇڏيندا ها. جيڪي نام ڪٺيا شاعر هئا، انهن جي ڪليات ڳولي ڦولهي ڏسندا هياسين ته هڪ اڌ سٽ پڙهڻ جهڙي مشڪل سان ملندي هئي. مثال طور مون مصري شاهه جي ڪليات ساري اٿلائي پٿلائي هئي، پر مصريءَ جي تڙ جهڙي سِٽ رڳو هڪ هئي:
    ”ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾
    جوڳي جيڪس ويا جبروت.“
    يا ’مفتون‘ همايونيءَ جي سڄي ديوان ۾ سٽ رڳو هڪ پڙهڻ جهڙي هئي:
    ”تنهنجي زلف جي بند ڪَمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو“
    جي سنڌي شاعريءَ مان ڀٽائيءَ جي شاعري ڪڍي وڃي ته ان جو سارو سرمايو هڪ واهڻي واٽهڙوءَ جي هڙ جيترو مس ٿيندو، جنهن ۾ اڳڙين ٿڳڙين کان سواءِ ڪجهه نه هوندو.
    هاڻي اچو ته بخشڻ مهراڻويءَ جا هن مجموعي ۾ ڏهه شعر ڏسون جي سنڌيءَ جي هر ڏهس نامي کان ڀاري لڳن ٿا ۽ ايئن لڳي ٿو ته اسان جا نقاد ڪچڪول ڪٺا ڪندا رهيا آهن، جن ۾ رڳو ٻُهر مان ميڙيل سيڙيل اڪارٿيون وٿون آهن.
    بخشڻ جو غزل ڏسو:
    منهنجي پريت آ پنڇيءَ جهڙي
    تنهنجي موٽ شڪاريءَ وانگي.

    اوسيئڙي ۾ نيڻ اُڃايل،
    ٿر جي پياسيءَ واري وانگي.

    رُت جي رات ۾ هر هڪ آشا،
    ماري وئي آ، ڪاريءَ وانگي.

    مون ۾ ڪو آکيرو جوڙي
    آءٌ ٽٽل ڪنهن ٽاريءَ وانگي.

    جڳَ لڳي ٿو جوئا خانو.
    مان هاريل جواريءَ وانگي.

    يا هن جو ٻيو غزل:
    توکان هوندي ڌار جيئون ٿا،
    جيونُ ڪچي گار، جيئون ٿا.

    روز نوان الزام اسان تي،
    روز اسين سنگسار جيئون ٿا.

    هيڏانهن هٿَ سمورا خالي،
    هوڏانهن هو هٿيار، جيئون ٿا.

    موت بيهاري بيٺو آهي،
    چؤڏس پهريدار جيئون ٿا.

    يا وائيءَ جون هي سٽون:
    ڪهڙي دَر تي دانهنجي
    ديس سڄو دانهون
    اسين اڃايل پنڌ ۾.
    سورج تنهنجو آڌرڀاءُ
    سورج مکيءَ کان وڌ،
    ڪير ڪري سگهندو؟
    هي سٽون گربيءَ ۽ سوسيءَ کان زياده خوبصورت آهن ۽ شاعر ڪنهن امرتا جي آڏاڻي تي اُڻيون آهن. هن جا نثري نظم ”هڪ ڊگهي ننڊ سمهڻ جي ريهرسل“ ۽ ”درد جي ڦاسيءَ تي“ به سٺا نظم آهن. دراصل هي ٿر جي ولين وانگر شاعر آهن جي برسات تي پاڻ ٽڙي پيا آهن ۽ جي پوکيون نه ويون آهن ۽ جن جي هُٻڪار ۾ هانءُ واسجي ٿو وڃي.
    هن مجموعي ۾ آندل سڀ شاعر پڙهيل ڳڙهيل آهن، جن ۾ ڪنهن سگهڙ جي اجائي اينگهه نه آهي. ڪويءَ جي گيت ۾ ديس سان جي قافيا ملايا ويا آهن، اهڙا قافيه هن وقت ڪنهن به نه ڏنا آهن ۽ انهن گيت کي سنگيت مئه ڪري ڇڏيو آهي، ڄڻ مينهن ۾ آلي وڻ مان ڌرتيءَ تي پاڻيءَ ڦڙا ٽٻڪي رهيا آهن. يا ٻي گيت جي هن سٽ کي ڪيڏي نه مَڌ-مئي سندرتا ڏني آهي؛
    چنڊ ٿو ڪنهن کان لِڪي
    ڇيڳري ڇوريءَ جيان.
    ٿوري اصلاح ساري گيت کي مڌرتا سان واسي ڇڏي ها. هن جو ”بادليئو“ ته شاهڪار لوڪ گيت آهي. منهنجي سنڌي لوڪ گيتن کان پوءِ هي پهريون شاعر آهي، جنهن جديد لوڪ گيت لکيو آهي. هن جون ٻيون به ڪجهه وايون سنڌي شاعريءَ ۾ امر اضافو آهن:

    آڏو تاڻيل تير جي
    هَئه هَئه اڏاڻا

    پنڇي منهنجي پار جا.

    ڪينجهر تنهنجي ڪَڇَ ۾
    ڪنول ڪوماڻا
    هَئه هَئه اڏاڻا

    پنڇي منهنجي پار جا.

    يا هيٺين وائي به انهيءَ تصوير جهڙي دلڪش آهي جا اها چِٽي ٿي:
    پُسيون ڇوليون پوتيون
    پاڻي گهاگهر جو،

    ڳالهيون کولي ٿو ڇڏي.

    اهڙيءَ طرح هن جي هڪ ٻي به وائي آهي:
    ســــاري رات کڙيا
    مون در مٿان تارڙا.
    حسن درس نظم جو دانشور شاعر آهي، پر غزل ۾ به ڪجهه شعر چڱا لکي ٿو:
    گهر ته ڀاتين سان ستو آ ڀاڪرين،
    کـــــــڙڪندڙ در ڇو ڀلا سمهين نٿو!
    اثر جي غزلن ۾ به ڪجهه چڱا شعر آهن:
    دل جوڳيءَ جي ڪُٽيا وانگر
    سوني ۽ سنسان لڳي ٿي.
    تنهنجي سازن تي سناٽو؟
    دور ته ديپڪ تان لڳي ٿي.
    پار نديءَ جي ننگي نينگر،
    ڀڪشوءَ کي ڀڳوان لڳي ٿي.
    يا
    هاڻ ڳهيلي ڳڻتي ڇاجي
    ڪڻڪن جو لابارو آهي.
    سڌي غزل جو لهجو بلڪل بدلجي چڪو آهي، فقط گهاڙيٽو غزل جو آهي. ان ۾ فارسي يا اردو غزل جو نالو نشان نه آهي. سنڌ پنهنجي شاهراهه ڳولي چُڪي آهي، جنهن ۾ ڪيئي راهون ملي وينديون.
    آخر ۾ مان اياز جانيءَ جي غزلن ۽ واين تي اچان ٿو. اياز جاني مون وانگر سنڌي جا مشدد لفظ بحر وزن ۾ مشدد ڪري ڪم آڻي ٿو، جي مون کان اڳ ورلي ڪم آندا ويندا هئا.
    مَنَ ۾ ٿاڪَ ، تنهنجي نيڻن جا،
    چَپ هيراڪَ، تنهنجي نيڻن جا.
    راز سرجيا نه سي به ڄاڻن ٿا،
    ڇا نه ادارڪ تنهنجي نيڻن جا.
    ***
    نيڻ نهارون اڳتي، ڇو نعرا ٿڪجي پيا؟
    ڇا هي بيٺي اُڀ- پيرين جهنڊا ٿڪجي پيا.

    ڪيئن تون منهنجي من ۾ پيڙا ڄاڻي سگهندين،
    ڏِسُ ته اکين ۾ آهن اوجاڳا ٿڪجي پيا.

    مان ته اُجهاميو ناهيان، تنهنجي اوسيئڙي ۾،
    ڇا ٿيو جي ٻرندي ٻرندي ڏيئا ٿڪجي پيا.

    ٻوٽيل نيڻ مسافر جا، ڪنهن کي ٿا ڳولن،
    ڇو هن جي پيرن ۾ آهن رستا ٿڪجي پيا.
    هي غزل فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن جي وزن تي آهي. ان ۾ ڪڏهن فعلن فعلن کي فعل فعولن ۾ بدلايو ويو آهي. مان ڀانيان ٿو ته اها ڪوشش غير شعوري آهي. غزل جي تقطيع ۾ اوجاڳا ۾ او جدا، جاڳا جدا، (او+جاڳا) تنهنجي ۾ تنهن جدا ۽ جي جدا (تنهن +جي) ڪري پڙهيو ويندو. منهنجي نظر ۾ اها اوڻائي آهي، ڇو ته ايئن ڪرڻ سان ترنم ۾ گهارو پئجي وڃي ٿو.
    اياز جانيءَ جي ٻي غزل جا بند ڏجن ٿا:
    تو چيو ”سپنا به ساڀيا ٿيا ڪڏهن،“
    مون چيو ”تنهنجو ملڻ ڇا معنيٰ؟“
    ڇرڪندو مون کي ڏِٺئي، جئن مون پڇيو.
    ”بند نيڻن سان ڏسڻ ڇا معني؟“
    ٻئي شعر خوبصورت آهن، پر ٻنهي ۾ نارائڻ شيام جي غزل وانگر تقطيع ۾ حرف حذف ڪرڻا ٿا پون، جيڪا ڳالهه جائز ته آهي، پر جيتراحرف گهٽ حذف ڪيا ويندا، اوتري شعر جي رواني وڌندي. هن جو ٻيو به هڪ غزل آهي، جو نظرانداز ڪري نٿو سگهجي:
    خاموشيءَ ۾ هلڪو کڙڪو ڳالهائي ٿو،
    دم ٿو گهٽجي، کوليو، ڪمرو ڳالهائي ٿو.
    تنهنجي پاڙي جا ماڻهو ڪيڏا اڻ ڄاتل
    مون سان تنهنجي گهر جو رستو ڳالهائي ٿو.
    هو بي گهر هوندي، جنگ بقا جي وڙهندو ويو
    ستل گهر وارن سان ڪتبو ڳالهائي ٿو.
    هن غزل ۾ توڙي مقطع آهي ۽ جاني ڪم آندل آهي، پر هن مجموعي ۾ شامل شاعرن جي اڪثر غزلن ۾ مقطع ۽ تخلص ڪونهي، جا شاعرن ۾ اناپرستيءَ جي ڪميءَ جي نشاني آهي. جيتوڻيڪ مون گهڻو ڪري، غزل ۾ تخلص ڪم آندو آهي، جيئن اردو ۽ فارسيءَ جي شاعرن ڪم آندو آهي، تخلص جو استعمال شاعر جي نشاندهي ته ڪري ٿو، پر مون کي ان مان آپي پڻي جي بوءِ ايندي آهي ۽ جي نه ڪيو وڃي ته چڱو. ڪجهه شاعر ته مطلع کي ئي پنهنجي تخلص سان شروع ڪندا آهن، جو مناسب نه آهي، اياز جاني جو پويون غزل انوکو آهي ۽ من لڀائيندڙ پڻ:
    ڪا صدين جي اڃ آهي، آءٌ نيڻن ۾،
    تنهنجو آهي جو به آهي، گهاءُ نيڻن ۾.
    او مسافر! پيار جا پل تو ڪڏهن ڀوڳيا؟
    تو ڪيو محسوس ڪو پٿراءُ نيڻن ۾.
    سخت لهجا، فاصلا، ٿوهر ڦٽي پوندا،
    جي رکيو ڪنهن پيار جو پڇتاءُ نيڻن ۾.
    اي هوا! آهستي گهل، بارود جي ڀرسان،
    مون ڏٺو آ، آڳ جو ڦهلاءُ نيڻن ۾.
    اياز جانيءَ جي واين ۾ به ڪجهه سُٺا تصور (Images) آهن، جي هتي نه ڏيڻ هن سان بي انصافي ٿيندي:
    ڪو محسوس ڪري
    اوسيئڙو در جو

    ڪو ته ڪڙو کڙڪائي.

    چاقوءَ سان ڇا ٿيون لکن
    ناريءَ جي سيني تي

    ڪنهنجون آهن آڱريون؟

    ڪيڏي اوتن ننڊ ٿيون،
    اڄ هي سازيني تي

    ڪنهنجون آهن آڱريون

    ڪير چوي ٿو سج ٿو اڀري
    ٽانڊاڻو ٿئي ڪو

    ٽڙندي جاڳرتا.

    هٿ- ڪڙين کي چمندي، اُڀ ۾
    پکين کي ڏسجو،

    ٽڙندي جاڳرتا.

    گڏجي ٽهڪ پکيڙيو، جُڙندو
    خوشبو جو رستو

    ٽڙندي جاڳرتا.

    آهي جي اونداهيءَ ۾
    جيئڻ جو جذبو

    ٽڙندي جاڳرتا.

    هيءَ شاعري روايت جي روايت ، بغاوت جي بغاوت جو مثال آهي. جهوني صراحيءَ ۾ نئون شراب آهي. ان ۾ سنڌ جي سڳنڌ آهي. مڌ کي پنهنجا مهٽا آهن، جي جيءَ جهٽي وٺن ٿا. جانيءَ چواڻي؛
    پيئندي نه محسوس ٿئي ٿو
    آويءَ ۾ پڄرڻ، الاوو

    ايڏي اُڃ اُساٽ.

    سنڌ جي ڌرتي ڪيتري نه زرخيز ڌرتي آهي! هڪ بادل برسي ٿو ته ٿر ڦلارجي پوي ٿو. ڇا هن شاعريءَ تي سياست جا پاڇاوان ناهن؟ آهن. هتي جا شاعر ايئن ته نه ٿيندا جيئن حافظ چيو هو:
    رموزِ مملکت ملک را شہان دانند
    گدائے کوچہ نشینی تو حافظ مخروش

    هتي شاعر ۽ ماحول سان لاتعلقي نه آهي، پر آرٽ کي اوليت آهي. ڪميونزم جي خاتمي کان پوءِ جمهوريت ۽ فلاحي مملڪت جو تصور ئي ٽين دنيا کي گرمائي سگهي ٿو. ٻي ڪنهن فرد لاءِ ته اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن پارٽيءَ سان وابستگي ضروري آهي. شاعر خود ڪڏهن حلقو، ڪڏهن ادارو ۽ ڪڏهن جماعت آهي. هن جي شاعريءَ جا سياسي فضا تي پاڇاوان پئجي سگهن ٿا ۽ جيئن سينٽ جان پرسيءَ چيو آهي:
    And it is enough for a poet to be the guilty conscience of his time.
    (اهو شاعر لاءِ ڪافي آهي ته هو پنهنجي دور جو مجرم ضمير ٿئي.)
    دؤر جي جرم جو اعتراف ۽ سياسي بيداري، شاعريءَ لاءِ ڪافي آهي، جي شاعر جي سياست سان وابستگي آهي، پر اهو اسان کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته شاعر جي آغوش ۾ ساري ڪائنات آهي ۽ هن کي صرف سياست تائين جبراً محدود ڪرڻ هڪ بيڪار ڪوشش آهي. نه هن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو ڪنهن سياستدان جو هم-رڪاب ٿئي يا پٺيان هن جي لشڪر لاءِ نقارو وڄائي. ها اها هُن جي پنهنجي مرضي ته هو سياست ۾ مستغرق ٿي وڃي ۽ ڪنهن سياستدان جو رفيق طبلچي ٿئي.
    پنهنجي لاءِ اهو ڪافي آهي، جي حافظ وانگر سنڌي ادب جو نئون نسل چوي:
    دوش در حلقہ ما قصہ گیسوئے تو بود
    تا دلِ شب سُخن از سلسلۂ روئے تو بود.

    (ڪالهه رات اسان جي گڏجاڻيءَ ۾ تنهنجن چڳن جي ڪهاڻي هئي. رات جي دل تائين/اڌ رات تائين تنهنجي چهري جي ڳالهه هلي پئي).


    شيخ اياز
    پهرين ڊسمبر 1992ع
    ڪراچي-سنڌ.


    ________
     ڦلگو: انجير جو وڻ، هڪ نديءَ جو نالو جا گنگا مان وَهي ٿي. هوليءَ ۾ ڪم ايندڙ ڳاڙهو ٻورو.
     چاندلا: نرڙ لاءِ سونو زيور، جهومر
     کَنجن: پکيءَ جو نالو (The Spotted fork tail)
     سُواتي تارو (The Star Arcturus)
    ڪَنجل: هاٿي
    مُدرا: آڱرين کي پوڄا ۾ ويڙهڻ يا وڪوڙڻ جو طريقو.)
     مِر: هڪ صحرا جو خوشبودار ٻوٽو، جو وچ اوڀر ۾ ٿيندو آهي ۽ جنهن جي خوشبوءَ عورتون بدن کي لڳائينديون هيون ۽ جنهن جو تيل چراغن ۾ ٻاريندا ها.
     گلو: ڏڻ
     ترجمو: هستيءَ جي حسرت جو داغ دل تي کڻي ٿو وڃان، اجهاڻل شمع آهيان ۽ محفل جي لائق نه رهيو آهيان. ڇهن طرفن تي آئيني جو در (مشاهدي جو در) کليل آهي، هتي ناقص ۽ ڪامل ۾ فرق نه رهيو آهي. شوق (ازلي) حسن جي نقاب جا بند سڀ کولي ڇڏيا آهن، هاڻي ازلي حقيقت ۾ منهنجي وچ ۾ مون کانسواءِ (يا نگاهه جي عدم موجودگيءَ کانسواءِ) ڪجهه آڏو اچي نه رهيو آهي. جيتوڻيڪ مان زماني جي ڏکن ڏوجهرن ۾ ڦاٿل رهيو آهيان، پوءِ به تنهنجي خيال کان غافل نه رهيو آهيان. دل ۾ (دوست يا دشمن جي) پوک هان. آنءُ ڪجهه لُڻان، اهڙو مون کي آسرو نه آهي، ڇاڪاڻ جو مون جيڪي لڻيو آهي، اُها رڳي حسرت ئي ته آهي ته ڪجهه لڻي سگهان. اسد! مان عشق جي بيداد کان نٿو ڊڄان. پر مون کي جنهن دل تي ناز هو (جنهن نه آڻ مڃي هئي ۽ نه مات کاڌي هئي) اها دل ئي نه رهي آهي.
     لعل محمد لعل، اڃا تائين زندهه آهي، سکر هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو آهي ۽ شڪارپور لاڪاليج جو پرنسپال آهي.
    نعيم وجدي: ڪجهه سال اڳ دبئي ۾ گذاري ويو، جتي هو سول سرجن هو،
     همايون: مفتون همايونيءَ جو ڳوٺ، جنهن رڳي هڪ سٽ پڙهڻ جهڙي لکي آهي، جنهن کيس امر ڪري ڇڏيو آهي.” تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو“
     ترجمو: رڳو تون ئي ڳجهه جي سُرن جو (زندگيءَ جي اسرار جو) راز محرم نه آهين، هتي ته سارا حجاب (جي ڳجهه کي ڇپائي ٿا ڇڏين) اهي ساز جون لرزندڙ تارون آهن (اُهي حجاب زندگيءَ جا راز سمجهائن ٿا يا هن ڪائنات جي ڳجهارت ڀڃن ٿا)
    باک جا ڦڪا ۽ ڦٽل رنگ، صبح جي وڏائيءَ ۽ واکاڻ جا اهڃاڻ آهن، اُهي ئي وقت آهن، جڏهن پريت جا ڦول ٽڙي پون ٿا.
    تون ۽ ٻين ڏانهن کڻ- ڀنگ، اک- ٽيٽ، مان ۽ تنهنجن (اُجاڙ ڪندڙ) لنبين ڀروئن جو دک! زندگيءَ جي مَڌ چُڪيءَ تي سارو سنسار ناچ ڪري ٿو، ڄڻ اهو پيتل آهي (لفظي ترجمو آهي ته شراب جي جوش مان شيشا ٽپا ڏئي رهيا آهن)
    ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ، اُن پيالي آڻيندڙ جي مٿي وانگر آهي، جنهن جي مٿي تي مڌ جو پيالو چترائيءَ سان سوگهو رکيل آهي. دل زندگيءَ جي اسرار ۾ پيهي وڃڻ ٿي چاهي، منهنجا ننهن انهيءَ اسرار جي اڌ ڇوڙيل ڳنڍ جا اڃا قرضي آهن.
    اسد جي دل وڇوڙي جي پيڙا کان ويران ٿي وئي آهي ۽ دل جا ڳجهيءَ ڏاهپ جي موتين جو ڀنڊار آهي، اجائي اُڪنڊ ۾ چٽ ٿي رهي آهي.
    (نوٽ: ”اسد“ غالب جو نالو هو، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن تخلص ڪري به ڪم آڻيندو هو).
     ترجمو؛ ناحق اسان مجبورن تي خودمختياريءَ جو الزام آهي، جيڪي اوهان چاهيو ٿا، سو ڪيو ٿا، اسان کي اجايو بدنام ڪيو اٿو. مير جي دين ۽ مذهب جو هاڻي ڇا ٿا پڇو، هن ته تلڪ ڏنو آهي، مندر ۾ ويٺو آهي ۽ ڪيتري وقت کان اسلام ڇڏيو آهي.
     ترجما: اسان کان ڏاڍو ڏور ڀڄين ٿو، هرڻن جي ريت سکيو آهين، سُهڻين اکين وارن جي هونءَ ئي ڀڄ ڊوڙ (وحشت) عادت هوندي آهي.
     ڪعبي وٽان گهٽا آئي هئي ۽ مئخاني تي جهومي وسي پئي (هاڻي) شيشي ۽ پيماني تي پيا ڪن جو ميڙ هوندو.پن پن، ٻوٽو ٻوٽو اسان جو حال ڄاڻي ٿو، نٿو ڄاڻي ته گل (محبوب) ئي نٿو ڄاڻي باغ ته سارو ڄاڻي ٿو.
     يِدش: اسرائيل، اتر ڏکڻ آمريڪا ۽ جرمنيءَ جا يهودي هيءَ ٻولي ڳالهائيندا آهن. جا هندي – يورپي ٻولين جي خاندانن مان آهي.
     ترجما: سودا تنهنجو جهڙو حال آهي، اهڙو ته هو نه آهي ڪيئن چئجي ته تو هُن کي ڪهڙي حال ۾ ڏٺو هو.
    سودا عشق جي جوئا ۾ ڪو هڪن (فرهاد) بازي کٽي نه سگهيو ته سَرُ ته وڃائي سگهيو.
    عشق سان ته مان واقف نه آهيان، دل کي ڪائي ڄڀي ڄرڪائي ٿي.
     خوديءَ جو نشو چڙهي ويو ۽ آپي ۾ رهي نه سگهيو، يگانه خدا ٿيو هو پر ٿي نه سگهيو.
    پيرن ۾ لڦن وارا تڙپي اٿي بيٺا، جڏهن ڪوئي قافلو يار جي تلاش ۾ نڪتو.
    زماني جي نظام ڪيڏا نه پاسا بدلايا، رڳو اسان ئي هياسين جي هڪ پاسي بيقرار رهياسين.
     ترجمو: جو به هستيءَ جو نقش آهي، اهو ڌوڪو نظر اچي ٿو. پردي تي رڳو مصور ئي اڪيلو نظر اچي ٿو. ڏس حقيقت جي شمع پنهنجي ئي جاءِ تي آهي، فانوس جي گردش ۾ ڇا ڇا نه نظر اچي رهيو آهي.
     ترجمو: هوڏانهن وساڻل باهه آهي، هيڏانهن خيمي جون ٽٽل رسيون (طناب) آهن،
    ڪيئن چئجي ته هن رستي تان ڪيترا قافلا گذريا آهن.
    ڏينهن رات جو سلسلو حادثن جو روپ وٺي ٿو، ڏينهن رات جو سلسلو حياتيءَ ۾ مماتيءَ جو اصل (مهاڳ ۽ مُنڍ) آهي.
     گل رخسار: اسان جي گائيڊ، جا سمرقند کان دوشنبي تائين اسان جي گائيڊ هئي.
    اِرينا: ماسڪو کان دوشنبي ۽ واپسيءَ تي اسان جي روسي گائيڊ، ٻئي نوجوان خوبصورت عورتون هيون.
     مون مومن کي ٻڌايو هو ته اسان وٽ به هڪ مومن خان ”مومن“ ٿيو آهي، جو غزل لکندو هو ۽ پوءِ هن کي مومن جو مقطع ترجمو ڪري ٻڌايو:
    عمر ساری تو کٹی عشق بتاں میں مومن
    آخری وقت میں کیا خاک مسلماں ہوں گے
    انهيءَ تي هن ٽهڪ ڏئي چيو ته مان ڄائي ڄم کان مسلمان نه آهيان، ڇڙو نالو مومن آهي. جڏهن مون هن کي ٻڌايو ته مومن ڪنهن پرده نشين عورت سان عشق ڪندو هو ۽ جڏهن هن کي خط موڪليندو هو، ته خط لغڙ ۾ ٻڌي، لغڙ ڪوٺي تان اڏائي ان کي گُت کارائيندو هو، جيئن لغڙ ان پرده نشين جي ڪوٺي تي ڪري ۽ هو ان مان خط ڇوڙي وٺي۔ پوءِ هو وري لغڙ اڏائي. ان جي ڏور ڇڪي وٺندو هو. ان تي مومن هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٿڌو ساهه ڀري چيو: ”اسان وٽ ته ڪا پرده نشين مسلمان رهي ناهي. سڀئي گل رخسار جهڙيون بي حيا رهيون آهن.“
    سرود انجم: ستارن جو راڳ
     ترجمو: مالڪ جي مالڪي وئي، ٻانهي جي ٻانهپ وئي، زاري (روس ۾ زار جي حڪومت) ۽ قيصري (جرمنيءَ ۾ قيصر جي حڪومت) گذري وئي، سڪندر جو دور به ختم ٿي ويو، مورتي پوجا جي ريت به نه رهي، ڏسون پيا ۽ وڃون پيا.
     منهنجيءَ انگيءَ ۾ ڪوئلا ڀريل آهن
     جڳ ۾ هوا جي چال هلون.
     آنڌرا ديش جي سندري ڌيئڙي، ڪاري ڪويل جئن ڪاري.
     گهنگهرو ٻڌي ميران رستي تي نچندي رهي آهي، سس چوي ٿي ته ميران ڪُل (خاندان)کي ناس ڪيو آهي، ميران چوي ته اپائڻهار جي ٻانهي آهيان، منهنجو درد ڪوئي نٿو ڄاڻي.
     ڪاهن (هندي): جادو گر
     نند ڪي لال: ڪرشن نند جو پٽ هو.
     چاتر (هندي)؛چالاڪ
     تنهنجا پير قالينن جهڙا آهن، منهنجو ويڙهو ڪچو آهي. نه ڪوئي منهنجو نوڪر چاڪر آهي، نه مون وٽ موٽر يا ڪوٺي آهي.
    مان خدا جو شڪر ڪيان جو مون کي ٻن ويلن جي ماني ملي وڃي منهنجي قسمت ته بکون ٿي ڦڪي.
     دل ڇا ٿي ڪري ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي
    روڪجي، روڪجي ٿڙ ٿڙ ڌڙڪي ٿي.
    ۽ ٿڙڪي رڪجي ٿي وڃي
     نوجوان شاعر ’ڪوي‘ (جهمپير واري) جو گيت ’بادليئو‘
     مون کي هڪ مزيدار لطيفو ٿو ياد اچي. جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻيءَ جو ڊي. پي. آءِ محمد عمر دائود پوٽي سان وڏو تڪرار ٿيو، جڏهن دائود پوٽي سنڌي قائدي ۾ سنڌي اچار ڦيرايا، مثلاً: سنڌي اچار شَمَعَ (ميم متحرڪ کي) شَمع (ميم ساڪن ڪري لکيو) اُن وقت ناگراڻي منهنجو سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور ۾ پروفيسر هو ۽ هو ۽ صوفي ڄيٺمل پرسرام دائودپوٽي جي مخالفت تي ٻٽ هئا. (الفاظ جي تلفظ جو جهيڙو ڪفر ۽ اسلام جي جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويو. جيتوڻيڪ اسان سنڌي مسلمان جڏهن نالا رکندا آهيون ته وليءَ بدران ولو رکندا آهيون. اهڙيءَ طرح خدا، رسول، نبي جا به نالا سنڌي اچارن سان کڻندا آهيون. بهر صورت انهيءَ جهيڙي جو اثر مون تي اڄ تائين آهي. مون ڪڏهن به شاعريءَ ۾ فارسي لفظ ۾ ساڪن کي متحرڪ ۽ متحرڪ کي ساڪن نه ڪيو آهي، جيتوڻيڪ مون ٺيٺ سنڌي لفظن کي ايئن ڪم آندو آهي، جيئن اُهي اچاريا ويندا آهن، جي مشدد هوندا آهن ته انهن کي شد سان ڪتب آڻيندو آهيان ۽ غير مشدد ڪري استعمال نه ڪندو آهيان، جيئن فارسي ۽ عربي ۾ ڪيا ويندا آهن.
    مون هي مهاڳ پئي لکيو ته مولانا محمد باقر شمسيءَ جو اردوءَ جي رسالي ”طلوع افڪار“ ۾ شان الحق حقيءَ جي تنقيد جو جواب آيو، جا هن منظور حسين شرر جي ڪنهن فارسي نظم تي ڪئي آهي. مان اهڙي دقيانوسي تنقيد ۽ جوابي تنقيد کي اهميت نه ڏيندو آهيان پر پڙهندڙن جي تفريح لاءِ اُن جو ٿورو حصو ڏيان ٿو، جو هن مهاڳ سان واسطو رکي ٿو. نظم ۾ منظور حسين شرر لفظ بچه تي تشديد لڳائي بَچّه لکيو آهي، ان تي شان الحق حقي تنقيد ڪندي لکيو آهي ته: ”بچه تي تشديد هندستان ۾ لڳائي وئي آهي ۽ ان مان ڪچوريءَ جي بوءِ اچي ٿي.“ جواب ۾ شمسي صاحب چيو آهي ته ”عربن جي غلبي کان پوءِ ايراني شاعر غير مشدد کي مشدد ۽ مشدد کي غير مشدد ڪرڻ شعوري ضرورت جي لحاظ سان جائز سمجهندا ها. عام ٻول چال ۾ ڪيترن ئي لفظن تي تشديد لڳائي وئي. جيئن شڪّر، گلّه (وڳ) پلّه (ڏاڪڻ). ايرانيءَ جو هڪ مشهور عالم محقق دواني هو. دوانيءَ (ديواني) تي به شد ايران ۾ ڏني وئي. امير امان الله جڏهن افغانستان ۾ سڌارا آندا، تڏهن انهن سڌارن جي خلاف مُلا شور بزار هن کي جلاوطن ڪيو، ان کان پوءِ افغانستان مان ٻه اميدوار پيدا ٿيا، هڪ نادر شاهه، ٻيو بچه سقه، ان تي شمسيءَ صاحب پڇيو آهي ته بچه تي تشديد هندستان ۾ لڳائي وئي هئي ته اها افغانستان ڪيئن پهتي، رڳو مغبچي ۽ ترسا بچي تي تشديد نه آهي. ڪاش اسان جا پراڻيءَ تقطيع تي هريل نقاد اهو سمجهي سگهن ته اهڙي تشديد ۽ تلفظ ۾ ٻي ڦير گهير سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي اهم تقاضا آهي. مان ته چوان ٿو ته ٿوري وقت ۾ سنڌي لفظ ساڪن ۽ متحرڪ به سنڌي اُچار جي لحاظ کان ڪيا ويندا ۽ ڪرڻ به گهرجن.
    مٿي ذڪر ڪيل جهيڙي هلندي مون کي پروفيسر ناگراڻي چيو: ”اياز، اهو فارسي بحروزن به اجايو آهي. فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن جي بدران اسان ٺاٺ ٺاٺا ٺاٺ ٺاٺا ٺاٺ ٺاٺ ٺا چئي سگهون ٿا.“ ان تي مون هن کي جواب ڏنو ته ”ايئن ته اسان ”ناگراڻي ناگراڻي ناگراڻي ناگرا“ به چئي سگهون ٿا. وزن ته ساڳيو آهي فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن.“
     هتي ڪتاب ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ ۾ شامل شاعرن جي شاعريءَ جو ذڪر آهي.
     مسام (فارسي)؛ وارن هيٺان سوراخ
     بودليئر (1821ع - 1867ع): فرينچ شاعر.
     وڪٽر هيوگو (1802ع - 1885ع) ناول ۽ ناٽڪ نويس.
     ماني (1832ع-1883ع) فرينچ مصور ۽ عين بين تصوير ڪڍندڙ
     رسائين (1639ع کان 1699ع تائين) فرينچ ناٽڪ نويس
     مصنف زيتونن جي باغ ۾ اچي ٿو. هن سان پهري سجاڳ چؤنڪي (Civil guards) گڏ آهي... ترڪڻو رت سُن ۾ ڪاريهر جئن ڦڦڪاري رهيو آهي. پهري سجاڳ چؤنڪيءَ واري، اها پراڻي ڪهاڻي آهي، چار روسي ماريا ويا آهن، چار ڪارٿيجي (لورڪا).
    سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙي شاعري خليفي نبي بخش جي سر ڪيڏاري ۾ ملي ٿي ۽ سنڌ ماضي، حال ۽ مستقبل لاءِ کرڙيءَ جي ميدان جو روپ وٺي ٿي.
     ايڊٿ سٽويل (1887ع -1964ع): انگريز شاعر ۽ اديبا.
     وئليسس اسٽيونس (1879ع - 1955ع): آمريڪي شاعر.
     مانيٽل (1896ع - 1981ع): ويهين صديءَ جو وڏي ۾ وڏو اطالوي شاعر، جنهن کي 1981ع ۾ ادب لاءِ نوبل پرائيز ملي.
     ڊئلان ٿامس (1914ع - 1953ع) ويلس ۾ ڄايل شاعر ۽ نثر نويس.
     ڊي ڪُئنسي ٿامس: انگريزي ٻوليءَ جو نثر نويس، جنهن جو مشهور ڪتاب ”آفيميءَ جي باس“ (Confession of an opium eative) آهي. (1759ع - 1785ع).
     ايڊ گرايلن پو، آمريڪي مشهور شاعر، نقاد ۽ ڪهاڻي نويس (1809ع - 1859ع).
     ورڊسورٿ- وليم: انگريزيءَ جو مشهور شاعر (1770ع - 1850ع).
     بائرن: انگريزيءَ جو مشهور رومانوي ۽ آزادپسند شاعر. (1809ع - 1892ع).
     ٽيني سن، آلفريد: انگريزيءَ جو مشهور شاعر (1809ع - 1892ع).
     آرنولڊ، ميٿيو: انگريزي شاعر ۽ نقاد (1822ع - 1888ع).
     برائوننگ، رابرٽ: انگريزي شاعر (1812ع - 1889ع).
     والٽ وٽمئن: آمريڪي شاعر (1819ع - 1892ع).
     لافورگ جوليس: (1860ع - 1887ع) فرينچ شاعر ۽ نثر نويس.
     اپالونيئر (1880ع - 1918ع) فرينچ شاعر جو پول- اطالوي نسل جو هو.
    هاپڪنس: (1844ع - 1889ع) انگريزي شاعر
     ازرا پائونڊ: (1885ع - 1972ع) آمريڪا جو شاعر ۽ نقاد.
     ٽي ايس ايليٽ : (1888ع - 1965ع) آمريڪي شاعر جو ميسوريءَ ۾ پيدا ٿيو هو. 1920ع ۽ ان کان پوءِ انگريزي ادب تي ڇانيل رهيو.
     مائڪل دي يونامنو: (Miquel the unamuno) اسپين جو نويس شاعر ۽ مضمون نگار (1864ع کان 1936ع تائين).
     اليگزانڊر بلاڪ (1880ع - 1928ع) سڀني روسي رمزيت پسندن کان اهم روسي شاعر.
     ٿامس هارڊي: (1840ع - 1928ع) انگريز ناول نويس ۽ شاعر.
     ييٽس (William butler Yeates): آئرلينڊ جو شاعر، ناٽڪ نويس، نقاد ۽ ٽئگور جي گيتانجليءَ جو مترجم، 20 صديءَ جو هڪ وڏو قوم پرست (1865ع - 1939ع).
     گوئبلز: هٽلر جو اطلاعات جو وزير.
     گوئرنگ: هٽلر جو ثقافتي امور جو وزير
     گني سامتاڻيءَ مون کي بمبئيءَ ۾ ٻڌايو هو ته هن جي نالي جو اچار رِلڪي نه پر رِلڪِ آهي
     اڪيارٿا: اجايا، بيڪار
     اڻ- ڪوڙيل ڳلن تي: جتي ٻوڙا ۽ گل بيٺا هجن
     مائيڪل اينجيلو (1475ع - 1564ع) اطالوي صنم ساز، مصور، معمار، ڊرافٽس مئن (Drafts Man) ۽ شاعر، رينيسانس جي دور ۾ يورپ جي عظيم شخصيتن مان.
     ريفل (1746ع- 1828ع) اطالوي مصور ۽ معمار، جنهن جون تخليقون رينيسانس جي دور جي زينت آهن
     گويا (1746ع - 1828ع): هسپانوي مصور ۽ عين بين تصوير ڪڍندڙ.
     گوئٽي (1746ع - 1832ع) المانوي شاعر، ناول نويس، ڊرامانگار ۽ فطري فلسفي، اول درجي جو اديب
     لرمنتوف (1814ع - 1841ع): روسي رومانيت پسند شاعر، جو ڪوهه قاف ۾ مقابلو ڪندي ماريو ويو هو
     سمون دي بوار (1908ع - 1986ع) سارتري جي ري نڪاحي زال، ناول نگار، يورپ جي مشهور اديبه ۽ نفسيات جي ماهر
     ڪاميو (1913ع - 1960ع) فرينچ ناول نگار، ڊراما نويس، مضمون نگار ۽ صحافي.
     شولو خوف (1905ع - 1984ع): روس جو مشهور ناول نويس
     ووزني سينيسڪي: روس جو مشهور زنده شاعر.
     ايوتو شينڪو: روس جو مشهور زندهه شاعر
     چيڪا: ڪي جي بيءَ جي پيش رو، روس جي خفيه پوليس
     جيمس جئائس (1882ع - 1941ع): آئرلينڊ جو ناول نويس ۽ شاعر
     ڊي ايڇ لارينس (1885ع - 1930ع): انگريز ناول نويس، شاعر ۽ نقاد
     مڪاڊو (1875ع - 1939ع) هسپانوي شاعر.
    جمنيز (1821ع - 1988ع: هسپانوي شاعر.
    گيولين (1893ع - 1984ع): هسپانوي شاعر.
     آلبرٽي ريفل (1902ع ۾ ڄائو ۽ اڃا تائين جيئرو آهي) هسپانوي شاعر
    بيونس ايئريس: آرجينٽينا جي گادي ۽ مکيه بندر آهي. 1980ع ۾ ان جي آدمشماري ڏهه ملين هئي
     مانٽيل: اطالوي شاعر، جنهن کي 1975ع ۾ ادب لاءِ نوبل پرائيز ملي
     ڪئاسي موڊو، سئلوي تار (1901ع - 1968ع) اطالوي شاعر، جنهن 1959ع ۾ ادب تي نوبل پرائيز حاصل ڪيو
     غالباً قابيل ۽ هابيل جي حڪايت ڏانهن اشارو آهي
     آڊن (1908ع -1973ع) انگريز-آمريڪي شاعر، ناٽڪ نويس ۽ ادبي نقاد
     سي ڊي ليوئس (1904ع - 1972ع) انگريز ناول نويس، شاعر ۽ نقاد
     لوئي مئڪ نيس (1907ع - 1963ع) انگريز-آئرش شاعر، نقاد ۽ سفر نويس
     اوون (1893ع - 1918ع) انگريز شاعر ۽ پهرين جنگ جو سپاهي، جنهن جي شاعريءَ جو ٽيهين ڏهاڪي واريءَ شاعريءَ تي ڪافي اثر هو
     لفظ Volcan انسائيڪلو پيڊيا ۾ ڪو نه آهي. لاطيني لفظ Vulcan آهي، جنهن جي معنيٰ Volcano (آتش فشان، جوالا مکي) آهي
     روغني تصوير (Oil Painting)
     اڇي ٽوپي خلاصي پائيندا آهن. اها پاڻيءَ تي جهاڳ وانگر لڳندي آهي
     ڌرتيءَ ڌڻي (Land Baron)
     ڪمپئنيرا (Companara) : هسپانوي لفظ آهي ڪامريڊ لاءِ.
     ڪانڪئسٽيڊار (Conquistador) : آمريڪا جو ڪو به هسپانوي فاتح، خاص ڪري جي 16 صدي ۾ پيرو ۽ ميڪسيڪو ۾ هئا. هونءَ اسپيئنش ٻولي ۾ لفظ جي معنيٰ ”فاتح“ آهي.
     آفريڪنر: آفريڪا ۾ يورپ جا مستقل رهواسي
     جاز: نيگرو ناچ/ موسيقيءَ جو قسم
     نيگريٽيوڊ (Negritude)؛ نيگرائپ، نيگرو هجڻ جي ڪيفيت
     ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان
     مظهر لغاري
     ٽڪسيڊو (Texedo) ماڻهوءَ جو رسمي سوٽ جو گهڻو ڪري ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي
     خير محمد ڪوي، جهمپير جو نوجوان شاعر
     ’اثر‘ عبدالعزيز سولنگي، جهمپير وارو
     خير محمد ’ڪوي‘


    حسن درس

    تعارف




    نالو: محمد حسن
    قلمي نالو: حسن درس
    پيءُ جو نالو: ميهون غلام رسول
    ڄمڻ جو هنڌ: مشائخ هوٿي، تعلقو ٽنڊواليهار
    ڄم: 5 سيپٽمبر 1966ع
    وفات: 16 جون 2011ع
    تعليمي لياقت: ايم-اي فائينل
    ايڊريس: C-14، انڊس گيس سوسائٽي قاسم آباد/حيدرآباد.


    نظم

    هر ماڻهوءَ جي من ۾ هڪڙي
    گهوڙي جي ٽاپولي آهي.
    هر ماڻهوءَ کي سمنڊ ذرو آ
    هر عاشق کي ساحل آهي
    هر ساحل کي اوسيئڙو آ
    ۽ اوسيئڙو جي ليئڙي ۾
    ڪائي ڇلندڙ ڇولي آهي.

    هر ماڻهوءَ کي خيال اچن ٿا
    سهڪي صديون سال اچن ٿا
    هولن پويان حال اچن ٿا
    حالن ۽ احوالن پويان
    ڪائي ٻرندڙ ٻولي آهي.

    هر ماڻهوءَ ۾ مور نچي ٿو
    هر ماڻهوءَ ۾ چور نچي ٿو
    تارونءَ ۾ تلوارن ترندڙ
    هڪڙو پورو دؤر نچي ٿو
    هرڪو دؤر پرولي آهي.


    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ

    جا اسان سڀني سڏي آ
    سا ته ڄڻ ڪا آرزو آ
    سا ته ڄڻ ڪائي اڏي آ
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ،
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ.

    رات پوئين پهر ۾
    هن ڪاري قهر ۾
    جندڙي ڪمزور آهي
    جندڙي هيڪل جڏي آ
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ،
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ.

    جنهن به ديس ۾ وياسين
    جنهن به ويس ۾ وياسين
    ٽهڪ تنهنجا ئي ٻڌاسين
    گفتگو تنهنجي گڏي آ
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ،
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ.

    چنڊ تارن جي خدائي
    هيءَ ملڻ جهڙي جدائي
    جيترو نزديڪ ٿياسين
    اوترو پرتي ڇڏي آ
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ،
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ.


    روز ٿو ڦاسي پوان

    روز ٿي ڏانوڻ وجهين
    روز ٿو ڦاسي پوان.

    ٻانهن تنهنجي جي ڊگهي
    لچڪندڙ ٽاريءَ مٿان
    روز لالائي لنوان
    روز ٿو ڦاسي پوان.

    روز تنهنجو روپ نئون آ
    روز مون کي ٿا لڳن
    نينهن تنهنجا ڄڻ نوان
    روز ٿو ڦاسي پوان.

    سمنڊ ٿو مون کي سڏي
    مان هليو ويندس هتان
    روز ٿو سوچي چوان
    روز ٿو ڦاسي پوان.


    ڪانڊيري نالي هُو هاري

    نظم

    ڪانڊيري نالي هُو هاري
    ڪالهه مري ويو سيءَ تپ ۾
    ڪانڊيري جو ڏاندن جوڙو
    پر سياري ۾ چورن ڪاهيو،
    جنهن تي ڪتي ڪيڏو باهيو،
    ها پر رات به ڪاري آهي
    جنهن کان توبه زاري آهي
    ڇا ڇا ٿي تاريخ ڦلهوري
    چورن جا ٿي پيرا ڊاهي،
    هن جي زال ته رليون ٺاهيون
    ڪيڏيون پياريون ڀليون ٺاهيون
    جنهن ۾ هن هئي ننڊ به ٽانڪي
    پنهنجو سارو نور به ٽوپيو
    اڊڙيل هر هڪ سور به ٽوپيو
    ڄڻ هن سارو ديس سبيو هو
    پنهنجو هر آسيس سبيو هو،
    سي به وڏيرنِ کي ته وڻي ويون

    جيڪي آخر مفت کڻي ويون
    هن کي رئيس وڏي وٽ وهندي
    پورو سال هي نائون ٿيو هو
    هيل فصل به ته ڍلو ٿيو هو
    ۽ ليکو به ته لائون ٿيو هو
    هن کي ڪڏهن خط نه آيو
    هن کي ڪڏهن تار نه آئي
    هو جو ڪنهن کي ياد نه آيو
    هن جي ڪنهن کي سار نه آئي
    هن جي ڪا ائڊريس نه هئي
    هن جو ڪو گهر نمبر ناهي
    هن جو گهر آ واٽر ڪپ ۾
    ڪالهه مري ويو سيءَ تپ ۾
    ڪانڊيري نالي هڪڙو هاري.


    کل جهڙا پيار پنهنجا

    ٻار ڄڻ ٻيئي اسين
    کل جهڙا پيار پنهنجا

    گفتگو ۾ گڏ آهيون
    هڪٻئي جو سڏ آهيون
    پوءِ به ايئن لڳي ٿو جانان
    ڌار ڄڻ ٻيئي اسين.

    نوجوانيءَ ٻور ڇاڻيو
    پاڻ هڪ ٻئي کي نه ماڻيو
    انب هڪڙي جا ڀڳل
    ڏار ڄڻ ٻيئي اسين.

    جيت هڪ ٻئي جي مٿان
    ڪين ٿي ڪنهنجي هٿان
    اوچتو محسوس ڪيوسين
    هار ڄڻ ٻيئي اسين

    ٻار ڄڻ ٻيئي اسين
    کل جهڙا پيار پنهنجا


    خانم گگوش

    خام گگوش جي تصوير جي
    فريم ۾
    هڪ ملڪ بند آهي
    جتي جي سرحدن ۾ جواني منع آهي.
    تاريخ جي سگريٽ کي
    تيليءَ چميو ته
    وقت دکي پيو
    ۽ هڪ ڊگهي ڪش ۾
    درد جو سرمئي دونهون
    هوا ۾ اڏرندو ويو،
    خميني تون هڪ ڦلي وانگر
    پنهنجي قبر جي ايش ٽري ۾
    بي معنيٰ ٿي ڇڻي پوندين،
    گگوش جي اکين ۾
    هڪ ڪربلا ڇرڪ کائي جاڳي اٿي
    ۽ خوابن جا حُسين
    پنهنجي قتل جي بي واجبيءَ تي
    هر يزيد
    هر خميني جو ابدي موت
    اورانگهي
    من جي نين موسمن جا
    نوان عنوان بنجي ويا.
    درد جي هن پراڻي ڍنڍ تي
    ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي
    جڏهن گڏجي اڏرندا
    ۽ چٽي اس ۾ به
    پکين جو هڪ ڪڪر
    ڍنڍ تي ڇانورو ٿيندو
    ته ڪروڙين ڇوڪرا ۽
    ڇوڪريون
    جوانيءَ جي ٽاريءَ تي
    زندگيءَ جي چيلهه ۾ ٻانهون
    وجهي
    مسلسل ٽهڪ ڏيندا
    ۽ انهن ٽهڪن ۾
    گگوش سدائين جوان رهندي.


    تون ته سمجهين ٿي ته

    *
    تون ته سمجهين ٿي ته
    منهنجا خواب سڀ نامرد ٿيا
    ۽ هجر جي شام هرڪا
    ڄڻ ته کدڙن جي مڙهيءَ جي ماٺ آهي.
    تون ته سمجهين ٿي ته
    منهنجي موهه جون مرليون سڀيئي
    بي سريون بيڪار ٿيون
    ۽ درد جو هو نانگ ڪارو
    ڀٽ ۾ ڀٽڪي مئو
    ۽ سندئي احساس جيڪو
    ڄڻ ته گيڙو ويس آ
    مون وڃائي آ ڇڏيو.
    تون ته سمجهين ٿي ته
    منهنجي سمنڊ سان ياري پراڻي وئي ٽٽي
    ۽ ساحلن تي بي وفائي پيو بڪان
    ۽ هاڻ ڪائي يادگيري
    ڪا ڪياماڙي نٿي مون کي ڇهي.
    تون ته سمجهين ٿي ته
    مون ڪيٽي بندر
    تنهنجي سنيهي جيئن سجاول کي وساري آ ڇڏيو
    ۽ سڀئي تاڙيون کجيون
    جهمپير جون
    مون ۾ ويون آهن مري.
    تون الائي ڇا به سمجهين
    پر ائين آهي برابر
    خودڪشيءَ جي خيال وانگي
    سنڌ کي مون سؤ دفعا آ سوچيو
    هر دفعي مون مات کاڌي تو هٿان
    هر دفعي هن عاشقيءَ
    مون کي بچائي آ وڌو.
    هن ديس جو هڪ هڪ چپو
    منهنجي چپن ۾ آ چمي
    منهنجي هٿن ۾ جام جيئن
    منهنجي اندر جي آسمانن ۾ اڏامن جي شڪل
    هن ديس جي هر هڪ گهٽي
    منهنجي رڳن ۾ ٿي لهي
    هن ديس جي هر ڪا دري
    منهنجي اندر ۾ ٿي کلي
    ڇا ڇا نه مون آهي ڏٺو هن ديس ۾.
    هوءَ سنڌو
    ڄڻ ڪا فرينچ ڇوڪري آهي ستل
    ۽ انهيءَ تي چاندي.
    ڄڻ سڻي پيئي لڙهي لهرن اندر
    ڄڻ ته ڪا ساڙهي اچي
    پئي اڏامي اُڀ ۾
    ۽ هو سمورا ڳوٺ جيڪي
    ڄڻ ته آهن ٽئگور جي شاعري
    ۽ تنهنجي اکين مان اس جي وسڪار جيڪا
    ۽ وڻن تي
    اُن اکين جي اُس جو ادراڪ جيڪو مون ڪيو
    ۽ سمندر جي گجيءَ مان
    ڄڻ ته ٿو تنهنجو جسم مون ڏي اچي
    ڇا ڇا نه مون آهي ڏٺو هن ديس ۾
    ها اڃان مون مان شرابن جي سڃاڻپ
    ڪا نه وئي آ
    ۽ اکين جي گهور گهاتو
    ڪين ٿي آهي مُڏي،
    اڄ به تنهنجي چاهتن جا
    باغ ٿا مون ۾ لڏن
    اڄ به ڪائي کنوڻ ٿي مون ۾ کجي
    اڄ به ڄڻ هالار ٿو مون ۾ گجي
    اڄ به تنهنجي درد ۾ سو دم آهي
    ڄڻ ته تنهنجي چيلهه جو ڪو خم آهي
    اڄ به مون ۾ ڪا جيئڻ جي جاڳ آهي
    اڄ به منهنجي عاشقي ڄڻ آڳ آهي.


    ڪا به ڪويتا اُجري ناهي

    ڪا به ڪويتا اُجري ناهي
    من به هڪڙي گهٽي آهي،
    تنهن ۾ ڪجهه ميراڻ ته هوندي.
    روز فرشتا، شيطانن جي ٻانهن ۾
    گَهري ڄڻ ته گناهن جي ڪا ننڊ جتي
    اوجاڳيل مينار مٿان ڪنهن مسجد جا
    رکوالا گرجا جا وڄندڙ گهنڊ جتي
    هونئن به ميرو رنگ مٽيءَ جو
    پنهنجي گهر ۽ پنهنجي گهٽيءَ جو
    ۽ تنهن سوڙهي گهٽيءَ ۾
    لٽ چڙهي وئي آ لفظن تي
    گند گناهن جا هن ڪيڏا اُڇلايل
    ڪير اُنهن کي ڦُوڪي ٺاهي
    ڪا به ڪويتا اُجري ناهي.


    ننگي سرمد جي حضور ۾

    مان تنهنجو ساڳيو اَڀي چند
    تهمتن جي ديس ۾
    ڌُنڌلي شام جي هن شهر ۾
    تنهنجي عُريانِيءَ جي ڪتبخاني اڳيان،
    درد جا پيالا ڀري
    ۽ ڏوڪيان ٿو،
    پاڻ کي ئي ٽوڪيان ٿو!
    ڪنهن اُگهاڙي موهه جي اقرار ۾،
    پيار جو انجام ڪو
    گُگُهه اونداهين گهٽين جي ڀوڳنا ۾،
    بخت جون لڪيرون
    تخت جي هيٺان اچي دٻجي ويون
    ۽ وقت جيڪو
    رات جو سينو ڪُٽي، پٽبو رهيو
    رُت پنهنجا روڳ روئي
    تنهنجي پيرن مان جا ڦٽڻي هئي پرهه
    مان ته ٿو تنهنجا اُهي ئي پير روئان
    تنهنجي دامن ۾ اجهاڻي جا صُبح
    مان نه ٿو توسان اهي انڌير روئان
    مان ته ڪنهن اجڙي ويل ٻوٽي مثل
    تون وڏو جهنگل،
    جنهن جي ماٺ به ايڏو وڏو آواز آجو ڏار ڌڙڪن.
    مان ته ڪنهن وکري ويل جهوٽي مثل
    تون وڏو طوفان
    ڪوئي ٿرٿلو
    ڪوئي زلزلو
    جو هر گهر جي دل ڌُٻي.
    پوءِ به تنهنجي هن وڏي دنيا اندر
    نانو پنهنجي جو ننڍو نذرانو ڏيان ٿو
    درد جو تنهنجو بچيل
    تنهنجي اوبر
    ڏوڪيان ٿو.
    مان تنهنجو ساڳيو اڀي چند
    مان تنهنجو ساڳيو اڀي چند.


    شاعر جو وطن

    هڪ شاعر جو وطن
    هن جون اکيون.
    هو سڪيءَ تي
    سمنڊ جهڙي سار ٿي هن کي اچي،
    هو لکي ٿو لفظ
    ڪيڏي خار ٿي هن کي اچي
    هو الائي ڇا ته ٿو چاهي
    سدائين ڳوٺ ٿو ڪاهي
    ۽ اڄ به سوچي ٿو ته
    هنجي ڳوٺ جي سوڙهي ڳليءَ ۾
    زندگي سٺي هوندي
    سنگ مرمر جي قبر تي
    چاندني وُٺي هوندي،
    هو ته سوچي ٿو ته
    هن جي ڀاءُ جي بندوق جي نالي گرم هوندي
    ۽ ڍنڍ تي ڪئين پکي ڦٿڪندا هوندا
    ۽ هن جي ڀاءُ جي سرخ گهوڙي
    بندوق جي فائر تي هڻڪندي هوندي
    اوچتو هو اڃان ان کان به اڳتي ٿو وڃي:
    ”زندگي ڪنهن بي جاءِ تي آهي“
    هو ته ڄڻ ميلان ڪنڊيرا جي ماٺ سان ٿو ملي
    هو پراگ جي هڪ گهر ۾ ڏسي ٿو
    جتي ڪا چيڪ ڇوري
    ڪنهن غير ملڪيءَ سان اگهاڙي آ ستل
    ۽ ڪنڊيرا تون ته پئرس ۾ رهين ٿو
    زندگي ڪنهن ٻي جاءِ تي آهي
    ها جتان سولزي نٽسن جي
    ملڪ بدريءَ جو سج اڀري ٿو
    يا اڃان ان کان به اڳتي
    جتي محمود درويش جي ڏاڏاڻين کجين مان
    ام ڪلثوم جي مٺي آواز جهڙي
    هوا نغمه سرا آهي.
    جيستائين ٿي وڃي سوچ هن جي
    تيستائين ٿو ڪهي هو،
    جيستائين ٿي، نهاري اک هن جي
    تيستائين ٿو رهي هو،
    هڪ شاعر جو وطن
    هن جون اکيون.


    حواري بومدين

    باغ جا درخت سمورا
    ٽاري ٽاري بومدين.
    ڪير آهي ڪالهه جهڙو
    ڪير آ ڊيگال جهڙو
    اڄ ته پئرس جي گهٽين ۾
    سارتر ڀي ڪو نه آ
    ڪير جو ساکي ٿئي
    ۽ زهر ۾ ماکي ٿئي.
    الجوائر ايترو ناهي پري
    جيترو تون دور آهين ديس کان
    موت جي هن آسماني ويس ۾
    ۽ سموري عرب ۾
    اڄ ته موسيٰ ۽ محمد
    ياسر عرفات کي ڇا ٿا چون
    وچ ۾ ڪنهنجي پون.
    هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي درد جي نبوت ملي
    ڪير ٿو خالي وري خيما ڪري
    ڪير ٿ درويش جون نظمون ٻڌي
    هر قذافيءَ جون اکيون ڀنل
    سڄي تاريخ جي ڇاتي ڇنل
    ڇا انهيءَ جو ٽوڙ آهي؟
    او حواري بومدين
    او حواري بومدين!


    سردين جو هڪ نظم

    منهنجي من مان پيار جا
    گرم چشما ٿا ڦٽن.
    هيل ڪيڏي ٿڌ آهي
    ۽ اڳي کان وڌ آهي
    پاري پوڻ کان پوءِ به
    منهنجي من مان پيار جا
    گرم چسما ٿا ڦٽن.
    سرد ملڪن جي پکين
    جهڙي حسين ڇوڪري
    منهنجيون ڏهه ئي آڱريون
    ميڻ بتين وانگي ٻرن
    پوءِ به تنهنجي روح جون
    سڀ ڳليون سنسان ڇو؟
    مون وانگي پيون ٺرن.
    تنهنجي بدن سان جا به آ
    منهنجي هٿن جي گفتگو
    سا سموري آڳ آهي
    پوءِ ڇو چپ چاپ آهين
    هيل ڪوئي گيت ناهين
    ۽ نڪو آلاپ آهين
    ۽ انهيءَ کان اڳ جو
    تون سڀئي خُنڪيون کلي
    برف جي ڪنهن مجسمي
    وانگي وڃين گهر ۾ ڄمين
    هل ته دوزخ ۾ هلون،
    هل ته دوزخ ۾ هلون.


    لهر ٿي جاڳي ڪري ٻي لهر ۾

    غزل

    لهر ٿي جاڳي ڪري ٻي لهر ۾
    ڇو سمندر ڇو ڀلا سمهين نٿو.

    رات جي ڏيئي ۾ جاڳن ٿا جنم
    گهنڊ مندر ڇو ڀلا سمهين نٿو.

    زندگي ڪيڏي ذلالت شڪستون
    تون سڪندر ڇو ڀلا سمهين نٿو.

    ٻاهر ڪيڏو اڄ مسافر مينهن آ
    منهنجي اندر ڇو ڀلا سمهين نٿو.

    جاڳ جي ٻيڙي ته پرزا ٿي چڪي
    شاهه بندر ڇو ڀلا سمهين نٿو.

    گهر تي ڀاتين سان ستو آ ڀاڪرين
    کڙڪندڙ در ڇو ڀلا سمهين نٿو.


    سعيد ميمڻ

    تعارف



    نالو: سعيد احمد ميمڻ
    پيءُ جو نالو: شبير احمد ميمڻ
    قلمي نالو: سعيد ميمڻ
    جنم تاريخ ٨-نومبر ١٩٦٨ع
    تعليمي لياقت: ايم اي سنڌي ادب
    ادبي پورهيو: شاعري جو مجموعو ”خالي آکيرو“
    ڏس پتو؛ پوسٽ عاقل، تعلقو ۽ ضلعو لاڙڪاڻو


    رستن جي ويراني، مون ڏي گهوري ٿي،

    رستن جي ويراني، مون ڏي گهوري ٿي،
    هر شيءَ مان حيراني، مون ڏي گهوري ٿي.

    پوڙهائپ جي سرحد ڏي مان ڪاهيان ٿو،
    پٺتان ڪيئن جواني، مون ڏي گهوري ٿي.

    ڪمري اندر تنهنجي هيءَ تصوير مٺي!
    ماضيءَ جي نشاني، مون ڏي گهوري ٿي.

    ڏاهپ مون کي جيئن هلي ٿي ساڻ کڻي،
    ننڍپڻ جي ناداني، مون ڏي گهوري ٿي.

    ڪيڏو وقت لڪل آ کل جي گهنجن ۾،
    پوڙهي جي پيشاني، مون ڏي گهوري ٿي.


    مون کي صدما، اڪيلو ڇڏن ئي نٿا،

    مون کي صدما، اڪيلو ڇڏن ئي نٿا،
    پو به سپنا، اڪيلو ڇڏن ئي نٿا.

    ڪيئن چنبڙي پيا هن اچي جيءَ سان،
    هِيءُ ناتا، اڪيلو ڇڏن ئي نٿا.

    ساڻ هلندا يڪو جيسين منزل اچي،
    اڌ ۾ رستا، اڪيلو ڇڏن ئي نٿا.

    مان ته چاهيان ٿو مُرڪي اوهان ڏي اچان،
    پر هي ڳوڙها، اڪيلو ڇڏن ئي نٿا.

    ڪڍ لڳا ٿا اچن، هر گهڙيءَ پوئتان،
    ڪنهن کي پاڇا، اڪيلو ڇڏن ئي نٿا.

    وقت جي ڄار مان ڪيئن نڪري وڃان،
    سعيد لمحا، اڪيلو ڇڏن ئي نٿا.


    ڪنهن منظر ۾، نيڻ اسان جا گم ٿي ويا،

    ڪنهن منظر ۾، نيڻ اسان جا گم ٿي ويا،
    دوست! سفر ۾ ، نيڻ اسان جا گم ٿي ويا.

    ڳوليم پئي ڪجهه گهري گهري پاڻيءَ ۾،
    آخر جر ۾، نيڻ اسان جا گم ٿي ويا.

    سالن کانپوءِ موٽياسين پر، ڪو به نه هو،
    خالي گهر ۾، نيڻ اسان جا گم ٿي ويا.

    ڪوئي ڄاتل چهرو ان مان ظاهر ٿيو،
    جيئن پٿر ۾، نيڻ اسان جا گم ٿي ويا.

    ڪڙڪي پيو هو اوچتو لشڪر لفظن جو،
    ۽ ڪاڳر ۾، نيڻ اسان جا گم ٿي ويا.

    جن تي ڪوسا چپ رکيا ها محبوبا!
    سي به قبر ۾، نيڻ اسان جا گم ٿي ويا.

    ***


    ڄمڻ بعد جيئن ئي کُلن ٿيون اکيون،

    ڄمڻ بعد جيئن ئي کُلن ٿيون اکيون،
    سڄي عمر بس پو رُلن ٿيون اکيون.

    گهڻو وقت اڳ پيا سپنا سڙي،
    اڃان تائين پنهنجون جلن ٿيون اکيون.

    جسم آهه مون ساڻ ڪمري ۾، پر
    لڳي ٿو ته ڪنهن سان هلن ٿيون اکيون.

    اچي ٿو نظر ڪنهن ۾ ڪوئي ٻيو،
    هي سچ آ يا منهنجون ڀُلن ٿيون اکيون.

    صدين تائين پهچي ٿي هن جي نظر،
    ڪلاڪار کي جي ملن ٿيون اکيون.

    ***


    سارو جيون سارون، سات نه ڏينديون هن،

    سارو جيون سارون، سات نه ڏينديون هن،
    گلڙن جون مهڪارون، ساٿ نه ڏينديون هن.

    وقت پڄاڻان هر شيءِ ڊهندي ويندي آ،
    گهرڙن کي ديوارون، ساٿ نه ڏينديون هن.

    گيت صدين تائين آلاپيان ڪيئن ڀلا؟
    تنبوري جون تارون، ساٿ نه ڏينديون هن.

    تنها تنها ورندا هن آکيرن ڏي،
    پکين کي به قطارون، ساٿ نه ڏينديون هن.

    لُڙڪن ساڻ لُڙهي، ويندا هن سپنا ڀي،
    مَن-ساگر جون ڌارون، ساٿ نه ڏينديون هن.

    شورَ جي وچ ۾ دٻجي وينديون آهن سعيد!
    ڪن تائين به پڪارون، ساٿ ڏينديون هن.

    ***


    ڏيوِڍيءَ ۾، ڪوئي بيٺو آ اچي،

    ڏيوِڍيءَ ۾، ڪوئي بيٺو آ اچي،
    يا ته جيءَ ۾، ڪوئي بيٺو آ اچي.

    مان ته پنهنجو پاڻ کي آيس ڏسڻ،
    آرسيءَ ۾، ڪوئي بيٺو آ اچي.

    ڄڻ ته ڳاڙها ريشمي ڪپڙا ڍڪي،
    هن بتيءَ ۾، ڪوئي بيٺو آ اچي.

    تيز واچوڙو، پڇي ٿو جوش مان،
    ”ڇو مٽيءَ ۾، ڪوئي بيٺو آ اچي؟“

    پوئتان ڪيڏن زمانن کي ڇڏي،
    هن صديءَ ۾ ڪوئي بيٺو آ اچي.

    ***


    ڪتابن ۾، آواز ڀڻڪي رهيا هن،

    ڪتابن ۾، آواز ڀڻڪي رهيا هن،
    نقابن ۾ ، آواز ڀُڻڪي رهيا هن.

    صدين کان سوالن جا سُڙٻاٽ آهن،
    جوابن ۾، آواز ڀُڻڪي رهيا هن.

    اسان، جاڳندي جن کي چاهيون ٻڌڻ ٿا،
    سي خوابن ۾، آواز ڀُڻڪي رهيا هن.

    لڳي ٿو ته موهن جي دڙي اندر ڪي،
    عذابن ۾، آواز ڀڻڪي رهيا هن.

    وري چنڊ-پوپٽ چمن ٿا گلن کي،
    گلابن ۾، آواز ڀُڻڪي رهيا هن.

    هي جسمن جي گرمي ۽ ٿوري ڇهڻ سان،
    حجابن ۾، آواز ڀُڻڪي رهيا آهن.

    ***  


    اُڀ ڪاغذ جيئن

    اُڀ ڪاغذ جيئن
    پيو آ کلي:

    چئي ٿو، ”مون تي لِکُ!“

    آئينو سڀ سان،
    بيٺو آ ملي:

    چئي ٿو، ”مون تي لِکُ!“

    درُ، ملائي تاڪ
    صفحن جيئن کُلي:

    چئي ٿو، ”مون تي لِکُ!“

    پکي، کولي پَرَ
    آيو آ هَلِي:

    چئي ٿو، ”مون تي لِکُ!“


    ذهن جو پُڙ کولي

    ذهن جو پُڙ کولي
    ٽانڊا ڄڻ ڪوئي:

    رکي ويو آ.

    هن جي وات اندر
    نانگ جي ڦڻ ڪوئي:

    رکي ويو آ.

    خشڪ نيڻن ۾
    تتلُ رڻ ڪوئي:

    رکي ويو آ.

    منهنجي جسم اندر
    ٻٻرُ وڻ ڪوئي:

    رکي ويو آ.


    ***


    هينئين جي بر ۾:

    هينئين جي بر ۾:
    خاموشي آهي!

    وڻندڙ ٽهڪ، هيا،
    هاڻي ته گهرَ ۾:
    خاموشي آهي!

    سج لٿي کانپوءِ
    چوڌاري تَرَ ۾:
    خاموشي آهي!

    هلڪيون لهرون هن
    ڇو اڄ ساگر ۾:
    خاموشي آهي!

    چوڌاري واري
    ٽاڪ منجهند، ٿر ۾:
    خاموشي آهي!

    نوري! تو کان پوءِ
    ڪيڏي ڪينجهر ۾:
    خاموشي آهي!

    اوندهه، ڪمرو، سعيد
    ۽ پس منظر ۾:
    خاموشي آهي!
    خاموشي آهي!

    ***  


    منهنجي تصور جو،

    منهنجي تصور جو،
    هر هڪ منظر ٿو:
    لفظ گهري مون کان.

    صفحا هٿن جيئن
    کولي پيپر ٿو:
    لفظ گهري مون کان.

    ٻئي چپ بند آهن
    ٻوٽيل هي در ٿو:
    لفظ گهري مون کان.

    روڊ جي ڀر وارو
    اڇو پٿر ٿو:
    لفظ گهري مون کان.

    ڊهي ويل ڪتبو
    هاڻي ٻيهر ٿو:
    لفظ گهري مون کان.

    منهنجي اندر ۾
    ويٺل شاعر ٿو:
    لفظ گهري مون کان.
    ** 


    چِيڪِي مِٽيءَ مان:

    چِيڪِي مِٽيءَ مان:
    بدن جي خوشبُو.

    هوا آندي آ،
    تنهنجي گهٽيءَ مان:
    بدن جي خوشبُو.

    کوليم لفافو،
    آئي چٺيءَ مان:
    بدن جي خوشبُو.

    ٻاهر نڪري ٿي
    در جي وٿيءَ مان:
    بدن جي خوشبُو.

    مون کي ٿي محسوس
    سورج- مُکيءَ مان:
    بدن جي خوشبُو.
    بدن جي خوشبُو.
    ***  


    ڪارنهن آ اُڀ تي،

    ڪارنهن آ اُڀ تي،
    سڙيل وستيءَ مان:
    رَکَ اُڏامي ٿي!

    ڪنهن ڏي وڃي ٿي؟
    هيءَ جا جُهڳيءَ مان:
    رک اُڏامي ٿي!

    موٽي ڏس ته سهي!
    تنهنجي ماضيءَ مان:
    رَکَ اُڏامي ٿي!

    اکيون کولي ڏِسُ!
    اڄ ڪراچيءَ مان:
    رک اُڏامي ٿي!

    ناهن ڪارا لفظ
    سعيد جي جيءَ مان:
    رک اُڏامي ٿي!

    ***


    رنگُ آڪاشَ جو،

    رنگُ آڪاشَ جو،
    ڪيئن پاڻيءَ مٿان:
    هارجي آ پَيو.

    آيو کٽندو پئي،
    ۽ پڄاڻيءَ مٿان:
    هارجي آ پيو.

    ڪنهن جو ڳوڙهو گرم،
    سُرميداڻيءَ مٿان:
    هارجي آ پيو.

    سمنڊ خوشبوءَ جو،
    رات-راڻيءَ مٿان:
    هارجي آ پيو.

    مِينهُن پَترن تي ائين،
    ڄڻ ته ڇاڻيءَ مٿان:
    هارجي آ پيو.


    روشني ڪري ٿو،

    روشني ڪري ٿو،
    بيهي چنڊ مٿان:
    ۽ مان لکان ٿو.

    صديون اڳ جي دانهن
    چٽي ٿو ٻُڌان:
    ۽ مان لکان ٿو.

    اُڀري ٿو آواز،
    ذهن جي اندران:
    ۽ مان لکان ٿو.

    جاڳيس ڇرڪ ڀري
    ڪچيءَ ننڊ منجهان:
    ۽ مان لکان ٿو.

    رت ڳڙي ٿو
    قلم جي واتان:
    ۽ مان لکان ٿو.
    ۽ مان لکان ٿو.

    ***


    پنجڙا

    پنجڙا

    پٿر ڌارَ َ نه ٿيا مون کان!
    ساندههِ سِرَ تي بَرسِيا هِن،
    مري وَيس ته به تَرسيا هن:
    منهنجي قبر مٿان.
    پٿر ڌار نه ٿيا مون کان!

    *

    اچوڙي! اَچو، لُڙڪ موٽي اچو!
    اَسان کي ويا اڄ سهارا ڇڏي،
    اڪيلائي منهنجي اوهان کي سڏي!
    چوي ٿي ته: ”اجڙيل اکين ۾ ٽِڪو!“
    اچوڙي! اَچو، لُڙڪ موٽي اَچو!

    ***


    اياز جاني

    تعارف



    پورو نالو: اياز حسين.
    ولد: قربان علي ميمڻ.
    قلمي نالو: اياز جاني.
    جنم هنڌ: رحمت پور لاڙڪاڻو
    جنم تاريخ: ٤-آڪٽوبر ١٩٦٧ع.
    تعليمي لياقت: ايم-اي، سنڌي ادب،
    فرسٽ ڪلاس، سيڪنڊ پوزيشن،
    شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور.
    ڪوتا: غزلن جو مجموعو، پن ڇڻ جا پل پٿر،
    ڳوٺ: نئون ديرو ضلعو لاڙڪاڻو.
    ايڊريس: قائد آباد، شاهه لطيف ڪالوني، ڪراچي، سنڌ.


    مَنَ ۾ ٿاڪ تنهنجي نيڻن جا،

    مَنَ ۾ ٿاڪ تنهنجي نيڻن جا،
    چپَ هيراڪ تنهنجي نيڻن جا.

    راز سِرجيا نه سي به ڄاڻن ٿا،
    ڇا ته ادراڪ تنهنجي نيڻن جا!

    باکَ جي چهري کي اوَس چُمندا،
    جن کي ڀي چاڪ تنهنجي نيڻن جا.

    پيار جا ديپ ڪنهن به ٻاريا، پر
    ٿا سجن تاڪ تنهنجي نيڻن جا.

    آءُ مفلس ۽ شهر تنهنجي ۾،
    ڪيترا واڪ تنهنجي نيڻن جا.

    جهول گدلي ۾ ڪيئن جهلي جاني،
    لُڙڪ سڀ پاڪ تنهنجي نيڻن جا.

    ***


    نيڻ-نهارون اڳتي، ڇو نعرا ٿڪجي پيا!؟

    نيڻ-نهارون اڳتي، ڇو نعرا ٿڪجي پيا!؟
    ڇا هِي بيٺي، اُڀ-پيرين، جهنڊا ٿڪجي پيا؟

    ڪيئن تون منهنجي من جي پيڙا ڄاڻي سگهندين،
    ڏسُ ته اکين ۾ آهن، اوجاڳا ٿڪجي پيا!؟

    مان ته اُجهاميو ناهيان؛ تنهنجي اوسيئڙي ۾،
    ڇا ٿيو جي ٻرندي ٻرندي، ڏيئا ٿڪجي پيا.

    ٻُٽيل نيڻ مُسافر جا؛ ڪنهن کي ٿا ڳولن،
    ڇو هن جي، پيرن ۾ آهن رستا ٿڪجي پيا!؟

    ڪو به نه پنهنجي اندر جو ٿَڪُ ڀڃي سگهندو،
    جي، ساڀيا جي ڳولا ۾ سپنا ٿڪجي پيا.

    ***


    اَڃان به اُڃ، رڃ رات آهي،

    اَڃان به اُڃ، رڃ رات آهي،
    اڃان به پابند فرات آهي.

    پَسان ٿو مان باکَ رنگ تو ۾،
    تڏهن ته تنهنجي به تات آهي.

    ڪڏهن ته آهي پَها به رکندي،
    ڪڏهن ڏنگيندِي به ڏات آهي.

    بهارَ ۾ بيقرار هينئڙو
    اُداس ڪويل جي لات آهي.

    ***


    مرڪندي گُذري وڃڻ، ڇا معنيٰ!؟

    مرڪندي گُذري وڃڻ، ڇا معنيٰ!؟
    وِکَ وکَ رُڪجي پوڻ ڇا معنيٰ!؟

    جيئن اُٿُيس پئي، چيو ، ”ويهو گهڙي،“
    مون چيو، ”پو چُپُ رَهڻ ڇا معنيٰ!؟

    تو چيو، ”سپنا به ساڀيا ٿيا ڪڏهن“
    مون چيو، ”تنهنجو مِلڻ ڇا معنيٰ“!

    ڇرڪندي مون کي ڏِٺئي، جيئن مون پڇيو،
    ”بند نيڻن سان ڏِسڻ ڇا معنيٰ“!؟

    ***


    خاموشيءَ ۾ هلڪو کڙڪو ڳالهائي ٿو،

    خاموشيءَ ۾ هلڪو کڙڪو ڳالهائي ٿو،
    دمُ ٿو گُهٽجي، کوليو، ڪمرو ڳالهائي ٿو.

    تنهنجي، پاڙي/گهَر جا ماڻهو ڪيڏا اڻڄاتل،
    مون سان تنهنجي گهر جو رستو ڳالهائي ٿو!

    ”هو بي گهر هوندي، جنگ بقا جي وڙهندي ويو
    سُتل گهر وارن سان ڪتبو ڳالهائي ٿو!

    پيار، وفا، ماڻهپ جون ڳالهيون، گونگيون ڳالهيون،
    ماڻهو جي مايا جو رُتبو ڳالهائي ٿو!

    جانيءَ جو جوڀن تاسارو آهي، تڏهين،
    حق بخشايل ناريءَ جهڙو ڳالهائي ٿو!

    ***


    ڪا صدين جي اُڃَ آهي، آءُ نيڻن ۾،

    ڪا صدين جي اُڃَ آهي، آءُ نيڻن ۾،
    تنهنجو آهي جو به آهي، گهاءُ نيڻن ۾.

    او مُسافر! پيار جا پل تو ڪڏهن ڀوڳيا،
    تو ڪيو محسوس ڪو پٿراءُ نيڻن ۾؟

    گُلَ، خوشبُو، ٽهڪَ ۽ سپنا به سِرجن ٿا،
    توڙي آهي حالتن جو تاءُ نيڻن ۾.

    سخت لهجا، فاصلا ٿوهر ڦُٽي پوندا،
    جي رکيو ڪنهن پيار جو پڇتاءُ نيڻن ۾.

    اي هوا! آهسي گهل، بارود جي ڀرسان،
    مون ڏٺو آ آڳ جو ڦهلاءُ نيڻن ۾.

    ***


    پوڙهو وَرُ سمهاري،

    پوڙهو وَرُ سمهاري،
    اَڌ رات اُٿي آئي
    هُوءَ منهنجي ڀاڪُر ۾.

    تاسارا نيڻ کڻي،
    ڪيڏو ته اُڃي آئي
    هُوءَ منهنجي ڀاڪُر ۾.

    سِيءَ سياٽي رُتِ ۾،
    پگهرجي پُسي آئي
    هُوءَ منهنجي ڀاڪُر ۾.

    ائين ٿو محسوس ٿئي،
    ڄڻ آهي رُڳي آئي
    هُوءَ منهنجي ڀاڪُر ۾.

    ***


    سانت ڳيهي ويندي،

    سانت ڳيهي ويندي،
    پنهنجي اندرَ جو
    ڪو ته ڪڙو کڙڪائي.

    آسروند اکيُون،
    چاهن ٿيون، گهَرَ جو
    ڪو ته ڪڙو کڙڪائي.

    ڪو محسوس ڪري،
    اوسيئڙو دَرَ جو
    ڪو ته ڪڙو کڙڪائي.

    سِجُ نه اُڀريو ڇو!؟
    اُٿِي اوڀَرَ جو
    ڪو ته ڪڙو کڙڪائي.

    ***


    اُلريون آئيني تي

    اُلريون آئيني تي
    ڪنهنجون آهن آڱريون؟

    پوءِ به ڪيڏو ٿيون ڪُڏن،
    ڪارنهن ۽ ڪيني تي
    ڪنهنجون آهن آڱريون؟

    چاقوءَ سان ڇا ٿيون لکن،
    ناريءَ جي سيني تي
    ڪنهنجون آهن آڱريون؟

    ڪيڏي اوتن ننڊ ٿيون،
    اَڄُ هي سازيني تي
    ڪنهنجون آهن آڱريون؟

    ***


    هيلَ ا7سان لئه مَنڌُ،

    هيلَ ا7سان لئه مَنڌُ،
    تنهنجا جوڀَنَ ڏينهڙا.

    سانجهيءَ ٽاڻي سانوري،
    ڪاڏي ٿا ڪن پنڌُ
    تنهنجا جوڀَنَ ڏينهڙا.

    ڦٽُ اُکيلن ڪيئن ٿا،
    ڪيئن ٿا ڪورن ڪنڌُ
    تنهنجا جوڀَنَ ڏينهڙا.

    ڪن ٿا سيءَ سياٽي ۾،
    ڪيڏو ڪوسو هنڌُ،
    تنهنجا جوڀَنَ ڏينهڙا.

    ***


    ڪير چوي ٿو سجُ ٿي اُڀرو

    ڪير چوي ٿو سجُ ٿي اُڀرو
    ٽانڊاڻو ٿئي ڪو،
    ٽڙندي جاڳرتا.

    هٿ-ڪڙين کي چمندِي، اُڀ ۾،
    پکين کي ڏسجو،
    ٽڙندي جاڳرتا.

    گڏجي ٽهڪ پکيڙيو، جڙندو
    خوشبو جو رستو،
    ٽڙندي جاڳرتا.

    آهي جي هن اُونداهيءَ ۾
    جيئڻ جو جذبو،
    ٽڙندي جاڳرتا.

    ***


    ڄائِي ڄُنڊا-پَٽ،

    ڄائِي ڄُنڊا-پَٽ،
    سياسي ماڙيءَ ۾.

    آهن يا ته دلال يا
    چمڙا يا چرٻٽَ
    سياسي ماڙيءَ ۾.

    ڳاٽَ جهڪائي ٿا هلن،
    ڪارڪنن کي ڳٽَ
    سياسي ماڙيءَ ۾.

    نڪتا اچي ٻارڙا،
    پڪڙيندي، پوپٽَ
    سياسي ماڙيءَ ۾.

    ***


    تَڙَ تَڙَ تي تَرسَڻُ، اَلا وو-

    تَڙَ تَڙَ تي تَرسَڻُ، اَلا وو-
    ڪيڏي اُڃ اُساٽ.

    باهه ٻري، پاڻيءَ ۾ پوءِ به،
    پاڻيءَ سان پرچڻ، الا وو-
    ڪيڏي اُڃ اُساٽ.

    تو سان هوندي، جنم جنم کان،
    پوءِ به اَڪيلو ڄَڻُ، اَلا وو-
    ڪيڏي اُڃ اُساٽ.

    پيئندي نه محسوس ٿئي ٿو،
    آويءَ ۾ پَڄرَڻُ، الا وو-
    ڪيڏي اُڃ اُساٽ.

    ***


    رَتُ گُهرين يا جَرُ او ڏيئڙا!

    رَتُ گُهرين يا جَرُ او ڏيئڙا!
    تون اڃان ڀي ٻَرُ.

    رات، اُٻس ۽ اوسيئڙي ۾،
    ساههُ گهٽي ٿو گهر او ڏيئڙا!
    تون اڃان ڀي ٻَرُ.

    ٻاٽ ۾ گهر منهنجو ئي ناهي،
    ٻاٽ سڄو ئي تَرُ او ڏيئڙا!
    تون اڃان ڀي ٻَرُ.

    نيڻ ته پوءِ به کُليل ئي رهندا،
    بند ڪيان جي در او ڏيئڙا!
    تون اڃان ڀي ٻَرُ.

    ***


    آزاد نظم : گوميءَ ۾ ڄمي ويل ماڻهو ڏانهن!

    نه هن جي، پيار جي خوشبُو،
    نه هن جي، جسم جو اوجر
    اوهان ڄاڻو/سڃاڻو ٿا!
    اوهان کي ويڻ هن جا ۽ نه هن جا
    نيڻ گهائن ٿا!
    نه هن جي لئه اوهان جا چپ
    چمُين جا گيت ڳائن ٿا،
    نه هن جون ڀاڪرين ٻانهون
    اوهان جي راهه ۾ آهن،
    الائي پيچرا ڪهڙا
    اوهان جي چاهه ۾ آهن.
    نه هن ۾ پيار جا رابيل پوکيو ٿا!
    نه هن جي بند چولي جي ڪڏهن
    ٻيڙن کي کوليو ٿا!
    سُنهري باکَ کان اڳ ۾،
    نه پنهنجو پاڻ ڳوليو ٿا!
    پڙهِي منشورُ واندا ٿيو ته ٿورو سوچجو
    ان کان اڳي
    جو هنجا پير ٿاٻڙجن
    اوهان جي نرڙ کي ويڙهي وڃن
    ڪي گُهنج اوندهه جا.
    ڪهاڙيون رقص ڪن
    منشور سڀ ريڙهي وڃن ڪي گُهنج اُوندهه جا.

    ***


    حسن مجتبيٰ

    تعارف



    نالو: محمد حسن دايو
    قلمي نالو: حسن مجتبيٰ
    ڄمڻ جو هنڌ: اٻاوڙو، ضلعو سکر
    تعليمي لياقت: ڊپلوما هولڊر، ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ميرس.
    ٻيون سرگرميون: صحافت (نيوز لائين ڪراچي، گلف نيوز، ٻين انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۽ رسالن سان لاڳاپيل،


    Question Mark?

    مارگلا جي پهاڙين تان رات لهي
    سڄي ديس مٿان ڇائنجي ويئي آهي
    نردئي ۽ نرلڄي رات.
    بي حيائين ۽ سازشن جي نئين ڪوفي ۾
    هو شامين کان به وڌ حرامي نڪتا!
    رڍن جهڙيون معصوم عورتؤ!
    ڇا اوهان نٿي ڄاتو؟
    ته شرابي حاڪم جي درٻار ۾ هڪ زاني بگهڙ به هوندو آ.
    هر مظلوم ڌر جو قبيلو نٿو ٿئي،
    هر رئپ ٿيل عورت شهزادي جي ساهيڙي نٿي ٿئي،
    شهزادي جي لشڪر ۾ به ته زاني هوندا،
    ڪنهن چيو پئي.
    پر هتي مسئلو رئپسٽس جو آهي.
    هونئن به رئپ اسان جي ڪلچر جي هڪ اڻ لکيل تاريخ آ.
    اسان ٻن لکن حرامي ٻارن جي بنگلاديش کي جنم ڏنو
    گانڌي ۽ قائد اعظم جا جهونا ساٿي
    ان ڳالهه کان باخبر هوندا ته
    اڄ به ان نسل جا ماڻهو
    پنهنجون پنهنجون ڌيئرون رئپ ٿيندي محسوس ڪن ٿا،
    جڏهن سرحدي ڳوٺن ۾ سج لٿي شام جون بتيون
    ٻرڻ لڳنديون آهن.
    ۽ اوهان ان ڳالهه کان به باخبر هوندا
    جڏهن ميوزيڪل چيئر جي کيڏ ۾
    رئپ جو فيڪٽر داخل ٿئي ٿو
    ته پوءِ
    اهو ڪنهن جي تخت وڃائڻ
    ۽ ڪنهن جي حآصل ڪرڻ جو مسئلو بڻجي وڃي ٿو.

    ***


    زندگي جي ٽارچر سيل ۾

    مان پنهنجي دؤر ۾ هڪڙو
    اُداس ۽ تنها
    پروميٿئس آهيان،
    جنهن کي وقت جي سرڳ مان
    سچ ۽ سوچ جي اگني
    چورائڻ جي اپراڌ ۾
    قيد ڪيو ويو آهي
    زندگي جي ٽارچر سيل ۾
    هيڪلائين جا عذاب ڀوڳڻ لاءِ.

    ***


    وارِ ڪرِاءِ

    کيرٿر جي پٺيان ڪائي چنگهاڙ آ
    جي ٻڌو ٿا پيا
    پوءِ ماٺار ڇو
    ڪن لاٽار ڇو.
    اڄ ته منڇر مٿان
    موت ماريءَ سندا
    ڏينهن ٿورا بچيا
    هن جي پنجوڙ ۾
    شينهن ٿورا بچيا.
    اڄ ته واڪا ڪيو
    ڪي ڌماڪا ڪيو،
    هر هڪ زندان جي
    اوچي ديوار کي
    هٿ گرنيڊ سان
    يار ڊاهي ڇڏيو
    ملڪ باهي ڇڏيو.

    ديس جي دانهن تي
    ڄڻ کنيل ٻانهن تي
    ڪا نه گولي گسي
    رت جي راند سان
    پاند پنهنجو پسي.
    زندگيءَ جو ڪنول
    سنڌ آڪاش تي
    شال ٽڙندو رهي،
    کير ٿر جي پٺِان
    کيرٿر جي پٺيان.

    ***


    پهريون نظم

    ڪرسمس جي ڏينهن تي وڇڙي ويل او ڇوڪري!
    منهنجي هستي تو بنان
    ڄڻ وقت جي پٿر سان ٽڪرايل ڀڳل ڪا آرسي
    روح جي گرجا ڪري مسمار تون
    وڇڙي وئينءَ،
    ٽوڙي ڇڏيهءِ زندهه رهڻ جي آس کي،
    روح پنهنجي ۾ سجائي تنهنجي پوتر مورتي
    تو کي ڳولڻ واسطي
    مان پاڻ کان وڇڙي ويس،
    درد جي سنگين سيني ٽنبيل
    تنهنجي يادن جي سهاري پيو جيئان،
    هاڻ بس تو کان سواءِ منهنجو وجود
    ڄڻ ته ارمانن جي ڪا آرٿي هجي
    ان ۾ تنهنجو ڏوهه به ناهي مٺي!
    مون کي مريم جي تقدس جو قسم
    تو وانگيان،
    زندگي ڄڻ بيوفا ڪا ڇوڪري
    زندگي ڄڻ بيوفا ڪا ڇوڪري.

    ***


    ٢١ جنوري

    جيل جي کوليءَ مٿان جو چنڊ آهي
    ڄڻ ننڍو هيءُ کنڊ آهي
    يا
    بندوق سان گهايل ڪنور جو مک آهي
    ۽ صدين جو دک آهي،
    سنڌ جي آڪاش تي
    روز ڦاسي ڪا سڄي ٿي
    ڏاڍ سان ڌرتي ڌڄي ٿي
    ۽ فرنگي راڄ جو ڀورو ڪتو
    ڀونڪي پيو.
    سوراج جو سورج پري آ ڪيترو!
    رابيل جي خوشبو هوا ۾ وار کولي ٿي روئي
    بس پرهه جا پار آهن،
    هن جا جيڪي يار آهن،
    هن جي جوڀن جو کڻي سوڳنڌ وڙهن ٿا سنڌ ۾،
    هو چون ٿا:
    ”سنڌ ۾ يومِ حساب
    سنڌ ۾ يومِ حساب“
    لاش ڪيڏا ٿا ڪرن،
    آڪاش جيڏا ٿا ڪرن.
    جيل جو هو سنتري بائيبل پڙهي ٿو،
    پر هو منهنجو هم عمر ۽ هم شهر
    هيمون ڪالاڻي مگر
    ڦاهيءَ چڙهي ٿو.
    ريل جي پٽڙين تي پهچڻ کان اڳي
    هن جي من ۾ ڇا هيو،
    ڪاش ڪو ڄاڻي سگهي
    سنڌ جي اتهاس ۾.

    ***


    منهنجي پڄاڻان

    منهنجي پاسي ۾ ستل گمنام سپاهي جي قبر تي
    سورج مکي ٽڙي پيا آهن.
    منهنجي پيراندي کان ستل پروفيسر جي ايئر هوسٽس
    محبوبا جي اکين مان لڙڪ لڙي
    قبرستان جي ٺوٺ سڪاڻل ڌرتيءَ تي
    ڪري وکري ويا ها-،
    ۽ هن وينگس شاعره
    گيتا نجلي وانگر:
    منهنجا سڀ سنگي ساٿي وڇڙي ويا
    قرة العين حيدر جي ڪردارن وانگر،
    ”ٻيهر ڪڏهن به هڪ ٻئي سان نه ملڻ لاءِ“
    ته منهنجي قيدي دوست مون کي ياد ڪري
    لوهي سيخن کي چمي ڏني.
    مون کي اڄ جڏهن
    ”اڄ“ مان ”ڪالهه“
    ۽
    ”آهي“ مان ”هو“ ۾ تبديل ٿئي
    پورا ست سال ٿيا آهن
    ته تون ڪنهن دور ديس جي ريڊيو اسٽيشن
    تان خبرون پڙهي رهي آهين
    ۽ ڀالوا تي مور نچي نچي روئي ڏنو آهي.


    گناهن جهڙي ڪاري رات

    هيءُ هوا رولاڪ شاعر جي مثال
    بند آفيسن جي کڙڪين وانگيان تنها اسين
    تنهنجي وارن ۽ گناهن جهڙي ڪاري رات آ،
    ديوتائن جو ڪفن بادل مٺا!
    جن جي پٺيان چنڊ ويو آهي لڪي
    ڪنهن ڏوهه وانگر،
    ڪنهن کريل گهڙيال جهڙي ماٺ آ،
    درد ڄڻ فٽپاٿ تان ورتل ڪتاب
    بس اسان جو ڀن گذاريو ائين
    ماڪ کان، ڀونئرن کان، پوپٽ کان ڇنل
    گلدان جا قيدي گلاب.

    ***  


    بلئڪ اپريل

    درد سان واسيل هوا اپريل ۾،
    دور زندان مان ڪٿي
    مقتول خوشبوءِ جي شهادت جي خبر آندي
    ته پوءِ
    شهر ۾ ديوانگي سڏڪا ڀري،
    زنجير ڇڻڪائڻ لڳي
    منصور کي ڳائڻ لڳي.
    منهنجي سهڻي ديس جا ماڻهو سڀيئي
    تنهنجي فاشي چال ۾ ڦاٿل سهي
    پنهنجي پيرن جي لهوءَ مان
    منزلن جي روشني ڳولڻ لڳا.


    ائنٽي ڪلائمڪس

    زندگي جي شاهراهن تي هلندڙ ۽ کلندڙ
    ماڻهن کي موت اونداهي گهٽي ۾ هو گڏيو
    ساهه جي پوئين گهڙين ۾
    پنهنجي پنهنجي پيارڙن کي
    يارڙن کي
    دور کان هر ڪنهن سڏيو،
    جنهن وقت دنيا مان لڏيو
    ڪا وراڻي ڪو نه آئي،
    بند دروازن سان سڏ
    سر ٽڪرائي ڪريا
    ها چند ڳوڙها ڪن ڳلن تان ها ڪريا،
    موسمون اينديون رهيون
    وينديون رهيون
    شهر منهنجي جي سمورن ڇوڪرن
    ۽ ڇوڪرين کي پاڻ سان نينديون رهيون
    ۽ اڱڻ ۾ گل اڪيلو ماڪ ۾ جلندو رهيو
    موت ڪنهن جاسوس وانگر
    زندگي جي تاڪ ۾ هلندو رهيو.


    90-88 SINDH

    اڄ غالب جي غزلن کي
    ۽ ڀٽائي جي واين کي
    شاهراهن تي ساڙيو ويو آ
    ماريو ويو آ
    ڪيڏو يار لتاڙيو ويو آ.
    هو ڪنهن جي جنگ وڙهن ٿا پيا!
    ڪنهن جي خاطر،
    ڇا بس هڪڙي نعري خاطر
    جنهن جي ڪائي ٻولي ناهي
    گولي آهي،
    گولي جيڪا گونگي آهي
    انڌي آهي ٻوڙي آهي.
    هو ڪنهن جي جنگ وڙهن ٿا پيا!
    ڪيڏا ٻار مري ويا آهن ڌرتي جا!!
    ڌرتي، جا
    بنگال هئي
    آسام هئي
    بهار هئي
    ڌرتي جيڪا سنڌ به آ،
    ۽ هو منهنجي ٻولي وارا
    سچُو سائين گهڙولي وارا
    ۽ خسرو جي پرولي وارا
    ڪنهن جي جنگ وڙهن ٿا پيا.
    ٻائيتاليهه سال ٿيا آهن
    پنهنجي ڌرتي ماتا سان
    سارا سنگ ڇڏي آيا ها
    ڇا ڇا رنگ ڇڏي آيا ها
    پنهنجا پيار ڇڏي آيا ها
    پنهنجو اڄ ڇڏي آيا ها
    پنهنجو ڪالهه ڇڏي آيا ها
    هر هڪ ڳالهه ڇڏي آيا ها
    ڪنهن جي خاطر!
    هو مٽي جو مان ٽٽو
    ڄڻ اندر مان انسان ٽٽو
    جڏ سارو هندستان ٽٽو
    ڇا جي خاطر؟
    ڇا بس هڪڙي سپني خاطر
    جنهن جي ڪائي ساڀيان ناهي.
    هڪ سپنو سرمد جو سپنو
    جنهن۾ ڪوئي اڀي چند آهي.
    هڪ سپنو دارا جو سپنو
    جنهن۾ ڪوئي سرمد آهي.
    چنڊ قطب مينار مٿان آ
    اورنگزيب حقيقت ناهي،
    ٽيهه سيپٽمبر،
    فرسٽ آڪٽوبر
    ڪائي ڳالهه خوشيءَ جي ناهن
    ڄڻ جيون کي گاريون آهن.
    هيءُ، هو قومي هيرا ناهن
    غونڊا آهن،
    هو ڪنهن جي جنگ وڙهن ٿا پيا.

    ***


    ڪوي

    تعارف



    قلمي نالو: ڪوي
    جنم تاريخ: ٢٠-ڊسمبر ١٩٦٠ع
    جنم هنڌ: جهمپير.
    تعليمي لياقت: ايم-اي (سنڌي)
    ايڊريس: پوسٽ جهمپير، ضلعو ٺٽو.


    مون من سون-مياڻيءَ وانگر

    مون من سون-مياڻيءَ وانگر،
    ٿر جي ڪنهن جوڳياڻيءَ وانگر.

    تون سپنن جي ويساکي آن،
    اکڙيون گنگا پاڻيءَ وانگر.

    چنڊ سڄو آ گهايل گهايل،
    روپا جي ڪنهن راڻيءَ وانگر.

    ڪوتا منهنجي آهي ارڏي،
    ڪولهڻ جي جواڻيءَ وانگر.

    ڪالهه ڪويءَ جي گيت چيا ها،
    ايندا رات وهاڻيءَ وانگر.

    **


    گيت: سندر منهنجو ديس

    سندر منهنجو ديس
    الوميان!
    سندر منهنجو ديس.

    ناوَ ننڍيري، ڇوليون پينگهو،
    سنڌو لوليون ڏيس
    الوميان!
    سندر منهنجو ديس.

    نڀ جي نيري ڳل کي اچيو،
    چريو چنڊ چُميس
    الوميان!
    سندر منهنجو ديس.

    سانجهيءَ جهڙا سُرمئي گيسو،
    کينچل ۾ کوليس
    الوميان!
    سندر منهنجو ديس.

    در تي بيٺي پرين يادون،
    چانڊوڪي چوريس
    الوميان!
    سندر منهنجو ديس.

    **


    گيت: چنڊ ٿو ڪنهن کان لڪي

    چنڊ ٿو ڪنهن کان لڪي
    ڇيڳري ڇوريءَ جيان.

    رات جي چرنن ۾ ڏس ٿو
    ديوداسي جان جُهڪي،
    چنڊ ٿو ڪنهن کان لڪي
    ڇيڳري ڇوريءَ جيان.

    بادلن پويان ڇُپي هو
    رات ساري ٿو ڊڪي،
    چنڊ ٿو ڪنهن کان لڪي
    ڇيڳري ڇوريءَ جيان.

    اوڏڙو پنڇم کي پَسندي
    خوف مان لرزي ڏڪي،
    چنڊ ٿو ڪنهن کان لڪي
    ڇيڳري ڇوريءَ جيان.

    **


    لوڪ گيت : ”بادليئو“

    بادليئو ڙي!
    بادليئو.

    ترسو ترسو
    من صحرا تي
    ٿورو برسو
    ساريون صديون جُڳ جيئو ڙي،
    بادليئو ڙي!
    بادليئو.

    آرهڙ ڏينهڙا
    جاني تو ريءَ
    ڪهڙا مينهڙا
    ڇوريءَ تي ڪا ڇانءُ ٿيئو ڙي،
    بادليئو ڙي!
    بادليئو.

    ناهيان وَس ۾
    جوڀن ميوو
    پوري رَس ۾
    پرين جو ڪو پار ڏيئو ڙي،
    بادليئو ڙي!
    بادليئو.

    کنوڻيون کوٽيون
    هيل به منهنجون
    ڀنيون نه چوٽيون
    وارن ڏاڍو چِيڙ پيئو ڙي،
    بادليئو ڙي!
    بادليئو.

    **


    سرتين سينڌيا وار

    سرتين سينڌيا وار،
    پوءِ به نه آئيو ڍوليو.

    کِڙيا وَر وڄين جا،
    چيلهن جي چوڌار،
    پوءِ به نه آئيو ڍوليو.

    من پاريهر پير جيئن،
    رنڱيو لهو لار،
    پوءِ به نه آئيو ڍوليو.

    پرت اسانجي پينگهڙو،
    ٻانهن سنگهرون هار،
    پوءِ به نه آئيو ڍوليو.

    چانڊوڪيءَ جي مُک تي،
    رات وکيريا وار،
    پوءِ به نه آئيو ڍوليو.


    آڏو تاڻيل تير جي

    آڏو تاڻيل تير جي
    هئه هئه اڏاڻا،
    پنڇي منهنجي پيار جا.

    جهونجهارن جي جوءِ جون
    راڻيون راماڻا،
    هئه هئه اڏاڻا
    پنڇي منهنجي پيار جا.

    ڪينجهر تنهنجي ڪڇ ۾
    ڪنول ڪوماڻا،
    هئه هئه اڏاڻا
    پنڇي منهنجي پيار جا.

    ڇو تو ڇڳا ڇيڳرا؟
    ٻنڌڻ ٻاراڻا،
    هئه هئه اڏاڻا
    پنڇي منهنجي پيار جا.

    ڪنهن کي ڏيندي هيج مان
    آيل اولاڻا،
    هئه هئه اڏاڻا
    پنڇي منهنجي پيار جا.

    **


    پُسيون چوليون پوتيون

    پُسيون چوليون پوتيون
    پاڻي گهاگهر جو،
    ڳالهيون کولي ٿي ڇڏي.

    ساريون راتيون جاڳيو
    اوسيئڙو در جو،
    ڳالهيون کولي ٿي ڇڏي.

    آئي رُت بسنت جي
    ٻوٽو آڳر جو،
    ڳالهيون کولي ٿي ڇڏي.

    هي جي چپ سجائيو
    موتي پگهر جو،
    ڳالهيون کولي ٿي ڇڏي.

    ”ڌرتي سرتي سانوري“
    ڪلمو ڪافر جو،
    ڳالهيون کولي ٿي ڇڏي.

    **


    ساري رات کڙيا،

    ساري رات کڙيا،
    مون در مٿان تارڙا.

    ٿڌڙي ٿڌڙي هير ۾،
    ڪيڏا ساز ڇڙيا.

    اڳ نه ايندي سانوري،
    ايڏا پير ٿڙيا.

    تنهنجي، منهنجي ڀَر ۾،
    ڪيئي گل ٽڙيا.

    ڪيڏا ڪوسا چپ ها،
    ڪيڏا ڳل سڙيا.

    ساري رات کڙيا.
    مون در مٿان تارڙا.

    **  


    وينگس موڙيا ڪَر

    وينگس موڙيا ڪَر
    بخيا اڊڙيا گج جا.

    ۽ ڪنهن پاتا هرکجي،
    ڀل منجهان ڀاڪر
    بخيا اڊڙيا گج جا.

    لڳهه لُڙاٽيا اڀ ۾،
    وڄڙين کاڌا وَرَ
    بخيا اڊڙيا گج جا.

    اڃان اڃان ڪجهه اوريون،
    ڳهلي ڇڏ ڳهر
    بخيا اڊڙيا گج جا.
    وينگس موڙيا ڪر،
    بخيا اڊڙيا گج جا.

    **  


    نظم : لَهر لَهر ۾ ڇڻڪي جهانجر

    نظم : لَهر لَهر ۾ ڇڻڪي جهانجر

    تارن سيڄ وڇائي آ
    ڪينجهر سانجهيءَ جي کهنبي ۾
    ڪيڏو ڏس شرمائي آ.

    بيچين ٿيو آ سڪ جو ساگر
    ڇولين ڇم ڇم لائي آ
    ڪهڙي واءُ لڙيا وڻجارا
    ڪيڏو دل گهٻرائي آ.

    جيءَ اندر ڪا جُڳجڳاندر
    ساجن سڪ سمائي آ
    ڪا ڪونج اڪيلي ڪيٽيءَ تي
    ڪڻڪي آ ڪُرلائي آ.

    لَهر لَهر ۾ ڇڻڪي جهانجر.

    **  


    آزاد نظم: هن گلابي شام ۾

    آزاد نظم: هن گلابي شام ۾

    هن گلابي شام ۾،
    پريان پهاڙين لام ۾
    هيءَ پرندن جي آُڏار؛
    ۽ رات جي ڪارين ڪميتن جا
    ڪئين اڙٻنگ سوار،
    تو کي سڏيندا ٿا وڃن.
    پر جي ٻڌين!!!
    پنهنجي پيرن ۾ پيل،
    زنگ آلوده زنجيرون
    ٽوڙي، مروڙي ات پڄين
    جت سمورا يار تنهنجا،
    سار جا سپنا کڻي
    ڪنهن وڏاندر ويڙهه لئه
    تو کي سڏيندا ٿا وڃن،
    پرڪاش جي تون ات پڄين!
    هُن پراهين پيار کان،
    ايندڙ اماسي رات ۾
    ڪئين اميدن جا ڏيئا
    هوند ڪر جرڪي پون.

    ڪهڪشائن جون ڪنواريون
    جهلمل ستارن ٽانڪيل
    کهنڀا کڻي،
    تنهنجي آڌرڀاءُ لئه
    نڪري اچن،
    ۽ پرهه جي پيچرن تي
    گلبدن ڪئين اپسرائون
    پنهنجي نازڪ ڀاڪرن ۾،
    تو کي ڀري نچنديون رهن؛
    پرڪاش جي تون ايئن ڪرين!
    ها ڪاش جي تون ائين ڪرين!!

    **


    جڏهن ڀي بهارون

    جڏهن ڀي بهارون
    اسان جي درن تي
    پنهنجا وار کولي،
    وري ناچ ڪوئي نچڻ ٿيون اچن.
    ۽ سوين ڦول ٽاريون،
    ٻانهون ڊگهيري
    جڏهن ڀي اسان سان،
    ملڻ ٿيون گهرن.
    تڏهن نوجوانيءَ ۾ رسيل،
    سوين گهاوَ اسان جا
    اڊريو پون ٿا.
    وڇوڙي جون وليون،
    وياڪل وجودن کي ويڙهي وڃن ٿيون.
    تنهائي جون شامون،
    ڊگهيون ٿي پون ٿيون،
    ۽ تڏهن ئي،
    صبح جون چنچل هوائون
    اسانجي اجاڙيل گهرن جي ڀتين تي،
    ڳاڙهي-لهوءَ جي گلابن کي پسيو،
    رئيندي، پٽيندي
    واپس ورن ٿيون،
    ايئن ئي اسان جي
    درن تان بهارون
    ڌڪاريون وڃن ٿيون.


    ٻه آزاد نظم

    ڪينجهر تي ڳاڙهاڻ شفق جي
    ڇائي آ.
    ڪنهن نوورنيءَ جي لال گلابي
    گول مٽول ڳلن تي
    لالي ڪا لهرائي آ،
    يا ته تماچيءَ جي ڀاڪر ۾
    نوري ڄڻ شرمائي آ،
    ڪينجهر تي ڳاڙهاڻ شفق جي
    ڇائي آ.
    *

    رات ڪنهن بيواهه جيان
    روءِ زمين جي کٽ تي،
    ڪيڏي نه ٿي بي چين آهي.
    ڪو به ناهي،
    جو کڻي؛
    هن جي اجڙيل سينڌ ۾
    چنڊ جو سِينڌرو لائي،
    ڪو به ناهي،
    ڪو به ناهي.


    نانءُ منهنجو ٻُڌي

    نانءُ منهنجو ٻُڌي
    تنهنجي ڳاڙهن گلابي
    ڳٽولن ڳلن تي
    جا سرخي اڃان
    جڳمڳائي پئي
    ڳالهه ساري چري
    ڪيئن نه ويئي کُلي
    هي جا لالي الا
    تنهنجي رخسار تي
    لڙ کڙائي پئي
    نانءُ منهنجو ٻُڌي
    هوءَ چري نينگري
    پنهنجو چهرو هٿن ۾
    لڪائي پئي.

    **  


    جڏهن ڀي اسانجا

    جڏهن ڀي اسانجا
    اڻ جهل قدم
    پنهنجي محبوب جي گهر ڏانهن ويندڙ
    راهن مٿي،
    وڌڻ ٿي لڳا،
    ۽ جڏهن ڀي اسان
    پنهنجي نيڻن ۾ اٽڪيل
    اڌورا خواب،
    سينگاري، سجائي
    ساڀيان جي لاءِ
    اماڻڻ گهريا،
    تڏهن ئي،
    اسان جي جوانيءَ سنديون
    سموريون خوشيون،
    اوهان جي ئي رسمن جي
    سياهه بند خانن ۾ واڙيون ويون
    اسان جي ڪنوارين دلين جون
    سڀئي چاهتون،
    اوهان جي ئي بي رحم
    پيرن جي هيٺان،
    لتاڙيون ويون-
    اڃان ڀي پڇو ٿا
    اسان پنهنجي جوڀن جون
    پهريون بهارون،
    ڪٿي هيون گذاريون.

    **


    وسيم سومرو

    تعارف



    پورو نالو: محمد خان
    قلمي نالو: وسيم سومرو
    جنم تاريخ: ١٦-١١-١٩٦٣ع
    جنم هنڌ: ٽنڊو آدم.
    تعليمي لياقت: ايم اي (سنڌي)
    پيشو: ٢٥-٤-١٩٨٤ع کان استاد.
    ايڊريس: سنڌ ميڊيڪل اسٽور، نوابشاهه.


    زندگي مضمون ٿي وئِي درد جو،

    زندگي مضمون ٿي وئِي درد جو،
    زندگي ٽهڪن ڪهاڻي ڪا نه ٿِي.

    سُوال، سُوالن مان ڦٽا ٽارين جيان،
    بحث جِي پيارا پُڄاڻي ڪا نه ٿي.

    اڄ به ڪينجهر تي مُهاڻيون سَوَ مگر،
    ڪا به نُوريءَ مَٽِ مُهاڻي ڪا نه ٿي.

    روُحَ جي هرڻيءَ ڊُڪي رڻ جهاڳيو،
    ڪنهن به تڙ تي اُڃ اُجهاڻي ڪا نه ٿِي.

    مان نه سوڍو، مينڌرو بنجي سگهيسُ،
    هُوءَ به مومل پٽ-راڻي ڪا نه ٿِي،

    ڇا وڇوڙي ذهن ۾ ٻارِي وسيمَ،
    باهه برکا کان وِساڻي ڪا نه ٿي.

    ***


    ڀُونءِ جو هڪ به ٿورو نه تُون ڀُل پرين،

    ڀُونءِ جو هڪ به ٿورو نه تُون ڀُل پرين،
    آڻِ سرهاڻُ، اُهڃاڻ ٿِي ”گُل“ پرين.

    ٿي سگهي ٿو ڪٿي چين تو کي ملي،
    اُٿ ڪتابن جي رستن مٿان رُل پرين.

    ٿا چون: ”ڪو نه پاڻي آ بيٺل چڱو،
    پاڻ کي ڪجهه ته ڇاڇول ۽ ڇُل پرين.

    آءُ توسان!! پپر-اوٽ ۾ ٿي مِلان،
    تو کي ڳڻتي نه ڪا ڳوٺ ۾ هُل پرين.

    مون ڏي آهن ميارون متان ڪي رهيل،
    ڳنڍ وانگر نه ٿي، ڳالهه ڪر! کُل پرين.

    مُند آُڪري نٿي ديس مان سرءُ جِي،
    واءُ بڻجي بهارن جو اَچُ گُهل پرين.

    پنهنجُون ذاتيون سوين، پنهنجا نالا لکين،
    پيارُ ميلاپ جِي آ منجهن پُل پرين.

    ***


    وريا ڌڻ وٿاڻن، ملِيو سِجُ لڪن سان،

    وريا ڌڻ وٿاڻن، ملِيو سِجُ لڪن سان،
    ڀري پاندُ موٽيس، مان پيرُن پڪن سان.

    ڦٽو سِجُ؛ اڃا ماڳ مارُنِ اڳاهُون،
    پُڳو چنڊُ سفرِ ۾، نه ٿَر جي ٿَڪن سان.

    اچو ساٿُ تن سان، سلهاڙي اُٿي پئون،
    اجهو ڪوٽ ڪيريا، ڌراڙن ڌڪن سان.

    الائي ته ڇو رات مُون ائين سوچيو!
    ستارا-سنجها، ڄڻ چَڪِيلَ ڳل چڪن سان.

    نه ڪيڏي ته ساواڻ ۾ سُونهن آهي،
    ٻُسِي ڪڙ پيئي سُونهي ڦلاريل اڪن سان.

    رجيا هارِينُ جا مُهانڊا مکڻ جيئن،
    کڻي کاڄ آيون، سنگهاريُون ڍڪن سان.

    هُو هِڪُ هِڪُ ڪري روز ماڻهو ٿو ماري،
    جو سوچي ٿو پورو نه پوندسُ يڪن سان.

    جيئَن ڀُونءِ ڀاڳيا بندن ۾، چوين تُون!
    نَٿو مَالُ ڀاڳين جو سُونهي ڍڪن سان.

    اسان داوَ تي آ جياپو لڳايو،
    گهُرين پيارُ تُون، پرينءَ جو ٽڪن سان.

    نه ڌرتي جُوئا جو اڏو آ وسيم،
    جو جيتي وڃي ديسُ آمر ڇڪن سان.


    هُو اڪن ۾ ڦُٽيون،

    هُو اڪن ۾ ڦُٽيون،
    واڱڻائي ڦُليون!
    مون کي رُت راس آئي نه آهي اڃان.

    سَرَ تي سُرهاڻ سان،
    وِهنجي هيرون هُليون!
    مون کي رُت راس آئي نه آهي اڃان.

    ماڪَ، مُکڙيون چُميون،
    ۽ کٿوريون کُليون!
    مون کي رُت راس آئي نه آهي اڃان.

    چنڊ جي موهه ۾،
    تڙپي ڇوليون ڇُليون،
    مون کي رُت راس آئي نه آهي اڃان.

    سُرمي؛ سپني بنان،
    هي اکيون کوليون،
    مون کي رُت راس آئي نه آهي اڃان.

    چينُ ڪٿ ڪو نه هو،
    سڀ مُون راهون رُليون،
    مون کي رُت راس آئي نه آهي اڃان.

    ***  


    رَلهيءَ تي رنگ ذات جا، ويٺيون منڊَ منڊينِ!

    رَلهيءَ تي رنگ ذات جا، ويٺيون منڊَ منڊينِ!
    ونيون نؤورنيون ميان!

    چوٿا، اڌڙ، چؤنڪڙيون،
    ٺاهيو ڳنڍ ڳنڍينِ!
    ونيون نؤورنيون ميان!

    سُئيءَ سڳي جي ڍار سان،
    ڏوريون ڏک ونڊينِ!
    ونيون نؤورنيون ميان!

    اوري پُور پلاند ۾،
    اوڇڻ ڪريو ڇنڊينِ!
    ونيون نؤورنيون ميان!

    ***  


    گيِت

    گيِت

    ڪيڏا نه پوپٽَ پئي مڙيا،
    سورج مُکيءَ جي پوک تي،
    سورج مُکيءَ جي پوک تي.
    ڀُڻ جُهڻ ڀنڀرڪي جو هُئي،
    ڪِي ساز ٿي سرَلا ڇِڙيا،
    سورج مُکيءَ جي پوک تي.
    جيئن سِجُ اُڀريو ننڊَ مان،
    تيئن نيڻ مهٽي گُلَ ٽڙيا،
    سورج مُکيءَ جي پوک تي.
    ساواڻ تي پيلاڻ جا،
    ڇا رنگ تارن جيئن کڙِيا،
    سورج مُکيءَ جي پوک تي.
    سورج مُکي سڀ شام جو،
    ڄڻ ڪنهن نشي ۾ ٿي ٿِڙيا،
    سورج مُکيءَ جي پوک تي.
    ويري وري سُرهاڻ جا،
    اي ديس آهن آڪڙِيا،
    سورج مُکيءَ جي پوک تي.
    سورج مُکيءَ جي پوک تي.


    نظم

    نظم
    هي ڪومل ڪرڻا نائين ٿو، ڪي لُڙڪ رتاوان لاڙين ٿو،
    هو رات ڪکائين جُهوپي ۾، اي چنڊ لڪي ڇا جهاڙين ٿو!؟

    هي جُهوپو منهنجي مارن جو، اڄ ڪوئي ڄڻ اتهاس به آ،
    ۽هن ۾ ڏاڏي جيوڻ جي، بيواس هٿن جو واس به آ،
    ۽ هن تي نيريءَ رنگت سان، هُو سوچيندو آڪاس به آ،
    ۽ تون به اگهاڙا انگ ڏسي، ڄڻ ارها ڦٽ اُکاڙين ٿو،
    اي چنڊ لڪي ڇا جهاڙين ٿو،

    ڪو ورندو خوشين کاڄ کڻي، ائين در ٻرٽائون سوچي ٿو،
    ڪا نؤورني هن آڳر ۾، ڪيئن لهندي لائون سوچي ٿو،
    ڪو ڀٽ ڌڻيءَ جيئن چاهيندو، هيئن ڇڄ ۾ سائون سوچي ٿو،
    هيءَ ڪهڙي آترويلا آ، جا تون به پکين جيئن تاڙين ٿو،
    اي چنڊ لڪي ڇا جهاڙين ٿو،

    ٿي تنهنجي جوت جهٽڻ چاهي، اڄ منهنجي تات تنوارون ٿي،
    نڙ بيتن مان ٿي واجهه وِجهي، ڪا لوڪ ڪهاڻي سارون ٿي،
    هُوءَ در تي ڪنڊي سوچي ٿي، ڪنهن سانوڻ ڪاڻ ميارون ٿي،
    تون ٿڪجي پير پسارين ٿو ۽ پنهنجا قول نه پاڙين ٿو،
    اي چنڊ لڪي ڇا جهاڙين ٿو،

    جنهن رات نه اُلري اُڀرين ٿو، اُن رات اکيون هيئن سوچن ٿيون،
    ڪنهن اوسيئڙي جي اڻ تڻ ۾، ان رات سکيون هيئن سوچن ٿيون،
    جي سُهڻيون پنهنجي ساجن سان، ان رات ٻکيون هيئن سوچن ٿيون،
    هُو ويري جيڪي چاهت جا، تون تن جو اندر ساڙين ٿو،
    اي چنڊ لڪي ڇا جهاڙين ٿو،


    آزاد نظم

    آزاد نظم

    ڪڏهن درد منهنجي نه ويجهو هُئو،
    نه ئي وَهمَ
    ۽ ڪنهن وڇوڙي جي دنيا هُئي،
    نه ئي سوچ آرهڙ سندا ڪي اُلا هئي،
    اکين جي اڄاتِي دنيا ۾،
    خوشين جا سوين گل گلابي ٽڙيل ها،
    ۽ آسن جا سُورج مُکي سَوَ کڙيل ها،
    سڄي جسم ۾ هو سُڳنڌ سُونهن-واسو،
    حياتي سکن ساڻ گذرِي پئي،
    مگر اوچتو ڪا، سُندرتا جي سرتاج مَلِڪه
    محبت جي ديوي مهانُ،
    ستارن جي دنيا جي داسِي،
    سَوَن سنگتراشن جي محنت جِي مورت،
    پرهه جي رنگن جو ڍڪي ويَسُ ڪوئي،
    اچي من جي بن ۾ پکي ٿِي لٿي،
    مڌُر مُرڪ-کيڪار سان دل کسي وِئي،
    ستن ڄڻ حياتين جي چاهت ڏيئي،
    وٺي هٿُ هٿن ۾،
    ٻه ٽي ڏينهن گهاري،
    اندر ۾ امنگن جو درياءَ اُڀاري،
    ڪوآڙاهه ٻاري،
    اچانڪ وئي ڪُونج وانگر اُڏامي،
    هُئي ڄڻ ستارو کِڙي وئي،
    ۽ خوابن جي خوشبو هئي ڄڻ ٽڙي وئي،
    سڄي جسم ۾ درد جا سُرَ ڀري وئي،
    ۽ بي انت خوابن، خيالن جُون جهوليون ڀري،
    ڀاڳ ڀرسان ڇڏي وئي،
    چري! سوچ- چرخو ڪتڻ لئه، ڇڏي وئي.

    ***


    سار تنهنجي،

    سار تنهنجي،
    آ صبح جي هير جهڙي،
    ٻول تنهجا!
    ڄڻ گلن تي ماڪ جا ترندڙ ڦُڙا،
    موسمن تي آ لڳل،
    مهڪار تنهنجي،
    تنهنجي ڀاڪر کان به گهري،
    سار تنهنجي،
    ڄڻ ڪُنڍو ڪو من- مڇيءَ ۾ آ کُتل،
    هيءَ تار تنهنجي،
    هڪ ڪريان جي ڳالهه،
    دل تي ٻي تري ٿي،
    يار تنهنجي،
    ويرَ جي ڇُلڪن ٿڌن تي،
    ڄڻ بتيلو ڪو لڏي ٿو،
    ائين اچڻ جي،
    ڍار تنهنجي،
    هي وڇوڙو پڻ حصو سنجوڳ جو آ،
    ڪيئن چوان مان جيت تنهنجي،
    ڪيئن چوان مان هار تنهنجي،
    آ صبح جي هير جهڙي،
    سار تنهنجي.

    ***


    هي ڏوهيڙو!

    هي ڏوهيڙو!
    آ گهاٽي وڻ جي ڏار جيان،
    جنهن ڏار مٿان ڪا ڪوئل آ،
    ۽ ڪوئل جي ڪا ٻولي آ،
    ۽ ٻوليءَ جو سُرُ سارنگ آ،
    آ سارنگ ۾ جا مينهوڳي،
    سا آٿتُ آهي آرهڙ جو-

    ڪنهن جُهوني بڙ کي ٽيڪ ڏئي،
    ۽ تنبوري جي تارَ ڇڪي،
    ۽ نِڀُ سميٽي نيڻن ۾،
    ڪنهن گهاٽِي نيريءَ رنگت سان،
    ٿو جوڳي ڏي جو ڏوهيڙو،
    سو ات اڃاريءَ موسم ۾،
    ڄڻ آ احساس مِٺي تڙ جو.

    هي ڏوهيڙو!
    ڄڻ سالن جو سرمايو آ،
    ۽ اُن جي ڦهليل کيتر تي،
    ڪنهن واٽ ڊگهيءَ جو پيرو آ،
    ۽ جوڳيئڙي جي جُواڻيءَ جو،
    ڇا اُن ۾ درد جهجهيرو آ،
    هن جوڳيئڙي!
    ڪنهن جهرڪيءَ وانگر جهڙپون ڏئي،
    جو درد ڪکن جيئن ميڙيو آ،
    سو ڪيڏو درد امر آهي.

    ***


    بخشڻ مهراڻوي

    تعارف



    پورو نالو: محمد بخش
    ولد: فقير محمد رحيم مهر (مرحوم).
    قلمي نالو: بخشڻ مهراڻوي.
    جنم هنڌ: سانگهڙ.
    جنم تاريخ: ١٨-آڪٽوبر ١٩٦٤ع.
    تعليمي لياقت: بي-ايس-سي آنرس،
    زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام
    انعام: بهترين صداڪار جو قليچ بيگ
    ايوارڊ، بهترين ڪمپيئر جو لاڙ عوامي
    ايوارڊ، سچل ايوارڊ،
    سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ.
    بهترين شاعر جو يوٿ ٨٩ ايوارڊ.
    ادبي پروگرام: ١-لطيفي ميڙ،
    جيڪي منعقد ڪرايا: ٢-رنگ رتي سانجهه، نوجوان
    شاعرن جو تاريخي مشاعرو
    ٣-سانگهڙ سيمينار ١٩٩٢ع
    ايڊريس: ”الفقراءُ پريس ٿاڻو روڊ سانگهڙ.


    لا حاصل جو حاصل ڇا هي؟

    اڙي او پيار جا پاڳل،
    ڪهڙي مٽيءَ کي ڳولين ٿو
    اجايو پاڻ رولين ٿو.
    نڪو ڪنهن نينهن جي نگري،
    نڪو ڪنهن سونهن جو سايو،
    رڳي گهايل دليون آهن،
    نه ڪي مُرڪن جا ڪي ميلا،
    نه ڪِي ٽهڪن جا ڪي ٽولا،
    نه ڪنهن چوڙيءَ جو چرچو آ،
    نه ڪنهن پايل جو کڙڪو آ.
    رڳي چنچل هوائن تي،
    نگاهُن جي صدائن تي،
    سڄو جوڀن لٽايوسين.
    اکين جو منڊ ڀي ناهي،
    اسان تي ڪنهن به صورت جو:

    لٿو ڪو چنڊ ڀي ناهي.
    نه ڪو ڪنهن راهه سمجهائي،
    نه ڪو رهبر رهيو اڳتي،
    نه ڪو ڪنهن دانهن ورنائي
    سموري راهه جا پانڌي،
    پنهنجي ئي لاش جا ڪانڌي،
    نه ڪِي ڪو دڳ مليو آهي،
    لٽيل ڪنهن قافلي وانگيان،
    نه ڪِي اورار جا آهيون،
    نه ڪِي پرار تي پهتا.
    اسان وٽ جي قصا هِن،
    جواني جي ڪهاڻيءَ جا،
    اڌورا ڄڻ ته حصا هِن.
    اڙي او پيار جا پاڳل،
    کڻي ڪشڪول نيڻن جا
    ڪهڙي مٽيءَ کي ڳولين ٿو.

    **  


    مگر ڇا ڪجي، ها مگر....

    مگر ڇا ڪجي، ها مگر....

    توڻي جو بدن لئه، بکيو هو بدن
    توڻِ جو جواني اڪيلي هئي
    نه پاتي چپن ڪنهن مٺيءَ جي مٺي
    نه ڪا رات نيڻن سُهاني ڏٺي.
    اوهان جي نگاهن جا قيدي اشارا،
    سدائين اسان کي سڏايندا رهيا
    اوهان جي چپن تي چُمين جا چنبيلي،
    اسان جا ئي رستا تڪيندا رهيا.
    دليون ڀي دڳن تي ديوانيون رهيون
    مڃؤن ٿا زماني جي درياءَ ۾،
    جواني جي ٻيڙي نه جوڙي سگهياسين،
    اسان ڀاڳ پنهنجا نه موڙي سگهياسين.
    مگر ڇا ڪجي،
    رڳي ديس جي هِن ڏکي ڪنوار لئه،
    مٿي ڪاڻ جُهومڪ، هٿن لاءِ ميندي

    ۽ سندورُ جي ڪا سُهائي ڳنهڻ لئه،
    اسان پنهنجي آشا گهٽيندا رهياسين.
    انڌيرن جي واٽن مَٿي ڊوڙندي،
    سدائين سويرا تڪيندا رهاسين.
    جواني جون چنچل ۽ نرمل گهڙيون،
    سلاخن جي پويان ڪٽيندا رهياسين.
    پرينءَ ڳوٺ پنهنجي مٿان پيار جو
    جڏهن سانگ سارنگ ڪيو ٿي ڪڏهن
    دليون گڏ هيون پر جُدا ئي رهياسين
    وُٺو مينهن پئي پر اُڃيا ئي رهاسين.
    مڃؤن ٿا مِٺي!، رات ڪنهن تات ۾،
    اوهان جي چپن جون ٿڌيون چاندنيون،
    سدائين اسان کي سڏينديون رهيون،
    مگر ڇا ڪجي، ها مگر ڇا ڪجي....!!
    غلامي جهڙي،
    گارَ جي پارَ تي،
    گهٽائون به گولين جيان ٿي گجيون!
    گهٽائون به گولين جيان ٿي گجيون!!

    **


    تاريخ هاريل لشڪر جيان!

    تاريخ هاريل لشڪر جيان!

    او نرڄا! ڪهڙي ننڊ سُتين،
    تو ڇو نه اڃان ڪجهه سوچيو آ؟
    هي ديس اُڃايل هرڻيءَ جيان
    ڄڻ پوئين وک کڻي ٿو پيو،
    توڻي جو يڳ لنگهي ويا هِن،
    پر ڳالهه اڃا ڀي ساڳي آ.
    هي ديس دکايل ٽانڊن تي،
    ۽ رهبر پنهنجي راهُن جا،
    ڄڻ ويڪو مال آ، مانڊن تي.
    جو ڪنڌ کڄيو ٿي ڳاٽ جيان،
    سو ٽوڙيو ويو ٽڙڪاٽ هٿان،
    هر دانهن دٻائي ويئي آ،
    ڄڻ ٻانهن ڦٻائي ويئي آ.
    ڪو صوفي، ڪوئي سنتُ نه آ،
    هي آترويلا، انت نه آ.
    جن ڪالهه ’مدد‘ جي مستيءَ سان
    ڌرتيءَ جو سينو چيڀاٽيو
    سي اڄ به ساڳيا گهوڙا هِن
    ڇا تنهنجا ڪن به ٻوڙا هِن؟
    جا ڪالهه هئي سا اَڄُ نه آ،
    تاريخ هاريل لشڪر جيان،
    ڄڻ پويون حرف لکي ٿي پئي
    هي ديس ڪهاڻي ٿي پئي ٿو،
    ها ڄڻ ته پڄاڻي ٿي پئي ٿو.
    او نرڄا! ڪهڙي ننڊ ستين؟

    **


    سوالَ

    سوالَ

    هي ماڻهوءَ جو جيون ڇاهي؟
    ڄڻ ڪا ڦاٽل پوتي آهي،
    جنهن جي ڌاڳي ڌاڳي پويل،
    پَل پَل ڪو پيڙاءَ لڳي ٿو،
    ڄڻ ڪو گهرو گهاءُ لڳي ٿو.

    هي ماڻهوءَ جو مَن ڀي ڇاهي؟
    ساري ڌرتيءَ جي دونهي کي،
    پنهنجي ڳوڙهن ۾ ٿو ڳائي.
    ڪيڏا سُور سمايا جنهن ۾،
    اڻ ڄاتا احوال جُڙن ٿا
    ڪيڏا پُور سمايا جنهن ۾.

    هي ماڻهوءَ جو خواب به ڇاهي؟
    جنهن جي نيا ڏور وڃي ٿي
    اڻ ڄاتي ڪنهن ماڳ مَٿي،
    توڻي چڪنا چُور، وڃي ٿي.

    هيٺ سمنڊ جهڙي ننڊ ۾،
    ڄڻ ته ستارن جيڏيون يادون،
    جهرمر جهرمر لائين ٿيون.
    ڪنهن کان ڏور گذاريل راتيون،
    ڪُونجن جيئن ڪُرلائين ٿيون.

    هي ماڻهوءَ جو پيار به ڇاهي؟
    جنهن جي ڪائي جيت به ناهي،
    جنهن وٽ ڪائي مات به ناهي.
    جنهن جي رستي، تي ڪو،
    ريتن جو آڙاهه ٻري ٿو.
    جنهن وٽ ڪوئي صبح به ناهي.
    جنهن وٽ ڪائي شام به ناهي.
    جنهن جو انت نه ڪوئي پار
    جنهن ۾ سڏڪن جو سنسار.

    هي ماڻهوءَ جو سوال به ڇاهي؟
    جنهن جي موٽ ملڻ لئه ماڻهو،
    صدين جا سنگرام ڏسي ٿو،
    پٿر جا الزام ڏسي ٿو،
    ڳولا جي مندر ۾ ويهي،
    پنهنجي اندر رام ڏسي ٿو.

    هي ماڻهوءَ جو ساهه به ڇاهي؟
    جنهن ۾ ڪو ويساهه به ناهي،
    پوءِ به جيئي ٿو، پوءِ به جيئي ٿو.
    پيڙائن جا پهرا ٽوڙي
    پويان پنهنجا پير ڇڏي ٿو.
    جنهن جي ’سهپ‘ سهارا ڏي ٿي،
    مايوسي کي ’چارا‘ ڏي ٿي.
    ها پر پوءِ به انڌا ماڻهو
    انڌن جيئن ڀٽڪائين ٿا.
    ويساهن جا قاتل ماڻهو
    سارو ڏيهه ڏکوئين ٿا.
    پر هي ’ڳجهه‘ ٻُڌائي ڪير،
    رئندن کي پرچائي ڪير،
    رستا، جن مان ’ساهه‘ ملي ٿو
    جيئڻ جو ’ويساهه‘ ملي ٿو.


    اُڃايل پنڌ جو پيچرو

    اُڃايل پنڌ جو پيچرو

    رُڃ ۾ راهي بنا،
    سڃ ۾ ساهي بنا،
    زندگي گذري پئي.
    ڪو به سايو،
    ڪو به ’آيو‘ ڪو نه آ
    ۽ اندر ۾ اُس ٿي ايڏي ٻري
    ڄڻ ته ٽانڊا ٿا دُکن هر گام تي،
    ڪنهن اُڃايل ’پنڌ‘ جو ڪو ’پيچرو‘،
    ٻڪ واريءَ جا اکين ۾ ٿو ڀَري
    ۽ اڪيلا خواب منهنجي آس جا،
    ڪنهن اڪيلي رات جي راهي جيان،
    دڳ پنهنجو پاڻ ئي ڀلجي ويا
    ڪنهن ته ’سُڏڪي ‘ تان ٿڙي، مُنهن ڀر ڪريا.
    تنهنجي جوڀن جي جهڙالي ديس لئه،
    ڪنهن ٿريءَ جي بک وانگر بيقرار،
    منهنجي نيڻن جي ڀٽن جو انتظار.
    ڪا به آٿت، ڪو سهارو ڪون آ،
    وقت، واٽن تي اُڏايل ڌوڙ ۾،
    مُدتون گذري ويون.
    دوستن کان دوستيون وسري ويون.
    ڪنهن ’فريبي‘ زندگي ماڻڻ جي لئه،
    پاڻ کي ٺاهڻ گهريوسين ’ٺاهه‘ سان،
    ڇا ڪجي، پر ڇا ڪجي؟
    آشنا ناهيون انهي ڪنهن ’راهه ‘ سان.


    ڪير آهي؟ ’ڪو به ناهي!‘



    اڄ وري،
    سانوڻِءَ جون هي هوائون،
    ڪنهن دکي ڪوئل سنديون،
    درد جون ساريون صدائون،
    ڏِسُ! اُڊيڙي ٿيون ڇڏين،
    تنهنجي يادن جا زخم‘
    ڪنهن گهٽا گهنگهور جهڙو،
    تنهنجو جوڀن،
    ڪنهن عقابي اک جهڙي،
    تنهنجي هستي ۽ جواني،
    ڪنهن شرابي جيان خماريل،
    تنهنجي چپڙن جي ڪنارن جون چميون،
    هن اڪيلي رات ۾،
    ڪنهن پکيءَ جي لات ۾،
    اڄ وري مون ڏانهن وريون.
    ڪنهن گهاءُ جيان پڄرَي اُٿيل،
    منهنجي مَن جي هي صدا،
    ”او-وڇوڙي جي هوا،
    يا خدا!
    مان اڃان-ڪيسين جيئان؟؟“
    وقت جي ڪانٽن پٺيان،
    ڪيترو ماضي لڪيل،
    نقش جيڪو هو اکين ۾،
    تنهن وري کاڌي اُٿل،
    ڪيترا صدما اکين ۾،
    ڪيترا اُلڪا اکين ۾،
    ڪيترا سڏڪا اکين ۾،
    هي اکيون هن يا وري،
    درد جو ڪوئي ڪتاب.
    ڪير آهي، جو اچي،
    زندگيءَ جو ڀل نامو،
    درد جون ساريون چُڪون،
    ساريون ڪهاڻيون سار جون،
    ساريون ڪهاڻيون پيار جون،
    ساريون ڪهاڻيون يار جون،
    ٻيهر لکي.
    هاءِ وڃايل ٻار جهڙا،
    هي اسان جا خواب سارا،
    ڪيرُ تِن جي ساڀيا جا،
    ماءُ پيءُ ڳولي لهي،
    ”ڪير آهي؟“
    ”ڪو به ناهي.“
    بس اڪيلو هي سوال،
    بس اڪيلي هي صدا،
    يا خدا!
    مان اڃان ڪيسين جيئان؟؟؟


    منهنجي پريت آ، پنڇيءَ جهڙي،

    منهنجي پريت آ، پنڇيءَ جهڙي،
    تنهنجي موٽ شڪاريءَ وانگي.

    اوسيئڙي ۾ نيڻ اڃايل،
    ٿر جي پياسي واريءَ وانگي.

    ريت جي رات ۾ هر هڪ آشا،
    ماري وئي آ، ڪاريءَ وانگي.

    مون ۾ ڪير آکيرو جوڙي،
    آءُ ڪنهن ٽُٽل ٽاريءَ وانگي.

    جڳ لڳي ٿو جوا خانو،
    آءُ هارايل جواريءَ وانگي.

    ***


    تو کان هوندي ڌار، جيئون ٿا،

    تو کان هوندي ڌار، جيئون ٿا،
    جيون ڪچي گار، جيئون ٿا.

    روز نوان الزام اسان تي،
    روز اسين سنگسار، جيئون ٿا.

    تو کان پيار مليو جي ناهي،
    نفرت جي آڌار، جيئون ٿا.

    هيڏانهن هٿَ سمورا خالي،
    هوڏانهن هو هٿيار، جيئون ٿا.

    موت بيهاري بيٺو آهي،
    چوڏس پهريدار، جيئون ٿا.

    ***


    هي جي اُڀريل ٻانهون،

    هي جي اُڀريل ٻانهون،
    تنهنجي لاءِ صدائون
    اسين اُڃايل پنڌ ۾.

    ڪهڙي دَرَ تي دانهجي،
    ديس سڄو دانهون.
    اسين اُڃايل پنڌ ۾.

    هر گهٽي ۽ گام تي،
    تنهنجون پُڇائون،
    اسين اُڃايل پنڌ ۾.

    ڌرتتيءَ جو سفر،
    وڻ نه ڪي ڇائون،
    اسين اُڃايل پنڌ ۾.

    **


    سورج تنهنجو آڌر ڀاءُ،

    سورج تنهنجو آڌر ڀاءُ،
    سورج مکيءَ کان وڌ،
    ڪير ڪري سگهندو؟

    پاڻ ٻئي جو هِڪُ آهيون،
    پاڻ ٻنهي کي اڌ،
    ڪير ڪري سگهندو؟

    ٻيجل وانگر ’ڏياچ‘ کان،
    سِر سِوا ٻي سڌ،
    ڪير ڪري سگهندو؟

    **  


    نثري نظم

    نثري نظم

    هي ڊگهي ننڊ سمهڻ جي ريهرسل

    هن صديءَ جو مدد خان،
    ڪو طوفان بنجي اُٿيو آهي،
    ۽ سندس عهد جا گهوڙا،
    بي لغام ٿي ويا آهن،
    جنهن جي سنبن جون سنگينون،
    هر نئين ڄاول ڏينهن تي
    اسانجي، تازي خون سان ڌوپجن ٿيون.
    زندگي!
    ايتري سستي ۽ بي معنيٰ ٿي وئي آهي
    جو اسان جا آقا،
    اسانجي،
    ماتمي جذبن جو ملهه چُڪائي،
    پنجاهه هزار جي ڪڙڪ چيڪ سان،
    اسانجون دانهون،
    اسانجون آهون،
    اسانجا لڙڪ،
    اسانجون صدائون،
    ۽ اسان جا بي ڪفن لاشا خريد ڪن ٿا.
    پر وقت جي گهوڙن جي،
    ٽاپ، ٽاپ جي ردم تي،
    اسان ڄڻ،
    هڪ ڊگهي ننڊ سمهڻ جي،
    ريهرسل ڪري رهيا آهيون.
    اسان جي ٻُڌڻ جا حواس،
    موت جي خبرن جا،
    عادي موالي ٿي ويا آهن،
    جو هاڻ،
    زندگيءَ جي خبر،
    اسان لئه حيرت بنجي وئي آهي!
    ڪرفيو،
    اسان لئه ڄڻ ڪو تهوار آهي
    جنهن کي اسان،
    زندگيءَ جو دان ڏئي ملهايون ٿا.
    دهشتگردي،
    ڄڻ ته ڪو ’فيشن شو‘ آهي
    جنهن لاءِ،
    اسان جي آشنا قاتلن،
    اسان جي حياتين کي چونڊيو آهي.
    اسان انهن لاءِ،
    نهايت سَستو ۽ معمولي،
    شڪار بنجي ويا آهيون.
    اسان جا بي ڪفن لاشا،
    ۽ اجاڙ گهر،
    ڄڻ ته ڪو خام مال آهن
    جن مان هر روز،
    اسانجون اخبارون،
    اسانجا رهبر،
    اسانجا سياستدان،
    پنهنجو جياپو وڌائين ٿا.
    اسين ڪمپيوٽر ايج جا،
    اهي قديم غلام آهيون
    جن کي آزادي
    فقط موت جي روپ ۾ ملي ٿي،
    اسين صدين کان،
    ڌرتي جا وارث،
    لاوارثي جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون.
    پر اسان کي ڪير سمجهائي،
    ڪير جاڳائي!
    ته وقت جي گهوڙن جا ٽاپ ٽاپ،
    ۽ هانءَ ڏاريندڙ هڻڪارون،
    اسان لئه،
    سڄاڳي جو الارم آهن.
    پر اسان ڄڻ
    هڪ ڊگهي ننڊ سمهڻ جي،
    ريهرسل ڪري رهيا آهيون!!


    درد جي ڦاسي گهاٽ تي

    درد جي ڦاسي گهاٽ تي

    اسان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي،
    ڇاڪاڻ ته،
    اسانجي جسم جو هر انگ،
    درد جو ڪو اشتهار بنجي چڪو آهي.
    اسين،
    جيڪي رحم جي اپيل جيان،
    رجيڪٽ ٿي چڪا آهيون،
    وڇوڙن جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾،
    تو سان ملڻ جي آخري خواهش به،
    درد جي هن ڦاسي گهاٽ تي،
    ڪنهن به ڏوهي جيان ماري ويندي!
    اسان جون اکيون،
    آخري ملاقات لاءِ ايندڙ،
    ڪنهن آشنا جي سڏ لاءِ
    واجهائي رهيون آهن.
    پر لڳي ٿو
    هاڻِ ڪو به نه ايندو،
    رات آخري هڏڪين ۾،
    هاڻ اسان کي سمهڻ گهرجي،
    پر ننڊ به اسانجي
    اکين جا رستا وڃائي چڪي آهي.
    ۽ اسين،
    تنهنجي چمين،
    تنهنجي هٿن،
    تنهنجي چوڙين،
    تنهنجي بدن،
    ۽ تنهنجي وطن جا سمورا گيت ورجائڻ لاءِ
    سگريٽ جو ساز ڇيڙيون ٿا.
    گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ،
    وقت جي سَنتري جيان
    اسان کي سڏي رهي آهي،
    ماٺار جي مندر ۾،
    تنهنجي يادن جا گهنڊ گُڙي رهيا آهن.
    فرار جي رستن تي ’فيصلو!‘
    ڪنهن بيوفا دوست جيئن
    دوکو ڏئي ويو آهي،
    ۽ اسين اڪيلاُين جي اوندهه ۾،
    پنهنجي هٿن سان،
    پاڻ کي ماري ٿا ڇڏيون
    ڇاڪاڻ ته اسان،
    ڳالهائڻ،
    ڇڏي ڏنو آهي!!!

    **  


    مان مڃان ٿو،

    مان مڃان ٿو،
    مون تو کي سڃاڻڻ ۾،
    ايتري دير ڪئي،
    جيتري دير ۾،
    گل ٽڙي خوشبوءِ نٿو بنجي وڃي.
    پر شام شايد،
    مون کان اڳ ۾ لڙي آئي،
    ’۽ گل‘!
    پنهنجي خوشبوءَ سميت وسامي ويو!!

    *

    آءُ تنهنجي هٿن تي رچيل،
    مينديءَ جي خوشبوءَ تائين پهچي چڪو هئس،
    تنهنجي بدن جا سمورا تِرَ،
    مون کي برزبان ياد ٿي ويا ها.
    مون کي اها به خبر هئي،*
    ته تنهنجي بدن مان ڦٽندڙ
    مخصوص سڳنڌ جو طلسم ڇاهي.
    پر ڇا ڪيان،
    مون کي اها به خبر آهي ته،
    خواب ۽ حقيقت ۾ بهرحال
    وڏو فرق موجود آهي!


    ڪا به رات،

    ڪا به رات،
    اهو نٿي ٻُڌائي سگهي،
    ته ننڊ ڪيئن ٿي اچي.
    ڪو به رستو، اهو نٿو ٻڌائي،
    ته اسان کي ڪهڙي ڏس وڃڻ گهرجي.
    ڇا اسان جو ازل سمنڊ
    ۽ اسان جو ابد مٽي آهي؟؟؟

    **  


    جڏهن ڀي اسانجا

    جڏهن ڀي اسانجا
    اڻ جهل قدم
    پنهنجي محبوب جي گهر ڏانهن ويندڙ
    راهن مٿي،
    وڌڻ ٿي لڳا.
    ۽ جڏهن ڀي اسان
    پنهنجي نيڻن ۾ اٽڪيل
    اڌورا خواب،
    سينگاري، سجائي
    ساڀيان جي لاءِ
    اماڻڻ گهريا،
    تڏهن ئي،
    اسانجي جوانيءَ سنديون
    سموريون خوشيون،
    اوهانجي ئي رسمن جي
    سياهه بندخانن ۾ واڙيون ويون
    اسانجي ڪنوارين دلين جون
    سڀئي چاهتون،
    اوهانجي ئي بي رحم
    پيرن جي هيٺان،
    لتاڙيون ويون.
    اڃان ڀي پڇو ٿا،
    اسان پنهنجي جوڀن جون
    پهريون بهارون،
    ڪٿي هيون گذاريون.


    اثر

    تعارف



    پورو نالو: عبدالعزيز.
    قلمي نالو: اثر.
    ولد: چنيسر خان.
    جنم هنڌ: جهمپير، ضلعو ٺٽو.
    جنم تاريخ: ١٥-آگسٽ ١٩٥٩ع.
    تعليمي لياقت: ايم-اي (سنڌي)
    پيشو: هاءِ اسڪول ۾ استاد.
    سهيڙيندڙ: سرسوتي پبليڪيشن.
    (ٻه پرچا نڪتا)
    سرواڻ: ادبي تنظيم سرسوتي ساهت سٿ
    (ادبي تنظيم)
    ايڊريس: جهمپير، ضلعو ٺٽو.


    غزل

    ماڻهو ڏاڍو پيارو آهي.
    سونهن جو استعارو آهي،

    چُوما چاٽي کان ڪيٻائي،
    ڪيڏو هاءِ لڄارو آهي.

    لهر ٿڪي پيئي سوچي سوچي،
    ڏاڍو ڏور ڪنارو آهي.

    هاڻ ڳهيلي! ڳڻتي ڇاجي؟
    ڪڻڪن جو لابارو آهي.

    ڪير بچيو ڪلهه؟ ۽ اڄ ڪهڙي
    واٽهڙوءَ جو وارو آهي.

    تنهنجو رس رسيو جوڀن،
    ماکيءَ جو مانارو آهي.

    **


    هر وستي ويران لڳي ٿي.

    هر وستي ويران لڳي ٿي.
    هر نگري شمشان لڳي ٿي.

    دل، جوڳيءَ جو ڪُٽيا وانگر،
    سُوني ۽ سنسان لڳي ٿي.

    تنهنجي سازن تي سناٽو؟
    دور ته ديپڪ تانِ لڳي ٿي.

    پار نديءَ جي ننگي نينگر،
    ڀڪشوءَ کي ڀڳوان لڳي ٿي.

    آهي اڃان اڻپوري ڪوتا،
    سوچن جو سرطان لڳي ٿي.

    **


    نڪا چاندني هن نگر دوستو!

    نڪا چاندني هن نگر دوستو!
    نه پايل آ پنهنجي پڌر دوستو!

    وڻن تي اداسيءَ جا آهن صليب،
    شهيدن جو هي آ شهر دوستو،

    اوهان جي عبادت-گهرن مان اڃان،
    گناهن جو آهي گذر دوستو.

    ڪُرِي ڪونج شايد آ ڪيٽيءَ مٿان،
    وياڪل آ ڪيڏو وڳر دوستو.

    **  


    وائي

    وائي

    ويئي رات لڙي،
    پوءِ به نه آئين راجيا!

    سازن کي سرچائيندي،
    گذري هر گهڙي.

    چاهت جي چِتا تي،
    سورٺ رات سڙي.

    گهاري آ گرنار ۾،
    راڳيءَ رات رڙي.

    اڳ آ انياءِ جي،
    پنهنجي پوياڙي.
    پوءِ به نه آئين راجيا!

    **  


    مون وٽ ناهن ميتَ،

    مون وٽ ناهن ميتَ،
    ڪويل! هوريان ڪُوڪ تون.

    مس مس منهنجي سوچ جي،
    سرچي آهي سريت.

    سام نه جهلبي سومري،
    روپا جي آ ريت.

    تون ۽ وڍ وجود جا،
    مان ۽ ڳوڙهن ڳيت.

    مون ئي راتين ۾ رچيا،
    جي تو ڳايا گيت.
    ڪويل! هوريان ڪُوڪ تون.

    **  


    گيت

    گيت

    تون ياد نه ايندي ڪر
    تون ياد نه ايندي ڪر.

    پن-ڇڻ کان اڳي پياري!
    هر گل ڇڻي ويندو،
    ڪو گيت گُهلي ويندو،
    ڪينجهر جي هوائن ۾.
    تون ياد نه ايندي ڪر!
    تون ياد نه ايندي ڪر!

    سجدن جي حوالن سان
    مان توکي سڃاڻان ٿو،
    آواز نه ڏيندي ڪر،
    پلپل جي گناهن ۾،
    تون ياد نه ايندي ڪر!
    تون ياد نه ايندي ڪر!

    ڪن قبرن تي آهن
    ڪي ٻيا به ڊٺل ڪتبا،
    ڪنهن ڪنهن کي نانءُ ڏيان،
    دل-قبرستانن ۾،
    تون ياد نه ايندي ڪر!
    تون ياد نه ايندي ڪر!

    ڪي سال ٿيا سجني!
    ڪنهن ڪو نه سنواريا هَن،
    هر موسم الجهي آ،
    هن وکريل وارن ۾،
    تون ياد نه ايندي ڪر!
    تون ياد نه ايندي ڪر!

    **  


    رهجي ويل منظر

    رهجي ويل منظر

    اداس ۽ اڃايل کجيءَ جو وڻ
    برسات جون
    بوندون ڳهي ويو،
    پر سندن وجود جو وَڍ،
    سائو ٿي نه سگهيو.
    پوڙهو پياڪ
    اڃان تائين ان سوچ ۾ آهي ته
    کجيءَ جي وجود جي وڍ مان
    مينهن ڦڙا
    تاڙي بنجي ڇو نه ٽميا.
    پر تون ان وڻ وانگر ناهين،
    تنهنجي وجود جو وَڍِ
    سائو آهي.
    تنهنجي تخليق جي
    تاڙيءَ جا ٽيپا،
    محبوبه جي چميءَ وانگر
    سيبائجندڙ آهن.
    تون سڀ ڪجهه آهين.
    تون ڪجهه به ناهين،
    سواءِ ان رهجي ويل منظر جي،
    جيڪو آئون اڃان تائين،
    تنهنجي مُک-درپن تي
    ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.


    پيڙا




    قبرستانن
    جي لئه ٽڙندڙ،
    گلڙن ڪيڏي
    پيڙا ڀوڳي.
    جنجا پَتا
    نازڪ هٿڙن
    ڪومل چپڙن
    جي ته ڇهائن
    کان اڻ-سونهان
    وانجهيل آهن.
    تن کي طوق
    تقدس جو ورثي ۾ مليو.
    تن جي پاڪائي پوترتا
    رسمي آهي،
    وئشا جي
    ست سيل جيان
    سا لوئيل آهي.
    هار ۽ گجري ۾ نه سجايو
    ويو آ تن کي.
    جن جي مکڙي
    سهڻن وارن
    ۽ ڪالر جي
    سونهن وڌائڻ
    کان اڳ ۾ ئي
    ويئي مرجهائي.
    جيڪي ڪين سگهيا
    ڀونئري ۽
    پوپٽ کي هر کائي
    جيڪي مالها ۾ پئجي
    محبوبه جي
    ڳچيءَ جو سينگار نه بڻيا
    ۽ پڃرو ٽوڙي
    پنڇيءَ وانگر ڀڙڪو ڏيئي
    اڏري وڃڻ لئه آتين ڇاتين
    ساڻ ڇهاءَ سان
    ڪو نه ڪيون جن ڪتڪايون
    تن جي حالت
    قرآن سان زوريءَ
    پرڻايل آ ناريءَ جهڙي
    تن
    قبرستانن
    جي لئه ٽڙندڙ
    گلڙن ڪيڏي
    پيڙا ڀوڳي.

    **  


    لٽجي ويل ڳوٺ جو هڪ منظر

    لٽجي ويل ڳوٺ جو هڪ منظر

    ٺڪاءَ مٿان ٺڪاءَ ٿيو
    ۽ ڳوٺ گهيرجي ويو.
    ننڊا کڙي جوڀن اٿي
    آرس ڀڳو.
    وَرَ اٿي بندوق کنئي
    ۽ ونيءَ کان موڪلايو
    ۽ اڌوريون رهجي وييون
    چاهتن ۽ محبتن
    ڀريل چُميون
    ٺڪاءَ ٺڪاءَ ٺڪاءَ هئا.
    گوليءَ اچي
    جهوپي اندر
    جهاتي وڌي.
    ۽ هراسيل نيڻ ويا
    پٿرائجي.
    ڇاتين رڙهي
    سيني اندر
    گوليءَ کي ڪجهه
    جڳهه ڏني.
    عاج جون چوڙيون سموريون
    ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويون.
    موهن شهر لٽجي ويو
    موهن شهر لٽجي ويو
    هن نگر جو نَڪِ هئي
    جا ناچڻي
    چؤنڪ تي ننگو ڪري
    تنهنجا اُرهه
    ڪپيا ويا،
    هر مَنهنَ سڙي ويو.
    هر جُهڳي جلي ويئي.
    اي ڪراڙ جا ڪوي!
    اسان جا گهاري زندگي
    سا زندگي ڪيئن لڳي؟

    **


    جان خاصخيلي

    تعارف



    پورو نالو: جان محمد
    قلمي نالو: جان خاصخيلي
    جنم هنڌ: ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي، تعلقو هالا
    جنم تاريخ: ٢٣ اپريل ١٩٥٦ع
    تعليمي لياقت: ايم-اي سوشيلاجي
    ايڊريس: ڪراچي
    سرگرميون: گذريل ٽن سالن کان سيڪريٽري، سنڌي
    ادبي سنگت ڪراچي.


    آدرش

    گلابن جي گهلندڙ بدن کي ڇُهي
    اڄ هوا
    ڳوٺ منهنجي تان گهلي آهي،
    مگر اسان جي ديش جي وڻن تي
    لُنوندڙ پکين
    چمڻ جي چال بدلائي آ ڇڏي.
    رات ۽ ڏينهن
    صبح ۽ شام
    هر گهڙي
    بک جيڏي ڪڙي آهي
    نيڻ ننڊاکن ۾
    وقت نئين جي تار آ،
    اچ ته اڄ ستارن کي
    گيت ڪو ارپي ڇڏيون،
    پيٽ خالي آ مگر
    آءُ ته پنهنجا لڙڪ اوتي
    نيڻ آجا ڪيون وري
    پيار جي صدقي
    چمڻ جي چال کي اوريون وري.

    **


    ڀٽائي جو تنبورو

    ڀٽائي جو تنبورو

    ڀٽائيءَ جو تنبورو چؤنڪ تي ٽنگيل آهي
    ها ڀٽائي اڄ مگر سوچ ۾ ٻڏل آهي.
    ستارن کي گهوري
    ياد جي اساٽ ۾
    ڪير اڄ رنو آهي
    لڙڪ هي وهيا آهن
    پاندرن تي سڀ پکي
    هيسجي ويا آهن.
    اڄ ڪراڙ کي گهوري
    ڪڪرن جي اوٽ ۾
    چنڊ ٽٻي هنئي آهي
    سنڌ جون ڳاڙهيون گهٽيون
    ميندي جي هٻڪار جهڙو
    رت اڄ وهيو آهي.
    نيڻ اڄ ڪراڙ جا
    لڙڪ بوند لاءِ سڪن ٿا
    سڀ رٺل ڪوئليون
    خون جي هٻڪار تي
    اڄ وري لڇيون آهن،
    ڪوس گهر جون دريون
    رات ڏينهن کليل آهن
    ها ڀٽائي اڄ مگر
    سوچ ۾ ٻڏل آهي
    ۽ ڀٽائيءَ جو تنبورو
    چؤنڪ تي ٽنگيل آهي.


    فلسطيني ماءُ جي دُعا 

    تنهنجي هٿ ترين تي
    ميندي لائڻ کان اڳ ۾
    بندوق رکان ٿي.
    تو کي گولين جون مالهائون پوئي
    هر پيڙهيءَ جي رت ڦڙن جو سوڳنڌ چوان ٿي،
    منهنجي من جي خوابن جهڙا،
    جڏهن قتل گاهه جي هڪڙي ڪنڊ ۾
    تو تي پهريون سج لٿو هو
    ۽ تو لوليءَ کان اڳ ۾
    منهنجي ڪڇ ۾
    گوليءَ جو آواز ٻڌو هو،
    ۽ تنهنجي ننڊ ڦٽي هئي،
    اڄ باک ڦٽڻ کان ٿورو اڳ ۾
    گوليءَ جو ٻوليءَ ۾ ٻالڪ
    آزاديءَ جا گيت چون ٿا،
    مان تنهنجي معصوم نگاهن ۾ تعبير لهان ٿي
    ڪيئي گهرا رنگ پسان ٿي.
    تو کي گولين جون مالهائون پوئي
    هر پيڙهي جي رت ڦڙن جو
    سوڳنڌ چوان ٿي.

    **  


    ياد

    ياد

    وسڪار مينهن جي ۾
    ٿي ياد ڪا ستائي،
    ڪا ياد سور سختيون
    ڪا ياد پيار مرڪون
    ڪا ياد نينهن وعدا
    سوڳنڌ نڀاءَ جا ڪي،
    ڪا ياد راتڙين ۾
    لوڪان لڪي ملڻ جي
    ڪا ياد پيچرن تي
    پنجوڙ ڪوڙڪين جي،
    ڪا ياد منزلن جي
    راهن تي لانگ بوٽن
    ڏهڪاوَ جي اچي ٿي،
    ڪا ياد ٺوٺ ڇاتين ۾
    ٻار چڪ پائي
    روئي رڙي سمهي ٿو،
    ڪا ياد ڪي امنگون
    سانڍي جيئان وڌان ٿو

    ڪنهن ياد جي سهاري
    خوابن ۾ راتڙين جو
    تعبير لئه پيو جهاڳيان
    تعبير دلربا سان
    مرڪي کلي ملڻ جو
    ٿو موت کي ڊيڄاري
    سالن صدين کان ڳوليان
    جو راز زندگيءَ جو
    ها ياد منهنجي من جي
    ڳولي ضرور لهبو، ڳولي ضرور لهبو.

    **


    نذير جي جنم ڏينهن تي

    کولين ۾ ڏٺل تنهنجا خواب
    تنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪي لمحي سان گڏ
    ڪيترو رُنا ها،
    ۽ اڄ به ٽارچر ڪيمپن ۾
    دکندڙ هر سگريٽ تي
    تنهنجي رت جي هُٻڪار ڀنل آهي،
    ڄاڻون ٿا ته اتي رکيل ‘سچ پترا’
    اهي هٿ ۽ اکيون،
    تنهنجي بدن تي ڏنل چهڪ ۽ برف،
    ۽ ايذاءَ جون سڀ رسمون
    اسان لاءِ منتظر آهن.
    پر اي دوست!
    سنڌ جي ڇانوڻين ۾ پوکيل
    آمريڪي گولين جو ٻج
    اسان پنهنجن سينن تي
    رُنبڻ لاءِ تيار آهيون،
    تنهنجا خواب اسان جي اکين ۾ امانت آهن.
    تنهنجو جنم ڏينهن اسان لاءِ مبارڪ آهي.

    **


    بيجنگ (چين) ۾ ٿيل فائرنگ تي

    ٻنپهرن جو لڪ لڳي آهي
    ۽ تنهنجي سڪ لڳي آهي.
    تنهنجي گلابي چپڙن جهڙا گهاوَ
    اڄ بيجنگ جي گهٽين ۾
    ٽڙي پيا هن.
    تون پنهنجي ديش جي
    هن گرم رت ۾،
    ڳوٺ جي ڇانورن ۾
    گيت جي ڌن تي
    احساس اُڻندي
    ڪيڏي وڻندي آهين،
    ها مگر
    اڄ تنهنجي ويس جهڙيون
    ڳاڙهيون گهٽيون
    فاشين جي اکين ۾
    سرٽ پئجي آهن ويون،
    ڪنوار جي تن جيان
    اجريون اميدون
    هيل رولي ۾ نه پونديون،
    مينديءَ جون هٻڪارون ٿينديون
    هيل سڄي جڳ ۾
    موڙن ٻڌڻ جي مند بيچين آ.


    خوابن جو سفر

    ڪيڏانهن نيندين
    منهنجا خواب کڻي او سورج!
    ايئن وڃين ٿو
    هير هوا جي توڏي تانگهي
    منهنجا لڱ ڏنڀي ٿي
    پونيارڙي جي هن ويلا ۾
    کنهنبو رت ميارون ڏي ٿو،
    فوجي جرنيلن جون پيڙهيون
    مون کي هر هر ياد اچن ٿيون
    سپنن جي باغيچن ۾
    ڪنڊا ڪنڊا ٿي اڀرن ٿيون،
    منهنجي ڌرتيءَ جون هي وستيون
    ۽ هي روئيندڙ ٻار هنجن تي
    تن جو اڄ مياري هرڪو،
    جيڪو منهنجي ڌرتي تي
    ڪا هڪڙي رات ٽڪي پيو آ
    يلغارون يلغارون آهن
    ڪيڏيون مند ميارون آهن
    نعرن تان ويساهه کڄي ٿو،
    ڪرڻا ڪرڻا رت ٽمائي
    ها پر تون ڪنهن پار وڃين ٿو
    منهنجا خواب کڻي او سورج
    ڪهڙي باک وراڻي ڏيندين
    ڪهڙي سڏ ورائي ڏيندين،


    مارشل لا دور جي سنڌ

    مارشل لا دور جي سنڌ

    سومهڻي جو اک لڳي ٿي
    فوجي چيتن جيئن چنگهاڙي
    نيش ڪشن ٿا،
    مُرڪ مٿان سنگين کُپي ٿي
    وِلهه وسي ٿي
    هٿ کڄن ٿا.
    ۽ ڪنهن هاري جي نياڻيءَ جا
    انگ لڇن ٿا،
    ڳاڙهي ڳاڙهي وڏ ڦڙي جيان
    ڇاٽ ڇڻي ٿي.
    لوڙهي جي ڍينگر تي
    ڪنهن جو رت ٽمي ٿو،
    راڪيٽن جي آوازن تي
    ابهم جي اوڳاڇن مان ٿڃ وهي ٿي.
    سج لَهوءَ مان ليٿڙجي
    اوڀر کان اک پٽي ٿو،
    ڳوٺ سڄي ۾
    گولين جو سازيندڙ ڪوئي رقص رٿي ٿو
    ۽ ڪنهن لاش جي اوگهڙ تان
    سورج جا ڪرڻا
    ڳاڙهي ڳاڙهي ماڪ چٽن ٿا.
    رت ٻڏاڻا ماڻهو سورج کي گهورن ٿا،
    وقت اڃايل گهوڙي جيان هڻڪار ڪري ٿو،
    وقت اڃايل گهوڙي جيان هڻڪار ڪري ٿو.


    گوئٽي ڏانهن

    گوئٽي ڏانهن

    گوئٽي تنهنجي ڌرتيءَ تي
    ڪو ٽٻڪو تنهنجن خوابن جيان
    برلن جي ديوار جي هيٺان
    ڄڻ ڪو راز دفن ٿي ويو هو
    ۽ تاريخ جي سيني تي
    ڪو گهاءُ ڏسي هيڪر
    ڇا ڇا نه رنو ويو هو،
    هر روز اميدن جو
    ڪو سورج ايندو هو
    ديوار جي چوٽيءَ تي،
    ڪو پل بيهي هيڪر
    توڏانهن تڪيندو هو
    ڇا ڇا نه ڏسيندو هو.
    اي گوئٽي جا سپنا!
    ۽ اڄ ڀاڪر پائڻ لاءِ
    جيڪي به کڄيا هٿڙا
    جيڪي به چريا چپڙا
    ڪنهن ڦول چمڻ لاءِ اڄ
    ها، تن جي هٿن آڏو
    ۽ تن جي چپن آڏو
    ديوار برلن جي
    آنيٺ ڪيو سجدو
    انڪار هوائن کان
    ۽ ماڻهوءَ جي من کان
    جيڪو به ڪري ٿو اڄ
    تاريخ وڏي شيءِ آ
    ۽ سچ وڏو آهي
    ديوار برلن کان.
    اي وقت ايڏي تمنا
    ڇا لاءِ جڙي ٿي پئي
    هن دنيا گولي تي
    ڇا ڇا نه گهري ٿي پئي:
    اي وقت امن گهرجي
    اي وقت امن گهرجي.
    محبوب جي تن من تي
    ڪو گيت نه ٿئي پرزا
    ڪا ساک نه ٿئي پرزا
    ۽ پيار پرينءَ جي کي
    ڌوکو نه ڏجان ڪنهن کي
    اي وقت سبق تو لاءِ
    ڪو سچ وڏو آهي
    ديوار برلن کان
    ها ديوار برلن کان.

    **


    خوابن جي ڪاڄ مان هڪ واردات

    خوابن جي ڪاڄ مان هڪ واردات

    نفرتن جي مندن ۾
    اسين جهول ۾ محبتن جا سوين گل
    کڻي جي لنگهياسين،
    بي گناهي جي جُرمن ۾ ڦاسي پياسين.
    پنهنجي ئي، شهرن ۽ ڳوٺن ڳلين ۾،
    وچڙندڙ، سياسي هوائن ۾ الجهي پياسين،
    رڳو رات جي ڪا گهڙي گهرجي،
    ڪجهه ڪڇياسين،
    يار جا ڏس اڌورا سڌورا پڇياسين،
    ڪراڙجي ڪنڌيءَ تان عدوليا وياسين،
    شهر جي چوڪ تي،
    اخباري بنڊ ل جيان ساڙيا وياسين.
    ڪنهن دُناليءَ جي فائر تان واريا وياسين،
    مگر نفرتن جي نه آڏو جهڪياسين.
    ڀٽائي جي درٻار تي ڪنهن مسافر ڪبوتر جيان،
    گيت اسان جا،
    پنهنجي ئي خوابن جي ڪنهن ڪاڄ مان
    نيٺ اغوا ٿين ٿا.
    هالا حويلي ۽ ڪنگري جي اوچن
    ٺهيل مورچن ڏي، اسان جو ڪڄاڙو،
    رڳو روڄ راڙو، اسان جي ڳلين ۾،
    جتي خواب بي وارث لاشن جيان ٿا لڳن،
    نفرتن جي مندن ۾.
    اڙي چنڊ ايڏي جدائي اوهان جي!
    اسين يار جي پار جا
    ڏَس، اڌورا سڌورا پڇون ها
    هيل زرد پتن تي، تنين ڏي،
    بهارن جون ڪي ئي چميون موڪليون ها.
    قتل گاهن مان گم ٿيل،
    ممتا جون لوليون ۽ ٽهڪن پڙاڏا دلين تي اُڻيون ها،
    نفرتن جي مندن ۾.
    اسين محبتن لاءِ جيئون ٿا
    ها اسين محبتن لاءِ جيئون پيا.

    **


    امتياز ابڙو

    تعارف



    نالو: امتياز ابڙو
    ولد: شوڪت علي ابڙو.
    جنم تاريخ: ١٩-١٠-١٩٦٥ع.
    تعليمي لياقت: ايم-ايس-سي (رياضي)
    شاعري: ١٩٨٨ع کان شروع ڪئي.
    پهريون نظم: عوامي آواز ۾ ڇپيو.
    ايڊريس: ڪتابستان، طارق روڊ، هالا، ضلعو حيدرآباد


    وصيت نامو

    وصيت نامو تيار آهي؛
    جنهن ۾ انگور جا داڻا رکيل ناهن،
    هڪ گرفتاري آهي
    جيڪا ورهائڻي آهي؛
    هر سرد آکاڻي آهي،
    ۽ هڪ گم ٿي ويل جزيري جو درد آهي!
    وصيت نامو
    ڪنهن شڪست کاڌل وقت جو آهي
    جيڪو
    پنهنجي شهرن جي اغوا وقت
    غروب رهيو؛
    ڪنهن جج جو آهي،
    جنهن جي هٿن ۾ قلم هو،
    مگر صحيح ڪنهن ٻئي ڪئي؛
    ڪنهن وئشيا جو آهي،
    جنهن جي جهول ۾ رپيا به هئا،
    ته دليون به!!
    جنهن جي زندگي
    هڪ ڇُهاءَ کان شروع ٿي،
    ۽ هڪ جنسي عضوي تي ختم ٿي!
    هي وصيت نامو
    ڪنهن جو به ٿي سگهي ٿو؛
    هڪ سپاهيءَ جو به،
    جنهن کي سيٽي وڄائڻ وسري ويئي،
    ۽ هڪ محب شيدي پيدا ٿيو!
    هڪ ڊاڪٽر جو به،
    جنن هڪ ڇُري کنئي،
    ۽ هڪ آفيمي پيدا ڪري ورتو!
    هن وصيت نامي ۾
    گهڻو ڪجهه آهي، جيڪو توهان
    پنهنجن ٻارن کي ضرور پڙهائجو،
    نه ته هُو توهانکي
    قتل ڪري ڇڏيندا!
    هن ۾ هڪ رات جو سفر آهي؛
    جڏهن سڀ ماڻهو جاڳي پون ته،
    پنهنجين محبوبائن کي پڙهائجو!
    هن ۾
    هڪ ٻار جو به ذڪر آهي،
    جنهن کي هڪ رانديڪو ڏيڻو آهي؛
    رانديڪو ڪهڙو به ڏيو!
    اهو توهان تي ڇڏيل آهي؛
    پوءِ چاهي توهان هڪ
    جهنجهڻو ڏيوس يا
    هڪ ننڍڙي توپ!

    ***  


    ساٿ جي موسم

    ساٿ جي موسم

    ساٿ جي موسم
    فقط جهٽ پل لاءِ ايندي آهي!
    ۽ پوءِ آنڌيون آڻي،
    وڻن کي جڙن کان اُکيڙي ڇڏيندي آهي.
    پري کان
    جڏهن انبن جي موسم ايندي آهي
    ته،طوطا خوشيون ملهائيندا آهن
    هرڻيون،
    جي ڦٽندڙ ڪنهن نئين آبشار کي
    ڏسنديون آهن
    ته،جهونگارينديون آهن؛
    ۽ اسانجو اکيون
    ڪنهن انگور جي وَل کي ڏسِي،
    جَهپٽنديون آهن، جيئن
    ٻارَ، پٽ تان لڌل بسڪيٽ تان
    وڙهندا آهن!
    ڪوجهيون سرڻيون،
    جن جون دليون
    ٽجوڙين ۾ بند هونديون آهن،
    لغڙ ڏسنديون آهن ته،
    اُلرجيو سوچينديون آهن،
    ”اسين پنهنجين محبتن جا
    ڪاٽا ٿيل لغڙ،
    اڃا نه ڳولي سگهيون آهيون!“
    جڏهن پوهه ۾ پوڙهيون
    سگري ٻاري، تاريخ ٻڌائينديون آهن،
    تڏهن پيار جا ڪئين ڪوئلا
    ساٿ جي موسم گهاري
    ڦليار ٿي ويندا آهن!
    سچ پچ ته،
    ساٿ جي موسم
    فقط جهٽ پل لاءِ ايندي آهي.

    ***  


    تنهنجي ڀر ۾ ويٺل ماڻهو!

    تنهنجي ڀر ۾ ويٺل ماڻهو!

    مان هڪ اڌ-ٽهڪ ڏيان ٿو،
    تنهنجي ڀاڪر ۾ ويٺل ماڻهو
    ڳڙڪائي وڃي ٿو؛
    آئون رستي تي ڪِريل
    تنهنجيون چميون ميڙيان ٿو،
    جيڪي
    تنهنجي ڀر ۾ ويٺل ماڻهوءَ تائين
    نه پهتيون آهن!
    تون هڪ گهوڙي تي ويٺل آهين!
    ۽ جنهن جي سُنبن ۾ نعل ناهن،
    آئون آهيان!
    گهوڙو هڪ بستر فتح ڪري ٿو،
    ۽ سڄي جهان جون مائرون
    روئڻ لڳن ٿيون!
    منهنجا محبوب!
    منهنجا سگريٽ مونکان
    تنهنجو پُڇن ٿا،
    ۽ آئون نارنگيءَ جي کَلَ جيان
    وڍجڻ لڳان ٿو!!
    آئون جڏهن بستر تي هوندو آهيان
    ڄڻ منتظر هوندو آهيان؛
    ڇو ته هُو ڪنهن جا منتظر هوندا آهن؛
    مون وٽ ڪوريئڙي جي ڄار جيان
    تنهنجا خيال اچن ٿا،
    پهرين آئون احتجاج نٿو ڪريان
    ۽ هڪ ڊگهي لذت جي خوراڪ ۾
    مگن ٿي وڃان ٿو؛
    ۽ پوءِ اوچتو خبر پوي ٿي ته،
    اهو ڪوريئڙو آئون آهيان؛
    ۽ هڪ وڏي عرصي کان
    پنهنجي دل تي ڄارو ٻڌي رهيو آهيان!
    ۽ منهنجا محبوب!
    مون گهڻو ئي چاهيو ته،
    تو کي نه چاهيان،
    مگر گوليءَ جي رستي ۾
    سدائين منهنجي دل آئي!

    ***  


    مون کي تنهنجي گهُرج آهي!

    مون کي تنهنجي گهُرج آهي!

    هر قدم تون دليون جَهٽيندي آهين؛
    ۽ هر ويڪري دل وارو
    تو تي نظر رکڻ کانپوءِ
    خوشبوءِ ٿي ويندو آهي!
    تون اها موسم آهين، جيڪا
    درختن جو ٿڪ لاهيندي آهي،
    تون جنهن کي ڇُهين ته،
    ان شهر ۾ وري قتل عام نه ٿئي!
    مون کي به تنهنجي گهرج آهي
    ڇو ته، مون کي ئي تنهنجي گهرج آهي.
    مون کي تنهنجي زيتوني رنگت پسند آهي،
    تنهنجي چپن جا بسنتي اشارا پسند آهن؛
    ۽ تنهنجا وار پسند آهن،
    جن جي مقابلي لاءِ
    روزانو سج پيدا ٿيندو آهي!
    تنهنجيون اکيون مون کي سڏين ٿيون،
    جيئن ڪڻڪ جا سنگ،
    پچڻ کانپوءِ، هارين کي سڏيندا آهن!
    تنهنجي ڪمند جي رس جهڙي گفتگو
    منهنجي مالڪ آهي؛
    سمنڊ جي وچ ۾،
    آئون هڪ زمين جو خواب اُڻي رهيون آهيان،
    آئون تو کي
    پنهنجي موت خلاف استعمال ڪرڻ چاهيان ٿو،
    ڇو ته، مون کي تنهنجي گهُرج آهي؛
    ڇو ته، مون کي ئي تنهنجي گهرج آهي.

    ***  


    اسانکي پنهنجو رقص موٽائي ڏيو!

    اسانکي پنهنجو رقص موٽائي ڏيو!

    سڀئي پنهنجا پنهنجا چهرا لاهي ڏيو،
    ته توريون!
    ڏسون ته توهان جو وزن ڪيترو آهي!
    اي اڳواڻو!
    ڳالهه هي آهي ته، اسان جي ڄڀن کي
    هاڻي مُنهن ناهي رهيو،
    ان ڪري اسان کي
    پنهنجين ڪالهوڪين چيخن جي
    اداسي آهي؛
    اسان کي پنهنجن خوابن جي نگهبانيءَ لاءِ
    هڪ چوڪيدار جي چونڊ ڪرڻي آهي؛
    ان ڪري اچو ته،
    توهان جا ساهه توريون،
    جگر توريون:
    ۽ روح توريون!
    ها، ٺيڪ آهي
    اسين توهان جا آهيون، مگر
    توهين ڪنهنجا آهيو!
    توهان جي ڪاڪڙن پٺيان
    آخر ڪير ٿو ڳالهائي!
    اچو ته، توهانجون محبتون توريون؛
    جيڪي اسان کي
    وياج تي مليل ٿيون لڳن!
    اچو ته، توهانجيون شڪستون توريون!
    اچو! ۽ ڍولڪن مان ٻاهر نڪرو؛
    جي نٿا اچو ته،
    اسان کي پنهنجا خودڪشي ڪيل ساٿي
    موٽائي ڏيو!
    اسان کي پنهنجو رقص موٽائي ڏيو!
    اسان کي پنهنجا کنڀ موٽائي ڏيو!
    اي منهنجا اڳواڻو!
    توهان خوامخواهه پنهنجين زبانن کي
    هڪ ٻئي لاءِ ٿا استعمال ڪريو!
    وقت پاڻ ئي هڪ جج آهي؛
    جنهن جي ساهميءَ ۾
    توهان جا وزن توريا ويندا؛
    توهان پنهنجا پنهنجا وزن نه ٻڌايو،
    رڳو ساهمين ۾ اچي ويهو!

    ***


    گم ٿي ويل جهنڊو 



    جڏهن منهنجي جنم جو پل آيو
    ته آئون ڀتين جي پاڙن ۾ هوس!
    جتي مون کي
    ڪنهن پراڻي لکت مطابق
    روئڻ سيکاريو ويو؛
    جڏهن آئون پنڌ ڪرڻ سکيس
    ته، منهنجي هٿن ۾
    هڪ معاهدو ڏنو ويو؛
    ۽ منهنجي پنڌ جي رفتار مقرر ڪئي ويئي،
    ۽ جڏهن مون
    هڪ ڪشادي گهر جي تمنا ڪئي ته،
    سڀ رستا خاموش ٿي ويا،
    وڻن پنهنجا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا؛
    ۽ هڪ اک واري تاريخ
    مون ۾ نهاري ٽهڪ ڏيندي رهي!
    ٽاڪ منجهند جو
    مون هڪ وڻ جي ڇانَو ۾ بيهي
    پنهنجي گم ٿي ويل جهنڊي جي
    باري ۾ سوچيو آهي؛
    جيڪو موتي جي گلن جهڙو هو؛
    جيڪو
    پنج هزار سالن جي لشڪر ۾
    وڃائجي ويو آهي!
    **


    آئون تو کي چاهيان ٿو!

    آئون تو کي چاهيان ٿو!

    هڪ مخصوص رفتار ۾
    پنهنجي وڇوڙي جي ڄمار وڌي رهي آهي؛
    ۽ پاڻ پنهنجيون ائڊريسون ڳهي ڇڏيون آهن.
    آئون پنهنجن قدمن کي رضامند رکان ٿو
    پر پوءِ به هُو تو ڏانهن وڌن ٿا!
    مون کي تنهنجي سرمي جيتري جاءِ کپندي هئي!
    مگر مڇيءَ ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾
    هڪ مهاڻو پيدا ٿيو.
    منهنجي سيني ۾ درد ائين آهن
    جيئن ڪنهن قبر ۾ اونداهه!
    آئون جيئرن کي ڳوليان ٿو
    مگر موٽ ۾ پاڇا ڏسان ٿو؛
    رات ٿئي ٿي،
    ۽ تون پنهنجي ننڊ ڇڏي
    منهنجي ننڊ ۾ اچين ٿي
    آئون تو کي چاهيان ٿو،
    مگر ڪنهن حلف کڻڻ جي قوت ۾ ناهيان
    جو، منهنجي جسم تي ايتريون دستخطون آهن،
    جيتريون انب ماڇيءَ جي گڏهه تي ڪاٺيون!
    مون کي ياد آهي،
    تو منهنجا لڙڪ اگهيا هئا
    جيئن ڳوٺاڻيون ڦٽيون چونڊينديون آهن!
    مون تو کي ڇُهيو هو،
    ۽ هڪ چشمي ۾ تبديل ٿي ويو هوس!
    شايد تون سمجهي سگهين
    ته، مون پنهنجن خوابن جي پوک
    ڪيترو پري کان جَلندي ڏٺِي؛
    مونکي رستو ڏيندڙ سڀ ڏاڪڻيون
    سانجهيءَ ڏانهن ويون!
    مون پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو
    ماکيءَ جي مکين جا ڏنگ ڪڍندي طئي ڪيو.
    هينئر آئون
    ڪنهن پهاڙ هيٺان آهيان؛
    ۽ پنج هزار ميل پري منهنجو وطن،
    هڪ دل!
    منهنجي دل مانيءَ جي هڪ ڳڀي کان
    شڪست کاڌي؛
    ۽ آسمان به
    منهنجي ڪهاڻي وساري ڇڏي!
    ”اُف!
    تنهنجو وهاڻو ٿيڻ جي تمنا ئي رهي!“

    ***


    اچ ته، ڪجهه مُرڪي وٺون! 

    اي پرين، منهنجا پرين!
    هنن ٿڌڙين هوائن ۾
    پنهنجا نرم بازو ڦهلائي
    مون سان ائين
    ائٽم جون ڳالهيون نه ڪر!
    مون کان نه پُڇ
    ته، صرف هڪڙي گولي
    ڪيترا جگر ڦاڙيندي آهي؛
    پنهنجا هٿ هيڏانهن ڪر!
    ۽ اچ ته پنهنجين محبتن جو
    هڪ ’ڊزني لينڊ‘ ٺاهي وٺون؛
    اچ ته، ڪجهه دير لاءِ
    جيتري ليوس، ليوسي بال
    ۽ ميڊانا تي ڳالهايون!
    اچ ته، زندگيءَ جي
    هن رهجي ويل شور ۾
    ڪجهه ٿورو مُرڪي وٺون!
    ها، نانگ جي ڦڻ سامهون
    اسان جا خواب آهن،
    مگر زندگي ڪنهن ٻئي ڪناري تي آهي،
    نٿا مڃون!
    چوڌاري برفَ ٿي وسي؛
    ۽ تون مون کان
    ائٽم جو اثر ٿي پُڇين!
    ڇا، تون نٿي ڄاڻين،
    ’هيروشيما جي
    چانڊوڪين راتين جا لڙڪ
    جن جن ڏٺا،
    سي وري نه سُتا!‘
    ڪيترائي شهر، انهيءَ خوف ۾
    اڃان پنهنجا
    ڪنڌ جُهڪايو بيٺا آهن؛
    ”اسانجا سڀ هٿيار کڻو،
    ۽ اسان کي
    هڪ ٽهڪ ڏيڻ ڏيو!“
    اي پرين!
    ڪجهه گهڙي کن لاءِ
    مان تنهنجيون
    اکيون ٿيڻ چاهيان ٿو؛
    ۽ پوءِ مون کي
    مزدوريءَ ۾ گهوڙو ٿيڻو آهي،
    ۽ پنهنجا ڪلها وڪڻڻا آهن؛
    مان ڄاڻان ٿو ته،
    پينٽاگون هتان ڪيترو پري آهي؛
    ۽ تون
    منهنجي ڪيترو ويجهو!
    مان ڄاڻان ٿو ته،
    منهنجي شهر جي گورڪنن
    پنهنجا هٿ
    ڇو وڍي ڇڏيا آهن!
    اي پرين!
    نه منهنجا خواب نيوڪليئر آهن؛
    ۽ نه منهنجي زندگي اهڙي!
    مون ته سدائين
    اها آرزو ڪئي آهي ته،
    ’جيڪو به، جنگ لاءِ سوچي
    ان کي
    ناگاساڪيءَ ۾ سنگسار ڪيو وڃي!‘

    ***


    منهنجي جسم جو وطن

    منهنجي جسم جو وطن

    مينهن ۾ ڀل ڪبوتر جي،
    آلن کنڀن جيان،
    پاڻ ٻئي آهيون!
    مان نٿو ڄاڻان ته،
    تنهنجي مُرڪ جي بانسري ۾
    سُونهن جا ڪيترا سُر قيد آهن؛
    مان نٿو ڄاڻان ته،
    تنهنجي روشن صبح جهڙن ڳلن،
    خوشخبريءَ جي وهڪري جهڙي
    تنهنجي گفتگوءَ،
    مون تي ايڏو اثر ڪيئن ڪيو!
    مان ڪجهه به نٿو ڄاڻان؛
    سواءِ ان جي ته،
    تنهنجين سرحدن کان ٻاهر
    محبت جون سڀ شاهرائون
    بند آهن!
    تون، جيڪا
    مقدس ڏند ڪٿا لڳين ٿي!
    جنهن جي سيلابي اکين اڳيان
    روئڻ، گناهه آهي،
    ۽ جنهن کان ڏور
    مُرڪڻ بدنصيبي آهي؛
    بهار جي ڪنهن پهر ۾
    جڏهن تو،
    منهنجين اکين کان موڪلايو
    ته، جوانيءَ جو اڌ-ڇڪيل سگريٽ
    وسامي ويو!
    اسين، جيڪي
    پنهنجين پنهنجين محبتن جا
    اڌ لکيل نوحا کڻيو،
    دربدر رلندا وتون ٿا،
    لڳي ٿو
    ڪنهن عظيم سرحدن مان
    جلاوطن ٿيل آهيون!

    ***  


    ٻُوساٽيل نقشو

    ٻُوساٽيل نقشو

    ٽاڪ منجهند جي اُس
    منهنجي تارونءَ سان ٽڪرائجي ٿي،
    ۽ مان
    سنڌ جي ٻوساٽيل نقشي ۾
    پنهنجا وڃائجي ويل ورهيه ڳولڻ لڳان ٿو،
    ’ڪٿي آهي منهنجي جندڙي!
    ڪٿي آهن
    منهنجيون جيئڻ واريون سرحدون!؟‘
    نقشو
    ڪنهن ڊنل ٻار جيان لڳي ٿو!
    منهنجي ڪوڏر، نقشي کي
    پنهنجي ٿڪ جو داستان ٻڌائي ٿي
    ته، اُن منجهان
    مئل گدڙن جي ڌپ اچڻ لڳي ٿي؛
    منهنجا پوڙها هٿ
    ڏڪندي،
    نقشي کي چُمي ڏين ٿا ته،
    اُن مان ڪنهن بيوهه جا ٽهڪ
    ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا.
    مون کي بک لڳي آهي،
    ڇا، مان پنهنجي هٿ ۾ جَهليل
    نقشي کي کائي ڇڏيان!؟
    ڇا، پوءِ به منهنجي بک
    لهي سگهندي!؟
    هي، جو ٻين جي ڏندن ۾
    سنڌ جا هڏا لڙڪي رهيا آهن
    ڇا، هنن جي بک لٿي آهي!؟
    اي ساٿيو!
    تيز اُس، منهنجي چمڙيءَ کي
    ساڙڻ لڳي آهي.
    ۽ مون کي پنهنجي ڳوٺن جو سلسلو
    ڌنڌلو پيو نظر اچي؛
    اي هم-نشينو!
    مون کي بچايو،
    منهنجي کيسي ۾
    بچيل آخري رپيو
    ڏڪي رهيو آهي.

    ***


    ارشاد ڪاظمي

    تعارف




    پورو نالو: سيد ارشاد حسين ڪاظمي
    قلمي نالو: ارشاد ڪاظمي
    جنم تاريخ؛ ٢٥-٩-١٩٦٧ع
    جنم هنڌ: ڪوٽڙي ڪبير، ضلعو نوشهروفيروز.
    تعليمي لياقت: ايم-بي-بي-ايس
    ايڊريس: FL-1/13-B.B 11/7، گلشن اقبال،
    ڪراچي، ٧٥٣٠٠.


    ايشيا پِيلو ٿي رهيو آهي

    عرب
    مقدس پيٽرو ڊالر سان.
    استنجا ڪري رهيو آهي،
    آمريڪا
    پنهنجي بيمار ڀاءُ
    اقوامِ متحده کي
    لاطيني آمريڪي هڏين جي
    مِک کارائي رهيو آهي
    ۽ افريقي کير پياري رهيو آهي؛
    آسٽريليا
    منگولن سان
    قابلِ اعتراض حالت ۾
    ستو پيو آهي؛
    يورپ
    سولر انجڻ کانپوءِ
    بلڊ انجڻ به ٺاهي ورتي آهي؛
    ۽ ايشيا
    پِيلو ٿي رهيو آهي.

    **  


    اسين شاعر آهيون

    اسين شاعر آهيون

    اسين زندهه آهيون
    يا ڪم از ڪم جيئرا آهيون
    پنهنجي فرض ڪيل شخصيت سان
    اسان فرض ڪري ڇڏيو آهي
    اسان شاعر آهيون،
    شاعر سگريٽ نوشي ڪندا آهن-ها.
    سڙيل تيليون ماچيس ۾ واپس رکندا آهن-ها
    الڳ ٿلڳ ۽ گم سُم نظر ايندا آهن-ها
    اسان فرض ڪري ڇڏيون آهن
    پنهنجون محبوبائون
    جن جي چهرن، تِرن ۽ چوٽين تائين
    هر شيءِ فرض ڪيل آهي.

    اسين خوش آهيون
    اسانکي ڏاڍي سهولت آهي
    پنهنجي موڊ کان محبوبا جي ماڻن تائين
    اسين ڪجهه به فرض ڪري سگهون ٿا
    اسين شاعر آهيون.

    **  


    تون مونکي سياري ۾ سُٺي لڳندي آهين

    تون مونکي سياري ۾ سُٺي لڳندي آهين

    سڀ دريافت ٿيل تشبيهون
    ٻين شاعرن وٽ يرغمال آهن،
    تون مون کي سياري ۾ سُٺي لڳندي آهين
    چاءِ پيئندي ۽ ڪُرسي تي لڏندي
    جڏهن تهنهنجو اکيون
    سج جي روشنيءَ ۾ پورجي
    رڳو هڪ ليڪ وڃي رهنديون آهن.

    **  


    آئي بينڪ

    آئي بينڪ

    انهن کي
    خاص محلول ۾ رکيو ويو آهي
    ته جيئن
    اُهي وساري سگهن
    ته هنن ڇا ڇا ڏٺو هو
    ڇا ڇا ڪيو هو،
    اهي ڪيترو وقت
    کليل رهيون هيون
    يا ڪيترو وقت بند،
    انهن ڪهڙا خواب ڏٺا هئا
    ڪنهن کي چاهيو هو
    ته جيئن کين
    وري سيکاري سگهجي
    جاڳڻ ۽ سمهڻ
    روئڻ ۽ کِلڻ
    ڏسڻ ، چاهڻ ۽ خواب لهڻ
    نئين سري کان.

    **  


    الميو

    الميو

    تنهنجي منهنجي وچ ۾
    موجود نوري سالن جو فاصلو
    جڏهن گهٽجي
    هڪ نهار جيترو وڃي رهيو
    تڏهن تون اُها نه هُئينءَ
    جنهن لاءِ مون
    سفر شروع ڪيو هو.

    **  


    تِمي شوارا

    تِمي شوارا

    او تِمي شوارا!
    اي تِمي شوارا!
    تبلسي، وارسا
    پراگ ۽ برلن کانپوءِ
    تنهنجا رستا به ٿيا
    ڳاڙها سارا
    هاءِ تمي شوارا!
    تنهنجي سيني تي
    هليون گوليون
    تنهنجي روڊن تي
    ڪريا لاش
    لتاڙيا ويا سي
    ٽرڪن ۽ ٽينڪن هيٺان.
    وڇڙيا ڪيئي پيارن کان
    ڪيئي پيارا
    هاءِ تِمي شوارا!
    پر
    تون نه ٿي مايوس
    دل نه لاهه تون
    ٻه هزار پروانا
    توڙي جو ٿيا آهن قربان
    تڏهن به
    نه گهٽي آهي طلب
    نه گهٽي آهي تڙپ
    آزاديءَ لاءِ
    جمهوريت لاءِ
    تنهنجي روڊن تي
    وري ٿيندا مظاهرا
    ”آزادي!... آزادي“
    ”جمهوريت!... جمهوريت!“ جا
    وري لڳندا
    فلڪ شگاف نعرا
    او تِمي شوارا!
    نيٺ تون ڏسندين آزادي
    نيٺ تون ڏسندين جمهوريت
    ڪو نه ايندا پوءِ ڪڏهن
    ١٧ ڊسمبر جهڙا ڏينهن ڪارا
    او تِمي شوارا!
    ڪو نه ڪوئي پوءِ
    لڙڪ لاڙيندو ڪڏهن
    موٽي اينديون وري
    تنهنجي دوشيزائن جي
    خوبصورت چهرن تي
    مسڪراهٽون پياريون
    مسڪرائيندا وري
    رومانيه جا شهر سارا
    او تِمي شوارا!
    اي تِمي شوارا!
    **


    تو کي حاصل ڪرڻ لاءِ

    تو کي حاصل ڪرڻ لاءِ

    تو کي حاصل ڪرڻ لاءِ
    ڪا به جنگ نه لڙي ويندي
    ڪو به شهر نه ساڙيو ويندو
    تون ۽ مان
    جنهن رستي تي
    جنهن پارڪ تي
    آخري ڀيرو ملنداسين
    اهو رستو اهو پارڪ
    دنيا جي عجائبات ۾
    شمار نه ٿيندو،
    تون ۽ مان
    اگر ماريا به وياسين ته
    اسان جو بدلو وٺڻ لاءِ
    ڪنهن به فرقي جو آغاز نه ٿيندو
    تاريخ جي ڪتابن ۾
    سانجي نالن کي
    ايتري جڳهه به نه ملندي
    جيتري ڪنهن شهزاديءَ جي ڪنيز کي
    يا محل تي پهرو ڏيندڙ
    ڪنهن خواجه سرا کي ملندي آهي.

    **  


    محبت

    محبت

    هر اهو گيت
    جيڪو محبت ڪرڻ وارا
    بار بار دهرائيندا رهيا هجن
    نه دهرائڻ گهرجي،
    نه ڏيڻ گهرجي تشبيهه
    محبوبا جي چهري کي
    چنڊ سان،
    چپن کي پنکڙين سان
    اکين کي هِيرن سان
    وارن کي رات سان، بادلن سان
    مسڪراهٽ کي انڊلٺ سان
    لوڪ گيت سان
    هلڻيءَ کي هرڻيءَ جي چال سان
    خوشبوءَ کي سونهن جي کيت سان
    شراب جي بوتل سان
    نه ڏيڻ گهرجي تشبيهه؛
    محبوبا جي بدن کي
    شاعرن جي ديوانن کان
    ٻاهر ڪڍڻ گهرجي
    ۽ مختلف انداز ۾ ڪرڻ گهرجي
    محبت.

    **  


    مان ياد ڪرڻ چاهيان ٿو

    مان ياد ڪرڻ چاهيان ٿو

    مان ياد ڪرڻ چاهيان ٿو
    اهي پوپٽ
    جنهن پويان ڊوڙندي
    منهنجو ٻالڪپڻ
    مون کان وڇڙي ويو،
    اهي عورتون
    جن جي آس پاس
    منهنجي جواني
    مون کان موڪلائي وئي،
    مان ياد ڪرڻ چاهيان ٿو
    اهي شرارتون
    ٻالڪپڻ ۾
    جيڪي مون کان رهجي ويون
    اهي اعتراف
    جيڪي مان ڪري نه سگهيس
    جوانيءَ ۾.

    **  


    ياد

    ياد

    جڏهن
    ٻاهر بارش ٿي رهي هجي
    تڏهن دروازا ۽ دريون
    بند ڪرڻ بي سود ٿيندو آهي،
    هوءَ
    ڪڏهن به
    دروازو نه کڙڪائيندي آهي
    نه ڪمري جو
    نه دل جو،
    هوءَ
    ڪڏهن به
    دري نه ٽپندي آهي
    نه ڪمري جي
    نه دل جي،
    بس انٽيليجنس جي اهلڪارن وانگر
    اندر اچي ويندي آهي
    وڏن بند دروازن
    ۽ اوچين ديوارن جي باوجود به.

    **  


    انقلاب اچي چڪو آهي

    انقلاب اچي چڪو آهي

    ڪالهه
    شهر پناهه جي ٻاهران
    نوجوانن جا
    لاش ٽنگيل هئا
    ۽ شهر ۾
    سِر کڻي هلڻ تي
    هئي پابندي،
    ڇانيل هئي هر طرف
    زبان بنديءَ جي موسم
    لب کولڻ ۽ ٻولڻ
    قابلِ سزا جرم هو،
    مرد ۽ عورتون
    روز ٿينديون هيون سنگسار سرِ بازار
    ۽ حڪمران جي بستري جي چادر
    روز بدلبي هئي
    ۽ عوام کي اسٽيڊيمن ۾
    ۽ چوراهن تي
    لڳندا هئا ڪوڙا،
    ڪنوارين تي مٿن تان
    چنريون
    ۽ جسمن تان ڪپڙا
    بازارن ۾ لهندا هئا،
    لڄون لٽبيون هيون
    عبادتگاهن ۽ ٿاڻن ۾
    ڳڀرو سوليءَ چڙهندا هئا
    ۽ مقابلن ۾ مرندا هئا
    معاشرو ڄڻ هو
    حڪمرانن جو شڪار گاهه،
    پر اڄ
    سڀ بُرج ڊهي چڪا آهن
    سڀ بُت ڪري چڪا آهن
    محلن ۽ ايوانن ۾
    گهڙي آيو آهي عوام،
    اڄ
    نه ڪو شاهه رهيو آهي
    نه ڪو شاهه نواز
    زبان ملي آهي رعايا کي
    نوجوان
    سِر کنيو پيا گُهمن
    ۽ هٿيار اُڀا ڪري
    فضا ۾ پيا لکن
    دشمن جي قضا
    جن عوام تي
    مصيبتون موڪليون هيون
    غلامي موڪلي هئي
    موت موڪلي هئي
    انهن جي مان پترن تي
    هو موت پيا موڪلين
    ۽ پورو شهر
    نعرن سان
    گونجي ٿو پيو؛
    ”انقلاب اچي چڪو آهي!“
    ”انقلاب اچي چڪو آهي!“

    **  


    زاهد دارا ابڙو

    تعارف



    پورو نالو: زاهد دارا ابڙو.
    والد: دارا ابڙو.
    جنم تاريخ: ٤-٨-١٩٦٧ع.
    جنم هنڌ: حيدرآباد.
    بنيادي تعليم: پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان
    اعليٰ تعليم: اڄڪلهه ايل ايم سي ڄامشورو ۾ پنجين سال ايم بي بي ايس جو شاگرد
    ڪارڪردگي: ڪريڊٽ تي ٢ پينٽنگ سولو ائگزيبيشن، ٥ گروپ ائگزيبيشن، هڪ ٽي-وي ڊرامو.


    خواب ورهايو

    هائپو ڪريسي جا اڇا برقعا پائي وٺو،
    مهذب رڳو اُهو آهي
    جيڪو پروٽوڪال جي معني ٰ ڄاڻي ٿو
    يا جنهن جي انگريزيءَ جو اُچار سٺو آهي،
    ايوارڊز جي ريس ۾ گم ٿي وڃو
    يا اهو لکو جنهن جي مڃتا آهي،
    ڏڪاريل ٿرين تي نه لکو اخباري ڪالم،
    انهن جي معصوم روحن کي
    پينُو نه بڻايو
    اِن سان اوهان کي به ڪجهه نه ملندو
    ڪو ايوارڊ ڪو ميڊل ڪو نه ملندو!
    خواب ورهايو
    بيورو ڪريسيءَ جا
    ته وچولي طبقي جو ماڻهو
    پنهنجي خوابن جي گپ ۾ گچي
    مري ويندو!
    ٽين دنيا کي سَپنن جي بادلن سان
    لٽي ڇڏيو
    ته هتان جو ٻار
    ڀت تي ڇيڻا ٿڦيندو رهندو
    ۽ اوهان
    پولار ۾ شهر ٺاهجو،
    پر جيڪڏهن سج جي هڪڙي ڪرڻي به
    هتي جي ڌرتي کي ڇُهي ورتو ته
    وڏا آتش فشان
    هتي به آهن!

    **  


    ۽ ائين ڪڏهن نه ٿيندو

    ۽ ائين ڪڏهن نه ٿيندو

    مان جڏهن به
    انقلاب جي خوبصورت جسم کي
    پنهنجي ٻانهن ۾ ڀريان ٿو
    ته ان جي لُونءَ مان
    ڪينئان نِڪري منهنجي وجود کي
    وڪوڙي ٿا وڃن،
    ۽ ائين ڪڏهن نه ٿيو
    جو جڏهن مان انقلاب جا چَپَ چُمان،
    ته وسيع آسمان تان،
    ڌرتيءَ ڏانهن مينهن جون هزاري ڦڙيُون
    چمين جيان وسڪارو ڪن.

    **  


    فرسٽريشن جي جنگل ۾

    فرسٽريشن جي جنگل ۾

    جڏهن اوپيرا ۾
    ڪا مشهور ڌن پنهنجي چوٽيءَ کي چُمي،
    ٽٽُي،
    ته ماڻهو پنهنجي پٻن تي بيهي
    تاڙيون وڄائڻ لڳا،
    ڪو تارو ٽُٽو ته
    سڀ يوناني منطقي روئڻ لڳا
    جي،
    ڪي محبت ڪرڻ وارا هميشه لاءِ
    جُدا ٿي ويا،
    هو مصور مري ويو
    ته هَن جي چاهيندڙن اُهي سڀ اخبار ۽ رسالا
    خريد ڪيا جن ۾ هن جو ذڪر هو؛
    پوءِ ڏڪاريل ملڪن ۾
    ڪيترن ئي ٻارن
    ماءُ جي پيٽ مان نڪري
    بک جي پيٽ ۾ جنم ورتو
    ۽
    فرسٽريشن جي جنگل ۾
    سپنن جا ننڍڙا گلُ ڪومائجي ويا.

    **  


    ڪمپيوٽر ڊڪندو رهندو

    ڪمپيوٽر ڊڪندو رهندو

    دونهون اُڳاريندڙ ڪلئنس (Kl***n***) جا
    وات کليا پيا آهن
    ۽ انسان ڪيترو نه ڪميٽيڊ ٿي ويو آهي
    بلڪل ڪمپيوٽر جي ڪنهن ننڍڙي چِپ (Ch***p) جيان،
    پنهنجي خوابن کي ٽجوڙين جي ڊجيٽل تالن پٺيان
    قيد ڪيو،
    پوءِ گم ٿي وڃو
    وڏي وڏي ٽربائين ۾،
    ننڍڙن پرزن جيان
    جڏهن اوهان جي ذهن جون
    گراڙيون گسي وينديون،
    ٽربائينس تڏهن به هلندا رهندا
    ڪلئنس دونهون اُڳارينديون رهنديون
    ڪمپيوٽر ڊڪندو رهندو
    پر اوهان جي ۽ منهنجي
    ڏک سک جا ڊيٽا ڪارڊز
    گند جي ڍيرن تي اڇلائي ڇڏبا.

    **  


    اسان انڌا آهيون

    اسان انڌا آهيون

    اسان سڀني جي Horoscope ۾
    قتل ٿيڻ لکيل آهي
    ۽
    اسان سڀ وقت،
    حالتن جي هٿان
    قتل ٿي رهيا آهيون.
    اسان انڌا آهيون،
    ۽
    اسانجي بريل (Braille) لکڻ وارا
    مئل هڏن سان ٺهيل
    پرو گرامڊ ڏاها آهن
    ۽
    جي خدا آهي ؟
    ته اُن اسان کي انهن ڏاهن جي هٿان
    ڏاڍو سستو وڪڻي ڇڏيو آهي.

    **  


    ۽ ماڻهو

    ۽ ماڻهو

    ۽ ماڻهو
    هوريان هوريان
    ڌرتيءَ کي
    همچورس ڪري ڇڏيندا
    ۽ پلڪار جي تِکي چُهنب کي
    سچ جي ماڻڪيءَ تي رکي
    اخلاقيات جي دائري جا
    وِچَ ماپيندا!
    ۽ ماڻهو
    سمنڊ جي سطح کان
    اقتدار جا قد ڪڇيندا رهندا.
    هاڻ ڏک، سک، ساڀيا جهڙي
    سيڪنڊري فيلئنگس تي
    بک ۽ سئڪس ڳورا ٿي ويا آهن
    ۽
    هوريان هوريان اسان سڀ
    مڙده خور جانورن ۾ شامل ٿيندا وڃون ٿا.

    **  


    کٽارا رومينٽڪ نظم

    کٽارا رومينٽڪ نظم

    گهڻو اڳ
    جڏهن تون ۽ مان
    ان پراڻي درسگاهه جي
    پپلَ جي پوڙهي وڻ هيٺان
    آخري ڀيرو هاسين مليا
    ته
    نه مان تو کي
    نه تو مانکي
    چيو هو ڪجهه
    رڳو سُڪل پتا پپل جا
    ڳالهائي رهيا هئا!؟
    اسان سان.
    تڏهن تون اوچتو هلي وئينءَ ۽
    اڪيلو مان
    پنن جي گول پيلي پٽ تي
    تنهنجي اڇلايل مروٽيل
    گلابي ٽشو پيپر ڏانهن نهاريو هو
    ۽ ڌرتي چپن تي آڱر رکي
    پٻن ڀر بيهي
    وقت کي بغل ۾ هڻي
    پنهنجا ڦيرا پورا ڪري رهي هئي؛
    ۽ مان به هلي رهيو آهيان
    ساڳين رستن تي، جتي
    پيل جو ساڳيو پوڙهو وڻ آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن وڻ هيٺان،
    پپلن پنن جو گول پٽ به
    بڻجي ويندو آهي
    جي ناهي هوندو،
    ته تنهنجو اڇلايل مروٽيل
    سروٽيل
    گلابي ٽشو پيپر.

    **  


    نه ختم ٿيندڙ جبر

    نه ختم ٿيندڙ جبر

    وقت پنهنجي نرڙ تي،
    زيتون جي ٽاريءَ جو تاج
    پهري،
    سدائين وِنر (Winner) رهندو،
    معاشيات جي فولاد مان
    ڀالن جون چهنبون گهڙي،
    غريب ماڻهن جو شڪار کيڏندو
    ۽ پوءِ
    انهن غريبن جي دماغن جا کوپا
    ڀالن جي چهنبن ۾ لڙڪائي ڇڏيندو آهي.

    **  


    اجايون ڳالهيون

    اجايون ڳالهيون

    درد جي ڌرتي رنگ جو جهنگل،
    جنهن ۾ سوچون ۽ سپنا رلُندا وتن ٿا
    اجايون ڳالهيون
    ٿلها ناول
    ۽ انٽليڪچوئل اِزم جا نعرا
    سڀ بيڪار،
    ڇو ته بکيا روح اڄ به آهن،
    Media بدلايو
    سبوتاز جون سوچون ورهايو
    آسمان پاڻ سگريٽ جي ڦلي جيان ڇڻي پوندو
    Human Rights ۽ W.H.O
    انهن نالن جا Stickers ٺاهيو ۽ غريب ماڻهوءَ جي نرِڙ تي
    چنبڙائي ڇڏيو!
    اسان سڀ ننڊ ۾ هلڻ جي بيماريءَ جا شڪار آهيون،
    ۽ Romanticism جي ڪاري ڇٽي کڻي تکي ڏينهن کان
    بچڻ جي ڪوشش ۾،
    جڏهن اسان جا ذهن سينوارجي ويندا آهن ته پوءِ
    ڪنهن ڀت تي بيهي انسانيت جو درس ڏيندي
    اسان جي آواز جو پڙاڏو هيٺ بيٺل ويچارن غريب ماڻهن
    کي ڊيڄاريندو آهي.

    **  


    اسان اڃان سفر ۾ آهيون

    اسان اڃان سفر ۾ آهيون

    زندگيءَ جي گڏهه تي
    تاريخ جي ڀري رکي
    جبلتن جي جبل کان
    چون ٿا ته سفر شروع ڪيو هيوسي،
    پوءِ وقت جي پوڙهي وڻ تان
    پَلن جا ساوا پن
    ڪروڙين ڀيرا
    سڪي سڙي ڇڻي پيا
    پوءِ به
    هيءَ سفر ختم نه ٿي سگهيو
    ۽ اسان
    اخلاقيات جو Tuxedo پائي
    لاشعور جي اُچي بريف ڪيس ۾
    فلسفي جا ڪتاب بند ڪري
    جبلتن کي ڪاري ڌن جيان
    لِڪيل بئنڪ لاڪرز ۾
    ڦَٽي ڪري
    شعور جا ڊجيٽل تالا لڳائي ڇڏياسي،
    ڇاڪاڻ ته شعور تالن کي به جنم ڏنو آهي؛
    ۽ لطيف جذبن کي Deep Freezers ۾
    وجهي ڇڏيوسي ته جيئن گهڻي دير تائين
    هلي سگهن.
    Solar Cell ايجاد ٿيو ته
    اڻڄاڻ ماڻهن سِجَ کي Half Fried بيضي جي اڌ ڪچي
    ڦڪاڻ سمجهي ڳِهڻ شروع ڪري ڏنو،
    پر شعور جي ابتدا ته ان ڏينهن ٿيندي
    جڏهن روڊ تي رڙهندڙ
    ماڪوڙن جهڙا ماڻهو
    پنهنجو پاڻ ڪنهن معاشي بدحاليءَ جي Flour Mill تي
    سَستي وڪڻڻ ڇڏي ڏيندا.
    شعور تڏهن ايندو جڏهن Intellectualism جا
    کوپا (Masks) پهريل آدمخورن جي
    پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويندي،
    شعور تڏهن ايندو، جڏهن
    گل نه پٽڻ جي تنبيهه
    اسان جي ذهنن ۾ لڪيل هوندي،
    جڏهن هر ماڻهو دانشور هوندو، ۽ پنهنجي چَپن سان
    ڪوئلي جا ٺهيل سوالن جا نشان ڊاهيندو.
    شعور تڏهن ايندو، جڏهن سياست جا خُدا
    عام ماڻهوءَ کي پنهنجو پاڻ Infra Red شيش پُٺيان
    ڪڍي ڏيکاريندا،
    اسان جو سمورو Infra Structure غلط هجڻ جي ڪري
    ويچاري Venus جا هٿ ڪٽيل آهن
    نفرتن ۽ جبلتن جو بدبودار پگهر اڃان اسانجن بغلن مان
    ٽِمي رهيو آهي
    جنهن کي ڪو به Dcodorant گهڻي دير تائين دور نٿو ڪري سگهي.


    عطيه دائود

    تعارف




    پورو نالو: عطيه لاڙڪ
    قلمي نالو: عطيه دائود
    جنم هنڌ: موليڏنو لاڙڪ ضلعو نوشهروفيروز
    جنم تاريخ: ١-اپريل ١٩٥٨ع
    لکڻ جي شروعات: پهريون شعر ١٩٧٣ع ۾ سگهڙين سٿ صفحي
    ۾ شايع ٿيو. پر باقاعدي ١٩٨٠ع کان لکڻ
    شروع ڪيو .
    تعليمي قابليت: انٽرميڊيئيٽ
    سرگرميون: نوڪري (اسٽينو گرافر)، هلال پاڪستان
    طرفان نڪرندڙ عورتن جي صفحي جي
    انچارج ۽ سنگت ڪراچي سان لاڳاپيل
    ايڊريس: ٨/١ رفيق سينٽر صدر، عبدالله هارون روڊ
    ڪراچي


    “راز”

    تون انسان جي روپ ۾ مرد
    مان انسان جي روپ ۾ عورت آهيان،
    انسان اکر ته آهي هڪڙو
    پر تو ان کي ڪيئي معنائون ڏنيون
    منهنجي جسم جي جدا شناخت جي ڏوهه ۾
    هڪ انسان جو نالو کسي
    ٻيا ڪيڏا نالا ڏنا آهن.
    مان زال آهيان، وئشيا آهيان
    محبوبه آهيان، داشته آهيان
    تو لئه، هر روپ ۾ هڪ نئون راز آهيان.
    تون جهڙي به اينگل کان ڏسندين
    تو کي ان مطابق نظر ايندس
    ڳجهه جي نظر سان ڏسندين ته
    گوشت جو ڍير آهيان
    ميٽرنٽي هوم جي ٻلي جي نظر سان
    ڏسندين ته خون جو تلاءُ آهيان،
    ٻار جيان رانديڪو ٽوڙي ڏسندين ته
    اندران ڪجهه نه آهيان.
    منهنجي جسم جي نماين تان سفر ڪندي
    تون لذت جي جنهن منزل تائين پهچين ٿو،
    اتان ئي منهنجو راز شروع ٿئي ٿو
    تون ٽٻي هڻڻ سان سمنڊ جي ٻئي ڪناري کي
    ڇهي نٿو سگهين:
    ’جي سمجهي سگهين ته راز آهيان‘
    ’جذب ڪري سگهين ته قطرو آهيان‘
    ’محسوس ڪري سگهين ته پيار آهيان.‘

    **  


    پيار جون سرحدون

    پيار جون سرحدون

    منهنجا محبوب، مون کي توسان محبت آهي
    پر مان تنهنجي اڱڻ جو کوهه بڻجڻ نٿي چاهيان
    جيڪو تنهنجي اُڃَ جو محتاج هجي
    جيترو ان مان پاڻي ڪڍجي ته شفاف ٿئي
    جي نه ڪڍجي ته ٻاڙو ٿي وڃي.
    مان ڪڪر جيان وسڻ چاهيان ٿي
    منهنجو اندر تو لاءِ آتو آهي
    پر اهو ناتو جيڪو ڀولڙيءَ ۽
    مداريءَ جي وچ ۾ هوندو آهي
    سو مان نٿي چاهيان.
    تنهنجي قرب جي ڪشش مون کي ڏاڍو موهي ٿي
    پر تنهنجي خواهش جي گهاڻي ۾
    چاڪيءَ جي ڏاند جيان ڦرڻ نٿي چاهيان،
    تنهنجي اڱڻ تي ڀرم جي ڪلي سان ٻڌجي
    وفائون ڀؤنڪڻ نٿي چاهيان
    لولي لنگڙيءَ سوچ سان لانئون لهي
    انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن ٻارن کي جنم ڏيڻ نٿي چاهيان
    مان سڀ حواس رکندڙ آهيان
    سو لوچيان به ٿي ۽ سوچيان به ٿي
    بک، ڏک ۽ خوف، موت جا پاڇولا بڻجي
    منهنجي رت سان راند پيا ڪن
    ۽ تون منهنجي اکين ۾ حيا ڏسڻ ٿو چاهين
    ٻاهر جي درد جا ڀڀڙ پيا ٻرن
    سا لمس ته مون کي به لڳي آهي
    تون منهنجي چمڙي کي گلاب جيان ٽڙيل ڏسڻ ٿو چاهين
    مان تنهنجي خيالن جي ڪينواز تي
    ٺاهيل ڪا تصوير نه آهيان
    جنهن ۾ پنهنجي مرضيءَ سان رنگ ڀرندو رهين
    ۽ مان تنهنجي ڪٿيل فريم مان ٻاهر نڪري نه سگهان.
    ڄاڻان ٿي تو کان سواءِ مان ڪجهه به نه آهيان
    مون کان سواءِ تون ڪجهه نه آهين
    محبت جو ماڳ ماڻڻ لاءِ،
    اچ ته هڪ ٻئي لاءِ آئينو بڻجي وڃون
    منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي
    مون سان چنڊ متعلق نه ڳالهاءِ
    منهنجا محبوب مون سان اهي ڳالهيون ڪر
    جيڪي دوستن سان ڪندو آهين.

    **  


    محبت ۽ بک ٻئي انڌيون آهن

    محبت ۽ بک ٻئي انڌيون آهن

    منهنجي ڪشڪول ۾ کوٽا سڪا وجهندي
    ٽيڏي اک سان ڇا ڏسندو آهين!
    محبت ۽ بک ٻئي انڌيون هونديون آهن
    ۽ انهن جي ڏور تنهنجي هٿ ۾ آهي
    سو جيئن چاهين، انهن کي کيڏائي سگهين ٿو.
    سو ٿوهر جا ٻوٽا به کارائي سگهين ٿو
    ٽيپو ٽيپو زهر سڄي حياتي مون کي پياري سگهين ٿو
    محبت جي مُٺ هيڪر ڏئي
    پوءِ اُٺَ وانگر ڪيڏو به سفر ڪرائي سگهين ٿو
    نظرون ملائيندي ڇرڪندو ڇو آهين؟
    ’ڏک‘ ۽ ’انتظار‘ ٻئي گهرا هوندا آهن
    ۽ انهن جي نبض تنهنجي هٿ ۾ آهي
    سو جيڏو به چاهين ته علاج کي اينگهائي سگهين ٿو.
    ونيءَ جي واڳ تنهنجي وَسَ ۾ آهي
    سو جيڏانهن به چاهين ورائين ٿو
    بيجان مورتيءَ جيان تنهنجي شوڪيس جي زينت بڻجان
    منهنجي حصي جو به جيون تون گهارين ٿو
    روز اڀرندڙ سج مون کي آس ڏياري ٿو،
    هميشه ائين ٿيڻو ناهي
    اکين ۾ اکيون وجهي نيٺ ته پڇنديسانءِ
    ته ائين مون کي ڇو پيو گهلين.
    ان کان اڳ جو سگهه منهنجي اندر مان نفرت بڻجي ڦٽي
    اچ ته گڏجي اهي سمورا ويڇا پاڙئون پٽي اڇلايون
    برابر جي بنياد تي نئين سماج جي چڪي پوکيون.


    امر گيت

    امر گيت

    جنهن ڌرتيءَ جو قسم کائي
    تو سان نيهن نڀائڻ جا واعدا ڪيا هئا
    ان ڌرتيءَ کي اسان لاءِ قبر بڻايو ويو آهي،
    ديس جا سمورا گل پٽي
    بارود پوکيو ويو آهي،
    سرهاڻ ٽارچر ڪيمپ ۾ آخري پساهه پئي کڻي
    جن گهٽين ۾ تنهنجو هٿ پڪڙي
    امن جي تال تي مون صدين کان رقص ڪيو هو
    اتي موت جو سوداگر پَرَ ڦهلائي رهيو آهي.
    گربيءَ جي سٿڻ، ٽِڪَ تي چولو ۽ کهنبو رئو
    مون صندوق ۾ لڪائي ڇڏيا آهن
    پنهنجي سڃاڻپ کي ڳيت ڏئي، ڳِهي ڇڏيو آهي،
    رستي تي هلندي، آسمان تي کڙيل چوڏهين جو چنڊ ڏسي
    مان تو کي ڀٽائيءَ جو بيت ٻڌائي نٿي سگهان،
    ڪلاشنڪوف جي ٺڪائن تي منهنجو ٻالڪ ڇرڪ ڀري
    ننڊ مان اٿي پوي ٿو
    مان لولي ڏيڻ لاءِ چَپَ کوليان ٿي ته
    گهر جا ڀاتي وات تي آڱر رکي
    خاموش رهڻ لاءِ چون ٿا،
    اخبارون ڏائڻ جا ننهن بڻجي
    روز منهنجو ماس ٿيون روڙين
    ۽ سياستدانن جا بيان
    طوطي جيان ڀاسن ٿا.
    مان خوف جي ڌٻڻ ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ نٿي چاهيان
    اي منهنجي ديس جا سرجڻهار
    اهڙو ته امر گيت لک
    جو جبر جا سڀ زنجير ٽوڙي
    ڇم ڇم، ڇم ڇم نچڻ لڳان.

    **  


    هڪ اک چئي ٿي....

    هڪ اک چئي ٿي....

    هن صحرا ۾ منهنجو سفر
    نه ڄاڻان ڪيترين صدين کان جاري آهي
    سچ جو صليب ڳچيءَ ۾ پائي
    فريب وڇايل ڌريءَ تي هلندي رهيس؛
    هڪ اک چئي ٿي سڀ سچ آ
    هڪ اک چئي ٿي سڀ ڪوڙ آ
    مان سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾
    پينڊوليم وانگر حرڪت ڪندي رهيس
    ڄاڻان ٿي ته هو ڏور، جو پاڻي آهي
    دراصل رُڃَ آهي
    پر وري به دل ۾ اميد کڻي
    ان طرف ڊوڙندي رهيس
    ڄاڻان ٿي ته سج جي روشنيءَ ۾
    همسفر، جي ساٿي آهن
    اهي منهنجا پاڇا آهن.
    ساٿ کي سچ سمجهي
    هر روز انهن ساڻ هلندي رهيس
    هڪ اک چئي ٿي سڀ سچ آهي
    هڪ اک چئي ٿي سڀ ڪوڙ آهي.

    **  


    من جا عڪس

    من جا عڪس

    مضبوط سمجهين ٿو، جبل جيان
    ڦاٽي پوان ته چشمو آهيان
    منهنجو عڪس نه بناءِ.
    وسيع سمجهين ٿو، سمنڊ جيان
    ڪڪر آهيان، جي ڦڙو بڻجي اڏامان
    منهنجو عڪس نه بناءِ.
    چهري تي ڇائنيل ماٺ کي نه ڏس
    تڙپي پوان ته طوفان آهيان
    منهنجو عڪس نه بناءِ.
    ماڪ جيان رڳي شفيق ناهيان
    ڀڙڪي پوان ته باهه آهيان
    منهنجو عڪس نه بناءِ.
    پنهنجي حد نظر سان مون کي به پس
    ڦهلجي وڃان ته صحرا آهيان
    منهنجو عڪس نه بناءِ.
    منهنجي ڊوڙ کي، حاصل زندگي نه سمجهه
    رڪجي وڃان ته لاش آهيان
    منهنجو عڪس نه بناءِ.

    **


    زندگي جي تلاش ۾

    زندگي جي تلاش ۾

    دوست، تنهنجي فريب جي ڄار مان نڪري ته آيس
    پر ساڀيان جي دنيا به ڏکوئيندڙ آهي
    ساٿ جي ڪوڙ کي پرکي
    وجود مان ڪپي تو کي ڪڍي ڇڏيم
    ته باقي رهي اندر جي اڪيلائي؛
    اڪيلائي جو بار لاش جيان ڳرو آهي
    مان سچائيءَ جي ماڳ جي مسافر آهيان
    پر ان طرف ڪهڙو دڳ وڃي ٿو
    تو کي هٽايان ٿي ته سامهون ڪوهيڙو آهي
    سوچيان ٿي، جڏهن تون ساڻ هئين
    اهو ساٿ سچ هو يا ڪوڙ
    پر منهنجو وجود ڏاڍو هلڪو هو
    تو سان هٿ ۾ هٿ ڏئي اڏامندي هئس،
    اڄ وري منهنجا پَرَ اڏامڻ لاءِ آتا آهن
    ڌرتي ته تتل ٽامي جهڙي آهي
    دردن جو ته هت انت ئي ناهي
    درد اهڙو ساگر آهي، جنهن کي ٻيو ڪنارو ڪونهي
    مان ٻئي ڪناري کي ڳولهڻ لاءِ
    اميد کي ٻيڙي بڻائي نڪتي آهيان

    **


    حياتيءَ جو سفر

    حياتيءَ جو سفر

    منهنجي حياتيءَ جو سفر
    گهر کان قبرستان جيترو آهي
    لاش وانگر-پيءَ، ڀاءُ
    پٽ ۽ مڙس جي ڪلهن تي مون ڪاٽيو آهي،
    مذهب جو نسل ڏئي
    ريتن جو ڪفن پهرائي
    بيخبريءَ جي قبر ۾ دفنايو ويو آهي.

    **


    رسمن جي صليب تي لٽڪندڙ جيِوُ

    رسمن جي صليب تي لٽڪندڙ جيِوُ

    مذهب کي تلوار بڻائي،
    خواهش جي انڌي گهوڙي تي چڙهي
    منهنجي مَنَ اڱڻ تي ڀَيلَ ڪئي!
    منهنجي ويساهه کي ٽياس تي ٽنگي
    تو ٻي شادي ڪئي
    توسان گهاريل سمورين گهڙين کي،
    مون کل وانگر ماَسَ تي چنبڙايو آهي
    تو سان پلئه ٻڌي، ابي جو اڱڻ اورانگهي،
    تنهنجي آندل سانچي ۾
    مون پنهنجو پاڻ ماپايو هو.
    پيار ڇاهي مان نٿي ڄاڻان
    پر تنهنجي گهر، بڙ جي وڻ جيان
    مون تي ڇانوَ ڪئي
    زماني جي اکين مان وسندڙ تيرن کان بچايو
    انهيءَ سانچي ۾ رهڻ ڪاڻ
    پنهنجي وجود کي ڪپيندي، ڪوريندي،گهڙيندي رهيس
    تنهنجي رت کي پنهنجي ماس مان جنم ڏنم
    اولاد به تنهنجو منهنجو ٻنڌڻ نه بڻيو،
    ٻنڌڻ ڇا هي مان نٿي ڄاڻان
    مون کي فقط هڪ سبق پڙهايو ويو هو
    ته تنهنجو گهر منهنجي آخري پناهه آهي
    مون طلاق کاڌل عورت کي
    زماني جي نظرن سان سنگسار ٿيندي
    ڪئين ڀيرا ڏٺو آهي؛
    سو مينهن کان ڊنل ٻليءَ وانگر
    گهر جي هڪ ڪنڊ ۽ تنهنجي نالي استعمال ڪرڻ تي
    قناعت ڪئي اٿم
    جنت ڇاهي...؟ جهنم ڇا هي...؟
    آئون نٿي ڄاڻان پر پڪ اٿم ته
    جنت ويساهه کان وڌ ناهي
    ۽ جهنم پهاج جي ٽهڪن کان ڳرو ناهي
    ماڻهن جي ٽوڪن ۽ رحم ڀريل نظرن کان سنگين
    ڪا پلصراط ناهي!
    ڪڏهن مون کي پهاج جو چهرو
    پاڻ جهڙو نظر ايندو آهي،
    بي اعتباريءَ جا گهنج
    هن جي نرڙ تي به ڏٺا اٿم
    مون ڏانهن نهاريندي، خوشي سندس سيني ۾
    هٿن ۾ جهليل ڪبوتر وانگر ڦٿڪي پوندي آهي.
    مان هن سان وڙهي نٿي سگهان
    ۽ ان سان گڏ تون آهين
    توسان وڙهي نٿي سگهان
    مذهب، قانون ۽ سماج تنهنجا ساٿي آهن
    ريتون ۽ رسمون تنهنجا هٿيار آهن
    دل چئي ٿي ته زندگيءَ جي ڪتاب مان
    اهي سڀ باب ڦاڙي ڦٽا ڪريان
    جيڪي پنهنجي مفاد ڪاڻ
    منهنجي مقدر ۾ تو لکيا آهن.


    شريعت بل

    شريعت بل

    مان ٽين دنيا جي اسرندڙ سماج ۾
    جهالت جي اونداهين گهاٽي جهنگل ۾
    ڀٽڪندڙ راهي آهيان
    جسماني مت ڀيد جي ڏوهه ۾
    ڪوٽن ڪڙن اندر واڙي وئي آهيان
    پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ لاءِ
    مون صدين کان سفر ڪيو آهي،
    شڙيعت بل جو ڪِلوُ کوڙي
    مفادن جي زنجيرن ۾ ٻيهر
    مون کي ٻڌڻ ٿو چاهين
    اسيمبليءَ جي ايوان ۾ ويهي
    ڪوريئڙي جي ڄار جهڙو قانون آڻڻ وارا
    اهو ڪيئن ممڪن آهي ته
    مان تو کي وري اتي ئي ملان
    جتي چ‍ؤديواريءَ ۾ بند اوچين حويلين اندر
    خواجه سرائن جي پهري ۾
    پنهنجي چئن زالن سميت سورين ڪنيزن جي عجائب گهر ۾
    ’موميءَ‘ جيان چپ رهڻ لاءِ ڇڏي ويو هئين.
    علم، ڄاڻ ۽ شعور کي من لاءِ نامحرم جي فتويٰ ڏيڻ وارا!
    تنهنجي ڏاڍ جي تاريخ جو پيٽ
    عزرائيل جي چنبي جهڙو آهي
    صدين کان منهنجي خواهش ۽ حقن جو ساهه نپوڙڻ وارا
    اي اونداهين جا عاشق!
    تنهنجي سوچ ڪنهن چمڙي وانگر
    سماج کي چنبڙي پئي آهي
    هر عورت اهو ڄاڻي ٿي ته
    شرافت مٿي تي اوڍيل
    پوتيءَ جو نالو ناهي
    جنهن کي مٿي تي پائڻ لاءِ
    خميني وانگر حڪم ڏين ٿو.
    مان تاريخ جي پيڙائن مان
    جنم وٺندڙ شعور آهيان
    جنهن کي خاڪي وردي ۽ لانگ بوٽ
    چيٿاڙي ڪو نه سگهندا
    تنهنجي مڙهيل خواهش خلاف
    سڄي دنيا جي سڄاڻ ذهنن کي
    ساٿ لاءِ آئون سڏ ڪنديس
    ڏاڍ جي ڪا به لٺ اهو چوڻ کان روڪي نه سگهندي ته
    ’شريعت بل مون کي منظور ناهي.‘

    **  


    پرائي شرافت جي پلصراط

    پرائي شرافت جي پلصراط

    مان جيون سڄو،
    پرائي ٺاهيل شرافت جي
    پلصراط تي هلي آهيان،
    پيءَ جي پڳ، ڀاءُ جي ٽوپيءَ ڪاڻ
    مون هر ساهه انهن جي مرضيءَ سان کنيو آهي
    جڏهن واڳ منهنجي مڙس جي هٿ م ڏني وئي،
    تڏهن کان چاٻيءَ جي رانديڪي وانگر،
    سندس اشاري تي کلي، رني آهيان
    ننڍڙي هوندي، جنن ڀوتن کان ڊڄندي هئس،
    هاڻي طلاق کان ڊڄندي آهيان.
    عزت ۽ شرافت جي معيارن کي
    مون لباس سمجهي پاتو آهي
    جڏهن هو طلاق جو نالو وٺي ڊيڄاريندو آهي ته،
    پاڻ کي مايوسيءَ جي ڪفن ۾ ويڙهيل ڀائيندي آهيان،
    ابي ڏاج ۾ مون کي، بهشتي زيور ڏنو هو
    پهاڄ وانگر ان جو هر لفظ،
    هنيانءُ تي مُڱَ ڏريندو آهي
    منهنجي ذهن کي گهٽو ڏئي، جذبن جي رت مان،
    قلم ٻوڙي، عقيدو گهڙيو ويو آهي
    منهنجي انسان هئڻ، يا نه هئڻ تي بحث ڪندي،
    اڌ ماڻهو ڄاڻندي، قانون لکيو ويو آهي
    منهنجن سوچين، خواهشن، جذبن ۽ امنگن جي،
    کوپڙين سان، سماج تعمير ڪيو ويو آهي.


    پشپا ولڀ

    تعارف



    نالو: پشپا ولڀ.
    پيءُ جو نالو: ولي رام ولڀ.
    تعليم: ميٽرڪ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد.
    انٽر: نيزرٿ ڪاليج، حيدرآباد
    M.B.B.S ۽ B.Sc نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج،
    نوابشاهه.
    ادبي سرگرميون: ايڊيٽر ادبي رسالو نيزرٿ ڪاليج، ايڊٽر مارئي نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج ۽ شاعري مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپيل (آرسي پبليڪيشن، مهراڻ، پره ڦٽي، ماهِ نور، جفا ڪش، ڪونج بمبئي)
    ڇپيل ڪتاب: ’دريءَ کان ٻاهر‘ (ڇپيل)، سنڌي ادبي سنگت جو
    انعام ماڻيل.
    بند اکين ۾ آسمان (چپائيءَ هيٺ)
    گل مهر جي موسم (ڇپائيءَ هيٺ)
    آئنده پڙهائي: M.C.P.S (پيٿالاجي).
    موجوده نوڪري: سينٽرل ليبارٽري سول هاسپيٽل ڪراچي.


    ڪولهڻ

    پراچين سمي جي مان ڪا هستي آهيان
    منهنجو مَن موهن جي دڙي جي مورتي،
    آئون ئي اُها ناچڻي آهيان
    جنهن جا نرت ڪندڙ هٿ
    ٻن سفيد اُڏامندڙ ڪبوترن جيان
    پنهنجون چهنبون ملائي بيٺا آهن،
    منهنجي پايل جي جهنڪار سان
    مندر جون گهنٽيون سجاڳ ٿين
    آسمان مان مُک ڪڍي سُوريه
    دنيا ۾ صبح جي پيامبر آهيان.
    آئون ئي لڪشمي
    آئون ئي سرسوتي
    آئون ئي دُرگا آهيان،
    جي سچ پڇو
    ته ڏاڍ جي ڀوت کي ناش ڪندڙ
    آئون ئي ڪالي آهيان
    پُوڄي رڳو مندرن ۾ ويندي آهيان!
    ٻاهر ته ڄڻ
    راهه جي ڌوڙ آهيان
    اک جو ڪَک آهيان
    رات جي ڪاري چادر
    ۽ ڏينهن جو چُلهه ۽ چوڪو آهيان
    آئون اُن اڇن ڪپڙن، پٽڪي واري، ڪوٽ پاتل
    بوٽ پهريل ماڻهوءَ جي پويان
    ٻانڌڻي پَڙي ۾
    کهنبي اوڍيل
    پيرن اُڀراڻي!
    ويندڙ ڪولهڻ آهيان.

    **  


    گُل مُهر جي موسم

    گُل مُهر جي موسم

    بَسِ، تنهنجو شهر ڪيڏو جلد پوئتي ڇڏي آئي
    سڀ شيءِ پوئتان رهجي ويئي
    تنهنجي خوشبو پر مون ساڻ هلي آئي.

    ’ڳاڙهن گلن جي مُند ۾ ملبو آهي‘
    ائين چيو اٿن،
    ڳاڙهن گلن جي رُت اسان لاءِ
    شايد جدائي کڻي آئي.

    جنهن موسم ۾ اسين ملنداسين
    هٿ هٿن ۾ ملندا
    اُهائي رنگين گلن جي موسم
    پيلي پيلي پن-ڇڻ جي موسم
    ڳاڙهن گلن جي موسم بڻجي ويندي
    گل مُهر جي موسم بڻجي ويندي.

    **  


    زندگي مون ڪي سڏي رهي آهي!

    زندگي مون ڪي سڏي رهي آهي!

    منهنجي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستو
    سنهڙو، هڪ ماڻهوءَ جي هلڻ جيترو
    منهنجي گهر ڏانهن ويندڙ پيچرو،
    منهنجي رستي جا ڊگها
    هوا جي نشي ۾ ڌُت وڻ
    پن ڦهلائي
    مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ وٺڻ چاهين ٿا،
    منهنجي بي رنگ زندگيءَ ۾
    جي ڪوئي رنگ آهي
    ته اهو سائو-
    منهنجي ڳوٺ جو رنگ آهي
    جيڪو شهر جي ڪارخاني جي
    دونهين ۾ ڪاراٺبو وڃي.
    رات جو چمنيءَ جي ڇانَو ۾
    پنهنجي ڪوارٽر جي فرش تي ليٽندي ئي
    منهنجي اکين ۾
    اها ساوڪ لهي ايندي آهي!
    ڇڏيو مون کي وڃڻ ڏيو
    منهنجي زندگي مون کي سڏي رهي آهي!

    **  


    تنهنجا خواب

    تنهنجا خواب

    تنهجا خواب
    نڄاڻ ڪهڙين گهٽين ۾ رهندا آهن
    سڄو ڏينهن ساڙڻ چاهيان
    ته به نه سنڀاري سگهندي آهيان،
    ڪٿي رُلندا آهن
    تنهنجا خواف!؟
    ۽ سڄي ڏينهن جي اوسيئڙي کان پوءِ
    آئون جڏهن ٿڪجي چُور ٿي
    سمهي پوندي آهيان
    ته دروازي ۾ هٿ وجهي
    ڪڙو کولي
    خاموشيءَ سان
    منهنجي پاسي ۾
    اچي سمهي پوندا آهن
    تنهنجا خواب!

    **  


    تو کي ڪهڙي خبر

    تو کي ڪهڙي خبر

    تو کي ڪهڙي خبر
    اسان تو کي ڪيئن رکون ٿا
    بند ڇپرن ۾
    اکين وانگر
    دنيا جي هر ڪک کان پري!
    بند ڪتابن
    گلابن وانگر
    تنهنجي خوشبو کي
    هر ساهه ۾ سموئي!
    کليل اکين جي
    هر خواب وانگر
    جو تو سواءِ پورو ناهي!
    هڪ آس آهي
    جنهن سهاري
    زندگيءَ جي ڏاڪڻ جو
    هڪ هڪ ڏاڪو چڙهجي ٿو
    عذابن وانگر!

    **  


    اک جو موتي

    اک جو موتي

    جيون کي ٻوريءَ ۾ بند ڪيو اٿم
    ڪيڏو نه بازيگر آهيان
    ان ڳؤري ٻوريءَ کي وري
    ڪلهن تي کڻي ڊوڙندو پيو وڃان
    ڏاڍو مان رانديگر آهيان،
    مدارس جي سائيڪل رڪشا ۾ جوٽيل
    سنهو ۽ تئي جهڙو
    مان ئي اعليٰ بشر آهيان
    اڃان به پڇين ٿي:
    مان Hunch Back ڇو آهيان؟
    سارو جيون ڀلي ڍڳي وانگر گذاريو اٿم
    جيون جي چوڦير
    کوپا چاڙهي ڦريو آهيان،
    جيسين مون مان تيل نه نڪري
    ڏسڻ کان هميشه روڪيو ويو آهيان،
    ڪرڻ ڪاڻ ته مون هزارين ميل سفر ڪيو،
    پر هميشه گول دائري ۾
    ڏسڻ ئي ڇڏي ڏنو اٿم
    پوءِ به پڇين ٿي:
    اکين ۾ موتي ڇو لهي آيو آهي.

    **  


    ڌنڌلو عڪس

    ڌنڌلو عڪس

    اکين جون ماڻڪيون
    ائين ڌنڌلائجي ويون
    جيئن گرم پاڻيءَ مان
    اٿندڙ ٻاڦ ڪري
    باٿ روم جو آئينو،
    پراڻا خواب
    جي ڪڏهن حسين هئا
    ميرن ڪپڙن جيان
    ڪِلين ۾ ٽنگيا پيا آهن،
    توسان ملاقات
    جيون جي گندي پاڻيءَ ۾ ٽڙيل
    ڪنول جو ڪوئي گل هيو
    جو اڃا تائين من ۾ تري پيو.

    **  


    آس نراس

    آس نراس

    من جون سڀ خوشيون
    سپون بڻجي
    سوچ جي سمنڊ مان منهن ڪڍي
    آس مان آسمان ڏانهن
    نهارين پيون
    پنهنجي ساڀيان جو
    ڪو سچو موتي
    جهٽڻ چاهين ٿيون شايد!
    ڪناري کان نيڻ-نهار تائين
    منهنجي حد کان تنهنجي سيما تائين
    سپون ئي سپون آهن،
    پر حقيقت جي واديءَ ۾
    هر طرف رڳو ڌوڙ پئي وسي،
    بدن سڄو ڀڀوت بنيل
    وار سمورا واريءَ اٽيل،
    اکين-پنبڻيون واريءَ اُڻيل
    ساهه ۾ پڻ واري واسيل.
    اکيون هاڻي هرڻيون ٿي پيون آهن
    سڃ ئي سڃ ۾
    دريا ڪوئي موجون ماريندڙ ڏسن ٿيون،
    نڙي سڄي ڪنڊا ڪنڊا
    پوءِ به اُڃ اُجهاڻل سمجهن ٿيون،
    من ڏاڍو مور بڻجي
    ڪويل جي ڀاشا سمجهي
    مست ٿي
    ۽ اکيون بندي
    هر طرف ڳاڙهي تَر ۽
    اڇي ڦلڙي واري چُني اوڍيل نار ڏسي ٿو،
    پر ڪو نڀٽ ۾ اٽڪيل
    ڳاڙهي تَر ۾ اڇي ڦُلڙي واري چُنيءَ جو
    اهو رڳو هڪ ٽُڪر آهي
    جنهن کي هو پنهنجي ڊيل سمجهي ٿو.

    **  


    ٻاجهارو هٿ

    ٻاجهارو هٿ

    وڏي گهر جي شيشي جي دريءَ مان
    ماڻهوءَ جي من اندر ۾ ڪيئن ڏسي سگهجي ٿو؟
    ماڻهو، جي فوٽ پاٿن تي رهن ٿا
    يا وڏين بلڊنگن جي اوٽ ۾
    نالين ڀرسان رهن ٿا،
    ڏينهن جو جنهن ٺيلي تي مال وڪڻن
    رات جو انهيءَ ٺيلي تي سمهن ٿا
    ڦاٿل ڳوڻين جي چوديواريءَ ۾
    انهن جي ڪا پرائيوٽ زندگي ناهي.
    انهن سان گڏ رهندي
    انهن جي ٽي-بي ورتل
    ماحول ۾ پلجندڙ جسمن سان گڏ
    ساهه کڻندي
    ڪڏهن انهن جي ڏکن ۾ شريڪ ٿي
    روئيندي
    ڪڏهن انهن جي ٻارن جي ڇانگ سان
    پاڻ کي گڏي،
    ڪڏهن انهن جي ڪُلهن تي هٿ رکي
    ’سڀ ٺيڪ ٿي ويندو چوندي
    نهن کان چوٽي تائين ڪنبندي
    مون انهن کي پنهنجي دل جي قريب ڄاتو آهي
    ۽ انهيءَ وقت
    هڪ موت سان مقابلو ڪندڙ عورت جو
    ٻاجهارو هٿ
    منهنجا وکريل وار سنوارڻ لاءِ وڌيو آهي.


    ڌنڌ

    ڌنڌ

    گهرو سمنڊ ۽ سمنڊ ۾ چمڪندڙ
    تمام گهڻن جهازن جون ڳاڙهيون اکيون!
    رات جي اونداهي ۽ اونداهيءَ ۾ چمڪندڙ
    ڪنهن نانگ جون اکيون!
    ٻاٽ اونداهي ڪمري جي ۽
    سپنن کان سڙندڙ منهنجون اکيون!
    هاڻي ته سپنن ۾ به ائين ٿيڻ لڳو آهي،
    ٿوري دير ويهي وڃڻ جي وائي ڪرين ٿو
    مان رُئندي رهجي وڃان ٿي؛
    ’ته هاڻي نه، مان جي نه سگهنديس‘
    تون هميشه وانگر آٿت ڏيندو وڃين ٿو:
    ’نه منهنجي مٺڙي! ڪجهه ڏينهن جي ته ڳالهه آهي‘
    ننڍڙي ٻار کي سمجهائڻ وانگيان
    منهنجو مٿو پنهنجي هنج ۾ رکي
    منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي
    منهنجي لڙڪن کي پنهنجي چپن سان چُمندي؛
    ۽ جڏهن مان ماٺ ٿي ڃان ٿي
    ته منهنجا سُڏڪا شروع ٿي وڃن ٿا
    ۽ مان سمهي پوان ٿي،
    تڏهن تون منهنجو مٿو
    پنهنجي گوڏي تان لاهين ٿو
    پنهنجي آهٽ کان پاڻ ئي ڇرڪي وڃين ٿو،
    پر مان سمهيل آهيان
    منهن تي هلڪي مُرڪ اٿم
    ’ته منهنجي ڀرسان آهين‘ بند اکين ۾ ڪو سپنو سرجائي
    ۽ تون هوريان گهر جو در بند ڪري
    پنهنجي ڪوٽ جا ڪالر ڪنن کان مٿي اُڀا ڪري
    سياري جي ڌُنڌ ۾
    دور تائين ڦهليل شهر ۾
    هڪ جهڙين هڪ جيترين ڳلين ۾
    ڪٿي گم ٿي وڃين ٿو.

    **


    امر سنڌو

    تعارف




    قلمي نالو: امر سنڌو
    جنم هنڌ: اڳوڻي ٿرپارڪر ۽ هاڻوڪي ميرپورخاص جو هڪ ڳوٺ.
    سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد ۾ ايل-ايل-بي (پريوس) جي شاگردياڻي
    رهائش: ميرپورخاص شهر.
    سرگرميون: ’سنڌي گرلس انٽليڪچوئل فورم‘ جي بانيڪارن مان.
    ايڊريس: 14-4-B يونٽ iii سيٽ لائيٽ ٽائون ميرپورخاص.


    انقلاب جا سڀ نعرا، بلٽ پروف آهن.

    انقلاب جا سڀ نعرا،
    بلٽ پروف آهن.

    جيئڻ جي گناهه ۾
    زندگي جي چؤواٽي تي مارجي ويل
    اي راجيوَ!
    تنهنجي مرتيئي جو درد
    ويهين صديءَ جي ڪُک ۾
    ڪنهن ڦٽ جيان زنده رهندو.
    انقلاب جا سڀ نعرا
    بلٽ پروف آهن،
    پر!
    فاشي ورديون،
    رڳو زبان وڍڻ ڄاڻين ٿيون.
    لاطيني آمريڪا ۽ آمريڪا کان وٺي
    ايشيا جي سنڌ تائين،
    لڙڪن جي سنگهرن ۾ سوگها ٿيل
    اسان سڀ جيڪي
    درد جي سفر جا راهي آهيون،
    خبر آهي تن کي ته
    نئين عالمي نظام وٽ
    اسان کي ڏيڻ لاءِ
    کير جي فيڊر بجاءِ
    آهي رڳو، گندرف ۽ شيهي جي گولي.
    اسانجون جوانيون، انقلاب!
    اسانجون مرڪون، احتجاج!
    ۽ اسان جا لُڙڪ
    اسان لاءِ نعرا اُڻي رهيا آهن.
    اسان جون راتيون،
    وڍجي ويل زبانن جو آواز
    ۽
    اسان جا ڏينهن،
    مارجي ويل ساٿين جا خواب آهن
    جن جون اکيون
    انقلاب جنمينديون آهن
    سي ٽوڙهي ڦاٽڪ تي
    پيرين اگهاڙين هلندا آهن
    جنهن گولي، تو کان نعرو کسيو هو
    سا،
    امن جي اک ۾ ڦُلو آهي.
    فاشزم!
    وردين جي ڳچي مان پٽو
    رڳو ان لاءِ ڍور ڪيو هو ته
    ٽين دنيا جي نوجوانن جون
    هزارين دنيائون رڙڪي سگهن.
    ڪنهن به عالمي نظريي کان بيخبر
    پهرين آڪٽوبر تي
    ڪٺل زندگين کان وٺي
    هالا ناڪي تي مارجي ويل
    فهيم عباسي تائين.
    ڪُسجي ويل سڀ دُنيائون ۽
    تنهنجو مرتيو،
    راهل، پريانڪا ۽
    چوٿين دُنيا جي نوجوانن جي دلين لاءِ
    اُهو ڏک آهي
    جنهن جي جهول ۾
    پوهه جا گم ٿي ويل خواب سمورا
    ۽ غلام ڌرتين جو مستقبل
    جاڳي پيا هِن.

    ***


    سمهي نه سگهڻ جو دُک

    سمهي نه سگهڻ جو دُک

    مون پنهنجي ڪُک ۾
    ٽانڊا پوکيا هئا ۽
    سرهاڻ!
    منهنجي وجود کي سنگسار ڪري
    جلاوطن ٿي ويئي.
    هِن ديس جون ڇڙوڇر هوائون
    جڏهن منظم ٿينديون آهن
    ته وڏي واڪ
    سج جي گرميءَ کي گاريون ڏينديون آهن.
    مون ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته
    آوازن اڪٽوپس بنجي
    مون تي حملو ڪري ڏنو،
    پوءِ به مان!
    موهن جي دڙي جي ڏاند کي
    پنهنجي نظم جون عنوان بنائي
    لکڻ چاهيان ٿي،
    پر!!
    تجريدي نظمون ننڊ ڦٽائڻ بجاءِ
    منهنجي بستري تي سمهي
    خواب ڏسڻ چاهين ٿيون،
    مون جڏهن پنهنجي مسلسل جاڳڻ
    جو سبب ڳولڻ چاهيو
    ته خبر پئي ته
    منهنجي ننڍي هوندي ئي
    منهنجي پاڳل ماءُ
    منهنجي اکين جا ڇپر ۽ پنبڻيون،
    ڪنهن کي خيرات ۾ ڏيئي ڇڏيون هيون.
    آئون ڪڏهن به سُتي نه آهيان،
    پر!!
    خواب منهنجي اکين ۾ آکيرا ٺاهي
    مسلسل ستا پيا آهن.
    امان چيو هو ته
    تون سمهندينءَ ته
    تنهنجا خواب جاڳي پوندا.

    ***  


    پاڳل خوابن جون تعبيرون

    پاڳل خوابن جون تعبيرون

    ڀنڀوري ۽ پوپٽ پرن جي
    رنگ اُڏامي وڃڻ سان،
    تاريخ جو ڪوڙهه،
    خوابن جي واديءَ جو
    چائنٺ ٽپي اندر هليو آيو.
    هاڻ،
    ماڻهن جي اکين ۾ ننڊ بجاءِ
    خوف ۽ وحشت جو فصل لهندو آهي.
    گهڻو اڳ،
    ڦاسي، ٽارچر ۽ ڦٽڪن جي
    طويل ۽ اڻ کٽ رات ۾،
    گرڀ وتين مائرن
    پنهنجي ٻارن جي
    ڪنڌ جا مڻڪا ڀڃي ڇڏيا هئا،
    ڄمندي شرط ئي؛
    اِن ويساهه سان ته
    هاڻ اوچي ڳاٺ جي جرم ۾
    سندن ٻار
    تاريڪ راتين ۾ ڦاهي جي ڦندي کان بچي ويندا.
    پر!!
    ڦاسي گهاٽ ۽ مقتل تي
    ٻيهر بهار آئي آهي.
    چيو وڃي ٿو ته
    ”ڪجهه چريون مائرون ٻارن کي جنم ڏيندي
    خواب ڏسي رهيون هيون،
    ۽ ڦاسي گهاٽ ۽ مقتل انهن
    خوابن جون تعبيرون آهن.“

    ***  


    Slogans of red lips

    Slogans of red lips

    تاريخ جي چ‍ؤواٽي تي
    نيلام ٿيل سپنا!!
    درد جي مرثين سان ختم ڪيل
    زندگين جو تعداد بڻجن ٿا.
    جواني جون شامون
    پنهنجي خوبصورت محبوبائن جي ناءُ
    ڪرڻ جي خيال کي،
    فحش پوسٽر جيان ڦاڙي اُڇلائيندڙن
    ۽ مقدر جي تڙيل مسافرن جا خواب،
    جلاوطني جي گرم ڀاڪرن ۾
    ٻيهر جاڳي پون ٿا.
    پر!!
    اسان، راتين ۽ خوابن جو
    انت آڻيون ٿا.
    خواب جنمڻ کان وٺي
    ڪنهن جو خواب بنجڻ تائين
    اُماس راتيون،
    اسان جي بغاوتن جا گيت ڳائينديون آهن.


    بي رنگ ڏينهن،
    اسان جي جاڳ جا بينر کڻي
    ڀاڳ جي ليکن سان احتجاج ڪن ٿا.
    احتجاج ۾
    ٽٽي ويل چوڙين ۽
    وڇڙي ويل ساٿين لاءِ
    ڪو به نظم نه لکندو آهي،
    پر!!
    پوءِ به لتاڙيل وجود
    جيون جي سمورين اُداسين
    ۽ مقدر جي مايوسين سميت
    سرخ تاريخ جا باب اُڻن ٿا.

    ***  


    ڀڳل شيشي جا عڪس

    ڀڳل شيشي جا عڪس

    تعبيرون!
    سج اُڀرڻ کانپوءِ
    ڪنهن شهيد جي بيواهه ماءُ وانگر
    ننڊ جي قبر تي
    اڪيليون روئڻ اينديون آهن.
    خواب بي لباس ٿي
    خواهشن جي ڪَڍ لڳا ته
    ميڄالي کاڌل آڱريون،
    منهنجي
    خواهشن، خوابن ۽ وجود جي پوسٽ مارٽم لاءِ
    ڇتي ڪتي جيان باهوڙجي،
    ڪوٽن جي کيسن مان ٻاهر نڪري آيون.
    آڱرين جي حملي مان
    بچي وڃڻ کانپوءِ
    منهنجا خواب!
    جاڳ سان هينڊ شيڪ ڪرڻ
    موت جي وادي ڏانهن گم ٿي ويا.
    آوازن جي جهنگل مان
    ٽهڪ!
    واپسي جو رستو وڃائي ويٺا ۽
    آواز!
    خوشبوءَ جي آڱر پڪڙي،
    نٽهڻ اُس ۾
    منهنجي وجود جي ڳولا ۾
    آسمان ڏاهن هليا ويا،
    ۽ مون کي موت جو دُک نٿو ماري،
    پر!
    اُن آڱر جي
    واعدي معاف گواهي ٿي ماري
    جنهن کي پڪڙي
    مون هلڻ سکيو هو.
    جيڪا آڱر
    مون تي حملي ڪرڻ جي
    الزام کان بچي ويئي،
    غور ڪيم ته
    اُها منهنجي پنهنجي هئي ۽
    مون کي ياد آيو ته
    منهنجون آڱريون ته
    منهنجي ننڍپڻ ۾ ئي وڍجي چُڪيون هيون.

    ***  


    ڪا به نيڪي بهتر ٿي نٿي سگهي

    ڪا به نيڪي بهتر ٿي نٿي سگهي
    اُن جدوجهد کان
    پنهنجي وجود جي جنهن ۾ بقا آهي.

    عشق جي سفر ۾ ساڻ نه ڪو خواب هُجي ۽
    عاشقي جون سڀ ادائون به لڳن اوپريون،
    زندگي ڄڻ جتي ڪو عذاب هُجي، اُتان
    مون ڪيو پنهنجو سفر شروع آهي.
    ذلتن جي هن سفر ۾ جِتي،
    ڀلي پاڇولو به پنهنجو دَغا ڏيئي وڃي.
    خوشبوئن جي ديس جا خواب، ڇڏي اسان کي
    اُس جي سمنڊ ۾ ڪري اڪيلو وڃَن.
    خوف جون ريکائون، جيڪي لتاڙيم ڪالهه
    وڏي بيخوفيءَ سان
    سي، ٻيهر مڙهي مون تي ڄَڻ
    تقديرون به ڀَلي منهنجو تماشو ڏسن،
    چانڊوڪين جي شهر مان منهنجو گذر، ٻيهر شايد نه ٿئي
    چنڊ جي چانڊوڪي به زهر بڻجي
    منهنجي آڱڻ تي ڪڏهن وسي يا نه وسي،
    ڀلي رات جا ڪي ستارا به مون تي
    سدائين کِلن ۽ ميارون مُڪن.
    جنين رستن تي ڦٽا گل هئا ڪالهه، اُتي
    مون لاءِ ته ڄڻ رڳو ئي رڳو ڪنڊا آهن،
    لفظ جيڪي بڻيا هئا نعرا ڪالهه،
    اَڄ ته اُهي به ڄڻ ٿيا جهنڊا آهن.
    سي رهيا ايڏا اونچا ئي اونچا
    نه پهتي هيٺ جن جي ڪائي ڇانءُ آهي،
    ڪري سگهيس نه ڪڏهن، جنهن کي پاڻان جُدا
    ذلت به ڄڻ ته تنهنجو ٿي ڪو نانءُ آهي.
    اڄ انهيءَ راهگذر تي مان اڪيلي آهيان،
    ڪالهه قافلو جتي، ڄڻ ته ڏياٽين جو هو
    اڄ ڪو تعين مون تي ڪري، ڪري نه ڪري
    پر ڏياٽين ۾ ٻرندڙ لهو منهنجو آهي.
    اڄ اُهو قافلو به ٿيو ڪيڏو پري...!!
    اڪيليپڻي ۽ خاليپڻي جو
    دُک پنهنجي سيني ۾ ڪيڏو ٻري.
    واعدن جو سج به ڪڏهو ڪو، ويو ٻُڏي آهي
    هاڻ کڻي ڪيڏو به مان تڪيان
    چڙهيو چنڊ آسن جو، سو ڀي ويو لُڏي آهي،
    ڪلهن تي کنيل جيڪا صليب ۽
    مٿن تي ڪنڊن جو سجيل تاج آهي.
    تعبيرون کلي ٿيون چون مون کي،
    ڄڻ ته تنهنجي ئي زندگي جو
    هيءَ ٺهيل پورٽريٽ آهي.
    ڪنڊن کي سدائين مون پي ننديو آهي،
    زخم گلن جو ڀي اڃان ته ڀريو ناهي،
    وجود جي جنگ هارايل، ۽
    مون وَٽ هاڻ ڪجهه ڀي بچيو ناهي.
    هلڻ لاءِ اعتبار پنهنجي قدمن تي
    سو به ڄڻ هاڻ مون وٽ رهيو ناهي.
    زندگي جو سفر به ذلتن جيان
    ڪيڏو نه ٿيو طويل آهي.
    مان، اڪيلي پر هلڻو آهي
    جو پڙهيو هوم ڪڏهن ڪتابن ۾ ته
    چيو هو هڪڙي ڏاهي اسپنوزا
    هالينڊ ۾ ماڻهن جون ٿڪون ۽ بُجا جهليندي ته
    ”ڪا به نيڪي بهتر ٿي نه ٿي سگهي
    اُن جدوجهد کان
    پنهنجي وجود جي جنهن ۾ بقا آهي.“

    ***  


    عنوان کانسواءِ نظم

    عنوان کانسواءِ نظم

    هوا ۽ دُک جي ڪڙتي جا
    سڀ بٽڻ ٽٽي پيا آهن.
    لڙڪن پنهنجي پيرن تي
    چپ جا جوراب چاڙهي ڇڏيا آهن.
    ٽيتاليهه سال اڳ مُرڪ صليب تي چاڙهي ويئي هئي.
    پر!
    آس جون ديوارون اڏي
    مان!
    تنهنجو گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي.
    دُک جو ڍونڍ،
    وچڙندڙ بيماري جيان
    منهنجي ديش ۾ پکڙجي ويو آهي.
    ۽ قوم گونگي ٻار جيان
    ڊپ مان رڙيون ڪري رهي آهي.
    ماڻهو چون ٿا:
    ”قوم جي تقدير جي ماءُ وڃائجي ويئي آهي.“

    ***  


    A dream of a mad girl

    ڇا!
    تون پنهنجي
    نظريي جو ڪمبل
    مون کي اُڌارو ڏيندين
    مان!
    پنهنجي سپنن کي
    سيءَ کان بچائڻ ٿي چاهيان
    هوءَ!
    جنهن کان ڊگهي ڪِس (Kiss)
    وٺڻ چاهي هئي مون
    رات!
    اُن جي سپنن سيءَ کان بچڻ لاءِ
    خودڪشي ڪري ڇڏي.

    ***


    شبنم گل

    تعارف



    پورو نالو: رضيه سلطانه لاشاري.
    قلمي نالو: شبنم گل
    جنم سال: ١٩٦٧ع.
    جنم هنڌ: دادو.
    تعليمي لياقت: انگريزي ۾ ايم اي.
    پيشو: ليڪچرار.
    سرگرميون: اسسٽنٽ ايڊيٽر ماهوار بختاور، اسٽيج ۽ ٽي وي
    ڪمپيئرر.


    اڻ چيل ڳالهيون

    اڻ چيل ڳالهيون
    بي آواز صدائون
    اچي لبن تائين
    وري من پاتال ۾
    وڃائجي وڃن ٿيون.
    ڪڏهن ڏاڍ جا پهرا
    ڪڏهن مصلحتون ۽ انڊيشا
    ڪڏهن ڪنهن جي
    پاڻهي کُلي پوڻ
    جي آرزو
    ته ڪڏهن اڻڄاڻائيءَ جو
    دستور ٽوڙڻ لاءِ
    خاموشيءَ جو هٿ جهلي
    ڪنهن سڏ جي انتظار ۾
    پري پري هلندي رهڻ...
    پر وقت ان سوچ کان بي خبر
    فاصلا طئي ڪندو رهيو
    ۽ اڻ چيل ڳالهيون
    رهجي ويون من ۾
    سالن کان پوءِ مليو
    ته چيائين
    هيس مان به
    ان انتظار ۾ ته
    پريت جي نديءَ ۾
    اُڇلائي ٿو ڪير
    اقرار جو پهريون پٿر!


    مصلحت 

    منهنجي خاموشيءَ
    مون کي ٻين تي
    ائين ظاهر ڪري ڇڏيو آ
    جيئن
    قيد ٿيل خوشبُو
    شيشي جي بدن مان
    اوچتو آزاد ٿي وئي هجي.
    اکيون منهنجون
    مصلحتن جي بار هيٺان
    جهڪيل رهن ٿيون
    پوءِ به ماڻهو چون ٿا
    اُهي ڳالهائين ٿيون،
    مون گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ سٺو آ
    پر مون کان
    سچ چوڻ ۽ سچ ٻڌڻ جو
    اختيار کسي
    پٿرن جي ديس ۾
    رهندڙن
    پنهنجي اکين،
    پنهنجي سماعتن تي
    ڪيئي پهرا رکي ڇڏيا آهن!


    تنها پَل

    تنها پَل

    هن کان اڳ
    يا هلندڙ پل ۾
    محسوس ڪيو هم
    پنهنجي پاڻ کي
    ڏاڍو اوپرو، ڏاڍو تنها!
    تنهائي به ڪيڏي عجيب آهي
    ڪڏهن لڳي ٿي پنهنجي
    ته ڪڏهن ڪيڏي پرائي-
    تنهائي...جيڪا
    وجدان جو حصو آهي
    عبادت جنهن جي مَنزل آهي
    ۽ محٻت جنهن جي معراج آهي
    ۽ گم ٿي ويل پنهنجي
    وجود جي اوچتو ملي وڃڻ جو
    ادراڪ به آهي.
    تنهائي...جيڪا
    ڏات جي ڏيهه ۾
    خيالن جي رنگ برنگي
    خوشنما گلن جي
    ٽڙي پوڻ جو
    هڪ وڻندڙ احساس به آهي،
    تنهائي...جيڪا
    وڇوڙي جي عذاب ۾
    وصل جي راحت کي ماڻڻ
    ۽ درد ان آلاپ ۾
    پنهنجو پاڻ وڃائي
    وري پائڻ جو
    هڪ انوکو انڪشاف به آهي.
    پنهنجي ناڪامين
    لاحاصل لمحن
    اڻپورين خواهشن
    ۽ پنهنجي گناهن جو اعتراف به آهي،
    پر پوءِ به
    صبح کان شام تائين
    اماوَس رات جي
    گُهور اونداهين کان
    سج جي سونهري نرم ڪرڻن تائين
    ماڻهن جي هجوم ۾
    ته ڪڏهن تنها
    روز جيئاري ۽ روز ماري ٿو
    مونکي
    منهنجي اندر جو هڪ تنها پَل!



    زندگي

    زندگي

    ڪجهه اڻپورا خواب،
    ڪجهه اوچتا عذاب
    ۽ ان کان به وڌيڪ
    مري مري وري جيئڻ
    ڀوڳنا جو هڪ عجيب سفر
    زندگي... شايد ڪو
    Abstract art جو
    رنگن سان ڳتيل
    نه سمجهه ۾ ايندڙ فن پارو
    زندگي...
    مجبوريءَ جي آڙ ۾
    خوشيون، خواب ۽ خواهشون
    روايتن جي نالي
    ارپڻ جي نالي
    ارپڻ جو اتهاس،
    زندگي...
    رات جي اونداهيءَ ۾
    گناهه جي ڊانسنگ فلور
    تي رقصان...
    ۽ ڏينهن ڏٺي جو
    رولڊ گولڊ جو
    خوشنما ماسڪ چاڙهي
    Hypocrisy سان ڀرپور
    زندگي...
    مصلحتن سان سمجهوتو ڪري
    سچائين کي سماج جي
    قبر ۾ گهٽي ماري ڇڏڻ جو
    هڪ اڻ وڻندڙ سمجهوتو
    زندگي...
    ڪنهن بيواهه جي
    مري ويل جذبن
    اجڙيل خوابن
    بي آواز سڏڪن
    ۽ سندس اڇي
    وڳي جيان Colourless
    زندگي؟
    زندگي؟

    **


    وقت

    وقت

    مختلف روپن
    مختلف چهرن
    مختلف صورتن ۾
    تنهنجا ڏنل سمورا درد
    ۽ منهنجي نالي ارپيل
    سموريون پيڙائون،
    سمورا گهاءُ
    ساهه ۾ سانڍي رکيا اٿم
    ائين
    جيئن ڪو پهرين محبت جي
    نالي کي
    دل جي ڪتاب ۾
    سنڀالي رکندو آهي
    يادن جون اڌ کڙيل
    مکڙيون
    انتظار جي علامت
    نرگس جو گل
    ڪو گلابي نشانن وارو
    ٽشو پيپر
    اي وقت!
    مرڪ پوءِ به
    منهنجي لبن تي
    صبح سمي ٽڙندڙ
    ڪنهن گل جيان تازي آ
    اڃان تنهنجي ترڪش ۾
    مون لاءِ
    ڪيترا تير باقي آهن!


    خاموشي 

    پنهنجون سوچون
    پنهنجا احساس
    جذبا ۽ سمورا خواب
    ڪڏهن کان
    چپ جي چادر ۾
    ويڙهي
    روايتن جي
    ڊسٽ بن ۾
    اڇلائي ڇڏيا اٿم،
    تڏهن کان
    اکيون بڻيون آهن
    آرسي
    ۽ چهرو به لڳي ٿو
    کليل ڪتاب ڪوئي،
    خاموشي کي به
    ڄڻ ته
    زبان ملي وئي آ!


    غزل

    غزل

    ساٿي سارا وڇڙي ويا،
    گل هوا ۾ وکري ويا.

    جن جا قدم ڪين ٿڙِيا.
    رستا ڪيئن سي ڀلجي ويا.

    فيصلا سارا مقدر جا،
    زلفن جيان، الجهي ويا.

    ڏاڍ جي موسم ۾ هن ڀيري،
    شهر سمورا اجڙي ويا.

    شام جهڙالي سنڌوءَ ڪنارو
    تو کان منظر وسري ويا!



    هن جي نيڻن جي هڪ نهار سان،

    هن جي نيڻن جي هڪ نهار سان،
    پلئه اٽڪي پيو ڄڻ بهار سان.

    لب خاموش نه اکين ۾ شڪايت،
    ڳالهه کُلي لڙڪن جي لار سان.

    هئي منزل هڪ پر جدا راهون،
    ويا مِٽي ٿي جذبا غبار سان.

    گُهرجي مقدر جي اک جو ڪو اشارو،
    ڪجهه نه وريو آ انتظار سان.

    جسم جا خريدار ڇا ڄاڻين تون!
    پيار ملندو نه آ هاڪار سان.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 870
    ڪتابن جو مشاهدو: 2450929
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 627206
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ