مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

مھاڳ: ڪتابن جي دنيا جا اسرار

ڪو دور ھوندو ھو، سنڌ ۾ ڪتاب پڙھڻ جو تمام وڏو رجحان ھوندو ھو. شھرن ۾ وڏين لئبريرن کانسواءِ گھٽين ۾ اھڙيون لئبريريون به ھيون جتي ڪرائي تي ڪتاب وٺي پڙھبا ھئا. مختلف سماجي ۽ سياسي تنظيمن پاران ننڍن ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ به لئبريريون قائم ڪيون وينديون ھيون. انھيءَ رجحان کي ھٿي وٺائڻ ۾ کاٻي ڌر ۽ قومپرست ڌرين جو وڏو ھٿ ھوندو ھو، جيڪي پنھنجي ڪارڪنن جي تربيت لاءِ اسٽڊي سرڪل ھلائيندا ھئا جتي نظرياتي ۽ سياسي ڪتاب سان گڏ ادبي ۽ ڪتابن کي پڙھڻ لاءِ بہ ھمٿايو ويندو ھو. انھن سياسي ڪارڪنن کانسواءِ بہ ٻيا عام ماڻھو بہ ڪتاب ۽ رسالا پڙھڻ جا شوقين ھوندا ھئا. وڏي انگ ۾ ڪتاب ۽ رسالا ڇپبا ھئا. دنيا جھان جي ادب کي پڙھڻ، ان تي ڳالھائڻ، ان کان متاثر ٿيڻ، انھن جي ترجمي ڪرڻ جو ٽرينڊ ھو. ھٿ ۾ ڪتاب ھئڻ فخر جي نشاني ھوندي ھئي. پر وقت سان ڪتاب پڙھڻ جو رجحان آھستي آھستي گھٽبو وڃي. انھيءَ جو سبب جتي نظرياتي سياست جو زوال آھي، اتي تفريح جي ٻين ذريعن جي فراھمي بہ ماڻھن کي ڪتابن کان پري ڪري ڇڏيو آھي. اھڙي صورتحال ۾ اسان وٽ تمام گھٽ ماڻھو وڃي بچيا آھن، جيڪي تسلسل سان ڪتابن جو مطالعو ڪن ٿا. انھن ۾ اھي ماڻھو آڱرين تي ڳڻڻ جھڙا آھن، جيڪي سنجيدگي سان گھڻ موضوعي مطالعو ڪن ٿا. ۽ انھن ٿورن ماڻھن ۾ اسان وٽ فقط رئوف نظاماڻي ئي آھي، جيڪو نہ فقط گھڻ موضوعي مطالعو ڪري ٿو پر پنھنجي مطالعي جي حاصلات کي ٻين سان ونڊي بہ ٿو ۽ ٻين کي مطالعي لاءِ اتساھي بہ ٿو.
رئوف نطاماڻي سان منھنجي تعلق کي ھاڻ ٽن ڏھاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آھي. انھيءَ تعلق جي شروعات سنڌي ادبي سنگت ڪراچي ۾ شرڪت ڪرڻ سان ٿي. نوي جي ڏھاڪي ۾ ڪراچي جي شاخ، سنڌي ادبي سنگت جي سڀ کان متحرڪ شاخ ھئي، جنھن سان سنڌي ادب، صحافت ۽ تنقيد جا وڏا نالا جڙيل ھوندا ھئا. نہ فقط انھيءَ جون باقاعدہ گڏجاڻيون ٿينديون ھيون. جنھن ۾ سڄي سنڌ مان ناليورا تخليقڪار پنھنجيون تخليقون تنقيد لاءِ پيش ڪندا ھئا، پر ان گڏجاڻين ۾ پڙھجندڙ اسمن تي تمام معياري تنقيد بہ ٿيندي ھئي ۽ ان سان لاڳاپيل موضوعن تي سنجيدہ بحث بہ ٿيندا ھئا. جيڪي بحث اسان جھڙن سيکڙاٽن لاءِ ڪافي لاڀائتا ھوندا ھئا. انھيءَ سان گڏ ڪراچي سنگت پاران انتھائي شاندار ادبي پروگرام بہ ڪرايا ويندا ھئا. سنگت ڪراچي جي انھن گڏجاڻين کي منظم ڪرڻ، انھن بحثن ۾ اھا سنجيدگي برقرار رکڻ ۽ پروگرامن جو اھو معيار رکڻ ۾ رئوف نظاماڻي جو وڏو ھٿ ھوندو ھو، جيڪو ڪافي عرصي تائين ڪراچي سنگت جو سيڪريٽري رھيو. رئوف نظاماڻي جي طبعيت جي تحمل ۽ برداشت، غيرجانبدار تجزئي، سندس وسيع مطالعي، مختلف موضوعن تي سندس گھري ڄاڻ ۽ بنان ڪنھن مصلحت جي پنھنجي موقف کي رکڻ واري مزاج سان منھنجي وڌيڪ واقفيت تڏھن ٿي، جڏھن منھنجو جان خاصخيلي سان گڏجي تقريبن ھر جمعي تي سندس لي مارڪيٽ واري گھر تي وڃڻ ٿيندو ھو. انھن ڪچھرين ۾ سياست، ادب، پرڏيھي مامرن ۽ تاريخ جي موضوعن سوڌو ٻين ڪيترن ئي تي ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي ھئي. مونکي اھو ٻڌائيندي فخر ٿيندو آھي تہ انھن ڪچھرين ۽ سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ ٿيندڙ بحثن منھنجي فڪري سفر کي ھڪڙو دڳ ڏنو.
رئوف نظاماڻي تسلسل سان گذريل چئن ڏھاڪن کان لکندو اچي. ھن سَون جي تعداد ۾ ادبي، تنقيدي، سماجي، سياسي، بين القوامي مامرن ۽ معاشي موضوعن تي مضمون لکيا آھن. ھُو وڏي وقت کان مختلف اخبارن ۾ ڪالم بہ لکندو اچي. رئوف نظاماڻي انھن ٿورن ليکڪن مان آھي، جن ٻولي جي سونھن ۽ جذباتيت سان پنھنجي پڙھندڙن کي متاثر ڪرڻ جي بدران، پنھنجي دليل ۽ تجزيئي سان پڙھندڙن کي موھيو آھي. انھيءَ کانسواءِ رئوف نظاماڻي ڪافي اھم ڪتابن جو ترجمو بہ ڪيو آھي. جن ۾ طارق علي جو ڪتاب ”ٽين دنيا ۽ فوجي آمريتون“، روڊريجو روجاس جو ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“، فيڊرل ڪاسترو جي تقرير ”سامراج ۽ عوام“، گرميڪو جون يادگيريون ”سرد جنگ جا 50 سال“، بورس پيسٽرنڪ جي جڳ مشھور ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ جي ترجمي سوڌو ٻيا ڪتاب بہ شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ سندس ادبي تنقيد جو ڪتاب، ”جديد سنڌي ڪهاڻي“۽ مختلف موضوعن تي مشتمل مضمونن جو ڳٽڪو، ”گل گل هٻڪار“ بہ شايع ٿي چڪو آھي.
رئوف نظاماڻي جو موجودہ ڪتاب ”گالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌي ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن ،جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌي جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.
سڀ کان پھرين شئي جيڪا اسان کي ھن ڪتاب ۾ نظر اچي ٿي سا مختلف موضوعن تي ڪتابن جي وسيع چونڊ آھي، جيڪا رئوف نظاماڻي جي وسيع مطالعي جي شاھدي ڏئي ٿي. سندس تبصري لاءِ چونڊيل ڪتابن ۾ مختلف صنفن ۽ مختلف موضوعن جا ڪتاب شامل آھن. انھن ۾ ناول بہ آھن تہ شاعري جا ڪتاب بہ، انھن ۾ ساروڻيون آھن تہ تاريخ جا ڪتاب بہ. رئوف سياسي ڪتابن جي بہ چونڊ ڪئي آھي تہ مذھبي ڪتابن جي بہ. انھن ڪتابن ۾ ٽيڪنالاجي جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب آھن تہ فلسفي جا ڪتاب بہ شامل آھن.
”ڳالھيون ڪتابن سنديون“ ۾ موجود مضمون ڪي رواجي تبصرا ناھن. رئوف نظاماڻي انھن سڀني ڪتابن کي ڪو رڳو تبصري لکڻ لاءِ ناھي پڙھيو. انگلنڊ جي مشھور مضمون نگار ۽ فلسفي ڪتابن جي باري ۾ چيو ھو تہ ”ڪي ڪتاب چکبا آھن، ڪي ڳِھبا آھن ۽ ڪي آھستي چٻاڙي ۽ ھضم ڪبا آھن.“ رئوف نظاماڻي ڪنھن بہ ڪتاب کي رڳو چکي ناھي ڇڏي ڏنو ۽ نہ وري بنان چٻاڙن جي ڳِٿو آھي. پر ھُن ھر ڪتاب کي باقائدگي سان چٻاڙيو ۽ ھضم ڪيو آھي. ھُن ھر ڪتاب کي سنجيدگي سان ۽ گھرائي سان پڙھيو آھي. ان تي نوٽس ورتا آھن ۽ پوءِ پوري غير جانبداري سان انھن تي راءِ ڏني آھي. رئوف نظاماڻي کي جيڪڏھن لڳو آھي تہ ڪو ڪتاب تفصيلي راءِ جو گھرجائو آھي ته ھُن انھيءَ ڪتاب کي اھا گھربل اھميت ڏني آھي. انھي ڪري توھان کي اھڙا ڪتاب بہ ملندا جن تي تبصرا ٽن ٽن مضمونن تي مشتمل آھن. انھيءَ سان انھن ڪتابن سان اھو ڀرپور انصاف ٿيو آھي، جيڪو اھي لھڻن. گھڻن پڙھندڙن کي انھي سان انھن ڪتاب کي گھرائي سان متعارف ٿيڻ جو موقعو ملندو. پر ڪي اسان پارا پڙھندڙ بہ ھوندا، جن کي اھو احساس ٿيندو تہ اھي تبصرا ايترا تہ جامع آھن، جو ھاڻ انھن ڪتابن کي پڙھڻ جي ضرورت ئي ناھي، ڇاڪاڻ جو ڪتاب جون سڀ اھم ڳالھيون رئوف نظاماڻي پنھنجي تبصري ۾ ڏئي ڇڏيون آھن. منھنجي راءِ اھا آھي تہ ڪتاب تي تبصري ۾ ڪجھہ ڳالھيون پڙھندڙن لاءِ بہ ڇڏي ڏجن تہ جيئن اھي بہ انھن پاسن کي ڳولي لھڻ جو لطف پاڻ بہ وٺي سگھن. ڪن جڳھين تي جيڪڏھن رئوف نظاماڻي ڪتابن جي مواد کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جي بدران جيڪڏھن انھن تي پنھنجي تنقيدي راءِ تي وڌيڪ توجہ ڏئي ھان تہ پڙھندڙن لاءِ اڃان بہ وڌيڪ لاڀائتو ٿئي ھا.
ڪتابن جي چونڊ ۾ ڪي اھڙا ڪتاب بہ ھئا جن جا موضوع رئوف نظاماڻي جي دل جي تمام ويجھا ھوندا. خاص طور تي کاٻي ڌر جي سياست ۽ ادب جي ڪارج ۽ پابندين جي حوالي سان جيڪي ڪتاب ھئا، انھن تي پڙھڻ وقت ڪٿي دل ۾ اھا خواھش بہ اڀري تہ ڪاش رئوف نظاماڻي انھن موضوعن کي سنڌ جي ماضي جي سياست سان بہ جوڙي ۽ سنڌ جي سياست ۽ سماج تي وڏي وقت تائين نظر رکندڙ جي حيثيت سان انھن ڪتابن ۾ ٿيل بحثن جي روشني ۾ سنڌ جي سياست ۽ ادب جو بہ جائزو وٺي ھا. اسان کي اميد آھي تہ رئوف نظاماڻي اسان جي انھيءَ معصومانہ خواھش تي غور ڪندو.
”ڳالھيون ڪتابن سنديون“ سنڌ ۾ موجود انھن ماڻھن لاءِ ھڪ انتھائي قيمتي سوکڙي آھي جيڪي اڃان ڪتاب پڙھن ٿا، جيڪي ڪتابن تي ڳالھائين ٿا ۽ جيڪي بھترين ڪتابن پڙھڻ جي خواھش رکن ٿا. رئوف نظاماڻي نہ فقط اسان کي دنيا جي بھترين ڪتابن سان متعارف ڪرايو آھي پر اسان جي دل ۾ اھا خواھش بہ پيدا ڪئي آھي تہ ڪتابن سان اسان پنھنجي عشق جي وري تجديد ڪريون. تبصري ھيٺ آيل انھن ڪتابن ۽ اھڙن ٻين ڪتابن کي پڙھون. اميد آھي تہ موجودہ ڪتاب انھيءَ سلسلي جي پھرين ڪڙي ھوندو. رئوف نظاماڻي ٻيا جيڪي بہ ڪتاب پڙھندو، انھن سان اسان جي واقفيت ڪرائيندو رھندو.

منوج ڪمار
ھالا نوان