مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

پهرين مهاڀاري جنگ کانپوء جي دنيا

مهاڀاري جنگين دنيا ۾ وڏيون تبديليون آنديون آهن. خاص طور پهرين مهاڀاري جنگ کانپوء پهريون وڏو واقعو سوويت يونين جو انقلاب هو. ساڳي وقت هن جنگ کانپوء خلافت عثمانيه وکرجي ويئي. نه رڳو خلافت ختم ٿي ويئي پر خاص طور وچ اوڀر ۾ جيڪي ان جي تسلط هيٺ ملڪ هئا انهن کي اتحادي ملڪن ليگ آف نيشنس جي مينڊيٽ کي استعمال ڪندي پاڻ ۾ ورهائي کنيو ۽ پوء پنهنجن مفادن تحت علائقي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هتي مختلف ملڪ وجود ۾ آيا ۽ هڪ نئين صورتحال جنم ورتو.
هن جنگ جي اهم ترين ڳالھه اها هئي ته ان ۾ آمريڪا شروع وارن سالن ۾ غير جانبدار هو ۽ سندس ڪردار گھڻو مثبت هو. رابرٽ فسڪ جو چوڻ آهي ته ان بنياد تي هن جو جنگ ۾ شامل ٻنهي ڌرين سان رابطو هو. ان وقت جي آمريڪا جي صدر ووڊرو ولسن هڪ پاسي جرمني تي اهو زور ٿي وڌو ته ترڪي تي دٻاء وڌو وڃي ته آرمينين جو قتل عام بند ڪيو وڃي ۽ ٻئي پاسي هن اتحادين کي اهو چيو ٿي ته وڃ اوڀر ۾ اهڙو نظام قائم ڪيو وڃي جو عرب هڪ قوم جي حيثيت ۾ جمهوري طريقي سان رهي سگھن. پر ان دوران ولسن جي بيمار ٿيڻ ۽ آمريڪي عوام جي دنيا جي معاملن کان لاتعلقي جي ڪري آمريڪا ان علائقي جي نئين جوڙجڪ ۾ ڪو موثر ڪردار ادا نه ڪري سگھيو ۽ يورپي ملڪن کي پنهنجي مرضي هلائڻ جو موقعو ملي ويو. انهن وچ اوڀرجي نئين سر تشڪيل ڪئي. شام جي هڪ حصي کي ڌار ڪري فرقيوارانا بنيادن تي فرانس جي اتحادي عيسائي ٿورائي لاء نئون ملڪ لبنان ٺاهيو ويو. فرقيوارانا بنيادن تي ٺهيل ان جي آئين ۾ مارونائيٽ عيسائين کي اهم حيثيت ڏني ويئي ۽ ملڪ جي شيعه گھڻائي کي گھٽ حيثيت ڏني ويئي. عراق هڪ ملڪ طور سامهون آيو ۽ مڪي جي شريف جي ترڪي خلاف اتحادين جي ساٿ ڏيڻ جي انعام طور ان جي ڪزن شاه فيصل کي ملڪ جو بادشاه مقرر ڪيو ويو جنهن جو عراق سان ڪو تعلق نه هو ۽ ساڳي وقت هو هڪ سني هو جڏهين ته عراق جي آبادي جي گھڻائي شيعه هئي. برطانيا پنهنجي مينڊيٽ جو استعمال ڪندي بالفور ڊيڪليريشن ذريعي 1917 ۾ فلسطين ۾ يهودين جي لاء ڌار وطن جو نظريو پيش ڪيو. مطلب ته يهودين سان يورپ ۾ جيڪو امتيازي ورتاء ڪيو ويو هو ان جي سزا فلسطينين کي ڏني ويئي جنهن اڳتي هلي اسرائيل جي صورت ۾ هڪ يهودي رياست جو روپ ورتو
اهڙي ريت هڪ پاسي عربن کي مختلف ملڪن ۾ ورهايو ويو ۽ ٻئي پاسي فرقيوارانا بنيادن تي رياستون ٺاهيون ويون. اهڙي طريقي سان علائقي ۾ هڪ لاڳيتي ڇڪتاڻ ۽ جنگ وارو ماحول پيدا ڪيو ويو. ويه پنجويه سال گذرڻ کانپوء آمريڪا جي پنهنجي حيثيت بدلجي چڪي هئي ۽ اهو هڪ وڏي عالمي طاقت بڻجي چڪو هو. پنهنجين تيل جي ضرورتن جي پورائي لاء ان وچ اوڀر جي نين حقيقتن کي قبول ڪيو ۽ باقاعدي ان صورتحال کي پنهنجن مقصدن لاء استعمال ڪندي اسرائيل جي مڪمل پٺڀرائي شروع ڪئي.
اها ساڳي پاليسي ٿوري گھڻي فرق سان يورپ ۾ ‏به اختيار ڪئي ويئي. آئرلينڊ جي ڪجھ حصي کي ڌار ڪري اتي اتر آئرلينڊ جي نالي سان انگلينڊ جي حامي پروٽيسٽنٽ عيسائين کي ڌار پرڳڻو ڏنو ويو. ساڳي ريت ڪروشيا، سربيا ۽ بوسنيا وغيره کي گڏي يوگوسلاويه جي تشڪيل ڪئي ويئي جڏهين ته ڪروٽس سربن سان هڪ ملڪ ۾ رهڻ لاء تيار نه هئا. اهڙي ريت هتي به مذهبي ۽ نسلي بنيادن تي اهڙا بم رکيا ويا جيڪي اڳتي هلي علائقي ۾ رتوڇاڻ ۽ عدم استحڪام جو باعث بڻيا.
علائقن جي ان ورهاست کانسواء جنگ بيگناه ۽ معصوم ماڻهن جي وڏي پئماني تي قتل عام ۽ ڦرمار جو ڪارڻ پڻ ٿي. خاص طور تي خلافت عٽمانيه جي علائقن ۾ رهندڙ آرمينائي عيسائين جو قتل عام تاريخ جو هڪ المناڪ باب آهي. ان جو ڪارڻ اهو هو ته ترڪ حڪمرانن اهو سمجهيو ٿي ته مذهب جي بنياد تي انهن ماڻهن جون همدرديون اتحادي ملڪن سان هيون ۽ اهي خلافت عثمانيه ۾ اتحادين جا ايجنٽ بڻجي ففٿ ڪالمسٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. ليکڪ جو چوڻ آهي ته هو ان سلسلي ۾ تحقيق ڪندي پنهنجي هڪ دوست سان شام جي هڪ ٽڪري ڏسڻ ويو هو ته اتي کين ماڻهن جون کوپڙيون ۽ ٻيا جسم جا هڏا مليا. اتي کين سندن آرمينائي گائيڊ ٻڌايو ته ماڻهن کي وڏي تعداد ۾ هتي آڻي کين هيٺ دريا ۾ ڌڪو ڏنو ويندو هو. هڪ ماڻهو کي گولي هڻي ماريو ويندو هو ته جيئن هو پاڻ سان گڏ ٻين سڀني جيئرن کي به هيٺ دريا جي تري ۾ گھلي وڃي. ان قتل عام ۾ عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن سميت اٽڪل پندرنهن لک کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ڳوٺن جا ڳوٺ خالي ڪرايا ويندا هئا ۽ انهن ماڻهن کي قافلن جي صورت ۾ ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو.ِ واٽ تي انهن مان گھڻن کي سندن محافظ ۽ اوسي پاسي جا ڳوٺاڻا قتل ڪري ڇڏيندا هئا ۽ نوجوان ڇوڪرين کي اغواء ڪري ويندا هئا. ان سڄي ڪاروائي ۾ ڪرد، جن کي اڳتي هلي پاڻ ترڪن جو ظلم ۽ ڏاڍ سهڻو پيو، مذهب جي بنياد تي ترڪن سان شامل هونڌا هئا. پر ان وقت ترڪن ۾ اهڙا ماڻهو به هئا جن انهن آرمينائين کي پنهنجن گھرن ۾ پناه ڏني ۽ سندن حفاظت ڪئي. رابرٽ فسڪ هڪ اهڙي ترڪ گورنر جو مثال ڏنو آهي جنهن کي پنهنجي پرڳڻي جي آرمينائين کي قتل ڪرڻ لاء چيو ويو هو پر هن ان ڳالھہ کان انڪار ڪندي چيو هو ته آئون گورنر آهيان قاتل ناهيان جيڪو اهو ڪم ڪيان. ان جي سزا طور کيس پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو.
هن وقت ترڪي کي جيتوڻيڪ اها صلاح ڏني وڃي ٿي ته جيئن جرمني يهودين جي قتل عام کي مڃي ان جي تدارڪ لاء مختلف قدم کنيا آهن ترڪي کي به ائين ڪرڻ گھرجي پر ترڪي لاڳيتو ان ڳالھہ کان انڪار ڪندورهيو آهي ته انهن باقاعدي هڪ پاليسي تحت آرمينائين جو قتل عام ڪيو هو. سندن چوڻ آهي ته اهو سڀڪجھ حالتن جي ڪري ٿيو ۽ ٻيو ته آرمينائين پاڻ گھڻن ترڪن کي قتل ڪيو. ترڪي ۾ هيستائين اهڙي ڳالھه ڪرڻ به قابل سزا ڏوه آهي. آمريڪا ۽ يورپ جا گھڻا ملڪ اهڙي ڳالھہ ڪرڻ کان به لنوائيندا آهن ته متان ان سان ترڪي سان ناتا خراب ٿين ۽ کين معاشي نقصان کڻڻو پئي. هٽلر جڏهين پولينڊ جي يهودين کي مارڻ متعلق سوچيو پئي ته هن اها ڳالھہ ڪئي هئي ته آرمينائين جو قتل عام ڪهڙو دنيا کي ياد رهيو جيڪو اها ڳالھه کين ياد رهندي.
دنيا لاڳيتو تبديل ٿي رهي آهي پر جنگ جي نتيجي ۾ آيل تبديلين جا اثر اڃا باقي آهن ۽ اهو نه ٿو چئي سگھجي ته اهي ڪيستائين رهندا.