انڪي ڪي ديس مين
بغداد ايئر پورٽ تي لهڻ سان ئي کيس اندازو ٿئي ٿو ته اڳتي هلي ڪهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو. ڪسٽم پاران سندس ٽرانسسٽر ريڊيو کي اهو چئي روڪيو ٿو وڃي ته ان ۾ ايف ايم جي سهولت آهي جنهن جي عراق ۾ اجازت ناهي. ان سهولت کي ختم ڪرڻ کانپوء اهو ريڊيو کيس بصره ۾ واپس موڪليو ويندو. جڏهين اهو ريڊيو کيس موٽي ملي ٿو ته ان جو ڄڻ پورو نظام ئي بگڙيل هجي ٿو.
پرمود کي هتي پراڻا آثار ۽ سمنڊ ڏسڻ جو شوق هجي ٿو. هو پنهنجي هڪ پروفيسر دوست سان گڏ سندس ڪار ۾ مختلف جاين تي وڃي ٿو پر هڪ جاء تي رڳو مٽي جي ڌڙن کانسواء کيس ڪجھ نه ٿو ملي. اڳتي وڃي ٿو ته اتي مٽي جي ڌڙي تي مٿي انڪي ديوي جو مندر هجي ٿو جتان اها پنهنجي چوڌاري جي دنيا دريائن ۽ ميدانن تي نظر رکندي هئي. هن خوشحالي ۽ سٺي پوک ڏيڻ جي واعدي جي موٽ ۾ پنهنجن پوئلڳن کان اهو واعدو ورتو هو ته اهي سندس نافرماني نه ڪندا. پرمود مٿي ڌڙي تي چڙهي ۽ اتي ڏيڍ ٻه ڪلاڪ ويھي ان سڄي ماجرا تي غور ڪري ٿو جڏهين ته سندس دوست هيٺ سندس انتظار ڪندو رهي ٿو. هوائن ۽ ريگستان جي مٽي جي ڪري سندس سڄو بدن ۽ ڪپڙا ڀڀوت ٿي وڃن ٿا. واپسي تي کين فوجي چوڪي تي روڪيو وڃي ٿو ۽ کانئن آڏي پڇا ڪئي وڃي ٿي ته انهن ايتري دير ان رڻ پٽ ۾ جتي رڳو واري جا ڌڙا آهن ڇا پئي ڪيو. کانئن ڪئميرا ۽ دوربين وغيره جي پڇا ڪئي وڃي ٿي ۽ پوء هر پاسي کان اطمينان ڪري کين سندن يونيورسٽي پروفيسر هئڻ جي بنياد تي وڃڻ ڏنو وڃي ٿو. سمنڊ شهر کان گھڻو پري هجي ٿو. پر سندس ذهن ۾ سمنڊ ڪناري جو جيڪو تصور ممبئي ۽ آمريڪا جي حوالي سان هجي ٿو ان تي اهو پورو نه ٿو لهي. هڪ خاص جاء تائين کيس وڃڻ ڏنو وڃي ٿو جتي اڳتي ديوار آهي ۽ کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته سامهون سمنڊ آهي ۽ ايران جي سرحد هئڻ ڪري ديوار ٽپي اتي وڃي نه ٿو سگھجي. اتي سمنڊ ۽ دريا جي ملڻ جي جاء تي کيس اهڙا جاندار نظر اچن ٿا جن کان کيس ڪرب به اچي ٿي پر هو اهو نه ٿو سمجھي سگھي ته اهي نيٺ ڪهڙي مخلوق آهن. اهي آخر تائين سندس ذهن تي حاوي رهن ٿا.
هن آمريڪا مان رواني ٿيڻ وقت پنھنجي ٿيسز ۽ ڪتابن جو باڪس سامونڊي جهاز ذريعي موڪليا ھئا. ان باڪس ۾ سندس ڪتابن جي هيٺان ٽائپ رائٽر به پيل هجي ٿو. اهو باڪس جڏهين بغداد پهچي ٿو ته ڪسٽم جي نظر ٽائپ رائٽر تي نه ٿي پئي ۽ اهي انهن کي رڳو ڪتاب سمجھي ڪليئر ڪري ڇڏين ٿا. کيس پوء سندس هڪ واقف ٻڌائي ٿي ته هتي ٽائپ رائٽر اجازت کانسواء نه ٿو آڻي سگھجي ۽ پوء به ان جي رجستريشن ضروري آهي. اهو ڊپ سندس ذهن ۾ ويهي رهي ٿو ۽ هو ٽائپ رائٽر کي هڪ ته پلنگ هيٺان لڪائي ڇڏي ٿو ۽ ٻيو ته چاهڻ جي باوجود به ان کي استعمال ڪرڻ لاء پنهنجي ذهن کي يڪجا نه ٿو ڪري سگھي.
يونيورسٽي ۾ سندس شاگردن ۾ ڪرد ۽ ڪميونسٽ به هجن ٿا. شيڪسپيئر جي هڪ ڊرامي جي سلسلي ۾ هو هڪ ڪرد شاگرد کي سيزر جو ڪردار ڏئي ٿو جيڪو ڊرامي جي آخر ۾ قتل ٿي وڃي ٿو. اهو همراه لاڳيتو ڊپ ۾ ورتل رهي ٿو ۽ کيس ٻڌائي ٿو ته هتي ڪردن کي هميشه شڪ جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو. کين پنهنجن علائقن کان ٻاهر هتي موڪلڻ جو مقصد اهو آهي ته کين قابو ۾ رکيو وڃي.ِ هو پنهنجي ان ڪردار جي حوالي سان ڊنل آهي ته ڪٿي واقعي کيس ڊرامي جي آخر ۾ قتل نه ڪيو وڃي. هو ٻڌائي ٿو ته سندس لاڳيتي چوڪسي ڪئي وڃي ٿي ۽ ساڻس ملڻ تي به نظر رکي وڃي ٿي. هو ڊرامي جي اسٽيج ٿيڻ کان اڳ ئي غائب ٿي وڃي ٿو ۽ ڊرامو ائين ئي رهجي وڃي ٿو. اها ساڳي ڪار ڪميونسٽن سان به هجي ٿي. سندس هڪ ڪميونسٽ شاگرد کيس ٻڌائي ٿو ته هتي استادن ۽ شاگردن لاء اهو ضروري آهي ته اهي سرڪار جي جماعت ۾ شامل هجن. کانئس زوري ڌمڪيون ڏيئي ۽ پي ۽ خاندان جي نالي ۾ بليڪ ميل ڪري اهو لکرايو ويو آهي ته سندس ڪميونسٽ پارٽي سان ڪو تعلق ناهي. پر ان جي باوجود به هو ذهني طور پنهنجي پارٽي سان گڏ ئي آهي. ساڳي ريت اڳ ۾ ڪنهن عراقي تي اها پابندي نه ٿي هجي ته هو ڪنهن پرڏيهي سان شادي نه ڪري پر پوء حڪومت پاران اها پابندي به مڙهي وڃي ٿي.
پرمود لاء پريشاني واري صورتحال ان وقت پيدا ٿئي ٿي جڏهين هو گرمين جي موڪلن ۾ پنهنجي گرل فرينڊ، جيڪا آمريڪا مان ايران پنهنجي پي وٽ آيل هجي ٿي، سان ممبئي ۾ ملڻ جي رٿابندي ڪري ٿو. عين وقت تي سادات جي اسرائيل سان ٺاه جي خلاف بغداد ۾ عرب ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي ٿي. ان ڪانفرنس جي ڪري سيڪيورٽي جي حوالي سان ٻين سڀني اڏامن کي ڪينسل ڪيو وڃي ٿو. ٻئي پاسي ايران ۾ شاه جي خلاف مظاهرن جي ڪري اتي به ايئرپورٽ وغيره بند ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙي ريت ٻنهي لاء اهو ممڪن نه ٿو رهي ته اهي پنهنجي پروگرام موجب ملي سگھن. کيس پنهنجون موڪلون بصره ۾ ئي گذارڻيون پون ٿيون.
انهن سڀني پابندين جي باوجود نه ته شراب تي پابندي هجي ٿي ۽ نه ئي بيلي ڊانس جي ڪلبن تي. ماڻهو انهن پابندين ۾ رهندي ۽ حڪومت جي ڪمن کان پري رهندي هڪ خاص قسم جي آزادي ۾ پنهنجي زندگي گذاري سگھن ٿا. صدام جو عراق رڳو هڪ نمونو هو جڏهين ٻين گھڻن ملڪن ۾ اهڙيون ۽ ٻيون گھڻيون پابنديون ماڻهن تي لاڳو آهن ۽ انهن ۾ رهندي انهن کي پنهنجي زندگي گذارڻي پئي ٿي.